Monday, August 30, 2021

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو، جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو - منظور ڪوھيار

مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،

جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ نه ڏٺو! (لاڙ، چوڻي)

منظور ڪوھيار



ڪالھ صوفي زلف علي سان گڏجي پير پٺي جنهن لاء هڪ ٻي چوڻي/ پهاڪو به مشهور آھي، ته با برڪت پير پٺو؛ هڪ مئو، هڪ ڊٺو!‘، جي درگاه ڏسڻ وياسين. واٽ تي مڪليءَ تان رونق علي قلندري فقير کي به ساڻُ ڪيوسين. پير پٺي جي درگاه هڪ ننڍي ٽڪري جي پٺار تي ٺھيل آهي. ائين پئي لڳو ڄڻ سنڌوءَ جي ڪنهن گم گشته درياهي تڙ جو حصو هجي. جنهن جي هيٺان وهندڙ سنڌوءَ ۾ ٻيڙن ۽ ٻيڙين جون قطارون لڳيون پيون هجن. هڪڙيون اچن ته ٻيون وڃن پيون.

Saturday, August 28, 2021

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي.

سڄڻ سو، جو آئيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)

ترتيب و تدوين: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



هڪڙي ھمراھ، ڇيلي جي گوشت مان ڀت جون ٻه ديڳيون تيار ڪرايون. ڀاءُ کي چيائين؛ ”ادا! وڃ! ڳوٺ ۾ جيڪي پنھنجا مائٽ ۽ دوست آھن، تن کي سڏ ڏئي اچ ته ڀت کائي وڃن.“

ڀاڻس، گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ وڏي واڪ سڏ ٻڌائيندو ويو؛ ”ادي جي گهر کي باھ لڳي آهي. جلدي مدد لاءِ پھچو.“

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي

ڪِريي کي، سڀڪو لتاڙي. (لاڙ، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



رش يا ڀيڙ ۾، جڏھن لتڙ ٿيندي آھي ته ڪِرڻ جو انديشو ضرور ھوندو آھي. اتي پاڻُ، چڱيءَ طرح سنڀالڻو ھوندو آھي. اگر ڪير ڪريو ته ان کي ٻيو ان ڪري به ھٿ نه وجھندو جو متان پويان ايندڙ انبوھ جي ڌڪن ٿيلھن ۾ پاڻ به ڪري پوي. پوءِ انھن جي لتڙ ھيٺ اچي وڃي.

Tuesday, August 24, 2021

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور

ضد ۾ وڏيرو، گڏھ کان به زور. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دنيا اندر، ٽن ڄڻن جا ضد مشھور آھن. ھڪڙو بادشاھ، ٻيو ٻار ٽيون عورت.

انھن لاءِ ٿري چوڻي آھي؛

بادشاھ ھٺ، ٻاريه ھٺ، ناريءَ ھٺ؛ ڪڏھن نه ھَٽُ. (ٿر، چوڻي)

ان جي تشريح ۾ جيڪا ڄاڻ ملي سا آھي: ۱. بادشاھ جنھن ھوڏ تي چڙھي، مور نه لھي. سندس حڪم مڃيو ويندو ۽ مٿس بادشاھي خزاني مان خطير رقم سان خرچ پڻ ڪيو ويندو آھي. ۲. ٻار جنھن ريچڪ تي چڙھي، ان تان آتارئي به نه لھي. جيستائين ان جو اھو رانگو پورو نه ٿيندو تيستائين پيو روئندو ۽ رينگندو. جڏھن ھوڏ پوري ٿيندس پوءِ ماني کائيندو، ور نه ته بک تي ستو پيو ھوندو. ۳. رن جڏھن رانگي تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجهي پر رانگي تان نه لھي.

Sunday, August 15, 2021

جتي ھوندو به ڪين اتان ايندو به ڪين - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جتي ھوندو به ڪين، اتان ايندو به ڪين. (چوڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي شخص، ھڪڙو گھر خريد ڪيو. منجھس ڦلدار باغ پڻ ھيو. پاڙي وارو گھر پراڻو ھيو، جنھن ۾ گھڻا ڀاتي رھندا ھيا. ٿورن ڏھاڙن کان پوءِ ھن ڏٺو ته پاڙي واري گھر مان ڪنھن گھر ڀاتيءَ ڪچري جي بالٽي ڀري، سندس گھر دروازي تي اچي اڇلي.

شام ڌاري ھن وڃي ھڪڙي بالٽي خريد ڪئي. منجھس تازا ميوا وڌائين ۽ انھيءَ گھر جي در جي وڃي گھنٽي وڄايائين.

Monday, August 9, 2021

ورھ کري واءُ ڪري، ٻني کري اڪ ڪري، ماڻھو کري بڪ ڪري

ورھ کري، واءُ ڪري،

ٻني کري، اڪ ڪري،

ماڻھو کري، بڪ ڪري.

(چوڻي، ڪانڊيرو جت، ڍورو)



انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھمسفر گاڏھيءَ فيسبڪ ٽائيم وال تي ھڪ پوست ھن عنوان سان رکي آھي؛

”لوڪ ڏاهپ جو ڀنڊار، ڍوري واسي. ڪاڪو ڪانڊيرو جت چوندو ھو: ’ورھ کري واءُ ڪري، ٻني کري اڪ ڪري، ماڻھو کري بڪ ڪري.‘ ٻوليءَ جا ڄاڻو/ماھر، انھيءَ چوڻيءَ جي تشريح ڪيئن ڪندا؟ (حوالو: الھبچايو جمالي)“

ان جي وضاحت لاءِ، مٿي ڄاڻايل ٽنھي فقرن جي ڇنڊ ڇاڻ، علحده علحده ڪجي ٿي. جطڪا ھيٺينءَ طرح سان آھي: