Monday, August 29, 2022

صبح جي نِياري؛ دُک نه بيماري.

صبح جي نِياري؛ دُک نه بيماري. (ٻول)

مھدي شاھ



نياري؛ نرالي. دک؛ ڏک، اھنج. بيماري؛ آزار، تڪليف.

هي موالن جي صبح ويل ڀنگ پيڻ صدا آهي. صبح جي نياري، هتي نياري مقصد نياري/ نرالي ٻوٽي ڀنگ آهي. موالي صبح ويل ڀنگ پيئڻ کي سلطاني پيالو به چوندا آهن. بقول موالين جي صبح جو نياري ٻوٽي ڀنگ پيئڻ سان دک ۽ بيماري ويجهو نه ٿي اچي.

Friday, August 19, 2022

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ، بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ،

بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ.

(لاڙ، چوڻي)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“

 


سنڌي ڪئلينڊر سنبت ۲۰۷۹ بڪرمي جو سانوڻ مھينو، ٻٽيھن ۳۲ ڏينھن جو عرصو وٺي، سورھين ۱۶ آگسٽ تي کنوڻ ۽ گجگوڙ جي برساتن سان ھلي پورو ٿي ويو. چؤماسي جي ھلندڙ برساتن ۾، بڊي جي مھيني سترھين ۱۷ آگسٽ کان سانوڻ جي جاء والاري ته ”گونگو مِينھن“ شروع ٿي ويو. جنھن بنا کِنوڻ ۽ گوڙ جي، گونگو ٿي وسڻ شروع ڪيو ۽ اصل واڄٽ وڄائي ڇڏيائين. سانوڻ ته کنوڻ ۽ گجگوڙون ڪري، ڌڌڪا مچائي، وسيو پر بڊي ته اصل ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ھر ھنڌ پاڻيءَ جي ڇَر ئي ڇَر لڳي پئي آھي.

Thursday, August 18, 2022

سَسُ ريءَ نه ساھرا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سَسُ ريءَ نه ساھرا، ساليءَ ريءَ نه نينھن،

چنڊَ ريءَ ڇا جي راتڙي، جهُڙ ريءَ ڇا جو مينھن.

(سنڌي، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سس، جيستائين جيئري آھي، تيستائين ناٺيءَ جي ساھرين گهر ۾ عزت ۽ شان آھي. ان جي مئي کان پوءِ ساھرين گھر ۾ ناٺي ڪتي جي آچار آھي.

سالي، ٻارڙن جي ماسي آھي. اھا آھي ته ٻارڙن کي کڻي وٺندي، گھر جو ڪم ڪار به ڪري ڏيندي. جڏھن گھر جو ڪم ڪار ۽ ڪار ونھوار چڱو ھلندو آھي ته زال، مڙس کي پئي وڻندي آ. جنھن کي سالي ناھي يا زال اھا پرڻيو آھي، جيڪا پيءُ ماءُ کي اڪيلي آھي. ان کي گھر ٺھيل ٺڪيل نه ملندو، جنھن سببان زال سان ايترو نينھن نه ھوندس، جيترو ساليءَ واري کي، زال سان ھوندو آھي.

Wednesday, August 17, 2022

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ، مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾. - انجيئر عبدالوھاب سھتو

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ،

مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾.

(ھندي، چوڻي)

انجيئر عبدالوھاب سھتو



پل؛ پليءَ کان تمام وڏو، پَلي وري گُندَ کان وڏي ٿيندي آھي. گُندُ وري گُنديءَ کان به اڃا وڏو ٿيندو آھي. ان سانڍڻ جو گدام. پل ٻڌڻ؛ ڪاميابي ماڻڻ.

ھَرِ؛ ھري، رام، پرڀو، ڌڻي، مالڪ.

مَلَ جي ريخته اندر معنيٰ؛ بھادر، شجاع يا سورمو آھي.

ھَرُ؛ اھو اوزار جنھن سان ٻني کيڙبي آھي.

Saturday, August 13, 2022

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ - علي محمد لغاري

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ. (اصطلاح/ ورجيس)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھونئن ته اھو مٿيون فقرو، اردوءَ ٻوليءَ کان علاوھ سنڌي سنڌي زبان پڻ، اصطلاح/ ورجيس طور ڪتب ايندو آھي.

محترم سائين Hassan Umed Laghari پنھنجي فيسبڪ ٽائيم وال جي پوسٽ ۾ ”ڌجيون اڏائڻ“ لکيو آھي. پر اھو اصطلاحي/ ورجيسي درست نموني نه ٿو ڏئي. ڇو جو اھو ھڪڙو مصدري فقرو آھي ۽ اصطلاحي/ ورجيسي ناھي. ان جو اصطلاحي/ ورجيسي روپ، جيڪو سنڌيءَ ۾ مستعمل آھي، سو آھي؛ ”ڌَڄِيون اڏائي ڇڏڻ.“