Sunday, April 26, 2020

ڪيڏانھن منھن مريم جو، ڪيڏانھن ٽنڊو الھيار


ڪيڏانھن منھن مريم جو، ڪيڏانھن ٽنڊو الھيار
خليل کوسي جي پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل ڪتاب جو تعارف
گل حسن لاکو
پھاڪا؛ لوڪ ادب جي لساني ۽ ادبي تحقيق آھن.
پھاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ محاورا؛ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن ۽ حسناڪي آهن.
پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون؛ سنڌي ادب ۾ لوڪ ڏاهپ جو اھم علمي ادبي ذخيرو آھن. جنھن کي سانڍي، سنڌ جي سڄاڻ اديبن، سنڌ جي لوڪ ڏاهپ کي محفوظ ۽ مٿانھون ڪيو آھي.

Monday, April 20, 2020

نانگلي ٿي چوي؛ مون کي کير سان کائو.

نانگلي ٿي چوي؛ مون کي کير سان کائو. 
(لاڙ، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نانگليءَ لاءِ، ڪوڙومل چندمل کلڻاڻيءَ، پنھنجي پھاڪن واري ڪتاب، ’آواز اخلاق عرف سنڌي پھاڪا‘ منجھ ٻي چوڻي پڻ آندي آھي؛
”نانگلي (ان جو قسم)؛ نه پرڻي ڪم اچي، نه مرڻي ڪم اچي.“
البته اھڙن سادن/ اڻڀن/ گسن انن/اناجن لاءِ اسان وٽ ٻه چوڻيون ان طرح سان مروج آھن.
۱ . نانگلي ڪم اچي؛ نه پرڻي، نه مرڻي.
۲ . جواري ڀت چڱو؛ نه پرڻي، نه مرڻي.
جوئر ايترو ته اڻڀو ۽ رس چوسيندڙ آھي جو ان لاءِ چوڻي آھي؛
”ناھي جوئر جوءِ ۾ جو رھو ٿو رانديون ڪري.“

Tuesday, April 14, 2020

ساھوارن سان تعلق رکندڙ اصطلاح


ساھوارن سان تعلق رکندڙ اصطلاح
(پکي، جانور، جيت، کاڌخوراڪ جون شيون ۽ وڻ ٽڻ)
سنڌي زبان جي محسن شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ کي ڊاڪٽر دائود پوٽي نهايت ئي عمدي نموني ۾ هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي؛ ’هي سنڌي ساهت جي آسمان جو چمڪندڙ ستارو‘ نظم ۽ نثر جو مالڪ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ تي غروب ٿي ويو. سندس وفات ڪري سنڌي علم و ادب کي سخت صدمو پهتو آهي. هن ڀلي شخص پنهنجي ساري حياتي علمي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، ۽ پڇاڙيءَ تائين قلم هٿ مان نه ڇڏيائين. سنڌي ساهت جي ترقيءَ لاءِ جيڪا جفاڪشي ڪئي اٿس سا اڄ تائين ٻئي ڪنهن کان نه ٿي آهي.“

Sunday, April 12, 2020

انساني عضون جي نالن تي مشتمل اصطلاح


انساني عضون جي نالن تي مشتمل اصطلاح
تحقيق و تاليف: نعيمہ جمعہ تيجاڻي
ترتيب و تدوين: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
موقعي مھل ۽ مناسب/ سھائيندڙ اکرن جي استعمال سان، نه صرف خيال اثرائتي نموني ۾ بيان ٿي سگھن ٿا، پر گڏوگڏ طرز تحرير ۾ ھڪ قسم جي جان پيدا ٿي پوي ٿي. اديب، اھو ڪاريگر آھي، جو زندگيءَ جي حقيقتن کي لفظن جو سھڻو ۽ ٺھڪندڙ لباس پھرائي ٿو. اھڙي ڪاريگري، ٻوليءَ جي صحيح ڄاڻ کان سواءِ حاصل ڪرڻ ناممڪن آھي. تڏھن چئبو ته لکڻ جو شوق رکندڙ لاءِ ضروري آھي ته پھاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جي صحيح معنيٰ ۽ استعمال جي ڄاڻ حاصل ڪري. سر والٽر اسڪاٽ جي انگريزيءَ ۾ لکيل ناول ٽئلسمين جو سنڌي ترجمو طلسم جي نالي سان ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ڪيو آھي. ڀيرومل صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو ھو. ھن سنڌي اصطلاحن، ۽ پھاڪن جا ڪتاب به تصنيف ڪيا آھن. سندس ترجمو سنڌي اصطلاحن، چوڻين ۽ پھاڪن سان جنجھيو پيو آھي. لکڻ جي خواھشمندن کي ھن ڪتاب جو چڱيءَ پر مطالعو ڪرڻ گھرجي.