Wednesday, May 12, 2021

پيري

پيري

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



*-* پيري؛ نه پڇي اچي، نه ڌڪارئي وڃي.

*-* پيري؛ پورب منجھ بيماري، پشم منجھ زندگيءَ جو مزو ماڻڻ جو وقت.

*-* پيريءَ ۾؛ ڏند ڀڄڻ لڳن، ڏاھپ اچڻ لڳي.

*-* پيريءَ ۾؛ اولاد ۽ عضوا، جواب ڏئي بيھن.

*-* پيريءَ ۾؛ جوءِ ۽ يادگيرو، ساٿ ڇڏڻ لڳن.

Thursday, May 6, 2021

چوڻين جون ڪھاڻيون

چوڻين جون ڪھاڻيون

(سرور عالم راز جي ڪتاب ڪھاوتون جو مھاڳ)

سرور عالم راز سرور

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سیکھے ہیں مہ رُخوں کے  لئے ہم مصوری  

تقریب کچھ تو بہر ملاقات چاہئے (غالبؔ)

زمانو ايڏو ته تيزيءَ سان پيو مٽجي جو ساڻس پيرُ پيرَ ۾ ملائي ھلڻ اھنجو ٿي ويو آھي. جيڪو ڪالھ ھيو سو اڄ ناھي، جيڪو ھينئر آھي سو ھاڻي ئي مٽجي ويندو. زندگي مٽجي پئي. معاشرا مٽجن پيا. قدر مٽجن پيا. پراڻيون روايتون ۽ صورتون مٽجن پيون. جيڪو وقت، ھٿن جي وٿين مان وھيو پيو وڃي، سو ڳولئي نه لڀندو. طوفاني رفتار سان مٽجندڙ ھن دنيا، ھر شيءِ کي پنھنجي پڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. سندس پڪڙ کان ڪنھن کي به آجائي ڪانھي. جيڪو وقت جي آواز تي لبيڪ چوڻ ۾ ڪوتاھي ڪندو ۽ ساڻس ساٿ نه ڏيندو ته سندس نالو ايندڙ تاريخ ۾ نظر اچي ته اچي ور نه ايترو به سندس تقدير ۾ لکيل نه ھوندو. زمانو ائين پاسا مٽائيندو رھندو ۽ انساني زندگي ۽ تاريخ ھميشه ائين مٽ سٽ جي ور چڙھنديون رھنديون. اھو ئي فطرت جو قانون آھي. ٻيو ته، فطرت جو قانون آھي ازلي؛ نه ڪنھن جي خواھشن ۽ ضرورتن جو پابند ۽ نه ئي کيس ڪو بدلائي سگھي ٿو.

Saturday, May 1, 2021

چند اکر- پھاڪن جي پوٽلي

چند اکر - پھاڪن جي پوٽلي

(مرقع امثال و اقوال)

 

جميل الدين عالي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



شايد هيءُ اردوءَ منجهه، پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ مڙني کان وڏو ڪتاب آهي.

فاضل مؤلف سيد يوسف بخاري دهلوي مرحوم، جيترو ڪم ڪيو، سو اصل متن منجهان پڌرو آهي. سراسري ۲۷ سٽون في صفحي جي حساب سان ۹۵۴ صفحن تي لڳ ڀڳ پنجويهه هزار داخلائون. ”وري انھن صفحن جو حرف گفتني (ٻه لفظ) ۽ ۲۹ صفحن جو هڪڙو وڏو فاضلانه مقدمو، جنهن منجهان سندن محنت ۽ جستجوءَ جا سبب معلوم ٿين ٿا. سيد صاحب موصوف، انهيءَ خاندان سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي قومي روايت جي مطابق، شاهجهان شاهجهان-آباد تعمير ڪرڻ وقت، جامع مسجد دهليءَ ۾ امامت ۽ تبليغ جي لاءِ، بخارا مان گهرائي دهليءَ ۾ آباد ڪيو هيو. اها امامت، اڄ به انهيءَ خاندان وٽ آهي. سيد يوسف بخاري مرحوم، شمس العلماء علامه سيد احمد بخاريءَ جو ويجهو مائٽ هيو. (هو وڏو امام سڏائيندو هيو. سندس پٽ حميد ميان، سندس حياتيءَ ۾ ئي، سندس ڪراڙپ سبب، امامت شروع ڪئي هئي. هاڻ اهو منصب، حميد ميان جي پٽ سيد عبدالله بخاريءَ وٽ آهي. اهو شاهي امام سڏرائي ٿو ۽ آزاديءَ کان پوءِ هندستان اندر، مسلم سياست منجهه، پنهنجي انداز جو هڪڙو فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهي). انهن درسي علمن کان علاوه، دهليءَ جي وڏن وڏن بزرگن جون اکيون ڏٺيون هيون. جوانيءَ کان ئي تصنيف ۽ تاليف جو شوق هين. محاوري تي ته ڪامل عبور رکندا هيا. خوشحال هيا. پاڪستان ٺهيو، دهليءَ جي مسلمانن کي تڪليفون پھتيون، ته هنن کي به هجرت ڪرڻي پئجي وئي. هتي اچي، مٿن جا گذري، سو الڳ هڪڙو داستان آهي. ڪنهن وقت اردو لغت بورڊ ۾ ملازم ٿي ويا. ليڪن (غلط) ضابطن جي مطابق، سٺ سال جي عمر ۾ رٽائر به ڪيا ويا. ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪري ته اردو لغت بورڊ، نيم سرڪاري ادارو ئي سهي، هڪ علمي ادارو آهي. اتي عالمن فاضلن تي، رٽائرمينٽ جا سرڪاري ضابطا نافذ ڪرڻ ۽ کين ايڪسٽينشن نه ڏيڻ، هڪ ظلم تي مبني پابندي آهي. (جڏھن باباءِ اردو، ان جو پهريون اعزازي مدير مقرر ٿيو، ان جي عمر اسيءَ کان مٿي هئي). افسوس جو بورڊ جي نظامت سنڀاليندڙ، مرڪزي حڪومت کان اهي ضابطه بدلائڻ ۾ ناڪام رهيا. (هڪ مقرره مدت لاءِ راقم پڻ نظامت ۾ شامل هيو) ڊاڪٽر شوڪت سبزواريءَ جهڙي فاضل اهل کي پڻ ساڳئي سبب جي ڪري بورڊ مان وڃڻو پيو هيو. بس حضرت جوش مليح آباديءَ جي سلسلي ۾، شروع کان ئي ڇوٽ ورتي وئي هئي. سندس ڇڏي وڃڻ جا سبب ٻيا هيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ، سيد مرحوم تي ڏاڍو سخت وقت گذريو. مگر ٻار نوجوان ٿي ويا هين. گهڻي سختي ڪا نه کڻڻي پين. پوءِ به تصنيف ۽ تاليف ۾ مصروف رهيا.

آزاد ۽ ڇڙواڳ ۾ فرق

آزاد ۽ ڇڙواڳ ۾ فرق

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



واڳ وجھبي آ، بي عقل جانور کي، سڌي رستي تي ھلائڻ لاءِ.

اھو اگر ڇڙ-واڳ ٿيو (جنھن جو رسو نڪتل ھجي) ته جيڏانھن آيس تيڏانھن ھليو ويندو ۽ نقصان ڪندو.