Sunday, May 27, 2018

ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي - نصير سومرو


ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي
ڀت وڇوٽيءَ جو اهڃاڻ
نصير سومرو
چوندا آهن؛ ”ڀتين کي به ڪن آهن.“
ڀتيون ڪيترن ئي قسمن جون آهن: گاري ۽ سِرن مان ٺهيل ڀتيون به آهن، ته فيس بوڪ واريون ورچوئل والز، يا ڊجيٽل ڀتيون به آهن، ۽ گڏوگڏ اهڃاڻي ڀتيون به آهن، جيڪي رازداريءَ جون ڳالهيون ٻڌي وٺنديون آهن.
تاريخي ڀت، ”چين جي عظيم ڀت“ آهي، جيڪا دشمنن کان بچڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي. ستين صدي (ق م) ڌاري چين ۾ اترين طرف کان جنگجو قبيلا اچي حملي آور ٿيندا هئا. انهن حملن جي آزار کان بچڻ لاءِ ڀتيون ٺاهيون ويون. آخر ۾ مختلف ڀتين کي هڪ ديو قامت ڀت جي شڪل ڏني ويئي.

Friday, May 25, 2018

سُگهڙن، مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن جي اهميت - عتيق ملاح


سُگهڙن، مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن جي اهميت
عتيق ملاح
جي ڳوٺن مان ڪچهريون موڪلائي ويون آهن. ماضيءَ ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ ٿيندڙ رهاڻن ۾ پيار، محبت ۽ امن جون ڳالهيون ٿينديون هيون. پر هاڻ انهن اوطاقن جي اهميت کي جهڪو ڪري جاگيردارن ۽ سردارن اوطاقن کي پنهنجي سرداري ۽ جاگيرداري جو ڏهڪاءُ برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سماج اندر بيچيني پکڙيل آهي ۽ امن وارو ماحول تباهه ٿي ويو آھي. اهي اوطاقون، جتي اصلاح ۽ تربيت ٿيندي هئي، اتي اڄ رڳو سازشن ۽ ٻين جون خرابيون جاچڻ وارو ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو. اهو سنڌ جو لوڪ ادب ئي ھيو، جنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ مچ ڪچهرين ۽ اوطاقن تي سُگهڙ پنهنجي فن ذريعي سماج کي سٺو پيغام ڏيندي نظر ايندا هئا. سنڌ جو لوڪ ادب جنهن ۾ امن، پيار ۽ محبت سمايل آهي، اهو هاڻ گهٽجندو پيو وڃي. موجوده دور ۾ سنڌ جي لوڪ ادب تي ايترو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. جنهن جي نتيجي ۾، سنڌ جي ثقافت جي رنگن سان مالا مال هيءُ ادب، هاڻ ڪجهه سُگهڙن تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ اهي سُگهڙ پنهنجي وس آهر لوڪ ادب کي بچائيندا پيا اچن.

ٻڌيءَ کي اگھ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ٻڌيءَ کي اگھ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
فروٽ وڪڻندڙ کان انگورن جو اگهه پڇيم.
”صاحب! ٻه سؤ روپيه ڪلو.“
انگورن جي ڇڳي آڏو ڪجھه داڻا، الڳ الڳ پيا هئا، تن جو اگهه پڇيم. ٻڌايائين؛ ”اسي روپيه ڪلو.“
حيرانگيءَ سان ڏسڻ تي، وضاحت ڪندي ٻڌايائين؛ ”صاحب! هيءُ داڻا ڇڳي مان ٽٽي، الڳ الڳ ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري، هنن جي قيمت گهٽ آهي.“
مطلب؛
·      مٽي پاڻ ۾ ملي وڃي ته سر ٺهي ويندي. سرون پاڻ ۾ ملي وڃن ته ديوار ٺھي ويندي. اگر ديوارون پاڻ ۾ ترتيب سان ملي وڃن ته تعميرات ٿي پوي.
·      سڀ گڏجي پئون ته ھر ھڪ جي قيمت وڌي وڃي.
·      ڇڙ ڇڙ گابڙا ۽ اڪيلڙا ٿيڻ سان، قيمت گھٽجي ويندي ۽ قدر نه رھندو.
·      گڏجي رھڻ سان بيجان شين جو اگھ به وڌي ٿو.
·      ٻڌيءَ سان جهان ئي جنت ٿي پوندو.
·      ويڇا وساري، نيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي.