Monday, January 31, 2011

هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون- انجنيئر عبدالوهاب سھتو


هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سنڌي زبان جي حيثيت، بين الاقوامي ٻولين جھڙي آهي. منجهس علم ادب وارين سمورين خوبين/ خصوصيتن سان گڏوگڏ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي لفظن/ محاورن کي هضم ڪرڻ ۽ سندن نعم البدل ڄڻڻ جي به وڏي سگهه  موجود آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن علمن کي سمائڻ ۽ سميٽڻ جو به گڻ اٿس. انھيءَ سان گڏوگڏ، وٽس پنھنجو به وسيع لوڪ ادب سرجيل آهي ۽ ان جي ڄڻڻ/ سنڀالڻ جون به گوناگون خوبيون اٿس.
لوڪ ادب جي شاخن منجهان هڪ شاخ ”پھاڪا ۽ چوڻيون“ آهي، جيڪا وڏي اهميت جي حامل هوندي، وڏي ۽ ويڪري تاڃي پيٽي سان اُڄيل آهي. منجهس بي انتھا وسعت به آهي ۽ ڪيترن ئي رنگن/ گلن جي جڙاوت به مٿس ٿيل آهي.
رنگن جي اهڙي ئي هڪ ٽڪسالي، پھاڪن/ چوڻين جو انتھائي ننڍڙو روپ آهي. سنڌي زبان ۾ ايترا ته ننڍڙي روپ وارا پھاڪا آهن، جن جو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

مثال طور:
* آساني، مسلماني.
* گهڙيا، چڙهيا.
* ڳوليندڙ، لھندڙ.
* ڏي، ڏر. وغيره
مٿي پيش ڪيل مثال وارين چوڻين/ پھاڪن بابت، اڳيئي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط اهڙن پھاڪن/ چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي پڻ انتھائي ننڍڙو روپ رکندي، هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن.
هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، بظاهر ته ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس وانگر نظر ايندا آهن. دراصل ائين هوندا ناهن. ٻنھي ۾ فرق آهي. پھاڪو پنھنجي اندروني معنى ۾ سبق آموز نقطو رکندي هڪ مڪمل جملو هوندو آهي. جڏهن ته ورجيس به پنھنجي ظاهري معنى کان سواءِ اندرين معنى رکندي آهي پر مڪمل جملو نه هوندي آهي.
ظاهري طرح، هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪن/ چوڻين جھڙي نظر ايندڙ ورجيس کي، پھاڪي کان الڳ ڪرڻ جي فقط اها ئي هڪ ڪسوٽي آهي.
ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
* نه ٻن ۾، نه ٽن ۾
* نه رن، نه روڳڙي
* نه ڏهڻ جو، نه ڪھڻ جو
* نه گهر جو، نه گهاٽ جو
* نه اٽو، نه لٽو
* نه امڻا، نه گمڻا
* نه امان، نه گمان، وغيره .
مٿي ڏنل ورجيسون (Phrases) مڪمل جملو ناهن. جملي جو جُز آهن. جملي جو جز هوندي به منجهن نقطو سمايل آهي ۽ ٻيءَ معنى ۾ استعمال هيٺ اچن ٿيون. ان ڪري کين ورجيس سڏجي ٿو. کين پھاڪو نه ٿو سڏجي.
هاڻي اچون ٿا، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي، جيڪي هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي وسيع ميدان مان، نموني طور هڪ مُٺ ڀري، پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿي.
1. اشتداقي، نه خالي. (فارسي، چوڻي)
اشتداقي؛ صبح سان سوير ننڊ مان اٿندڙ.
نه خالي؛ جسماني يا مالي طور تي، ڪڏهن به خالي يا خلاص نه ٿيندو.
سوير اٿڻ، صحت لاءِ ته سٺو آهي پر بخت آوري لاءِ به ڀلو آهي. جيڪو صبح سان سوير سمهي پوي ٿو، ان جو بخت به سوير ئي سمهي پوي ٿو. هر ڌنڌي وارو، جيڪڏهن صبح مردان جو اٿي، ڌڻيءَ کي ٻاڏائي ڌنڌي تي نه چڙهندو ته بخت به نه ورندس. ان لاءِ ضروري آهي ته پھرين ڌنڌي ۾ نر ٻھڻي ڪري، ان کانپوءِ ڀلي آرام ڪري.
مطلب :
1.1 اشتداقي، نه خالي. زاني، نه مالي. (فارسي)
1.2 صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين.
1.3 صبح جو نر ٻھڻي، وڃي رن روئڻي.
1.4 صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري،
ڏيار ڪي هزاري، چڙهي ڪيون هسواري.
2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
انڌو؛ اکين کان وڏو يا نابين هئڻ سبب، هر معاملي ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو آهي. اکين ۽ هٿن جا اشارا ڏسي نه سگهندو آهي. ان ڪري شڪي مزاج هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ وارو، نه ڪنھن تي اعتبار/ پت ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن کي سڄڻ سمجهندو آهي. هر ڪنھن کي دشمن سمجهي، نه مٿس ويساه رکندو آهي ۽ نه ئي ايمان رکندو آهي. ڪيڏو به مٽ مائٽ سچو ۽ سڄڻ هجيس، پر پنھنجي شڪي مزاج سبب، کيس دشمن پيو ڄاڻندو آهي ۽ ڪنھن به ڳالهه تي اعتبار گهٽ ايندو اٿس.
انڌو، چاهي ظاهري اک جي لحاظ کان انڌو هجي يا باطني اک جي لحاظ کان، ٻنھي طرح سان شڪي مزاج، بدگمان ۽ بي ايمان هوندو آهي. ٻين ۾ شڪ ڪرڻ سبب، ساڻن ڪيل ورتا/ معاملي/ واسطيداريءَ ۾ بدگمانيءَ/ بي ايمانيءَ ۾ وڌي وڻ ٿي ويندو آهي ۽ هرڪو کيس بي ايمان پيو سڏيندو آهي.
مطلب:
2.1 انڌو، اونڌو.
2.2 انڌو، انوماني
2.3 انڌو، بدگمان
3. انڌو، اڻ سھو (ساهتي، چوڻي)
انڌو، ظاهري/ باطني اک کان وڏو هئڻ سبب، شڪي مزاج/ بي ايمان هوندو آهي. جنھن ڪري ڪنھن جو ڪک پيو به ڪين سھندو آهي. ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي رسندو ۽ الجهندو، چڙندو ۽ جهيڙو پيو ڪندو آهي.
خار مان بدلو به اهڙو ته بري نموني پاڙيندو آهي جو الامان والحفيظ. اهڙو ته اوٽائتو ڌڪ هڻندو، جو اڳلي جو سر ئي چٽ. هونئن به انڌي جو ڌڪ، چئي بس ڪر. ماري يا کاري. انڌي جو ٻک به خراب. پرائيءَ شيءِ تي جلد قبضو ڪري وٺندو. اکين سان نه ڏسڻ ڪري، نه شرم ايندس ۽ نه حياءُ. پورو بي حياءُ ٿي بيھي رهندو ۽ سندس انھيءَ روش ڪري، هرڪو ساڻس نفرت ڪندو آهي.
مطلب:
3.1 وقت تي بي حيا ٿي پوڻ/ انڌو ٿي پوڻ، نه سھائپ جي نشاني آهي.
3.2 ڀيٽيو: سپھو، نه وسھو.
4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
پرديسي/ مسافر، ڪيڏو به چالاڪ، هوشيار ۽ هٿيارن سان ليس هجي، تيستائين منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، جيستائين سونھون نه هوندو يا سونھون ساڻ نه کڻندو. ان جي برعڪس پيادو مسافر، سونھون هئڻ سبب، جلد منزل تي پھچي ٿو. جڏهن ته اڻ سونھون، سواريءَ هوندي ڀٽڪي وڃي ٿو ۽ منزل تي ئي نه ٿو رسي .
انڌو/ اڻ ڄاڻ/ بيوقوف به پنھنجي اندر ۾ اڻ سونھين وانگر آهي. يا ائين کڻي چئجي ته کيس ڪوبه سونھون ناهي.
جيئن ڪوبه اڻ واقف، سونھي/ رهبر/ گائيڊ کانسواءِ، منزل تي رسڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، تيئن انڌو به اڻ سونھين/ بنا رهبر وانگر، منزل رسيد نه ٿيندو. انھيءَ ڪري انڌي جي حيثيت، بنا رهبر/ بنا اڳواڻ/ بنا پيشوا/ بنا مرشد واري مسافر/ پانڌيئڙي جھڙي آهي.
مطلب:
4.1 جي گهر ڌياڻي انڌي هوندي ته گهر جا ٿانءَ ٿپا سڀ ڀڃي ڇڏيندي.
4.2 انڌن ملتان لڌو. (ابتو)
5. انڌو؛ بي ايمان. (ھندي، چوڻي)
هڪڙو انڌو ڪنھن مجلس ۾ ويو. جڏهن کائڻ پائي ڏنائونس، تڏهن شڪ پيس ته؛ ”متان ٻيا ماڻھو ٻنھي هٿن سان کائيندا هجن.“ تنھنڪري پاڻ ٻنھي هٿن سان، ڳٽيون ٺاهي کائڻ لڳو.
وري دل ۾ آيس ته؛ ”متان ٻيا هٿن سان گڏ، وات به ٿالھيءَ ۾ وجهندا هجن.“ تنھن ڪري پاڻ ائين ڪرڻ لڳو.
پوءِ وري دل ۾ آيس ته؛ ”متان ٻيا کائڻ سوڌي ٿالھي، گهر کڻي ويندا هجن.“ تنھنڪري پاڻ ٿالھي کڻي اٿي ڀڳو.
مطلب:
5.1 انڌا بي ايمان.
5.2 ڪنھن به ڳالهه ۾، ماڻھوءَ جو ايمان تڏهن ٿو ٻَجهي، جڏهن اکين سان ٿو ڏسي.
6. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
بک/ غربت/ اڻ هوند، ماڻھوءَ کي پريشان ڪري ٿي. جنھن سبب انسان آپي کان ٻاهر نڪريو وڃي. بک سبب بڇڙا ڪم ڪندي به دير نه ٿو ڪري. جڏهن ته ايمان واري ماڻھوءَ کي اهي ڪم نه ڪرڻ گهرجن.
ايمان وارو ماڻھو، جن ڪمن کي برو/ بڇڙو پيو سمجهندو، بکيو ماڻھو تن کي، پيٽ/ غرض خاطر، چڱو سمجهي پيو ڪندو. جيڪي برايون/ بدڪاريون دنيا ۾ موجود آهن، سي سموريون بک/ سڃائيءَ سبب آهن. جيڪڏهن مڙني جو پيٽ ڀريل هجي، ته نه ئي ڪا برائي ٿئي ۽ نه ئي ڪا ترقي ٿئي. سڀني جا غرض بک جي ربط سان سلھاڙيل آهن ۽ ائين ئي حل ٿين ٿا.
انھيءَ ننڍڙي آزمائش مان دل وارا پار پئجيو وڃن. جڏهن ته بکيا/ سڃا ماڻھو بي ايماني ڪندي دير به نه ٿا ڪن.
مطلب:
6.1 بکيو، ڏکيو
6.2 هڪڙا بکيا، ٻيو نالا ڏکيا
6.3 بندو، گندو
6.4 غريبيءَ کي سؤ عيب
6.5 سڃا پني پيھن، روئي رنڌين، خارن مان کائين
6.6 بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري
6.7 رڍ بڇڙي ٿئي بک کان
6.8 رڍ کان پڇيائون؛ ”بڇڙي ڇو ٿي آهين؟“ چي؛ ”بک کان!“
6.9 غريب برو فعل ڪرائي، سڀڪو چوندو؛”بک بي حال ڪيو اٿس!“ امير ڪرائي ته ڪير به نه ٽوکيندس. هٿائين هرڪو چوندو؛ ”امير ماڻھو آهي، عيش ٿو ڪري!“
6.10 ان، ايمان (ضد)
7. بي ادب، بي نصيب (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
7.1 باادب، بانصيب.
8. بي استاد، بي بنياد (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
8.1 جنھن جو استاد ناھي، تنھنجو بنياد ناھي.
9. بي پيرو، بڇڙو (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
9.1 فف
10. بي پيرو، بڇڙو (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
10.1 وو
11. بي حيائي، بادشاهي (سنڌ، پھاڪو)
بي حياءُ/ بي حجاب ماڻھو، پنھنجي مڙني حرڪتن ۾، بادشاهه وانگر آهي. نه کيس ڪير ٽوڪي سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن جي روڪ ٽوڪ ۾ ايندو آهي. هر ڪم پنھنجي مريءَ سان ڪندو آهي ۽ ٻين کي زوريءَ مڃرائيندو آهي. بادشاهن جا به اهي ئ يڪم آهن. جيڪو جيءَ ۾ اچين، سو مڃرائين. ان تي عمل پيرا نه ٿيڻ واري کي سزا به ڏيارين. حڪم جي تعميل ۾ ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه ڪن.
مطلب:
11.1 شينھن شير خدا جو، وڻيس ته ٻچو ڏئي، وڻيس ته بيدو ڏئي.
11.2 ٻار، بادشاهه آهي
12. بي زر: بي پر (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
12.1 زر ھي تو نر ھي، نھين تو پنڇي ڀي بي پر ھي. (ھندي)
12.2 دام ڪري، سؤ ڪام. (ھندي)
12.3 مايا تيري تين نام؛ پرسو، پرسا، پرسرام. (ھندي)
12.4 ڪؤڙي نھين پاس، ميلا لگي اداس. (ھندي)
12.5 گھر ۾ ناڻا، بيند پرڻي ڪاڻا. (ٿري/ ھندي)
12.6 باپ ڀلا نه روپيا، سب سي ڀلا روپيا. (ھندي)
12.7 گانٺ ۾ زر ھي تو نر ھي، نھين تو خر ھي. (ھندي)
12.8 ھجيئي ڳنڍ ۾ ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو. (سنڌي)
12.9 اٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنا نر به ويڳاڻو. (سنڌي)
12.10 زر بسيار ته عشق ٺھ پھ، زر نيست ته عشق پون پون. (سنڌي گاڏڙ فارسي)
12.11 جيڪي ڪري ڪلدار، سو نه ڪري ڪلتار. (سنڌي)
12.12 جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو. (سنڌي)
12.13 پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا. (سنڌي)
12.14 پئسو ناھي پاس ته جيئڙو آھي اداس. (سنڌي)
12.15 شاھوڪار جو ٽٽ به خستوري. (سنڌي)
12.16 ڀيٽيو؛ لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي.
13. بيمار، بي ميار (سنڌ، چوڻي)
بيمار/ عذر وارو/ معذور/ لاچار ماڻھو، جيڪڏهن ڪن ڪمن ۾ ڪمي/ ڪوتاهي ڪري ته مٿس ڪابه ميار/ ڏوراپو نه ايندو. ڇو جو ميار ان تي ايندي آهي، جنھن جي نيت ۾ خلل هوندو آهي. بيمار ماڻھوءَ جي ڪوتاهي، سندس نيت جي خرابيءَ سبب ناهي، بلڪ جسماني بيماريءَ/ خرابيءَ سبب آهي. هو انھيءَ تي وس وارو ناهي. بي وس ماڻھوءَ وٽ جائز عذر آهي. اهو ٻڌڻ جوڳو ۽ معاف ڪرڻ جوڳو آهي.
ان جي برعڪس، تندرست ماڻھو، ڪنھن ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري ته وٽس ڪوبه جسماني عذر ناهي. سندس عذر ان ڪري نه ٻڌبو جو سندس نيت ۾ خلل ٿي سگه يٿو. ان جي برعڪس بيمار/ معذور جي نيت ۾ ڪوئي شڪ/ خلل نه ٿو ٿي سگهي. عذر سبب مٿس ڪا ميار ناهي.
مطلب:
13.1 لاچار کي آچار ڪونھي
13.2 لاچار کي ڪھڙو آچار
13.3 لاچار کي سڀ روا آهي
13.4 لاچاري، بڇڙي بلا آهي
13.5 بي وس بار، اٺن به ڇڏيا آهن
14. بي ھنر؛ بيڪار (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
14.1
15. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي، چوڻي)
ٻاليتي ؛ ٻارن واري/ وَڏَ آڪھي وٽ، پويان کائڻ وارا گهڻا هوندا آهن. وٽس ڀلي ڪيتري به گهڻي ڪمائي/ ميڙا چونڊي ڇونه هجي. پر جلد ئي کائي کپائي ويندو ۽ بچت/ پاڇي ڪين رهندس.
ڪتاب گلشڪر ۾، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ هڪڙو مثال ڏنو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
هڪڙي اشراف ماڻھوءَ، هڪڙي سکيي ستابي کان قرض طور ڪجهه رقم گهري، جيڪا اڳلي نه ڏنس. ٻنھي جي ڄاڻوءَ سکيي کي چيو؛ ”گهرڻ وارو رڄ اشراف آهي. ورتل پئسا ڪين کائيندو. جيئن ئي ٿيندس، موٽائي ڏيندو. هن وقت کيس ضرورت آهي. وقت ۾ سندس مھل ڪرڻ گهرجي!“
سکيي دليل ڏيندي کيس چيو؛”ادا! اڳلو بيشڪ اشراف آهي، ٿيندي ته بلڪل موٽائي ڏيندس. پر ٿيندس ڪيئن؟ پويان کائڻ واري وڏي آڪھه اٿس. سا ماڪڙ وانگر سموري ڪمائي کائي چٽ ڪندي ويندس. بچت ته ٿيندس ئي ڪانه. سو قرض موٽائيندو ڪٿان؟“
مطلب:
15.1 هِل جي آکيري ۾ ماس ڪيڏانھن آيو؟
15.2 ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير
15.3 شرابيءَ وٽ مال نه مِڙندو
15.4 زاني، نه مالي
15.5 ڀيٽو؛ سوالي، نه خالي.
16. ڀيرو؛ نه ميرو (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
16.1
17. پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
ڪو به ماءُ جي پيٽان سکي نه آيو آهي. هرڪو دنيا ۾ ڏسي ڏسي ۽ پڇي پڇي هلي ٿو. جيڪو ماڻھو، پڇي پڇي پوءِ ڪم ڪري ٿو، سو ڪنھن به ڪم ۾ منجهي نه ٿو.
علم ڇھن حواسن؛ ڇھڻ، چکڻ، سنگهڻ، ڏسڻ، ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ سان وڌي ٿو. اڻ ڏٺي ڏيھه ۾ پھچڻ يا ان کي ڳولڻ، اکين/ ڏسڻ کان سواءِ ممڪن ته نه آهي. تنھن هوندي به استاد/ رهبر جي ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن رهنمائي حاصل نه ڪبي ته انڌي وانگر ٿاڦوڙا هڻن ۾ وقت وڃائي ڇڏبو ۽ منزل مُور هٿ نه ايندي.
زماني جون ضرورتون/ گردشون، ماڻھوءَ کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، هڪ ماحول کان ٻئي ماحول ۾ رلائينديون رهن ٿيون. رلڻ گهمڻ سان دماغ کلي ٿو ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو.
اُٺ ڪتابن جو پڙهڻ واري، جيڪڏهن گهميو ڦريو ناهي ته وٽس ايترو يقين ناهي، جيترو گهٽ پڙهيل گهمندڙ وٽ آهي. گهمڻ سان تجربا/مشاهدا ٿين ٿا، جيڪي ڪتابي علم ۾ حاصل نه ٿا ٿين. ڪتاب ۾ اهو علم آهي، جيڪو لکيل آهي. وڌ نه گهٽ. سمجهه ۾ اچي يا نه. جڏهن ته پڇڻ/ گهمڻ ۾ اهو علم آهي، جنھن جي ضرورت آهي/ جنھن ۾ دلچسپي آهي/ جنھن لاءِ تانگهه آهي. گهرج واريءَ شيءِ جو علم، يقين سان گڏ حاصل ٿئي ٿو. ڪتابي علم وسريو وڃي. رلي پني حاصل ڪيل معلومات، دل تي اُڪرجيو وڃي. اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ وارو ماڻھو، ڪٿي به منجهي نه ٿو.
مطلب:
17.1 پڇڻا نه منجهڻا، منجهڻا ته مرڻا
17.2 پڇائيندي پڇائيندي، انڌن ملتان لڌو هو
17.3 پڇي پڇي، هرڪو واٽ لھي ٿو
17.4 جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي
17.5 زمانو آهي ڊکڻ، پيو ٿو ماڻھوءَ کي گهڙي ۽ ٺاهي
17.6 گهڻي پڇ پڇ، بيزار ڪندي آهي (ضد)
17.7 جيترو پڇڻ، اوترو منجهڻ (ضد)
17.8 جيترو پڇندين، اوترو منجهندين (ضد)
17.9 سؤ رستا، سؤ مشڪلاتون پيش ڪن ٿا (ضد)
17.10 هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، پنھنجي فقيرن کي حق جون ڳالھيون ٻڌائيندي چيو: ”خدا جي راهه ۾ پيرن يا ٻين عضون سان نه ٿو هلجي بلڪ دل سان ٿو هلجي. جيڪڏھن هلڻ ۾ شڪ شبھو پوي ته ٻئي کان پڇي تحقيقات ڪجي.“
17.11 جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير، جو لکڻ منجهه ماڻھوين، سو مکڻ منجهه کير.
18. پنج؛ گنج (چوڻي)
پنج آھن ته ڄڻ سڀڪي آھي. پنج ھئڻ واري وٽ، ڄڻ وڏو خزانو ھٿ آيل آھي.
(ٽيڪچنداڻي، روي پرڪاش، ڊاڪٽر؛ سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون، سال ۲۰۱۰ع ص ۱۴۹)
مطلب:
18.1 پنجتني، مھر گھڻي.
19. جستجو، لاتقنطوا (نصيحت، چوڻي)
جستجو/ محنت/ ڳولا ڪرڻ، تمام اوکو ڪم آهي. خاص ڪري نئين ۽ اڻ ڏٺل ڏيھه/ ميدان ۾ ته اڃا اوکو آهي. توڪل جو ترهو ٻڌي/ خدا ۾ آسرو ۽ اميد رکي، محنت ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿين ٿا/ منزل ماڻين ٿا. محنت ته چور جي به خدا تعالى ڪونه ٿو وڃائي. ان کي به ڀرپور موقعو ملي ٿو، جنھن ۾ هو پنھنجي خواهش/ دل تي ڪم ڪري ٿو. گند جي ڍير تان ڪاغذ ميڙيندڙ کي به محنت جو مُلھه/معاوضو/ ڦل مليو وڃي ٿو.
تنھنڪري هر ماڻھوءَ تي واجب آهي ته اڻ ٿڪ محنت ڪري. معاوضي جي لالچ ۾ منجهي نه بيھي. محنت مان بيزار نه ٿيڻ گهرجيس. معاوضي/ منزل/ ڪاميابيءَ جي اميد، خدا ۾ رکي، خدا ۾ اميد نه رکڻ ناشڪري آهي. ناشڪري، ڪفر آهي، نااميد به وڏو گناهه آهي ۽ ڪفر آهي. خدا تعالى مان نااميد نه ٿيڻ گهرجي .
هاڻي سمجهه ۾ آيو ته ماڻھوءَ کي ٻه ڪم ڪرڻا آهن؛ هڪ محنت، ٻيو خدا ۾ اميد. کيس ٻه ڪم ناهن ڪرڻا؛ هڪ سستي، ٻيو نااميدي.
مطلب:
19.1 جاسين جيءُ، تاسين سک
19.2 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
20. ڄٽھو، نه وسھو (سنڌ، پھاڪو)
ڄٽ ؛ اڻ پڙهيو، جاهل. هندو، مسلمانن کي ڄٽ ڪوٺيندا هيا ۽ مٿن ويسھ به ڪو نه ڪندا هيا.
ڄٽ ۽ جاهل ماڻھو، موقعي مھل جي نزاڪت کي نه سمجهندو آهي. کيس پنھنجو مطلب عزيز هوندو آهي. مطلب خاطر، رشتا ناتا ٽوڙيندي دير ئي نه ڪندو آهي. هر وقت ساڻس، مصلحت آميز رويو رکڻ گهرجي.
مطلب:
20.1 ڄٽھو، نه وسھو، وسھو ته مُسھو.
20.2 ڀيٽيو: سپھو، نه وسهو.
21. چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)
نشيدار شيون جھڙوڪ: چرس، ڀنگ، شراب، آڦيم، ڏوڏي ۽ هيروئن وغيره واپارائڻ سان ماڻھو دنيا وما فيها کان غافل ٿيو وڃي. ان غفلت سبب، ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ جھڙا رشتا ته وسريو وڃن پر مٺڙي مالڪ ۽ پنھنجي پياري جان بابت به سُڌ نه ٿي رهي. سمجهه ۾ آيو ته نشو، انسان جو ازلي دشمن آهي.
نشو جڏهن عادت وانگر عضوو ٿي ويندو آهي ته ان کي ڪٽي ڦٽو ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھوءَ جي ڇا ڪيفيت هوندي؟ جان ڇڏائڻ چاهي ته ڇڏائي نه سگهي. رشتا ناتا اڳ ٽـُٽي ويس. پنھنجو پاڻ ۽ حال تباهه ٿي ويس. اهڙو ماڻھو، جڏهن ڏوٻر لاهي، عام سامھون ايندو آهي ته مٿس ڪنھن کي به ڪھل/ ترس نه ايندو آهي. جيڪو پنھنجي حالت بدلڻ لاءِ تيار ناهي، ان جي حالت ته مالڪ به نه ٿو بدلي.
نشو، نشئيءَ کي هڏ حرام ڪريو ڇڏي. هڏ حرام ٿيڻ بعد، ماڻھو عزت ۽ غيرت کان ڪريل ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. غيرت/ عزت کان ڪريل ڪم، جيڪو ڪرائي، تنھن کان وڌيڪ ڪو دشمن نه ٿو ٿي سگهي. ان کان وڌيڪ ڪو بي رحم نه ٿو ٿي سگهي.
جنھن شيءِ جي استعمال کان پوءِ، جان جو خيال نه رهي، ننگ ناموس جو احترام نه رهي، خد اجو خوف نه رهي. ان کان وڌيڪ ڪو ظالم/ بي ترس ٿي سگهي ٿو؟
مطلب:
21.1 ڀنگئي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي،
ڪئفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ”ماريا هت نه هووي.“
21.2 ڀنگئي جي زال سينگار ڪري، آفيمي جي روئي،
چرسيءَ جي ائين چوي؛ ”ماريو هت نه هووي!“
21.3 چرسي نه مرسي، مرسي ته ڏون ٽراءِ گهن مرسي (ضد)
21.4 پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش (ضد)
21.5 نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي،
مُلو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون. (ضد)
22. چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)
جيڪو چرندو، سو نه مرندو.
چَرڻ/ کاڌ خوراڪ ملڻ سان، هر شيءِ زنده رهي ٿي. ٻيءَ صورت ۾ مريو وڃي.
غلط العام ۾، اها چوڻي، پنھنجي مطلب آهر موالي هيئن استعمال ڪندا آهن .
چرسي، نه مرسي. (چرس پيئڻ وارو نه مرندو)
مرسي ته ڏون ٽراءِ گهِن مرسي. (مرندو ته ٻه ٽي ساڻ گهلي مرندو)
اها ته حقيقت آهي ته چرس پيئڻ وارو، گهڻن کي گهلي مرندو. باقي رهيو سوال؛ چرس پيئڻ سان نه مرندو، سو غلط آهي. ڇو جو جيڪي چرس نه ٿا پيئن ته پوءِ انھن کي ته موالين کان اڳ مرڻ کپي. پر ائين آهي ڪونه.
ان جي برعڪس، چرس/ڀنگ/آفيم/هيروئن پيئڻ وارو ماڻھو، وقت کان اڳ فنا ٿيو وڃي. سندس حياتي ٿوري ٿيو وڃي. خاص ڪري شاديءَ کان پوءِ ڇھه مھينا به گارنٽي نه اٿس.
اها موالين جي اجائي هام آهي. موالين تي ميار به ناهي. پيا ناليءَ ۾ هوندا آهن، پر نعرا هڻندا آهن؛ ”پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش.“
مطلب:
22.1 ڀيٽيو؛ چرند، نه مرند.
23. چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)
هر ساهدار جي زنده رهڻ جو دارومدار کاڌو کائڻ تي آهي جيڪو نه ٿو کائي سو وقت کان اڳ مريو وڃي.
موت ۽ حياتي مقرر آهن. ائين به ناهي ته جيڪي دنيا ۾ موت ٿيا آهن، سي کاڌي نه ملڻ جي ڪري ٿيا آهن. البته گهڻو کائي، ڦاٽي مرڻ سبب به ٿيا هوندا. جڏهن ته حياتي، هڪ مقرر مدت تائين لاءِ آهي.
کائڻ سان، نه مرڻ ڳنڍيو ويو آهي، پيئڻ سان نه. سو ڇو؟ ان لاءِ هيٺ بحث ڪجي ٿو .
پاڻيءَ/ پيئڻ بابت چيو ويو آهي.
1- جتي پاڻي، تتي پاڻ.
2- پاڻيءَ منجهه پساهه.
3- هر ساهدار کي، پاڻيءَ منجهان زنده ڪيو ويو آهي.
پوءِ چرند، نه مرند ڇو؟ پيئند، جيئند يا پيئند، نه مرند، ڇونه؟
ان لاءِ به هڪ منطقي دليل آهي. لوڪ ادب ۾ هڪ ڳجهارت مشھور آهي، ”بري ٻڪري شاهه جي، کائي ته جيئي، پيئي ته مري؟ ٻڌايو ڇا آهي؟“
ان ڳجهارت جي ڀڃڻي آهي؛ باهه. باهه جو کاڄ/ کاڌو/ خوراڪ آهي ڪاٺيون/ ٻارڻ. ٻارڻ پوندس، زنده رهندي. نه پوندس ته مرندي. ان جي برعڪس، پاڻي ان جو دشمن آهي. اهو پيس ته مرندي.
سمجهه ۾ آيو ته پيئڻ سان موت ٿي سگهي ٿو. کائڻ سان نه. هر شيءِ کي زنده رکڻ لاءِ، مقرر کاڄ جو ملڻ ضروري آهي. مضمون کي زنده رکڻ لاءِ، بحث ۽ لفظن جو ذخيرو ضروري آهي. جهيڙي کي زنده رکڻ لاءِ گار جو هجڻ ضروري آهي. ايمان کي زنده رکڻ لاءِ ڪلمي تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. انھن کي مات ڪرڻ لاءِ فقط پاڻي ڦيرڻ جي ضرورت آهي.
ان کان علاوه ٻيو بحث آهي؛ چَرند، نه مَرند ڇو؟ چَرند، جيئند ڇونه؟
اهو ان ڪري جو زندگي مقرر مدت لاءِ آهي. ان جو کائڻ سان تعلق ناهي. باقي مرڻ جو تعلق، نه کائڻ سان آهي. ان ڪري ائين چيو ويو آهي.
مطلب:
23.1 جي لوچين، سي لھن
23.2 جي چرن، سي نه مرن
23.3 ڀيٽيو؛ قوت، لايموت .
24. چنو، نه ڪنو (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
24.1
25. چُوڻو، نه اُوڻو. (سنڌ، چوڻي)
چُوڻو؛ کاڌ خوراڪ، لوڀ طور وڌل داڻو
اُوڻو؛ اڻ پورو، کٽل
دنيا جي تختي تي، انسان پوءِ ٿو اچي، پھرين سندس کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿو ٿئي. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ آهي ته دن جي ذريعي کيس کاڌو ملي ٿو. جڏهن پيٽ مان ٻاهر اچي ٿو ته سندس اهو ذريعو ختم ٿئي ٿو. ان سان گڏ، هڪدم کيس، سندس طبيعت، مزاج آهر، ماءُ جي سيني مان به ذريعي کولي ڏنا ٿا وڃن. ٻارنھن مھينن بعد، جڏهن کانئس ٿڃ ڇڏرائي ٿي وڃي ته اهي ٻئي دروازا به بند ٿي ٿا وڃن. جڏهن ٻئي دروازا بند ٿين ٿا تڏهن مٿس سوين دروازا کلن ٿا.
بک جي وگهئي، دنيا ۾ ڪير به نه مئو آهي. اعمالن جي شامت سبب، قحط جي صورت ۾ عذابِ الاهي نازل ٿئي، سا ٻي ڳالهه آهي باقي روزي نه ملڻ ڪري ڪير به نه مئو آهي. روزيءَ جو ذمور رزاق تي آهي. هر هڪ کي ڏئي ٿو. ڪِوِليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. ڪير کيس رب مڃي يا نه، پر هو پنھنجي واعدي مطابق ڏئي پيو. ڏمرجي ته به ڏئي ٿو. سندس خزاني ۾ ڪائي کوٽ ناهي.
مڙني جھانن جو خالق ۽ پالڻھار، پاڻ آهي. نه سندس ۾ ڪو عيب آهي ۽ نه ئي سندس جوڙ ۾. مخلوق کي پيدا ڪري ۽ انھن لاءِ رزق نه خلقي! اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! ائين ممڪن ئي ناهي. انسان، بي بس آهي، پاڻ بي بس ناهي. انسان پنھنجي مھمان لاءِ هڻي ماري پورت ڪري ٿو. خدا/ مالڪ، ڪيئن نه ڪندو؟ پنھنجي بندن کي بک وگهئي موت ڪيئن ڏيندو؟ ناممڪن آهي. پاڻ اهڙي ته ڇا؟ هر نقص کان پاڪ آهي. بي عيب ذات آهي سندس خزانا ڀرپور آهن. انسانن تي ضرورت آهر کلن ٿا. هڪدم نه ٿا کلن. ضرورت آهر، انسان جي دسترس ۾ اچن ٿا. جيئن گهرج/فقط ضرورت آهي، انسان منجهانئن ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
مطلب:
25.1 ٻڍي نه ٿي ٻني، جهونو نه ٿيو سج،
ٻنيءَ مٿان ٻچ، هاريندڙ هليا ويا.
25.2 ٻڍي ٿئي نه ٻني، جهونو ٿئي نه هر
25.3 ڏت نه کُٽو، ڏوٿي کٽا.
25.4 جر ۾ مڇي جام، کائڻ وارا ٿورا
25.5 جنھن جو رزق پريشان، تنھن جي دل پريشان
25.6 جنھن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو
25.7 جنھن چھنچ ڏني آهي، سو چوڻو به ڏيندو.
26. حياتي؛ بي بقا. (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
26.1
ڄاڃي لال ڊي آھوجا؛ ڳوٺاڻو ڳڙ
27. درد؛ بي درد. (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
27.1
28. دڙو؛ بي وڙو. (لاڙ، چوڻي)
مطلب:
28.1 دڙو؛ گيھ جو گھڙو
29. ڏاڙھيندڙ؛ نه ڏھڙيندڙ. (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
29.1
30. ڏجي، نه پچارجي (نصيحت، چوڻي)
الله جي نالي ڏيڻ، پاڻ تي ٿورو ڪرڻ، ائين ڪرڻ وارو، مالڪ حقيقيءَ/ جھانن جي پالڻڳار سان واپار ٿو ڪري. ايڏي وڏي ڪارساز سان ڪيل واپار ئي اصل واپار آهي. ان ۾ ئي وڏو فائدو رکيل آهي.
جڏهن ڪارساز جي نالي تي، ڪابه شيءِ ڪنھن گهرجائوءَ کي ڏجي، ته پوءِ ساڻس پچار نه ڪجي. ڇو جو سودو مالڪ الملڪ سان آهي، گهرجائوءَ سان نه. جيڪڏهن گهرجائوءَ وٽ بدلو هجي ها ته تنھنجو ٿورو ڇو کڻي ها! توکان خيرات ڇو وٺي ها! توکان خيرات ته اڻھوند سبب ورتي هئائين. هاڻي ساڻس پچار ڪرڻ ٺھي ڪين ٿو. جنھن وٽ اڳي ئي ڪين هئي، سو هاڻي ڇا ڏيندو؟ ڪين وئي ڪين ڏي، اڳيان ڪين به ڏنس ڪين.
جيڪو موٽائي ڏئي نه سگهي، تنھن سان پچار ڪرڻ، دل آزارڻ برابر آهي. ڪنھن جي دل آزارڻ کان بھتر آهي ته خيرات ئي نه ڪجي. ڇو جو دل آزارڻ، نه ڏيڻ کان وڌيڪ خراب آهي. نه ڏيڻ جو هڪڙو سور سھڻ جوڳو آهي، دل آزاريءَ وارو سور سھڻ جھڙو ئي ناهي.
مطلب:
30.1 ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
31. ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)
الله جي نالي تي ڏنل، رائگان نه ٿو وڃي. بشرطيڪه منجهس رياءُ/ڏيکاءُ نه ڪيو وڃي. خدا جي راهه ۾ ڏنل جي بدلي، ڏهه دنيا ستر آخرت ۾ ملن ٿا.
ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ بزرگن کان ٻڌيو ويو آهي ته هڪ دفعي حضرت علي رضه جن کان بي بي فاطمه سانئڻ رضي الله تعالى عنھ جن، بازار مان ڏاڙهون آڻڻ لاءِ چيو. حضرت علي رضه سائين جن بازار ويا. ڏاڙهون خريد ڪيائون. واپسيءَ تي هڪڙي گهرجائوءَ ڏاڙهونءَ جي صدا هنئي، ڏاڙهون کيس ڏئي ڇڏيائون.
گهر پھچڻ تي بيبي سانئڻ رضه جن ڏاڙهون آڻڻ بابت پڇيو ته کين حقيقت ڪري ٻڌايائون. بي بي سان؟ن رضه جن، الله تعالى جي نالي ڏاڙهون ڏيڻ جي ڪري خوش ٿيون ۽ صبر شڪر ڪيائون.
ڪجهه وقت کان پوءِ در تي آواز آيو حضرت علي رضه جن ٻاهر آيا. هڪ ماڻھو ڏاڙهن جو ٽوڪرو، مٿي تي جهليو بيٺو هيو ۽ چيائين، ”هيءُ ڏاڙهون توهان لاءِ آيا آهن“. حضرت عيل رضه جن ڏاڙهون ڳڻيا ته نَوَ ٿيا.
پاڻ رضه جن ڏاڙهون آڻيندڙ کي چيو؛ ”هي ڏاڙهون ڪنھن ٻئي جا هوندا، اسان لاءِ نه هوندا. ڇو جو اسان لاءِ هجن ها ته ڏهه هجن ها. خدا جو واعدو، ڏهه دنيا ستر آخرت جو آهي. پراوا اسان کي نه کپن.“
ڏاڙهون آڻيندڙ، لڪايل ڏاڙهون، ٽوڪريءَ ۾ شامل ڪندي چيو؛ ”اوهان لاءِ بلڪل ڏهه مليا هيا. هڪ مون پنھنجي لاءِ لڪايو هيو.“
مطلب:
31.1 ڏنو، پنڌ ڇنو.
31.2 خدا تعالى ڪنھن جو ڏنو ضايع نه ٿو ڪري.
31.3 ڏنو پٽ ڇٽ يجو، ٻئي ذات جا فرحتي.
31.4 ڏهه دنيا، ستر آخرت آهي.
31.5 ڏنو، ٻنو.
31.6 ڏنو، ٿئي نه ڪنو. پوک ڪڻو، ٿئي گهڻو
31.7 ڏنو، پنڌن ۾ ڇنو (ابتو)
32. ڏهجي، نه ڪھجي (واپاري، پھاڪو)
کير ڏيندڙ مينھن/ گانءِ مان اصل فائدو وٺڻ آهي، کيس ڏهڻ، ڏهبو رهبو ته ڏيھاڙي پيو فائدو پوندو. سال تي ڦر ڦروٽو ان کان علاوه پيو ملندو. ڏهاڙيءَ جو خرچ نڪرندو ۽ سال جي آخر ۾ درپيش وڏو خرچ، ڦر مان پيو ٿيندو.
ان جي برعڪس، ڪھبو ته گوشت هڪ ڏينھن ۾ کائي کپائي ڇڏبو. پوءِ فقط هٿ پيا هڻبا. دڪان/ زمين به ائين آهن. محنت ڪري گهر جو خرچ ڪڍبو ته سدائين لاءِ. جيڪڏهن جهاٽڪو ڪبو ته هڪ دفعو ڪري سگهبو.
دوست يار، مٽ مائٽ جو معاملو به ائين آهي. سپت ڪري ساڻن ڏيتي ليتي ڪبي ته سدائين پيو منجهانئن کائبو. ڪُپت يا کوٽ ڪري هڪ ئي ڏينھن، خيانت سان کين ٺڳبو ته اهو هڪ دفعو ئي ڦري سگهبو. اڳتي لاءِ، اڳلا به هوشيار ٿي ويندا. آئنده لاءِ منجهن، ٽڪي جي به اميد نه رکي سگهبي.
سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳھجي. منجهانئس ضرورت آهر، اهڙي نموني فائدو وڄجي جو کيس نقصان به نه پوي ۽ پنھنجو به ڪم ٿي وڃي.
مطلب:
32.1 واپار ۾ نفعو ٿورو ٿورو ڪري کائجي.
32.2 کير ڏيندڙ گانءِ کي ڪير ذبح ڪندو؟
32.3 ڪـُھڻ کان ڏحڻ چڱو
32.4 ڪـُھڻ آهي هڪ دفعو، ڏهڻ آهي سدائين.
32.5 ڪـُھبو هڪ دفعو، ڏُهبو ڏيهاڙي.
32.6 ڏُهبو ڏيهاڙي آ، ڪُھبو هڪ ڏينھن آهي.
32.7 چور، هڪ ڏينھن کائيندو آهي.
32.8 سچڻ ڏئي سڄي ٻانھن، سڄي نه ڳھجي
33. ڊگهو، بي وقوف (سنڌ، چوڻي)
جھڙيءَ طرح طاقت جو تعلق قدبت سان ناهي، تھڙيءَ طرح عقل جو به تعلق، قد ڪاٺ سان ناهي. ڪمزور/نحيف/نٻل/ڪوتاه قد، عقل ۾ اڪابر ٿي سگهن ٿا. طاقتور/جانٺا جوان، عقل ۾ گهٽ به ٿي سگهن ٿا.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڏنڊا مشٽنڊا، پيٽ خاطر مزوريون پيا کڻندا آهن. ڪمزور/نحيف، هڪ ٽيليفون وسيلي، زبان/حرفت/چالاڪيءَ/عقل سان، ڪروڙن جا ڪاروبار پيا ڪندا آهن.
جيڪڏهن عقل ۽ حسن جو تعلق قدڪاٺ سان هجي ها ته دنيا ۾ بندرن جو جيئڻ محال هجي ها. قدرت واري جي پنھنجي ورڇ آهي. هڪڙن جو جسماني قدڪاٺ وڏو ڪيائين ته ٻين جو عقل وڏو ڪيائين. هڪڙن کي مان ڏنائين ته دولت نه ڏنائين. هڪڙن کي دولت ڏنائين ته دنيا ۾ خوار به ڪيائين.
بھرحال اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڊگهي قد روارن کي عقل جي مار، سبيل آيل هوندي آهي. ان جي برعڪس، ڇوٽي قد وارا جيترا زمين تي نظر ايندا آهن، اوترئي اندر هوندا آهن. قد ۾ ڪوتاهه، عقل ۾ پُر هوندا آهن.
مطلب:
33.1 ڪل طويل احمق اِلا عمر رضه (عربي)
33.2 Tallest, Foolest
33.3 بندرو، شيطان (ضد)
33.4 ڇوٽا، اتنا کوٽا، لمبا اتنا بيوقوف (اردو)
34. رھي؛ نه سھي (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
34.1
ڄاڃي لال ڊي آھوجا؛ ڳوٺاڻو ڳڙ
35. زاني، نه مالي. (فارسي، چوڻي)
زانيءَ وٽ، ڪنھن به قسم جو مال نه ٿو بچي. جسماني طور ۽ مالي طرح خلاص ٿيو وڃي. زنا ڪرڻ آسان فعل ناهي. ان لاءِ پھرين ماحول سازگار ڪرڻو ٿو پوي. جيڪو مفت ۾ نه ٿو ٿئي. ان لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا ٿا پون. غلط/اوباش قسم جي ماڻھن سان ياري رکڻي ٿي پوي. انھن پويان ملڪيت لٽائڻي ٿي پوي. خلق خواري الڳ. اڳيان جيڪا عورت، پنھنجا ڪرم ڪٽائڻ لاءِ، پيءُ ماءُ جي ڪوڙي، مڙس جي گَهرَ جي چانئٺ لتاڙي نڪري ٿي، سا به سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ نه پر لٽڻ لاءِ نڪري ٿي .
زانيءَ کي شڙاب ۽ جوئا جي مرحلن مان به گذرڻو پوي ٿو. زنا جو در مٿس ائين نه ٿو پٽجي. پر گهڻو ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ پٽجي ٿو.
پرائي ننگ ۾ نگھه وجهڻ واري جي ننگ ۾ به آخر هٿ پون ٿا. زانيءَ جو، هڪ ڏينھن اکين آڏو گهر لٽجي ٿو. سندس نفس پتو ٻڏي وڃي ٿو. زنا تي لٽائڻ بعد، آيل سڃائي کيس هڏ حرام ۽ بيغيرت بڻايو ڇڏي. تنھن ڪري کيس پنھنجي گهر لٽجڻ تي غيرت به نه ايندي آهي. حالات واقعات اهڙا ٿي پوندا اٿس جو مجبوراً کيس اکيون ٻوٽڻيون ئي پونديون آهن.
مطلب:
35.1 زنا، فنا
35.2 جت زنا، ات فنا
35.3 زاني مرد زاني عورت سان ۽ زاني عورت زاني مرد سان شادي ڪندي.
36. زوري، چوري نه. (ھندي، چوڻي)
پرائي ننگ ۾ نگھه وجهڻ واري جي ننگ ۾ به آخر هٿ پون ٿا. زانيءَ جو، هڪ ڏينھن اکين آڏو گهر لٽجي ٿو. سندس نفس پتو ٻڏي وڃي ٿو. زنا تي لٽائڻ بعد، آيل سڃائي کيس هڏ حرام ۽ بيغيرت بڻايو ڇڏي. تنھن ڪري کيس پنھنجي گهر لٽجڻ تي غيرت به نه ايندي آهي. حالات واقعات اهڙا ٿي پوندا اٿس جو مجبوراً کيس اکيون ٻوٽڻيون ئي پونديون آهن.
مطلب:
36.1 زنا، فنا
37. سپھو، نه وسھو. (لاڙ، پھاڪو)
سپ: نانگ/ بلا/سانڊو/وڇون/ پيئڻ بلا وغيره، موذي جانور آهن. نه پنھنجو گهر ٺاهيندا آهن، نه ٻئي کي سک سان سمھڻ/ ويھڻ ڏيندا آهن. پرائي ٻِر ۾ رهندا آهن. پنھنجي ٻِر نه کوٽيندا آهن. رولاڪ آهن. رلندا وتندا آهن. آئي وئي کي ڏنگڻ کان ڪين رهندا آهن. ڪک/پن/پٿر، جيڪو به سامھون آيو، ان کي سُنگهندا ضرور.
مٿن ويسھ ڪرڻ بيعقلي آهي. نانگ جي ٻچي کي ڀلي کير پيارجي پر ڏنگيندو ضرور. جنھن مٿن ويسھه ڪيو. سو مُئو. ڇو جو وَسَ پڄندي سندن طبيعت ۾ اڻ سھڻائپ ڏاڍي آهي. وير ضرور رکن/پاڙن.
مطلب:
37.1 سپھو، نه وسھو، وسھو ته مسھو.
37.2 نانگ کي کير پيارڻ مان ڇا فائدو؟
37.3 گهڻائي مُنڊ مُنڊايا پر نانگڻ ڏنگڻ/وير نه ڇڏيو.
37.4 سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري
37.5 سنھا ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا،
اُنھن سندي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري. (شاهه)
38. سڌڙيا، نه وڌڙيا (سنڌ، پھاڪو)
سڌڙيا، عشق جون سڌون ڪندڙ، ڪڏهن به نه وڌندا/ ترقي نه ڪندا.
سڌ ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ اشد ضروري آهي. عشق جي منزل سڌون ڪرڻ سان ڪين ماڻي سگهبي.
عشق يا محبت اهڙا جذبا آهن، جن لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لائي ميدان ۾ ڪُڏي پوڻو آهي. ان لاءِ سولايون جاچڻيون ناهن. جڏهن عشق جي درياه ۾ ٻڏڻو ئي آهي ته پوءِ سولا گهيڙ نه پڇجن. البته جتي سمجهجي ته عشق جو عميق سمنڊ اونھو آهي، اتي ئي غوطا ڏجن. اتان ئي املهه/ ماڻڪ ملندا. اتي ئي منزل ملندي. مان ملندو، نام بلند ٿيندو.
ان جي برعڪس، گيديءَ/ ڊڄڻي/ سڌڙيي/ ڇسي کي، عشق جي هام/ ڊاڙ هڻن نه گهرجي. عشق، گيدين ۽ ڪانئرن جو ڪم ناهي. ڳڀرن ۽ جوانن جي راند آهي. جنھن ۾ سر ڌڙ جي بازي لائي، جان وڃائي دوام حاصل ٿو ڪجي. اصل حياتي ان کي ملي، جيڪو جيئڻ کان اڳ جيئي ويو.
مطلب:
38.1 سڌڙيا، نه وڌڙيا. عملي، اڏريا.
38.2 سڌن جون سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ . (شاهه)
38.3 مصيبت ۾ هجڻ، مصيبت جي ڊپ کان بھتر آهي .
38.4 جا جر جاٽون نه ڏئي، جا ڏيئا نه موهي،
سا سڌون ڪوه ڪري، محب ملڻ جون. (شاهه)
38.5 عشق ناهي راند، جيئن ڳڀرو کيلين،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اَڌَ ٿئي. (شاهه)
39. سوال؛ بي حال .(سنڌ، چوڻي)
مطلب:
39.1 سوال ويچارو آهي.
39.2 سوال، ٻِه- مُنهين ترار.
40. سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)
جھانن جي پالڻھار، مڙني مخلوقاتن کي خلقڻ سان گڏوگڏ، سندن ضروريات جي شين کي به ضرورت آهر خلقيو آهي. هر مخلوق کي گهربل شيءِ، وقت سر هڪي حاضر مليو وڃي. البته ملڻ جو طريقه ڪار، مڙني لاءِ مختلف آهي.
ڪن کي وڏيءَ محنت کانپوءِ، گهربل شيءِ ملي ٿي. ڪن کي دماغ لڙائڻ کان پوءِ هڙ حاصل ٿئي ٿي. ڪنھن کي اشاري سان مليو وڃي. ڪنھن کي سوال ڪرڻو پوي ٿو. ڪن کي کنگهڻ کُڙڪڻ کانپوءِ ملي.
دنيا وارن جي در تي سوال ڪرڻ واري کي ڪڏهن دان ملي ته ڪڏهن ڇڙٻ. مالڪ مھربان جو واحد در آهي، جيڪو سدائين، هر مخلوق لاءِ بنا ڪنھن امتياز جي کليل آهي ۽ هر ڪو منجهانئس مستفيض رهيو آهي.
عاجزي ۽ نئڙت، بندي جو ڪم آهي، خدا ان کان بي نياز آهي. خدا عاجزيءَ کان پاڪ آهي. سندس خزاني ۾، عاجزيءَ کان سواءِ، ڪنھن به شيءِ جي ڪمي/ کوٽ ناهي. نه ڏيندي ٿڪو آهي ۽ نه خزاني ۾ ڪمي آئي اٿس. ازل کان بي حساب/ بي انداز ڏيندو اچي ٿو ۽ ابد تائين ڏيندو رهندو. سندس در تان ڪوبه هٿين خالي نه موٽيو آهي. ڏمربو آهي ته به ڏيندو آهي.
حاتم طائيءَ جي سخاوت مشھور آهي، اڄ سندس سخاوت مان ڪير به مستفيض نه ٿو ٿئي. خدا جي واحد هستي آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين آهي ۽ هر گهڙي، هر ساعت، هر مخلوق کي رزق پھچائي رهيو آهي. کانئس ئي سوال ڪرڻ گهرجي.
مطلب:
40.1 پوريل در نه پن متان پنئي ئي پوري نه پوئي،
سو ئي در پِن، جِت پينارا پُر ٿين. (شاهه)
40.2 پوريل در نه پن، متان پنئي پوري نه پوئي،
سو ئي نالو ڳنھه، جيڪو ڏئي نه پچاري.
40.3 رب ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي .
40.4 ڏئي رب، دلو راءِ ڇا ڏيندو؟
40.5 ڏئي مٿئون، ڪنھن جي هٿئون
40.6 نه هڙئون نه هنجئون، رب جي گنجئون
40.7 پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي. (شاهه)
40.8 ڀيٽيو؛ اشتداقي، نه خالي.
41. صوفي، لا ڪوفي (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
صوفي ؛ صوف/ اصحاب الصف مان نڪتل آهي. اهي اصحابي سڳورا جن پيغمبر عليھ السلام جي وقت ۾، پنھنجا مٽ عزيز، دين خاطر ڇڏي اسلام قبوليو، سي هڪ صفي ۾ رهندا هئا ۽ دين جي تعليم حاصل ڪندا هيا. تمام سادي زندگي گذاريندي، اسلام جا اصول سکي، مٿن عملن ڪندا هيا ۽ کين جياريندا هيا. انھن دين کي دنيا تي ترجيح ڏني.
جڏهن ڪوفي / ڪوفي جا رهاڪو، خط لکي حضرت امام حسين رضه کي مدد ڪرڻ لاءِ آڇون ڏيندا رهيا. وقت اچڻ تي پاڻ ڪڍائي ويا. اڄ به جيڪو منافقانه رويو رکي يا دنيا کي دين تي ترجيح ڏئي، ان جو مثال ڪوفين سان ڏيندا آهن.
مطلب:
41.1 ڀيٽيو ؛ ڪوفي، لايوفي.
42. طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)


دنيا جي طمع ۽ لالچ، حرص ۽ هوس، سَڌَ ۽ تانگهه رکڻ وارو طامع آهي. طامع جي من ۾، دنيا جي محبت جو ڀوت سوار هوندو آهي. لالچ ۽ لوڀ، حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪندي به دير نه ڪندو آهي.
بڇڙائيءَ جي رستي سان آيل مال، وڏي پڪائي ڪرڻ جي باوجود، بري رستي تي بريءَ طرح ۽ بي تحاشا خرچ ٿي ويندو آهي ۽ وڃي ڪاريءَ وارا ڪک رهندا آهن. وڏيءَ ڪوشش/جدوجھد جي باوجود انھيءَ ڪمائيءَ تي قناعت نه ڪري سگهبي آهي.

قناعت، محنت سان ڪمايل ڪمائيءَ تي، شڪر ۽ صبر ڪرڻ سان ڪري سگهبي آهي. لالچ ۽ حرس سان آندل شيءِ يا ملڪيت، بي برڪتي رهي ٿي. بي صبريءَ يا ناشريءَ سان جلد کپيو وڃي ٿي.
مطلب:
42.1 لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي .
42.2 طمع، بڇڙائي ڪري.
42.3 طمع، بڇڙو ٽول .
42.4 طمع، بري بلا .
42.5 طمع ڀريوتس، ڀريو ڀرجي ڪين ڪي.
42.6 طمع، آڻي انسان لاءِ برائي ۽ بدي.
42.7 طمع، آبرو وڃائي ٿي.
42.8 طمع ۾ حرف ٽي، ٽئي خالي
42.9 طمع ۽ تڪڙ، ڇا لڳي؟
42.10 طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
43. قرض، بي غرض (سرو، چوڻي)
هڪ مريد پنھنجي مرشد کي چيو، ”مون کي ماڻھو، ايترو ته وڪوڙي ٿا وڃن، جو اصل عبادت لاءِ وقت ڪين ٿو بچي. انھن کان جات لاءِ ڪو رستو ٻڌايو؟!“
”تمام سولو آهي.“ مرشد مريد کي ٻڌايو؛ ”پاڻ وٽ آيل شاهوڪارن کان قرض طور رقم گهرو ۽ گهرجائو/ غريبن کي قرض طور رقم ڏيو“.
مريد ائين ڪيو. وٽس ماڻھن اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. شاهوڪارن قرض گهرڻ جي ڀَوَ کان ۽ گهرجائن قرض موٽائڻ جي ڀَوَ کان.
قرض، هرهڪ کي آدم بيزار بنايو ڇڏي. جڏهن ماڻھو، ماڻھن مان بيزار ٿي وڃي ته پوءِ کيس رشتن ناتن، مٽن مائٽن، ننڍن وڏن جو ڪوبه خيال نه ٿو رهي. انھيءَ سبب ڪري ٻين جي غرض/ ڪاڻ نه ٿو ڪڍي. نتيجي طور ٻيا به سندس ڪاڻِ/ غرض نه ٿا ڪڍن ۽ بي غرض ٿيو وڃن.
مطلب:
43.1 قرض کڻندڙ جي، زمانو غرض نه ٿو ڪڍي.
43.2 دولتمند اهو آهي، جنھن کي ڪوبه قرض ڏيڻو ناهي. (اٽالين)
43.3 قرض، ڪوڙهه جو ٽڪو.
43.4 قرض کڻي ڪنگڻ نه پائجن.
43.5 قرض ڌاران، لوڻ ۽ پاڻي به چڱا آهن.
43.6 قرض، مرض .
43.7 قرض، قرب جي قئنچي .
43.8 قرض جا ڪوٽ کڻي، چوٽ چاڙهيائين چلھا،
ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اتس آئي گلا.
44. قوت، لا يمُوت. (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
قُوت؛ گهربل خوراڪ يا کاڌو، جنھن کي به ملندو، تنھن تي موت نه ايندو. جڏهن گهربل کاڌو کٽندس، تڏهن ڏينھن به کٽندس.
مطلب:
44.1 ڀيٽيو ؛ چرسي، نه مرسي.
45. ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)
جھڙو ورتاءُ، ٻين سان ڪبو، تھڙو پاڻ سان ٿيندو. ٻين سان چڱائي ڪبي، پاڻ سان ٿيندي. ٻين کي ٺڳبو، پاڻ سان ٺڳي ٿيندي. ٻين سان جٺ ڪبي، پاڻ سان جُٺ ٿيندي.
دنيا جو ڪُليو قانون آهي؛ هر ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگبي. پُٽ جي قبر ۾ پيءُ نه پوندو. پيءُ جي قبر ۾ پٽ نه پوندو. هر ڪو پنھنجي قبر پاڻ ڀريندو. پيءُ ڪندو، پيءُ ڀريندو، پُٽ ڪندو، پٽ ڀريندو .
پرائي باهه ۾ ڪير نه پوندو آهي، هرڪو پنھنجيءَ ۾ پوندو آهي. جيڪو ڏوهه ڪندو، ڏنڊ به سوئي ڀريندو. ائين به قطعي ناهي ته ڏوهه ڪري ۽ ڏنڊ نه ڀري! ظلم ڪري ۽ ڪيتو نه لوڙي! اهو ماءُ جو لال ئي ناهي، جيڪو ظلم/ زيادتي ڪري ۽ سزا نه ڀري/ لوڙي .
مطلب:
45.1 ڪرند، پسند. ڏيند، لھند .
45.2 جيڪو ڪري، سو ڀري .
45.3 جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي .
45.4 جـَوَ پوکي، جوئر ڪين لڻبي .
45.5 ڪانڊيرا پوکي، ڪڻڪ ڪين لڻبي .
45.6 اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.
46. ڪنڌ ڪوٽ، اڻ موٽ .(سنڌ، چوڻي)
ڪنڌ ڪوٽ شهر کي، وڏي ٻهراڙي آهي، جنهن سبب واپاري لحاظ کان وڏي چلتي وارو شهر آهي. جيڪو به واپار/ روزگارسانگي آيو، اڏجي ويو. شهر ۾ اڪثر آبادي ٻاهران لڏي آيلن جي آهي.
مطلب:
46.1 شهداد ڪوٽ، وري نه موٽ ، موٽ ته مري موٽ.
46.2 ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ.
46.3 شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
46.4 شهر ڪراچي، ڇورن جو نيپاڄ.
سھتو، عبدالوھاب، انجنيئر؛ اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون
47. ڪوفي، لا يوفي. (عربي، چوڻي)
ڪوفين لاءِ مشھور آهي ته لکيت ۾ واعدو ڪري، ڦري ويا. جيڪو واعدو وفا نه ڪري، تنھن مان ٻي ڪھڙي وفا ٿيندي.
مطلب:
47.1 آزمائي کي آزمائي، ڌوڙ منھن ۾ پائي .
47.2 ڀيٽيو؛ صوفي، لا ڪوفي.
48. گجندڙ، نه وسندڙ. (سنڌ، چوڻي)
مطلب:
48.1 گاجڻا، نه باجڻا
48.2 ڀيٽيو؛ ڏاڙھيندڙ؛ نه ڏھڙيندڙ
49. گمان، بي ايمان (لاڙ، چوڻي)
ڪڏهن ڪڏهن اصل حقيقت، ظاهر اک سان ڏسڻ کان پوءِ به نه کُلندي آهي. ان جي برعڪس، شڪ/گمان/وهم سان ته نتيجا الائي ڪيترا اگرا نڪرندا آهن. ان ڪري شڪ/گمان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
گمان/شڪ ڪرڻ وارو، ٻين تي اعتماد نه ڪندو آهي ۽ نتيجي طور ٻين سان ڦٽائيندو وتندو آهي. موٽ ۾ هرڪو کيس بي ايمان پيو سمجهندو آهي.
مطلب:
49.1 اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به ويچارجي .
49.2 ڪي گمان، وڏا گناهه آهن . (قرآن)
49.3 ڀيٽيو؛ انڌو، بي ايمان.
50. گهوٽ، اڻ موٽ. (سنڌ، چوڻي)
گهوٽ اهو آهي، جيڪو منزل جي وني ماڻي. منزل کان اڳي موٽندڙ گهوٽ نه ٿيندو آهي. سوريءَ کي به سيج سمجهي مٿي چڙهندو آهي. سوريءَ/سيج تان موٽڻ، ان لاءِ مھڻو/ طعنو/تذليل هوندا آهن. مانَ لاءِ مرندا آهن. گيدين وانگر نانَ لاءِ نه وڙهندا آهن.
مطلب:
50.1 گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
50.2 ڪڏهن قابو منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
51. مورو، نه ٿورو (سنڌ، چوڻي)
مورو: ضلعي نوشھرو فيروز جو مسھور تاريخي شھر، راوڙ واري قديم شاهراهه تي، درياءِ سنڌ جي کاٻي ڪپ تي، دادو شھر جي سامھون واقع آهي ۽ کيس تاريخي حيثيت حاصل آهي .
مورو، هڪ لوڪ گيت آهي. جنھن جا ٻول آهن؛ ”مورو ناهي ٿورو، سڄڻ مورو ويٺي ڏيان“.
مطلب:
51.1 وو
52. نامرد، بي درد .(سرو، چوڻي)
مطلب:
52.1 وو
53. وقت، بي رحم .(سنڌ، چوڻي)
مطلب:
53.1 وو


ڏسڻي
1. اشتداقي، نه خالي. (فارسي، چوڻي)
2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
3. انڌو، اڻ سھو (ساهتي، چوڻي)
4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
5. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
6. بي ادب، بي نصيب (سنڌ، چوڻي)
7. بي استاد، بي بنياد (سنڌ، چوڻي)
8. بي پيرو، بڇڙو (سنڌ، چوڻي)
9. بي پيرو، بڇڙو (سنڌ، چوڻي)
10. بي حيائي، بادشاهي (سنڌ، پھاڪو)
11. بي زر: بي پر (سنڌ، چوڻي)
12. بيمار، بي ميار (سنڌ، چوڻي)
13. بي ھنر؛ بيڪار (سنڌ، چوڻي)
14. ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي، چوڻي)
15. ڀيرو؛ نه ميرو (سنڌ، چوڻي)
16. پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
17. جستجو، لاتقنطوا (نصيحت، چوڻي)
18. ڄٽھو، نه وسھو (سنڌ، پھاڪو)
19. چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)
20. چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)
21. چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)
22. چنو، نه ڪنو (سنڌ، چوڻي)
23. چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)
24. حياتي؛ بي بقا (سنڌ، چوڻي)
25. درد؛ بي درد (سنڌ، چوڻي)
26. دڙو؛ بي وڙو (لاڙ، چوڻي)
27. ڏاڙھيندڙ؛ نه ڏھڙيندڙ (سنڌ، چوڻي)
28. ڏجي، نه پچارجي (نصيحت، چوڻي)
29. ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)
30. ڏهجي، نه ڪھجي (واپاري، پھاڪو)
31. ڊگهو، بي وقوف (سنڌ، چوڻي)
32. رھي؛ نه سھي (سنڌ، چوڻي)
33. زاني، نه مالي. (فارسي، چوڻي)
34. زوري، چوري نه. (ھندي، چوڻي)
35. سپھو، نه وسھو. (لاڙ، پھاڪو)
36. سڌڙيا، نه وڌڙيا (سنڌ، پھاڪو)
37. سوال؛ بي حال .(سنڌ، چوڻي)
38. سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)
39. صوفي، لا ڪوفي (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
40. طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)
41. قرض، بي غرض (سرو، چوڻي)
42. قوت، لا يمُوت. (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
43. ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)
44. ڪنڌ ڪوٽ، اڻ موٽ .(سنڌ، چوڻي)
45. ڪوفي، لا يوفي. (عربي، چوڻي)
46. گجندڙ، نه وسندڙ. (سنڌ، چوڻي)
47. گمان، بي ايمان (لاڙ، چوڻي)
48. گهوٽ، اڻ موٽ. (سنڌ، چوڻي)
49. مورو، نه ٿورو (سنڌ، چوڻي)
50. نامرد، بي درد .(سرو، چوڻي)
51. وقت، بي رحم .(سنڌ، چوڻي)

No comments:

Post a Comment