Monday, November 25, 2019

عمر جا ڏهاڪا


عمر جا ڏهاڪا
Image result for life stagesوڌندڙ عمر سان گڏ، ٻاراڻي وھي وڌنڌي پئي وڃي؛ ساڳيا انگل، ٻارن وانگر هر ڳالهه تي رُسي وڃڻ، ٿوري ننڊ هر هر ننڊ، ٿورو کائڻ هر هر کائڻ، اهو خيال ته باٿ روم ويجهو هجي. يادداشت ۾ ڪمزوري، جلدي خوش ٿيڻ، ڳالھ کي هر هر ورجائڻ، ٻڌايل ڳالھ ٻيهر ٻڌائڻ جو گهر وارن کي برزبان ياد ٿيو وڃي.

Saturday, November 23, 2019

دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي


دھشت چڙھي ته وحشت ٿي وڃي

Image result for fear of speech in public
عارب نالي ھڪڙو نوجوان ڳوٺاڻو ھيو، جنهن کي هڪ ڀيري، ڪنھن شاديءَ جي موقعي تي ڳوٺ وارن ايلاز ڪري، اسٽيج تي ڳالهائڻ ۽ مسخري وجھڻ جو موقعو ڏنو.
عارب، مسڪين ماڻهو ھيو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ھيو. ان ڪري ڳالهايائين گهٽ پئي ۽ ڏڪيو وڌيڪ پئي.
آخر، ڏڪندي ڏڪندي، هن پنهنجي حوصلن ۽ اوسانن کي يڪ-جاءِ ڪيو. پوءِ به سندس سڪل نڙيءَ مان فقط هڪڙو جملو ئي اُڪليو؛ ”مان ڇا ڳالهايان! مون کي هيترا ماڻهو ڏسي وحشت چڙهي وئي آهي.“

Friday, November 22, 2019

دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Image result for rat trap cageهڪ هاريءَ جي گهر ۾، ٻين ساھدارن سان گڏ، هڪ ڪوئو پڻ رهندو هو، جيڪو پيو سنھا سنھا زيان ڪندو ھيو.
هڪ ڏينهن ڪئي ڏٺو ته هاري ۽ ھارياڻي، شھر مان ڀري آندل ٿيلهي مان ڪجھ ڪڍي رهيا هئا. سمجھيائين؛ کاڌي پيتي جو سامان آهي. توجھ سان ڏسڻ بعد خبر پيس ته اھا ڪوڙڪي آھي. خطرو محسوس ڪندي، گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي!“
ڪبوتر چٿر ڪندي چيس؛ ”مون کي ڇا؟ مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ؟“
مايوس ڪوئو، اها ڳالھ ڪڪڙ کي ٻڌائڻ ويو.
ڪڪڙ به مذاق اڏائيندي کيس چوڻ لڳو؛ ”ڀائو! اهو مسئلو منهنجو ناهي.“

Thursday, November 21, 2019

مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.


مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
Image result for Dying jackalهڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوءِ، شام جو ٿاڪ تي موٽندي، رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ اوجھڙ ۾ ڦاٿو.
هڪ ماري بندوق کنيو ٻنيءَ تي واھت ڪري رھيو ھيو. تنهن جي مٿس نظر پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس، ته اچي پٽ تي پيو.
گدڙ سوچيو؛ جي اٿي ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو.“ سو ڇند ڪري، ستو رھيو.
ماري، بندوق کنيو مٿانئس اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙو همراھ آيو ۽ ماري کي چيائين؛ گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟

Saturday, November 9, 2019

ساٺو، پاٺو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ساٺو، پاٺو. (ھندي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ساٺو؛ ساٺا، اھو مرد جيڪو عمر جي حساب سان سٺ سالن کي پھتو ھجي.
پاٺو؛ پاٺا، پَٺا.
”پاٺا“ هنديءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”هاٿيءَ جو ٻچو“. انھيءَ تتبع تي، پهلوان مڙس کي يا بندري ۽ ننڍي قد واري شخص کي پڻ پاٺا چوندا آهن.

تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو - اطهر هاشمي


تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو
اطهر هاشمي
اڄڪلهه هر طرف هڪ تماشو لڳل آهي، اڄڪلهه ڇا، تماشو نٿو ٿئي! هڪ شاعر پنهنجي غزل ۾ سوال به ڪيو ته ”هي تماشو ڪڏهن ختم ٿيندو؟“ تماشي کي اخبارن ۾ ”تماشو“ به لکي ڇڏيندا آهن. شايد اهڙي طرح تماشي جي شدت يا اهميت گهٽ ڪرڻ مقصود هجي پر هي تماشو عربي مان آيو آهي ۽ عربي ۾ ”تماشو“ جو مطلب آهي گڏجي پنڌ هلڻ.

Sunday, November 3, 2019

جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو - نواز علي شوق


جڏهن تڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو (تاريخي، چوڻي)
نواز علي شوق

چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو نه ڪو تاريخي، تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ تاريخي، سياسي يا سماجي واقعا لڪل هوندا آهن، جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي، سا آهي، “جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!”