Thursday, January 7, 2021

راڳ جو سنڌي ادب تي اثر - منظور نقوي

راڳ جو سنڌي ادب تي اثر

(محاورن/ اصطلاحن جي حوالي سان)

منظور نقوي



قديم دؤر کان سنڌي زبان ۾ اھڙا محاورا، استعمال ٿيندا اچن، جن جو سڌو سنئون تعقل راڳ سان آھي. جيتوڻيڪ اھڙن محاورن جي قدامت کي پرکڻ لاءِ اسان وٽ ڪو خاص ذريعو نه آھي. ايترو چئي سگھجي ٿو ته اھي محاورا صدين کان وٺي اسان جي زبان جي زينت بڻيل آھن. جيڪڏھن انھن کي ورھائجي ته ڪي محاورا اھڙا آھن جن جو تعلق راڳ سان به ملندو، ۽ ڪي محاورا اھڙا لڀندا جن جو تعلق لئي سان ملندو. ھتي اھڙا محاورا درج ڪجن ٿا.

Friday, January 1, 2021

پھاڪن چوڻين جون نڪور وضاحتون - ولي محمد طاھرزادو

پھاڪن چوڻين جون نڪور وضاحتون

ولي محمد طاھرزادو



(الف) چوڻيون:

ماڻهو چڙ ۾ اچي ٻئي ڪنهن کي چئي ڏيندو آهي، ته وڃ ”ڦاڙهيءَ ڦاڇڪو“ اصلي چوڻي آهي: ”ڦاڙهيءَ پوئان ڇڪن“ جابلو ماڻهو ڦاڙهي جي مادي ڦاڙهي جي شڪار لاءِ رلندا وتندا آهن ۽ ان جي شڪار تي ڇڪن هوندا آهن.

”ننگ جون پاڙون دوزخ ۾“ پهاڪو ڏنو ويندو آهي. پر اصلي آهي ته: ”جي ننگ پارڻو ته دوزخ ۾ به“ يعني ڪيڏي به تڪيلف سهي ٻار ٻچا پالبا.