Monday, January 31, 2011

ڏوهيڙي جي صورت ۾ سنڌي پھاڪا- عبدالحسين موسوي

ڏوهيڙي جي صورت ۾ سنڌي پھاڪا

عبدالحسين موسوي


اسان سڳنڌ جي پھرئين ڀاڱي ۾ لکي چڪا آهيون ته نه رڳو پروليون ۽ ڳجهارتون ڏوهيڙن ۾ چيون ويون آهن، پر بي معنى ٻاراڻيون تڪ بنديون به ڏوهيڙن جي صورت ۾ چيون ويون آهن. اڃا به وڌيڪ کوجنا ڪندي، معلوم ٿيو آهي ته سنڌي پھاڪن جو ڳچ حصو پڻ ڏوهيڙن ۾ چيل آهي.

مثلاً:
*      سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي، چڱا ائين چون،
پَرِ اها پرَ پيرل چوي، ڪي ٿا رند رکن.
*      عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
*      ماءُ سا ماءُ، باقي ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،
اهڙو لڳو واءُ، جو پنھنجا به پراوا ٿيا.
*      ماءُ مھاڻي، پيءُ دوراني،
پُٽُ پَٽَ جو پيٽيو، ڌيءُ ڏاس جي تاني.

مطلب ته جيڪڏهن ويھي باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته سنڌي پھاڪن ۾ اهڙا سوين نه، بلڪ هزارين پھاڪا ملندا جيڪي ڏوهيڙن ۾ چيل آهن. سنڌي پھاڪا به اڻ کٽ آهن، پر ارمان آهي جو ڪنھن به سنڌيءَ اديب انھن کي لکت جي مالھا ۾ پوئڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. البت ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جي ڪوشش ۽ ڪاوش کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. هيءُ ئي پھريون صاحب آهي جنھن سنڌي پھاڪن کي گڏ ڪري گلشڪر ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو پر گهڻو ڪجهه رهجي ويو ۽ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته اها مھم اهڙي آهي جنھن کي سر ڪرڻ اهڙو ڪٺن ڪم آهي جھڙو ايوريسٽ چوٽيءَ کي پھچڻ. اسان کي جيتوڻيڪ پنھنجي بي بضاعتيءَ جو احساس آهي، پر اهڙي ذخيره کي نظر انداز ڪرڻ بلڪل نامناسب ٿيندو. تنھنڪري ڪجهه جناب آڏواڻي صاحب جي ڪتاب گل شڪر مان ۽ ڪجهه ٻاهران، ڏوهيڙن جي تتبع تي چيل، سنڌي پھاڪا چونڊي معنى ۽ مطلب سميت پيش ڪريون ٿا.

متن
1. آپ نه پالي، پالي ڏوُن،
ڇوڪر ڄائو، ڏکان ڏوُن.
ڪنھن جتڪي گهر ۾ هڪڙو جوان مڙس هو، جيڪو نڪمو رلندو پنندو وتندو هو. کيس جڏهن پٽ ڄائو، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. اهو ڏسي گهر جي هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال، کيس مھڻي طور چيو؛ ”تون خوش ٿيو آهين پر تنھنجا حال اُهي جو پاڻُ نه ٿو پالين سو ٻين کي ڪٿان پاليندين؟ ڇوڪر ڄائو ته آهي پر خوشيءَ بدران تنھنجا ڏک ڏُون/ ڏوڻا ٿيا/ وڌي ويا.“
مطلب:
1.1 پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
1.2 آپ نه پالي، پالي ڏون،
ڇوڪر ڄائو، ڏکان نون.
2. آڌا چوُڙا، آڌا ٻورا،
مال ڪوڙا، مراد پوُرا.
ڪنھن مائيءَ پنھنجي ٻانھينءَ لاءِ عاج جي ڳٽي، پنھنجي آڏو ويٺي چيرائي. چوڙيگر دستور موجب، ڳٽيءَ جا ڇوڏا لاٿا ۽ پوءِ ويٺو ٻانھين چيرڻ. هڪ هڪ چوڙي چيرجڻ کان اڳ، ٻورو تمام گهڻو پئي نڪتو. مالڪياڻي اھو نقصان ڏسي رھي نه سگھي. يڪدم چوڙيگر کي چيائين؛ ”ڏس ته هيتري ٻوري نڪرڻ ڪري ڪيترو نه عاج زيان ٿو ٿئي.“
چوڙيگر تنھن تي سمجھائيندي چيس؛ ”آڌا چورا آڌا ٻورا، مال ڪوڙا ته به مراد پورا.“
مطلب:
2.1 عاج جي ڳٽيءَ مان، اڌ نڪري چوڙو، اڌ نڪري ٻورو، مال سڄو ڪوڙو آهي. پر پائيندڙ جي مراد پوري ٿي ٿئي.
2.2 ٻانھين پائڻ پئسي جو زيان آهي.
3. آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن،
سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات. (چوڻي)
- آرهڙ: مئي ۽ جون جا مهينا. منجهن سخت گرمي ۽ ڪاڙهو ٿئي. ڏينهن ڏاڍو تپي. خاص طور تي منجهند ڌاري ڌرتي ٽامڻي هڻي وڃي. ڪاڙهي دوران، ٻاهر نڪرڻ عذاب بڻجيو وڃي.
- سانوڻ جو مينهن: سانوڻ جي مهيني ۾، يعني جولاءِ / آگسٽ ڌاري، مينهن جي وسڻ جي ڀرپور مُند هوندي آهي. جتي ڪٿي هڪ-ڪَرو ۽ گهاٽو مينهن پوندو آهي. جڏهن جهور ٻڌي بيهندو آهي ته بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. ان وقت به ٻاهر نڪرڻ وڏي ويڌن وارو ڪم ٿي پوندو آهي.
- سياري ۾ آڌي رات ڌاري، سيءُ ڏاڍو پوندو آهي. خاص طور تي ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾، اڌ رات کانپوءِ ماڪ ۽ پارا پوندا آهن. لُريون لڳنديون آهن. ٻاهر نڪرڻ واري جا ڳچَ ئي ڳاري ڇڏينديون آهن.
مطلب:
3.1 آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن گهرن ۾ ٺهيل پُئيون، موريزون ۽ سنڊاس، مرد استعمال نه ڪندا هئا ۽ انساني تقاضا لاءِ جهنگ ڏانهن وڃڻ به ضروري هوندو هيو، تڏهن مٿي ڄاڻايل ٽئي ويلا ڏاڍا اهنجا لڳندا هئا.
3.2 مصيبت واري مهل ۾، شل نه ڪو ٻاهر نڪرڻ جهڙو ڪم اٽڪي.
3.3 ڪمھلو ڪم، هميشہ تڪليف ده ٿيندو آهي.
3.4 مٿي ڄاڻايل ٽاڻا، ٽوري تان ئي ارواح کڻائي ڇڏيندا آھن.
4. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي،
وڃي چؤ امڙ کي؛ ”آءٌ به گهڻن کي گڏي.“
آنڌ ۽ مانڌ؛ نڻان ۽ ڏيرياڻيءَ جا نالا.
هڪڙي ڪاڻي ڇوڪريءَ کي سندس مائٽن پرڻايو، پر ماڻس کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته هن کي ساهرين گهر ”ڪاڻي، ڪاڻي“ ڪري نه چيڙائين. ڇوڪري ساهري گهر پھتي ته اتي وري سندس نڻان ۽ ڏيرياڻيءَ جي اک ۾ راڻ-ڪاڻ ھئي. اهو ته ٺھيو پر ساهري در تي جيڪا ڍڳي بيٺي هئي سا به ڪاڻي ھئي. هيءُ حال ڏسي، ڇوڪريءَ ماءُ جي دل کي ڌيرج ڏيڻ لاءِ، نياپي طور، پنھنجي ڪنھن پيڪي پھر هٿان چوائي موڪليو؛ ”آنڌ به ڪاڻي مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي، وڃي چؤ امڙ کي آ به گھڻن کي گڏي.“
مطلب:
4.1 جھڙي ڇالي، تھڙي پني.
4.2 جھڙا روح، تھڙا ختما.
5. آهاري، وھنواري، ٽيون گهوٽ مھاري،
لڄا ڪيائين هڪواري، سمجهو ته ان هاري.
لڄ ڪرڻ چڱي شيءِ آهي، پر ٽن ڳالھين ۾ جيڪڏھن حياءُ ۽ حجاب کان ڪم ورتو ويو ته نقصان آهي. جيڪڏهن ڪنھن شخص، مھمان ٿي وڃڻ کان پوءِ کاڌي کائڻ ۾ شرمايو ته بک ۾ بي حال ٿيڻو پوندس. جيڪڏھن ڏيتيءَ ليتيءَ وقت، اگهه پاگهه يا پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ٻولهه ۾، شرم کان ڪم ورتائين ته ڏيوالي جا ڏک ڏسڻا پوندس. جيڪڏھن شاديءَ جي پھرين رات، زال آڏو حجاب کي همراه ڪيائين ته سمجهو؛ هارايائين. شرمائڻ سان زال نامرد سمجھي نفرت ڪندي. زال جي زندگي ته برباد ٿيندي پر اولاد نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي به ڪچائي ٿي پوندي.
مطلب:
5.1 لڄ به، لڄ واري جاءِ تي ڪجي.
6. اتم کيتي، وڌنت واپار،
نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
کيتيءَ جھڙو عزت ۽ حلال واروڌنڌو بيو ڪونھي. ان جي برعڪس، واپار ۾ ڪمائي ۽ ڏيھاڙي پئسي جي آوت جاوت ججھي آھي پر منجھس رولھڙا به آھن. ان جي ڀيٽ ۽ نوڪريءَ اندر مھيني تي چار پئسڙا ته ھڪيا مليو وڃن پر منجھس رولھڙا پڻ آھن انھن کان علاوھ وڏي ڳالھ اھا آھي ته نوڪريءَ منجھ نيچ ٿيڻو ٿو پوي.
مطلب:
6.1 اپت کيتي، وڌي واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
7. اٺان ۽ مينهان دا ڪيها ميلا،
اوه چرن پَٽ/ ڊڀ، اوه چرن ٻيلا. (پهاڪو)
اٺ ۽ مينهن، جيتوڻيڪ کير ڏيندڙ، حلال ۽ پالتو جانور آهن، تڏهن به اٺن جا گَلا ۽ مينھن جا وَڳَ، گڏ ڪين چرن. ڇو جو ٻئي فطرتًا الڳ مزاج جا آهن. اٺ کي کائڻ لاءِ لاڻا ۽ ليون گهرجن، بر ۽ صحرا جي خشڪيءَ تي هفتن جا هفتا بنا ڪنهن کاڌي پيتي جي پيو هلندو. سرديءَ گرميءَ جي پرواهه نه هوندس. بار ڍوئڻ ۽ چڙهڻ جي پڻ ڪم اچي.
مينهن ڍءُ ته جهلي پر بک جهلي نه سگهي. گرميءَ ۾ اوسي-وتيءَ کي رڳو جالارو پاڻي کپي، جنهن ۾ پهرن جا پهر پُسي پئي هجي. نازڪ اهڙي جو مڇر جو چڪ نه سهي سگهي. کائڻ لاءِ گاهه يا کڙ ڪتر جي ڀريل آهر ويلي تي کپيس. پاڻي به پيئڻ لاءِ جام کپيس. نه وزن مٿانئس رکي کڻي هلي سگهبو ۽ نه ئي وري سواريءَ جي ڪتب اچي. وک ۾ اٺ جي ڀيٽ ۾ ڍري ۽ ڳؤري باري. اٺ جي وک تکي ۽ تيز. ٻنهي جو جوڙ جس ٿي ئي نه ٿو سگهي.
مطلب:
7.1 ناجنس جي، غير جنس سان محبت نه ٿي سگهندي.
7.2 هم جنس با هم جنس کرد پرواز، کبوتر با کبوتر باز با باز.
7.3 هر جنس، پنهنجي جنس گڏجي اڏامي، ڪبوتر ڪبوتر سان ۽ باز باز سان.
7.4 جيسي جيسيءَ کي سَوَ ڪوهه تي ڳولهي لهي.
7.5 چنڊو چنڊي کي سوَ ڪوهه تان به ڳولهي اچي ملي.
7.6 ڪتو به ڪڙم سان گڏ رهي.
7.7 غير جنس ۽ متضاد طبع سان جيڪڏهن سنگت ٿي ويئي ته ساڻس گذارو ٿيڻ مشڪل آهي.
8. اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت،
اٺ جي لاهيءَ کي به لعنت. (پهاڪو)
۱. اٺ، هڪڙو ڊگهو ۽ بيڊولو وهٽ آهي. لاهيءَ چاڙهي تان جڏهن لهندو چڙهندو آهي، تڏهن مٿس ويٺل سوار کي ڏاڍي اهنجائي محسوس ٿيندي آهي. خاص طور تي ٿر جي علائقي ۾، جتي اٺ جي سواريءَ کانسواءِ ٻي سواري ڏکي هلي. مجبورًا اٺ تي سواري ڪرڻي پوي. اتي جڏهن اٺ ڀٽن تان لھندو چڙھندو آھي، تڏھن سوار سک ۾ نه هوندو آهي.
۲. اٺ تان لھڻ ۽ چڙھڻ پڻ ڏکيو آھي. لھڻ لاءِ کيس ھشائبو آھي ته سوار اڳ-ڀرو ڪرڻ وارو ٿي پوندو آھي. ويٺل اٺ تي چڙھي، جڏھن کيس اٿاربو آھي، تڏھن پڻ سوار کي وري به مظبوطيءَ سان پاڻ سنڀالڻو پوندو آھي. ٻي ءَ صورت ۾ ھيٺ وڃي ڦھڪو ڪندو.
مطلب:
8.1 لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني، اٺ جي لاهيءَ چاڙهيءَ وانگي، دکدائک آهن.
9. اٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي،
اٺ جي وات ۾ کنڊ وجهه ته به رڙي. (پهاڪو)
رڙي: رڙندو وتي، رڙيون ڪري، رنڀي، رنڀندو وتي.
اٺ وڏو قدآور ۽ بار ڍوئڻ جي لحاظ کان مضبوط وھٽ آهي. تڏهن به مٿس جيڪڏهن بار لڏبو ته به بيٺو رڙندو پر جيڪڏهن لاهبس ته به فطرتًا پيو رنڀندو. لوڻ وات ۾ وجهبس ته به پيو رڙندو ۽ جيڪڏهن کنڊ وجهبس ته به عادتًا پيو گوڙيون ڏيندو. پنهنجي انهيءَ جبلتي ڪيفيت جو مظاهرو پتڻ تي، ٻيڙي ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت وڏو ڪندو آهي. جيستائين باقاعدي ڪٽڪو نه کائي، تيستائين شرافت سان ٻيڙيءَ ۾ اصل نه چڙهي. اٺ ويچارو هر معاملي ۾، رنڀڻ ۽ رڙڻ لاءِ، عادت کان مجبور آهي.
مطلب:
9.1 بڇڙي سان چڱائي ۽ سٺائي، هڪجهڙيون آهن.
9.2 اٺ جي وات ۾ لوڻ وجهبو ته به کيس سواد نه ايندو، کنڊ وجهبس ته به کيس مٺاس نه ايندو.
9.3 لچ سان دشمني رک ته به نقصان، سنگت رک ته ويتر نقصان.
9.4 لچ سان سنگت ۽ ڪتي سان ياري ساڳي ڳالھ. ريجھي ته چٽي ٻوٿ، ڪاوڙجي ته پٽي ڄنگھ.
9.5 ڪتي جي ياريءَ مان، ٻه ڏک؛ ڏمريو ته ڏهڙييندو پير، ريڌو ته لڪيندو ٻوٿ.
10. اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (چوڻي)
۱. اٺ سائو گاهه وغيره اهڙي چاهه سان نه کائي جهڙي سان، اڪڙ ۽ جنجهڻ، لئيون ۽ لاڻا کائي. جڏهن ته اهي ٻوٽا ٻين جانورن کي ايترو نه وڻن جيترو اٺ کي وڻن. سندس وات ۽ پيٽ پڻ وڏا آهن، جن کي ڀرڻ لاءِ اهڙا اڻانگا گاھ کيس خوراڪ طور مرغوب آهن.
۲. گهوڙي کي ڊوڙڻ لاءِ سَگهه واڌو کپي. واڌو سگهه لاءِ کيس خوراڪ گهرجي. سندس محبوب ۽ سگهه پيدا ڪندڙ خوراڪ؛ داڻو آهي. جيستائين کيس داڻو ملندو رهندو، تيستائين مستيءَ ۾ رهندو ۽ پٽ تي ڇڏڻ سان گهڻو ڊوڙندو.
۳. مرد به گهر ۾ ويهي رهڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آهي، بلڪ گهران ٻاهر نڪري ڪمائڻ خرچڻ لاءِ آيو آهي. اهو جيستائين ڌن دولت هٿ ۾ کڻي سيڙائيندو نه، ته ڪمائيندو به نه. جيڪڏهن ڪمائي نه ايندو ته، نه گهر جو ڪاروبار هلندو ۽ نه ئي گهر وارن کي وڻندو.
۴. محبوب جي سونهن کي وڌائڻ واري شيءِ، سندس ماڻا آهن. حسن سان رعنائي يا ناز نخرو شامل نه هوندو ته محبوب پنهنجي محبوبيت واري خوبي ضايع ڪري ڇڏيندو.
مطلب:
10.1 اٺ ۽ گهوڙي، مرد ۽ محبوب کي، مرغوب ۽ سگهه بخشيندڙ، لاڻو ۽ داڻو، ناڻو ۽ ماڻو آهن.
10.2 لاڻي سان اٺ مست ٿئي ٿو، داڻي سان گھوڙو طاقتور ٿئي ٿو، ناڻي سان مرد جو شان وڌي ٿو ۽ ناز نخري سان محبوب جو اگھ پڻ وڌي ٿو.
11. اَٺين آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي،
ڪري پيئي کوهه ۾، ٻه روپيا ڪڍاڻي.
پڳڙي، مڙس جو شان آھي. اھا جڏھن ٻڌڻ جي عمر ٿيندي آھي ته ان جي شروعات چئن چڱن کي گھرائي ڪئي ويندي آھي. چار چڱا جڏھن پڳ ٻڌائيندا آھن ته ان پڳ جي عزت به وڌي ويندي آھي. پڳ جي ور ڏيارڻ لاءِ جڏھن چار چڱا گھرائبا آھن تڏھن انھن جي شان آھر اھتمام پڻ ڪبو آھي. تنبو طولان ته ھڻبا آھن پر ڀت ٻاٽ پڻ ڪبو آھي. بظاھر ڪپڙي جي سستي پڳ، ٻڌڻ مھل خرچ پنھنجي قيمت کان واڌو کائيندي آھي،
جڏھن ڪو بڇڙو يا ڪڌو ڪم ڪرڻ سان اھا پڳ ھڪ دفعو لھي ويندي آھي ته ڪير به کڻي مٿي تي نه رکندو آھي. اھا پڳ موٽائڻ، تمام گھڻو خرچ کائيندي آھي.
مطلب:
11.1 ٽڪي جي ڪتي، ڇھ پئسا گھلاڻي، ڪري کوھ ۾ ته ٻه آنا ڪڍاڻي.
11.2 ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا ٽڪر کائي.
11.3 ٽڪي ڪي مرغي، ڇھ ٽڪا محصول.
12. ادي ادي اتراڻ،
چي؛ ”مون اھو ئي منو ماڻ“.
ڪنھن عورت کي سيڻڪي گھران، اتراڻ جو ڏڻ ٻين گھرن وانگر نه مليو. تنھنڪري شوڪي ڦوڪي ويٺي ھئي. انھيءَ ڏينھن ھڪڙو ويجھو عزيز وٽس آيو ۽ گھر ۾ ترن جا ڀوڙينڊا ۽ موڙيون ڏسي کانئس پڇيائين؛ ”ادي! اڄ اتراڻ ملھايو اٿيئي؟“
تنھن تي مائيءَ چيس؛ ”اتراڻ ھجي يا ٻيو ڏڻ، اسان کي سيڻڪي گھران گھٽ ملندو آھي.“
سيڻڪي گھران بلڪل گھٽ ڏڻ ملڻ تان، زالون ائين چونديون آھن.
مطلب:
12.1 سيڻڪي گھران ڪجھ نه مليو.
12.2 سڃا ڄاوا سڃ کي، نه دان کي نه پڃ کي.
13. اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گهرجي نه،
اڌارو وٺجي تنهن کان، جيڪو گهري نه. (چوڻي).
اڌارو ڏيئي نه گهرڻ ۽ اڌارو وٺي، گهرڻ لاءِ مجبور نه ڪرڻ؛ ٻئي عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. تنهنڪري پهرين سٽ ته ڪنهن کي اوڌر نه ڏجي. جيڪڏهن ڏجي ته اهڙي سپتيئي کي ڏجي، جيڪو گهرڻ ڌاران پهچائي. وٺڻ مهل اهڙي ڍاول کان وٺجي، جيڪو گهرڻ مهل ڏک نه ڏئي. اهو به آهي ته کيس پاڻ اونو رکي پهچائجي. اهڙيءَ صورت ۾، ڌرين کي گهرڻ جو ضرور ڪٿان رهندو؟
مطلب:
13.1 اوڌر، سپتيئي کي ڏجي ۽ ڍاول کان وٺجي.
13.2 وس ويندي نه اوڌر ڏجي نه وٺجي. جيڪڏهن وٺڻي پوي ته پوءِ به پوءِ-ڍائي کان نه وٺجي. ڏيڻي پوي ته سهائي ڏجي.
13.3 اوڌر محبت جي قئنچي آهي.
13.4 قرض، مرض آهي.
14. اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄيءَ پٺيان ڏوئي،
سو اڌ ته وڃائي پر سڄيءَ ڪاڻ به روئي.
هڪڙي ڪتي کي گوشت جو ٽڪر هٿ آيو، سو وات ۾ وجهي وٺي ڀڳو ته جيئن ٻيو ڪتو نه ڏسي وٺي ته متان جهپڙي وجهي. جيئن ئي ڀڄندو پئي ويو ته آڏو ننڍي نهر اچي وئي، جيڪا ٽپڻي پيس پئي. جڏهن منجهس گهڙيو ته پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس نظر آيس. عڪس جي وات ۾ گوشت جو ٽڪر پڻ هيو. عڪس کي ٻيو ڪتو ۽ سندس وات ۾ پيل گوشت جي ٽڪري کي ٻيو گوشت سمجهي، کانئس ڦرڻ جو خيال ڪيائين. خيال ايندي ئي جيئن وات ڦاڙي مٿس جلهه ڪيائين، تيئن وات وارو گوشت جو ٽڪرو به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس.
۲. ماڻهوءَ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ڳولها ۾ حالات اهڙا اچي بيهندا آهن، جتي کيس ٻن ڳالهين مان هڪ جو انتخاب ڪرڻو هوندو آهي. يا ته نقد جا نَو وٺي يا اوڌر رکائي پوءِ سَوَ وٺي. ڪي ماڻهو لالچ ڪري اوڌر کي پسند ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اها اوڌر رڳو زبان تي ۽ ڪاڳرن ۾ ئي رهجي ويندي آهي، باقي ملڻ لاءِ هڪڙو رپيو به نه ملندو آهي. ان صورت ۾ نقد وارا نَوَ رپيا، وري به نَوَ رپيا هيا.
مطلب:
14.1 لالچ ۾ اچي، ٿورو ڇڏي گهڻي جي پٺيان ڊوڙبو ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
14.2 انسان کي قناعت ڪرڻ گهرجي ۽ ڌڻيءَ جي ڏنل ٿوري تي راضي رهڻ گهرجي. شيطان جي دلبي ۾ اچي گهڻي جي پٺيان نه لڳجي.
14.3 جيڪي گهڻي جي پٺيان ويا، سي موٽيا ئي ڪو نه.
14.4 اڌ ڇڏي جو سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
15. اُکرين ۾ مٿا جي وجهن،
مُهرين کان مور سي نه ڊڄن. (پهاڪو)
اکري: ڪاٺ يا ٺڪر جي پَوري شيءِ، جنهن ۾ اَنّ ڇڙهجي.
مهري: ڪاٺ جي، ٻن مٿن سان، ڊگهي شيءِ جنهن سان اکريءَ ۾ پيل ان ڪُٽجي.
اَنّ، اُکريءَ ۾ پوڻ کان پوءِ، مُهريءَ جي ڌڪن کان نه ڊڄندو آهي ۽ نه ڀڄندو ڀرندو آهي. ڇو جو اکريءَ ۽ مھريءَ جي ساخت اھڙي ھوندي آھي جو منجھس پيل ان کي ڪيڏو به زور سان ڌڪ ھڻجن ته اٽو نه ٿيندو. البته منجھس پيل ڀتر ئي ڀُرندا آھن. اهڙيءَ طرح ڪي مانجهي مڙس، ڏکئي ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن ته پوءِ تڪليف ڏسي پويان پير نه ڪندا آهن.
مطلب:
15.1 هرڻ جي شڪار ڪرڻ وارو، اس ۽ اڃ کان نه ڊڄندو آهي.
15.2 مڇي مارڻ واري کي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ جو خوف نه هوندو آهي.
15.3 راجا کي جنگ جوٽڻ کان پوءِ، ميدان مان ڊڄي ڀڳو ته ملڪ پرائو ٿيو.
15.4 ڌڻيءَ جو ڳولو، زماني جي ڏک ڏاکڙي کان ڊڄندو ته مطلوب کي ڪٿان پهچندو.
15.5 عاشق معشوق مان هٿ نه ڪڍن، توڙي مٿن پٿر وسن.
16. اڳي به هو اَنُ، پوءِ به ٿيو اَنُ،
ڪانو ۽ پَنُ، ويو وچان ئي نڪري.
اها ڳالهه عالم آشڪار آهي، ته پوک جو ٻِجُ، اَنُ ٿيندو آهي. پر اَنَ جي پچڻ تائين، اَنَ کي گهڻين ئي صورتن ۽ حالتن مان لنگهڻو پوندو آهي. مثلاً پھريائين پھريائين سلو اُسرندو، پوءِ تيلو يا ڪانو پڪو ٿيندو. پوءِ ڍڍو ۽ نيسر ٿيندي ۽ آخر اچي اَنُ پچائيندو. لوب، ڳاهه ۽ وائر کان پوءِ اهو ئي اَنُ وڃي رهندو ۽ منجهانئس ڪک ۽ ڪانا، پن ۽ پاڙ جدا ٿي ويندا.
انساني وجود جو به اهڙو معاملو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انساني جسم خاڪ مان ٺھيل آهي. روح جيڪو، ان بوتي يا جسماني پڃري ۾ پيل آهي، سو نور جو هڪ جزو آهي. جڏهين ماڻھو مري ٿو تڏهن روح جنھن عالم مان آيو هو، تنھن ڏانھن موٽي وڃي ٿو. باقي خاڪ جو پتلو، خاڪ سان ملي، خاڪ ٿي وڃي ٿو.
مطلب:
16.1 روح، پھريائين نور هو. سلو جيئن ڪاني، پن ۽ سنگ اسرڻ واريون منزلون طئي ڪري ٿو، تيئن انساني روح پڻ، ٻاراڻي اوستا، جواني ۽ پيري وغيره پوريون ڪري پنھنجي ماڳ تي موٽي ٿو.
16.2 لوڙھ اتي لٽبو، جتان جو ھوندو خمير.
17. انڌ وٺ، منڊ وٺ،
ٽُنڊ وٺ، پر ننڍ وٺ. (چوڻي)
انڌو يا منڊو يا ٽنڊو، ڪم ڪرڻ جي لحاظ کان معذور ۽ ٻين جا محتاج آهن. گهر ۾ وٺي اچبا ته سندن سنڀال لاءِ ٻيا ماڻهو رکڻا پوندا.
۱. جانورن جي بنسبت اهي عيب پڻ خراب آهن. ڏاند، مينهن وغيره اکين کان وڏا ٿين يا ڄنگهه ڀڄي پوين ته عيبدار ٿيو هڪ هنڌ پيا هوندا. نه گاهه چري سگهندا نه ئي ساڳائي سگهندا. ڪاسائيءَ جي ڪم جا تڏهن رهندا، جڏهن سگها يا عمر ۾ ننڍا هجن. ڪراڙي هڏ ۽ روڙهه ماس وارو جانور ڪنهن ڪم جو ناهي.
۲. جيڪڏهن شاديءَ لاءِ عورت وٺڻي آهي ته ڏسي وائسي خاندان مان وٺجي، جيڪا پَرين پُڇين وڻندڙ هجي. اکين کان انڌي يا ڄنگهن کان منڊي يا هٿن کان معذور وس ويندي نه وٺجي. جيڪڏهن ڪنهن لاچاريءَ سبب، مٿي ڄاڻايل عيب واري عورت شاديءَ لاءِ وٺڻ ضروري هجي ته پوءِ ڪم از ڪم جوان هجي ته ٺيڪ آهي. ڇو جو جوان عورت، ٻار ڄڻڻ جي ڪم اچي سگهندي، ڀلي کڻي ان ۾ مٿي ٻڌايل ٻيون معذوريون ھجن. اهو به ضروري ناهي ته جيڪو لَڱُ يا عيب، منجھس آھي سو ٻار ۾ به هجي.
مطلب:
17.1 ڪراڙي سنئين-لڱين ته به بيڪار، نوجوان معذور ته به بھتر.
17.2 پيريءَ جهڙو ڪو عيب ئي ڪونهي.
17.3 جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور، تسڪا ناڻا لي گيا چور.
18. انڌير نگري، چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
ھڪڙو گرو چيلي سميت، ھڪ لڱا انڌير نگريءَ ۾ وڃي لٿو. بک لڳن بزار مان کائڻ لاءِ شيون چڪايائون. جيڪا شيءِ چڪائين تنھنجو اگھ ساڳيو. يعني ھر شيءِ؛ ٽڪي سير!
چيلي سستا مال ڏٺا ته ھرکي پيو. اتان نڪرڻ جي ئي نه ڪري.
گروءَ چيس؛ ”ٻچا! ھتي رھڻ ۾ نيٺ نقصان آھي. ھتان ڀڄي نڪر.“
”سائين ھھڙا سستا مال ڇڏي آ نه ھلندس!“ چيلي نابري واريندي چيس.
گرو کيس ڇڏي پاڻ اتان نڪري ويو.
چيلو به سستا مال کائي، مچي مھوڙ ٿي پيو.
ھڪڙي ڏينھن انھيءَ نگريءَ جي راجا سان ڪنھن ڳالھ ڪئي؛ ”ڍولوءَ جي پٽ مٿان ڀت ڪري پيئي ۽ مري ويو.“
راجا ڪاوڙجي حڪم ڏنو؛ ”يڪدم ڀت کي ڦاھي ڏيو!“
”ڀت کي ڦاسي اچي ڪين سگھندي.“ وزيرن حيرانگي ظاھر ڪندي چيو.
”جنھن رازي اھا ڀت جوڙي ھئي تنھن کي ڦاھيءَ تي چاڙھيو!“ نادري حڪم جاري ٿيو.
رازي کي ڳولي واٺا وٺي آيا. تنھن ھٿ ٻڌي چيو: ”سائين! اوساري کڻڻ مھل گھر-ڌياڻيءَ جا ڳھ ٺھي آيا ھوا. مڻين ۾ خيال ھئڻ سبب ڀت ۾ ڏنگ رھجي ويو.“
”انھيءَ صورت ۾ سوناري کي ڦاسي اچڻ گھرجي.“ راجا اڳيون حڪم منسوخ ڪندي نئون حڪم جاري ڪيو.
سوناري کي حاضر ڪيو ويو. تنھن پنھنجي صفائيءَ ۾ چيو: ”جيئندا قبلا! مون کي مڻيا به مالڪن ڏنا ھيا، تڏھن ھار جوڙيم. نه ته مون کي ڪو ضرور نه ھيو.“
”اھا سڀ بيوقوفي، گھر-ڌڻيءَ جي آھي.“ راجا حڪمنامي جي تجديد ڪندي چيو؛ ”تنھنڪري کيس ڦاھيءَ تي چاڙھيو.“
ڍولوءَ درٻار ۾ حاضر ٿي چيو؛ ”حضور! پٽ به منھنجو مئو، ڦاسي به مان کاوان!“
گھڻيئي پڪاريائين، پر ڪنھن نه ٻڌس.
جڏھن کيس ڦاسي ڏيڻ لاءِ ڳچيءَ ۾ ڳارو وڌائون ته ڳارو ويڪرو ٿي پيو، جنھن مان ڳچي سولائيءَ سان نڪري وئي. اھو لقاءُ ڏسي، راجا حڪم ڏنو؛ ”جنھن کي ڦاھي ٺھڪي اچي، تنھن کي ڏيو.“
سڄي شھر ۾ گروءَ جي چيلي جھڙو سٽر-وٽر ٻيو ڪو نه ھو. تنھنڪري کيس جھلي وٺي آيا. چيلو اوڏي مھل گروءَ جي ڳالھ دل تي آڻي ٻڪَ پاڻين جا روئڻ لڳو.
اتفاقًا گرو به سندس واءُ-سواءُ لھڻ لاءِ، ان ڏينھن موٽيو ھيو، تنھن گرفتار ٿيل ڏسي، کيس اشارو ڪيو. جنھن تي چيلو چوڻ لڳو؛ ”بيشڪ مون کي ڦاسي ڏيو.“
”ھن کي ڇڏيو ۽ مون کي ڦاسي ڏيو.“ مٿئون گرو چوڻ لڳو. ”اڄ اھڙو مھا ڏڻ آھي، جيڪو سوريءَ تي چڙھندو سو اڻ-پڇيو سرڳ ۾ ويندو.“
اھا ڳالھ جڏھن راجا جي ڪنين پيئي. تنھن چيو؛ ”جي ائين آھي ته وچان ئي آ ٿو سوريءَ تي چڙھان.“
راجا ڦاھيءَ تي چڙھيو ته ملڪ تان ڏڃو لٿو.
مطلب:
18.1 انڌير نگري، چؤپٽ راجا، ٽڪي سير ڪڪڙي، ٽڪي سير کاڄا. (سرائڪي)
18.2 انڌ ڌنڌ نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا (لاڙ)
18.3 انڌير نگري، راجا چرٻٽ، نڪا ساھمي نڪو وٽ، ڏي به ٻڪ وٺ به ٻڪ.
18.4 جتي انصاف نه ھوندو، اتي بربادي جلد ايندي.
18.5 ڀلي بري جھان ايڪ سي، تھان نه بسئي جاءِ،
جيون انياءُ-پور مين، بِڪي کَڙُ گُڙُ ايڪي ڀاءِ.
18.6 جتي نياءُ ڪونھي، اتي رڍون سڀ ٻوٿ-ڪاريون، ڪميڻي ۽ اشراف جو تفاوت نه ھوندو. اھڙي ھنڌ يا صحبت کان گوشو ڪجي.
18.7 سبزي يا وکري سستي ۽ کاڄا مھانگو ميوو آهي. ڪٿي اگر ٻئي شيون، ساڳئي اگهه وڪامن ته ان ڳوٺ جو حڪمران چريو ۽ شھر انڌير-گائون سڏبا.
18.8 ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
19. بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي،
سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي. (چوڻي/ پهاڪو)
هڪڙي درويش جي ڀنڊار ۾ روٽيون پڪيون. ڌڻيءَ جي حڪم سان تيوڻ ڪو نه هو. درويش جي هڪڙي ٻالڪي، رُکي روٽي کائڻ کان نھڪر ڪئي. درويش جي چوڻ سان، سندس روٽي لڪائي رکيائون. ڳچ دير کان پوءِ، ٻالڪي کي بک لڳي. تڏهن، ٻيو نه ڏسي، ڦڪو ٿي اها رکي روٽي ڳولهي لڌائين ۽ مٺي سمجهي کاڌائين.
مطلب:
19.1 پيٽ ڀريل کي پلاءُ به اهڙو مزو نه ڏئي، جھڙو بکئي کي بصر، رکي مانيءَ سان ڏئي.
19.2 گهڻيءَ تڪليف بعد، ٿورو سک ملندو ته ان جو قدر ٿيندو.
19.3 ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي، جهڙو بکئي کي رکي روٽي سواد ڏئي.
19.4 ٿڪئي کي رکي روٽي، ڪوفتو آهي.
20. بنج ڪرينگي بنيين، اور ڪرينگي ريس،
بنج ڪيا ٿا ڀٽ ني، سؤ ڪي رهه گئي تيس.
هڪڙي واپاريءَ کي ڪنھن واپار مان ڏاڍو فائدو پيو. هڪڙي ڀٽ اها ڳالهه ٻڌي، وڃي انھيءَ واپار ۾ هٿ گڏيو. اڻ-آزمودگار ھئڻ سبب کيس وڏو يعني ستر سيڪڙو نقصان پيو. سندس اھو نقصان ۽ حالات ڏسي، ھڪڙي سالڪ جي واتان نڪري ويو:
”بنج ڪرينگي بنيين، اور ڪرينگي ريس،
بنج ڪيا ٿا ڀٽ ني، سؤ ڪي رهه گئي تيس.“
مطلب:
20.1 وڻج ڪندا واپاري، ٻيا ڪندا ريس، ڀٽ هڪڙي وڻج ڪيو ته سؤ مان باقي بچيس ٽيھه.
20.2 هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو. ڀٽ جي هڙ به گٺي ۽ لوڪ به پاڻ تي کلايائين.
21. بيوقوف بازار ۾، ساٿي کڻجي نه ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
بيوقوف ماڻھو پنھنجي ڪم-عقليءَ سبب، ٺھيل ڪم ۽ ماحول کي به بگاڙي وجھندو آھي. ان کي ساڻ کڻڻ خطري کان خالي نه ھوندو آھي. پنھنجي بيعزتي ته ڪرائيندو پر سنگت، دوست ۽ جماعت ڻ پڻائيندو.
مطلب:
21.1 بيوقوف ماڻھوءَ سان واسطو رکڻ، نقصان کان خالي ناھي.
22. ٻارنهن ٻوڙي ٻانڀڻي، چوڏهن ٻوڙي چمار،
تون اهڙو ڪامي، ته به گهر ڌوٻيءَ جو ٽار. (چوڻي)
زنا ڪرڻ، قبيح فعل آهي. هر مذهب ان جي مذمت ڪئي آهي. ڇو جو ڪير به ان ڳالهه کي پسند نه ڪندو آهي ته ڪو اچي سندس زال يا ڀيڻ، ماءُ يا ڌيءَ ۾ هٿ وجهي. تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو زنا ڪن ٿا، سي معاشري جي نظرن ۾ ڪري پون ٿا. سندن حالات، دنيا ۾ ته خراب ٿين ٿا پر آخرت واري زندگي به زهر ٿي وڃين ٿي.
ٻانڀڻيءَ/ ٻانڀڻ جي گهر واريءَ سان کينس ڪرڻ وارو ماڻهو، ٻارنهن پيڙهيون نرڳ ۾ ٻوڙائيندو. ٻانڀڻ مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ پيشوائي ڪن ٿا. نيڪ نصيحت جي پرچار ڪن ٿا. معاشري جي ڀلائي ڪندڙ جي گهر ۾ جنهن نگهه وڌي، آخرت ۾ سندس ٻارنهن پيڙھيون لوڙينديون.
چمار/ موچي، محنت ڪري ٿو، پِني نه ٿو. بوٽ ٺاهي ٿو ۽ انهيءَ سان ماڻهن کي وڏي تڪليف کان بچائي ٿو. اهڙو نيڪيءَ جو ڪم، پيٽ قوت جيتري معاوضي تي ڪري ٿو. ٿورو کائي، هو ماڻهن جا پير ڍڪائي ٿو ۽ موذي بلائن کان حفاظت جا اپاءَ وٺرائي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ جي گهر ۾ جيڪو تڪيندو، سو پڪ آخرت ۾ چوڏهن پيڙهيون پُڻائيندو.
ڌوٻي ويچارو ته ڏينهن تتي جو به پاڻيءَ منجهه بيهي لٽا ڌوئي ٿو. جسم تان لٿل لٽو گھر واري يا ماءُ ڌوئي ٿي، يا ڌوٻي ڌوئي ٿو. لٽو صاف ڪري لڱ ڍڪرائڻ نيڪيءَ جا ڪم آھن. ڇو جو صاف لٽي سان، پائڻ واري جو مانُ وڌي ٿو. عبادت شانائتي نموني سان ٿئيس ٿي. جيڪڏهن ڪو ڪريل ماڻهو، اھڙي نيڪي ڪندڙ جي گهر جو به اچي پاسو ڏئي ته پوءِ بهتر اٿس ته وڃي ڍُڪ پاڻيءَ جو ڍڪڻ ۾ پائي، ٻڏي مري.
مطلب:
22.1 زنا، سڀ کان بڇڙو ۽ ڪبيرو گناهه آهي.
22.2 زانيءَ جو ڪڏهن به ٻاڻ/ نشان/ تير نه لڳندو.
22.3 زاني نه مالي، اشتداقي نه خالي.
22.4 زنا ڪار وهيون نه ٿئي ۽ سوير جاڳندڙ، ولهو نه ٿئي.
23. ٻاڻيءَ ٻاڻ سٽايو، باز به سٽون ڏئي،
صاحب سڀن جو هڪڙو، ڏسان ڪئن ڪري.
ھڪ شڪاريءَ ڪنھن پکيءَ جي مارڻ لاءِ، ڪمان ۾ تير وجهي اڇليو. مڄاڻ ڪنھن باز جي به انھيءَ ۾ اک هئي، تنھن به پکيءَ پٺيان سٽ ڏني. هڪ الله وارو هي رنگ ڏسي بيھي رهيو.
چي؛ ”شڪاريءَ جو ڪم، شڪار ڪرڻ تنھن کي به پکي کپي. هوڏانھن باز به بکيو ٿو ڏسجي، تنھن کي به پکي کپي. وري صاحب آهي ديال. مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو. ويچاري پکيءَ جي پٺيان ٻٽيون آفتون پيئون آهن. ان جو به بچاءُ ٿيڻ کپي. ڌڻي مالڪ جھڙو ٻاڻيءَ جو، تھڙو باز جو، تھڙو ئي پکيءَ جو. هاڻ ڏسان ته هن ڳالهه ۾ ڇا ٿو ڪري.“
اهي ڳالھيون ڳڻي پاڻ-مرادو واتان نڪري ويس؛
ٻاڻيءَ ٻاڻ سٽايو، باز به سٽون ڏئي،
صاحب سڀن جو هڪڙو، ڏسان ڪئن ڪري.
مطلب:
23.1 ڪنھن جي.
24. ٻليءَ شير ڪون پڙهايا، شير ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا،
ٻلي وڻ تي چڙھ سر بچايا، شير آکي؛ ”ميڪون چڙھڻ نه سکايا؟“
هڪڙي ٻليءَ، ڪنھن شينھن جي ٻچي کي چنبن هلائڻ جي واٽ سيکاري. شينھن جي ٻچي کي پوءِ دل ۾ آيو ته؛ ”متان ٻلي وڃي سڀني کي ٻڌائي ته هي منھنجو شاگرد آهي.“ تنھن کان پھريائين مٿس چنبا ٿي هلايائين.
ٻلي يڪدم ڊوڙي وڃي ڪنھن وڻ تي ويٺي. شينھن جي ٻچي چيس ته؛ ”ناني وڻ تي چڙهڻ ته مون کي تو سيکاريو ئي ڪو نه.“
ٻليءَ چيس ته؛ ”ٻچا! اِهو علم به جي تو کي سيکاريان ها ته پوءِ تنھنجي چنبي کان اڄ ڪيئن بچان ها!؟“
مطلب:
24.1 چڱائي ڪجي ڄٽَ سان، ڄٽُ ڦيري هڻي پَٽَ سان.
24.2 لچ کي چڱي مت ڏسڻ، پنهنجي جيءَ کي جنجل ۾ گهتڻو آهي.
24.3 بڇڙي کي چڱي مت ڏسڻ، پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ آهي.
24.4 ٻليءَ شينهن پڙهايو، شينهن ڦري ٻليءَ کي کائڻ آيو،
ٻليءَ وڻ تي چڙهي سر بچايو، ”وڻ تي چڙهڻ نه سکايو!“
25. ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ،
نه جيوڻ دا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ.
مٿيئن چوڻيءَ مان موالين ۽ ڀنگوڙن جي ڀنگ جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو مطلب ڪونه ٿو نڪري. موالي جڏهن ڀنگ پي ڀڙ ٿيندا آهن ۽ موج ۽ مستيءَ ۾ ايندا آهن، تڏهين ڀنگ جي ساراھ سان گڏ، پاڻ ڀانئڻ بابت دم-زنيون به هڻندا آهن ۽ ڀنگ کي ايڏي اهميت ڏيندا آهن.
چوندا آھن؛ ڀنگ خود هڪ جدا گانه سلطنت آهي يا اڃا ان کان وڌيڪ ڄڻ ڪا هيرن ۽ موتين جي کاڻ آهي. ان جي پيالي پيئڻ سان سڀ غم ائين غلط ٿيو وڃن جو نه جيئڻ جو آسرو رهي ۽ نه مرڻ جو الڪو. جيئن ته خمار جي بي خبريءَ ۾ ڪنھن به شيءِ جو سڌ سماءُ نه ٿو رهي، تنھنڪري ان وقت جيئڻ ۽ مرڻ هڪ-جھڙو ٿو لڳي.
مطلب:
25.1 جنھن جو نشي ۽ جوئا سان چاھ، تنھن جو آسرو ئي لاھ.
26. ڀنگي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار،
ماري متھرن سان، ڌڙ ڪيائون ڌار،
پيئي لوڪ پچار، ته پڙ ڀنگين کٽيو.
صوفي: جيڪو ڀنگ نه پيئي
متھرو: ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو.
هن مان فقط موالين جي لاف زني ظاهر ٿي ٿئي. ڀنگ جي نشي ۾ جڏهين مست ٿي موج ۾ ايندا آهن، تڏهين پاڻ کي اهڙو بھادر سمجهندا آهن جو جيڪر ٻه ڀنگي ڀائر، جڏهين ڀنگ پي ڀڙ ٿين ته ستن هزار صوفين سان اهڙو منھن ڏيئي مقابلو ڪن جو يا ته اهي مارجي وڃن يا ڀڄي جنگ جو ميدان ڇڏي، ڀنگ ڀائن لاءِ خالي ڪري وڃن. جڏھن ته سندن سورهيائيءَ جي ساک جيڪا سنسار ۾ آهي، سا سڀڪو ٿو سمجهي.
مطلب:
26.1 ڊاڙ ٻٽاڪ تي موالين جو گذر سفر ھلندو آھي.
26.2 پيئون ٿا چرس، گھمئون ٿا عرش، لھئون نه لھئون اسان جي مرضي آ.
26.3 پيئون ٿا وسڪي، وڃئون ٿا کسڪي، اٿئون نه اٿئون اسان جي مرضي آ.
26.4 چرس نه آھي چاندي آھي، ملي جي زال واندي آھي.
26.5 نشو ٿو سرڪي، محبوب ٿو مرڪي، ملو ٿو ڪرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون.
26.6 موالي، سورهيه هجن ها ته نشو ڪري، زال ۽ ماءُ کي نه ڪُٽين ها.
26.7 ڀنگون ٿا پيئن ڀنگي، هايون ٿا ڪن هنگي، غرض نه اٿن گونھ جي.
26.8 تماڪو تاڻي، جنين وڌو جان ۾، تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
27. ڀنگي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ روري،
ڪئفي جي جوءِ ايوين آکي؛ ماريا هت نه هووي.
ڀنگورا، ڀنگ لاءِ چوندا آھن؛ ڀنگ نماڻي ٻوٽي آھي. تنھنڪري سندس نشو به نماڻو آھي. انھيءَ سبب، ڀنگوري جي دل توڙي زبان، نرم رهن ٿا. جوءِ سان، جهڳڙو ٿئيس نه فساد. جنھنڪري جوڻس کانئس خوش ٿي رهي. آفيم جو نشو زبردست آھي. نشئيءَ کي پنڪيون کارائي، سندس رت چوسيو وڃي. جنھنڪري هو اهڙو ڪمزور رهي ٿو جو ڪو به ڪم کانئس نه ٿو اڄھي. جنھنڪري زالس هميشہ ارمان کائيندي ٿي رهي. شراب نامراد جي پيگ پيئڻ سان، شرابيءَ يا ڪئفيءَ کي ڪاوڙ ۽ تيسو گهڻو ٿئي. جنھنڪري شرابيءَ جي گهر مان صلح ۽ شانتي موڪلائي ٿا وڃن ۽ جوڻس سان سندس، ڏيھاڙي ايڏو وير وروڌ ۽ ڪلڪل رهي ٿي جو جوڻس واليءَ جي درگاه ۾ وينتي ڪندي رهي ٿي ته؛ ماريي جو شال گهر ۾ پير نه پوي.
مطلب:
27.1 ڀنگ نه آهي گاهه آهي، عاشقن کي مباح آهي، گانڊوءَ کي گناهه آهي.
27.2 ڀنگ نه آهي ڏهي آهي، اسان جي پيئڻ جي هيءَ وهي آهي،
ڌڙ ڳري ويو، سسي رهي آهي، سا ڀي هاڻي قبر ڏي هلي رهي آهي.
27.3 اچي! اچي!! ڀلي ڀلي ڪري اچي!!!
سر سيد جو بچي، ڪوڙي ڪانگڙ ۾ نچي،
جيڪا بچي، سا به ٽوپيءَ ٽانڊي ۾ پچي.
27.4 ڀنگ پي ڀڙ ٿيا، سيني لاتائون لالي،
ميڙي محمد ڄام (صلعم) جي، مَرڪن موالي،
سدا سوالي، آ سام پرتئي سيدا!
27.5 ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، جيئي لعل سيوهاڻي،
ڪوڙي کي موچڙو موچڙاڻي، هڪ سانجهيءَ ته ٻيو سومھاڻي.
28. تماڪو تاڻي، جنين وڌو جان ۾،
انهن کي آڻي، حورون ڏيندا هنجن ۾. (نعرو)
موالي، چرس يا تماڪ جي تعريف ۾، پنهنجو شرم پرچائڻ لاءِ وڏي واڪي ائين نعرا هڻندا آهن. موٽ ۾ وري ماڻهو، گهٻو ڪري کين ائين چوندا آهن.
سنجيدگيءَ سان سوچجي ته اهو بيت اصل ۾ هيٺينءَ طرح آهي.
”طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
تنين کي آڻي، حُورون ڏيندا هجن ۾.“
مطلب:
28.1 جيڪو لالچ ڇڏيندو، سو سکي رهندو.
29. تنهن جي مرڻ جو ارمان کائجي،
جنهن جي جيئڻ مان فائدو پائجي. (پهاڪو)
ڪو به ماڻھو ڪنھن مري ويل جي ڏک ۾ ڪو نه روئندو آهي، بلڪ سڀ ڪو پنهنجي سک ڦٽڻ سبب روئندو آهي. مرڻ وارو جڏھن جيئرو ھيو تڏھن منجھانئس جيڪي فائدا ھيا سي ھاڻي ملڻ بند ٿي ويندا. اھي ياد ڪري پٿر ڪندڙ روئندا آھن.
مطلب:
29.1 جنهن مان سک ڪو نه هوندو، تنهنجي مرڻ جو ڏک ڪو نه ٿيندو.
30. توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيس لوح قلم ۾. (چوڻي)
ڍوڍو ۽ ٿوم، ساديون شيون هئڻ سبب، غريبن جو کاڄُ/ کاڌو آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُوچي کاڄ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنهن پرانهين ملڪ يا روم ملڪ ۾ به ويندو ته به نصيب کان وڌيڪ نه ملندس. سادو کاڌو لکيل هوندس ته سادو ئي ملندس، اُوچو نه ملندس.
جيڪڏهن قسمت ۾ ڪا شيءِ لکيل نه هوندي، ته پوءِ انکي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو به کڻي ڀڄجي يا پاڻ پتوڙجي سا نه ملندي. ڪيڏو به تلاش ڪجيس يا هيڏانھن هوڏانھن ڀڄجي، مشرق وڃجي خواهه مغرب، ته به جيڪو نصيب ۾ لکيل آھي، تنھن مان تِرَ جيترو به گهٽ نه ٿيندو.
مطلب:
30.1 جيڪو نصيب ۾ هوندو، ان کان گهٽ وڌ نه ملندو.
30.2 جاڏي وڻئي وڃ، نصيب منجهان تر نه گهٽبئي.
31. توڙي هلين تڪڙو، توڙي هلين وک،
لکئي منجهان لک، لھي ڪين لطيف چوي.
جيڪو نصيب ۾ لکيل آھي، تنھن مان تِرَ جيترو به گهٽ نه ٿيندو. پوءِ ڀلي ماڻھو کڻي اڀري گڏھ وانگر پاڻ ڇو نه سٽي.
مطلب:
31.1 ھر ماڻھو دنيا اندر، نصيب کان نه وڌيڪ ٿو کائي ۽ نه وري گھٽ ٿو کائي.
32. توڻ جي تڪرار سان، سڏ جنھين کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنھن کان وسري.
توڻ: ورءَ يا رات ڏينھن (ٻن ويلن) جي خوراڪ.
پيٽ ھر انسان سان لڳل آھي. ان کي ڀرڻ جو الڪو ھر ھڪ کي پيو ڀڄائي. رات ڏينهن، کاڌي جي ڳڻتي به ڏاڍي خراب آهي. کاڌ-خوراڪ يا ورءُ جي مھيا ڪرڻ جو ويچار اهڙو هولناڪ آهي، جو جڏهين اھو ڪنھن مرد جي مغز تي اثرانداز ٿو ٿئي ته ڀاڪر ۾ آيل زال به کانئس وسريو وڃي.
بازار ۽ سرڪار جو قرض پڻ جان ليوا آهي. پوءِ به بازار قرض جي ڊپ ۽ اٺي-پھر جي کاڌي جي بندوبست جي ڳڻتيءَ وچ ۾ وڏو ڦير آهي. بازار جي قرض واري کي معافيءَ جي اميد آهي. ٿوري قيد جو ڀؤ اٿس. جڏهن ته اتي به کاڌي جي بک ڪا نه رهنديس. توڻ جو اُلڪو، سڀ کان ڏاڍو سخت آهي. ڌڻي انهن سڀني ڳڻتين کان شال بچاءُ ڪري.
مطلب:
32.1 رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنھين کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنھن کان وسري.
32.2 جنهن کي کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، تنهن کان زال به وسري ٿي وڃي.
33. ٽڪي جي ڪتي، ڇھ پئسا گھلاڻي،
ڪري پوي کوھ ۾، ته ٻه آنا ڪڍاڻي.
ڪتو، گھر ۽ واڙ جي حفاظت لاءِ ڌاربو آھو. رڍن ٻڪرين جي ڌڻ کي، بگھڙ يا گدڙ جي زيان کان بچائڻ لاءِ، ڪتو ڌاربو آھي. گھر ۾ چور چڪار کان بچاءَ لاءِ ڪتو ڌاربو آھي. جيترن پئسن ۾ ملي، ان کان واڌو روڪڙ ڏيڻ سان گھر ڏانھن گھلجي اچي. نئون ماحول ڏسي، يا ٻين ڪتن جي ڏندي ڏسي پويان پير ڪري ته وري کيس موٽائي وٺي اچڻ اڃا وڏو خرچ کائي.
مطلب:
33.1 بظاھر سستو ۽ سولو ڪم، کرڻ کان پوءِ سڌرڻ ۾ وڏو خرچ کائيندو آھي.
33.2 اٺين آني جي پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پوي کوھ ۾، ٻه رپيا ڪڍاڻي.
34. ٺِڙ ڪجي، ٺڪاءُ ڪجي،
اڳلو نه ڀڄي، ته پاڻ ڀڄجي. (پهاڪو)
ڪوشش ڪري جھيڙو نه ڪجي. البته جھيڙو ڳچيءَ پئجي وڃي ۽ ان جو ٽرڻ اڻٽر ھجي ته ان صورت ۾ به کَڙڪو کُڙڪو ڪجي ته جيئن جهيڙو ٽري وڃي. جيڪڏهن ٺَڙڪي ٺُڙڪي تي اڳلي ڌر نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄي پاسو ڪجي.
مطلب:
34.1 جيئن تيئن کانڌ/ ٽارو ڪرڻ، چڱو ڪم آهي.
35. پٽينديئي پيٽ کي، ويو ڄمارو ڄٽ،
هو جو مٿي کٽَ، سو پڻ پٽي پيٽ کي. (چوڻي)
ڄٽ؛ جهنگلي، غريب، جاهل، ڳنوار.
مٿي کٽَ: کٽ تي، سيج تي، وهيون، شاهوڪار.
غريب جي ته ساري ڄمار، پيٽ جي پورائيءَ لاءِ پورهيو ڪندي گذري ٿي. جڏھن ته جيڪي دنيادار آهن، سي به شڪم پروريءَ لاءِ رات ڏينھن مٿو ماريندا رهن ٿا. گهڻي کي گهڻو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غلطان رهن ٿا.
دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ، پيٽ کي ڀرڻ جي ضرورت آهي. ان کي ڀرڻ لاءِ غريب توڙي امير، نادار توڙي دنيادار، مڙيئي پيٽ ڪٽيندا رهن ٿا.
مطلب:
35.1 هر ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ جي لوري لڳل آهي.
35.2 ڄٽ جي ڄمار؛ اڍائي کٿا.
35.3 ڄٽ چاء مري، يا کاء مري.
36. پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪن،
هٿئون پيس پنھنجي، تڏهن وڍيس ڪرن.
ڪرن نالي هڪڙو ماڻھو هو، تنھن پنھنجي زال بنسبت ڪجهه ابتو سبتو ٻڌو هو. تنھن تان هڪ ڏينھن اچي تتو. زال کي مار ڏيئي ڇت جي وري ۾ ٽنگي ڇڏيائينس ۽ پاڻ چادر تاڻي سمھي رهيو.
انھيءَ وقت هڪ عورت آئي ۽ ڪرن جي زال کي ٻاهر اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. هن اشاري ۾ چيس ته؛ ”آءٌ اچان ڪيئن؟“
هن عورت، پوءِ ڪرن جي زال کي مٿان لاٿو ۽ پاڻ سندس جاءِ تي منھن ويڙهي ٽنگجي بيھي رهي. ڪنھن مھل ڪرن جاڳيو ۽ هن عورت کي پنھنجي زال سمجهي مار ڏنائين ۽ پوءِ ته اهڙو جولان آيس جو کڻنديئي ڪپ، هن جا ٻئي ڪن ڪپي ڇڏيائين. هن عورت کي رڳو اهو ئي ڊپ هو ته متان مون کي سڃاڻي، تنھن منھن پئي لڪايو ۽ سور پئي پيتو.
ڪرن وري به چادر تاڻي سمھي پيو. ڳچ مھل گذري ته ڪرن جي زال آئي. هن عورت چيس ته؛ ”سگهو اچي منھنجي جاءِ والار! مفت اوهان جي پٽڻي ۾ ٻئي پنھنجا ڪن وڃايا اٿم.“
مراد ته پرائي معاملي ۾ جو پوي ٿو سو پنھنجي لاک لھرائي ٿو. هي پھاڪو جملي ۾ هن طرح به ڪم آڻبو آهي. ”مونکي ڪھڙي گتي پيئي آهي جو پرائي پٽڻي ۾ پئي، پنھنجا ڪن کوهايان.“
مٿين ڳالهه وڌيڪ هن طرح آهي ته ڪرن جي زال وري وڃي پنھنجي جاءِ تي ٽنگجي رهي ۽ هوءَ ڪنن-وڍي، پنھنجا وڍيل ڪن پٽ تان کڻي، منھن لڪائي اٿي ڀڳي. ڪنھن وقت پنھنجي رنڌڻي ۾ ويٺي هئي ته مڙسس سڏ ڪيس پر هن جواب ڪو نه ڏنس. تنھن تي سندس مرد چيو ته؛ ”ڪن ويئي! ڇا ٿيئي؟ جو جواب نٿي ڏين؟“
هن هيءُ وجهه وٺي ٻئي ڪن کڻي پٽ تي ڦٽا ڪيا ۽ مڙس کي چيائين ته؛ ”تو مونکي پِٽيو تڏهن منھنجا ٻئي ڪن ويا.“
مرد پنھنجي زال جا ڪن، سچ پچ ڪريل ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته؛ ”مون ائين ڪو نه ٿي ڄاتو ته جيڪي چوندس سو ٿي پوندو.“
زال چيس ته؛ ”ڪا مھل نه ڪنھن جھڙي. اڳتي چٻي چٿي ڳالھائيندو ڪر.“
هوڏانھن ڪرن جاڳيو، تنھن پنھنجي زال کي چيو ته؛ ”رن، ڪن ته ڪپيامانءِ هاڻ نڪ ۽ چپ به ٿو ڪپيانءِ.“
زال چيس ته؛ ”جي آءٌ ستياڻي آهيان ته الله سائين منھنجا ڪن وڃائيندو ئي ڪين.“
ائين چئي پنھنجا ڪن ڏيکاريائينس. ڪرن هن جا ٻئي ڪن سلامت ڏسي، ڏاڍو عجب ۾ پيو ۽ کانئس بخشائڻ لڳو.
مطلب:
36.1 پراون معاملن ۾ پئي، پنھنجي ھاج نه لھرائجي.
37. پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو، وڏي هوندي خواري. (چوڻي)
ننڍي ٻار جي دل ۽ دماغ، ڪوري ڪاڳر وانگر ٻين خيالن وغيره کان خالي هوندا آهن. مٿن جيڪي ڳالهيون ڪچڙيءَ ۾ لکبيون يا ويهاربيون، سي ويهجي ويندييون. هڪ وار ويهڻ کان پوءِ نه ميساربيون ۽ نه وسرنديون.
پڙھڻ، ترڻ، نشاني بازي ۽ سواري ھلائڻ جھڙا ڪم، ڏکيرڙا آھن. اھي ڪچڙن لڱن تي سکڻ گهرجن، ڇو جو انهن لاءِ خالي دل ۽ خالي دماغ گهرجي. لکئي-پڙهئي جي دل ۽ دماغ ۾، اهي ڪين اچي سگهنديون. ڇو جو سندس دل ۽ دماغ، اڳيئي ڀريل ھوندا آھن. ڀريل ٿانءَ ۾ وڌيڪ نه وجھي سگھبو. زور ڪري وجھبو ته منجھس سمائڻ بدران ھيٺ ھاربو.
اھي ڪم وري، آسان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري پڻ آهن. پاڻ سکڻ ڌاران گذارو نه ٿي سگھندو. اڻ سکيل ماڻھوءَ کي نوڪر چاڪر ئي ڦُري فقير ڪري ڇڏيندا.
ڪچيءَ عمر ۾ عضوا آسانيءَ سان ورن ڦرن ٿا، تنھنڪري ان عمر ۾ سکڻ، تمام سولا آهن. عمر گذرڻ سان عضوا وڃن سخت ٿيندا. انھيءَ حالت ۾ انھن کي چورڻ پورڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي ٿي. وڏيءَ عمر ۾ انھن ڪمن جي سکڻ جي ڪوشش ڪبي ته تڪليف ايندي ۽ ڏسندڙ پڻ پيا ٺٺوليون ڪندا ۽ طعنا-تنڪا هڻندا.
پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ سواري وغيره ننڍپڻ ۾ سکڻ کان پوءِ، وڏپڻ ۾ وسرنديون ڪين. وڏپڻ ۾، پڪو هڏ نه ورندو ۽ نه ئي اهي ڪم سکڻ جي حساب سان وري ڪري سگهبا.
مطلب:
37.1 ڏکيا ڪم، زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سکڻ گهرجن.
37.2 پڪي گهڙي کي، ڪَنا ڪو نه گهڙي سگهبا.
37.3 ھر ڪم جي سکڻ جي ھڪڙي عمر آھي. ان عمر ۾ ماڻھوءَ اھو ڪم سکيو ته سکي ويندو. عمر گذرڻ پڄاڻان، سکڻ بجاءِ سيکاريندڙ کي بيزار ڪري وجھندو.
38. پلاءُ، رحمت الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ،
ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مَرُ پيٽ ڦاٽي پوءِ.
جن ماڻھن کي الله سائينءَ جو ڏنو جهجهو آهي، سي ته روز اڇا طعام پيا کائين. جن کي ڌڻيءَ تعالى قانع ڪيو آهي ۽ هر حال ۾ راضي آهن تن لاءِ ته رَٻَ به پلاءَ کان وڌيڪ لذيذ آهي. باقي جيڪي حريص، پيٽوڙي ۽ پيٽ-چٽيا آهن، تن کي جيڪڏهن سٺو ۽ سلوڻو کاڌو وَرِ چڙهيو ته پيٽ کي اهڙو ڏٽيندا، جو پنھنجي تندرستيءَ جي خراب ٿيڻ جو به خيال نه ڪندا. چوندا ته؛ “پيٽي ڦاٽي ڀلي، روٽي موٽي چڱي نه”. اهڙا ماڻھو پلاءَ تي پيا خدا جي رحمت لاءِ دعائون گهرندا آھن. تن کي جيڪڏھن اهڙي سڻڀي دعوت ملي وڃي ته دير ئي نه ڪن. ٿالهه جو ٿالهه ئي جھٽ ۾ چَٽُ ڪري ڇڏين.
مطلب:
38.1 پلاءَ جھڙي پدمڻي، جڏہ ھڪي حاضر ھوءِ،
ٻوھي وجھجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ.
38.2 چڱي کاڌي تي سر ڏيڻ ڪا عقلمندي ناھي.
38.3 ڄٽ چاء مري، يا کاء مري.
38.4 پرائو ان ڏسي، پيٽ پرائو نه ڪجي ۽ نه ئي تن کي زيان ڪجي.
39. پلو، سيري کان به ڀلو،
سيري ۾ لاءُ نه ساءُ،
پلو، گوڏا کوڙي کاءُ. (چوڻي)
پلو: درياهي مڇيءَ جو قسم، جيڪو سمنڊ کان چڙهي، مٺي ڏي هلي ۽ کائڻ ۾ سوادي ٿئي.
سيرو: ڪڻڪ جي اٽي مان جڙيل، حلوي نما نرم ۽ مٺو کاڄ.
سيرو؛ غريباڻو کاڄ آهي. جيڪو گهر ۾ پيل اٽي مان جڙي ٿو. مٿس گهڻو خرچ کاٻار ناهي. جلد تيار ٿيو وڃي. نرمي ۽ مٺاس سبب، اول ته هر ڪو کيس پسند ڪري پر پيٽ ۾ پوڻ کان پوءِ کائيندڙ يڪدم ڪڪ ٿيو پوي.
ان جي ڀيٽ ۾ پلو، تڪليف ۽ خرچن کان پوءِ هٿ اچي سو به مڇيرن جي هٿائون. منجهس چٽ پٽا مرچ مصالحا پون، جنهن سبب سوادي ۽ سُڏاڏو ٿيو پوي. پلي جو پيٽارو ته ڳردار، نرم ۽ لذيذ ٿيندو آهي. سيري جهڙي کاڄ کي پري ڪري بيهاري.
مطلب:
39.1 پلي جا کايارا، سيري کان پلي کي وڌيڪ ڀانئيندا آهن.
39.2 جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا.
40. پيٽ نرم، پير گرم، مغز ٺنڊو،
ڊاڪٽر اچي ويجهو، ته وهاءِ ڏنڊو.
پيٽ نرم تڏھن ٿيندو، جڏھن منجھس ڪا سخت شيءِ پيل نه ھوندي. يعني پيٽ کي لتاري نه ڀرجي، مگر ڪجھ گنجائش ڇهجيس. پير کي گرم رکڻ مان مراد؛ گھڻو پنڌ ڪرڻ آھي. پيرين پنڌ ھلڻ، کاڌي کي جلد ھضم ڪري ٿو ۽ صحت برقرار رھي ٿي.
مغز ٿڌو تڏھن رھندو، جڏھن آرام پوري وقت تي ڪبو. جسم سڪون ۾ ھوندو ۽ مغز جاءِ ھوندو. ٻي صورت ۾ انسان چڙچڙو ٿي پوي ٿو. جنھن تنھن سان چڙيو چڙيو پيو ڳالھائيندو. نه پاڻ سڪون ۾ ھوندو ۽ نه ٻين کي سڪون سان رھڻ ڏيندو.
مٿي ڄاڻايل ٽي ڪم ڪبا ته صحت خراب نه ٿيندي. جڏھن بيمار نه ٿبو ته پوءِ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت ڇو پيش ايندي؟
مطلب:
40.1 صحتمند رھڻ لاءِ، زود-ھضم کاڌو کائجي، پنڌ گھڻو ڪجي ۽ آرام وقت تي ڪجي.
41. جڏهن ڏند هئا، تڏهن حلوو نه هيو،
جڏهن حلوو آهي، تڏهن ڏند نه آهن. (پهاڪو)
حلوو جيتوڻيڪ، ڪنئري ۽ نرم، مٺي ۽ سڻڀي شيءِ آهي. جيڪا ڏندن بنا پڻ کائي سگهجي، رڳو ڳيت ڏيڻ جي دير آهي. انهيءَ هوندي به ڏندن سان چٻڻ کان سواءِ منجهانئس اهو حلوي وارو سواد نه اچي.
جڏهن ڏند هئا ۽ جن سان حلوي جو سواد حاصل ڪري سگهجي پيو، تڏهن قسمت سارو حلوو موجود نه هيو. پيريءَ ۾ جڏهن ڏند ڀڄي پيا ۽ آنڊن ۾ هضم ڪرڻ جي طاقت پڻ نه رهي، تڏهن چاٻو حلوو کائڻ لاءِ ملي ته عجيب قسم جي حسرت ئي رهجي ويندي آهي.
مطلب:
41.1 جوانيءَ ۾ محنت ٿي سگهي پئي پر جوانيءَ جي انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي نه مالڪ ياد آيو نه موت. تنهنڪري عبادت نه ڪيائين. پيريءَ ۾ هڏ پورا ۽ محنت ٿئي ڪا نه. هاڻي موت اکين سان ڏسي ڌڻي ته ياد پيو ۽ عبادت لاءِ دل به گهري ٿي پر محنت وارو جسم نه رهيو. اهڙيءَ حالت ۾ فقط ارمان ئي ڪري سگهجي ٿو.
42. جنڊ به وار، بٺ به وار،
دنيا جو آهي، هيءُ وهنوار.
وار: وارو.
بٺ: ڦلن ڀُڃڻ جي جاءِ.
جنڊ پيھڻ يا ڦلن ڀصڃائڻ ۾ هر ڪنھن کي مھل سر وارو ملندو آهي. جيڪو اڳي ايندو سو اڳي وارو وٺندو ۽ جيڪو پوءِ ايندو سو پوءِ، ڇو ته دنيا جو اهو دستور آهي.
غريب هجي خواهه آسودو، سڀڪو پنھنجا ڏينھن پورا ڪري هليو ويندو. جڏهن سندس ڏينھن پورا ٿيا ته هڪ گهڙي دير مدار نه ٿيندي ۽ اهو نيم اصل کان ٺھيل آهي.
مطلب:
42.1 ھر ڪم واري وٽيءَ سان ڪبو ته نبرندو به ۽ وقتائتو پورو به ڪري سگھبو.
42.2 ھڪ دفعي ننھن کان ماني پچرائجي ته ٻئي دفعي ڌيءُ کان.
43. جنھن جو ڪم، سو ئي ڪري،
ٻيو ڪري، ته گهاٽو ڀري.
دنيا جو ھر ڪم، تجربو ۽ ڏانءُ رکندڙ لاءِ سرانجام ڏيڻ تمام آسان آھي. شرط اھو آھي ته کيس ان ڪم سان شوق ۽ مطلب هجي. اڻ آزمايل ۽ سيکڙاٽ، ناتجربيڪار ۽ بي دليو، لاپرواھ ۽ بي غرض ماڻهو، ڪو به ڪم اُڪلائي نه سگهندو. شروع ڪندو ته اڌ ۾ ئي رلائي وجھندو. پاڻ کي به هلاک ڪندو ۽ جنهن جو ڪم آهي تنهن جو زيان پڻ ڪندو.
مطلب:
43.1 جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي.
43.2 هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو. ڀٽ جي هڙ به گٺي ۽ لوڪ به پاڻ تي کلايائين.
43.3 سوناري جو ڪم، لوهار ڪندو ته کاريندو.
43.4 واڍي جو ڪم، ڪنڀار ڪندو ته کاريندو.
44. جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي،
تنهن سان گڏيو ڇو نه هلجي. (پهاڪو)
ٻه ڄڻا؛ زيد ۽ عَمرو جيڪڏهن گڏجي ڪنهن واپار سانگي سفر تي اُسهن ۽ ڀائين گڏيل ناڻي/ موڙيءَ جي همياڻي، عمرو جي بيٺ/ چيلهه سان ٻڌل هجي، ان صورت ۾ زيد تڪڙو نڪري وڃي ته ٺيڪ ناهي. ڇو جو ڪوهه اڌ اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ، کيس عمرو جي ڀڄي يا لڪڻ وڃڻ جي ڳڻتي ورائي ته لازماً بيهي انتظار ڪندو. اڳيان اڪيلو هلي بيهي انتطار ڪرڻ ۽ شڪ جي آويءَ ۾ ٻرڻ کان بهتر هيس ته عمرو سان ساڻ سفر ڪري ها. ڇو جو تڪڙي هلڻ کيس وقت جي صرفي جو ته فائدو ڪو نه ڏنو هٿائين ڳڻتين ۾ وجهي ڇڏيائنس.
مطلب:
44.1 جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءَ جو ڊپ هجي، سو پهريائين سمجهي ڪجي ته بهتر آهي.
45. جنهن کي ساهه کنئي ڪل ڪا نه پوي،
تنهن سان سور ڪيهو سلجي؟ (چوڻي/ پهاڪو)
دنيا ۾ ماڻهوءَ کي ٻن قسمن جا اهنج ٿي سگهن ٿا. هڪڙا جسماني، جن جو علاج طبيب وٽان ملي. ٻيا ذهني/ روحاني جن جي علاج جو ڏس پنڌ رمزدان يا الله لوڪ بزرگن وٽان ملي. کين پنهنجي اندر جي ڪيفيت کان آگاهه ڪبو ته نبض جاچي، حالات واقعات کي سمجهي، ترت جوڳو علاج ڏسيندا.
ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو، پاڻ مريض آهي يا اهنجن ۾ ڦاٿل آهي يا پنهنجي حال کان به غافل آهي، تنهن کي پنهنجو سور سلبو ته ڪهڙو علاج ڏسيندو؟ ساڻس سور ڳرهڻ به سور پرائڻ جي مترادف آهي. تنهنڪري اهڙي ماڻهوءَ سان راز نه کولجي ته بهتر.
مطلب:
45.1 سڄاڻ ماڻهوءَ ڌاران، ٻئي سان حال نه ڳرهجي.
45.2 اڄاڻ سان حال اورڻ مان فائدي بجاءِ نقصان رسي ٿو.
45.3 جيڪو سنڌي ڪين سمجهي، تنهن سان هندي ڪين هلجي.
46. جنھين جو هيڪار، ڪڍي ڪانڀ ڪوڙ تي،
تنھين تي ٻيھار، سچيءَ ساک نه وسھان.
جيڪو ماڻھو هڪڙو دفعو ڪوڙو ثابت ٿيندو آهي سو ڪيترا به قسم کڻي، جيڪڏهن پاڻ کي سچي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته هرگز ڪو ڪونه پت ڪندس. تنھنڪري بھتر آھي ته ڀوڳن ۾ به ڪڏھن ڪوڙ نه ڳالھائجي. ان سان به پت خراب ٿي پوندي آھي.
هڪڙي ڌراڙ ڇوڪر، جهنگ ۾ رڍون چاريندي، بيک ڪري دانهون ڪيون؛ ”شينهن ڙي شينهن!“
سندس رڙين ڪوڪن تي، اوسي پاسي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ناري، لٺيون ڌڪا کڻي، سندس مدد لاءِ اچي پهتا. کين شينهن نظر ڪو نه آيو. پڇڻ تي کين ٻڌايائين؛ ”ڪوڙ ٿي ڪيم!“ جنهن تي ويچارا پنهنجي ڪم جي سيڙاپي جو ويسورو کائي ۽ سور پي موٽي ويا.
هڪڙي ڏيهاڙي، سچ پچ شينهن اچي ڌڻ ۾ پيس. تڏهن وٺي رڙيون ڪوڪون ڪري ٻاڪاريائين. ٻاڪاري ٻاڪاري ٿڪو پر ڪا پهر ڪا نه آيس. ماڻهن سمجهيو ته اهو سدائين پيو بيک/ مڪر ڪندو آهي. اڄ به ساڳيو ناٽڪ ڪيو هوندائين. ايستائين شينهن به رڍن جي ڌڻ کي ڊيڙائي/ ڀڄائي ۽ چڪي ناس ڪري ڇڏيس.
مطلب:
46.1 ٿيو ڪوڙ ڪنھن جو جي پڌرو ادا، ته ڪوڙو پيو ليکبو او سـدا.
سچيون پوءِ ڪھڙيون به ڳالھيون ڪري، ته ڀي هرڪو چوندس؛ پري ٿيءُ پري.
46.2 جنھين جي ھيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿئي،
تنھين تي ٻيھار، سچيءَ ساک ڪير نه وسھي.
46.3 هڪڙو دفعو ڪوڙ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ته ٻيهر ڪير به اعتبار نه ڪندو آهي.
46.4 ڪوڙ ڳالهائيندڙ، بي اعتبار هوندو آهي.
47. جوئا ۾ هارائڻ واري جو اڌ منهن ڪارو،
جوئا ۾ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو. (چوڻي)
جوئا هڪ بڇڙو ۽ بيسود ڪم آهي. منجهس پئسي، وقت ۽ عزت جو زيان ٿئي ٿو. جوئاري بذاتِ خود، تنهن کانسواءِ سيڙجي ٿو. سندس ٻيا ڪيترا ئي ڪم سيڙجن ٿا.
جوئا ۾ هڪڙا کٽن ٿا، ٻيا هارائين ٿا. کٽڻ واري وقتي نفعي جي ڀيٽ ۾ منجهس الائي ڪيتريون خباثتون آهن. تنهن هوندي به هارائڻ وارو، هار جي ڊپ تتان، جوئا خاني جو رخ وري مشڪل ڪندو، جنهن ڪري مٿس اڌ لعنت ملامت آهي. جڏهن ته کٽندڙ/ کاٽو، کٽڻ جي خوشيءَ/ حرص ۾ وري وري پيو جوئا خاني ۾ ايندو ۽ برباد ٿي ويندو ته به نه مڙندو. جنهن ڪري مٿس سڄي لعنت ملامت ٿيل آهي.
جوئاري، کٽي توڙي هارائي، ته به سندس منهن ڪارو ۽ نيرا آهن پير. ٻن خونين مان هڪ کي ڇانءَ ۾ ۽ هڪ کي اس ۾ ڦاسي ڏجي ته به خوني ئي سڏبا. ڪو به منجهانئن چڱو مڙس ڪين ڄاڻبو. هارائيندڙ ۽ کٽندڙ جو اهو انت آهي ته جوئا جي ٽڪري هلائيندڙ ۽ منجهانئس نال اوڳاڙيندڙ جي ڪهڙي پڇاري ٿيندي؟ جيڪڏهن کين ڌڻي به ڌت نه ڪن ته پوءِ سندن مِٽن جو پڻ ساڳيو منهن ڪارو آهي.
مطلب:
47.1 جوئا جو ڪاروبار تمام بڇڙو ڌنڌو آهي.
47.2 جواريءَ، ميٺي هار.
48. جئسي ڪو تئسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي
اسني ڍولڪي بجائي، اسني آرسي بنائي.
ڏوم؛ لنگهو يا مڱڻھار.
هڪڙو ڏوم دهل ڳچيءَ ۾ پايو پئي ويو ته هڪ نائيءَ کي پريان ايندو ڏسي لڳو دهل تي دس هڻڻ. اهو دستور آهي ته لنگها جڏهن ڪنھن جي اڳيان يا ڪنھن جي در تي دهل وڄائيندا آهن ته مراد ڪري هنن کي ڪجهه مڙوئي ڏبو آهي. پر هي نائي پاڻ غريب سو ڪٿان ڏئيس. تنھن ڇا ڪيو جو آرسي ڪڍي ڏيکاريائينس. لنگهو آرسي وٺي ويٺو پنھنجو منھن ڏسڻ ۽ ڏاڙهي ٺاهڻ. اهو به دستور آهي ته نائيءَ کان رڳو آرسي وٺي ٿورو وقت ڪم آڻبي آهي يا رڳا نھن لھرائبا آهن ته هن کي ڪجهه ڏبو آهي. پر هي ٻئي پاڻ ۾ وهنواري ٿيا، نڪي نائي کي ڏيڻو پيو نڪي ڏوم کي.
مطلب:
48.1 جيسوءَ کي تيسو.
49. جئسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل.
هڪڙو ماڻھو ڪيڏانھن سفر تي ٿي ويو. وٽس لوهه تمام گهڻو پيل هو، سو پنھنجي سنگتيءَ وٽ امانت رکي ويو. ڪن ڏينھن پڄاڻا جڏهن موٽي اچي پنھنجو لوهه گهريائينس، تڏهن سنگتيءَ چيس ته؛ ”ادا، تنھنجو سڀ لوهه ڪئا ٽڪي کائي ويا.“
هن ڪڇو ڪين پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته؛ ”هن کان انھيءَ ڳالهه جو ضرور پارو جهارو وٺندس.“
هڪڙي ڏينھن، پنھنجي سنگتيءَ ۽ سندس پٽ کي پاڻ وٽ دعوت جي بھاني گهرائي، هن جو پٽ وجهه وٺي لڪائي ڇڏيائين. سنگتيءَ پڇيس ته؛ ”منھنجو پٽ ڪٿي آهي؟“
تنھن تي لوهه جي مالڪ چيو ته؛ ”ادا، تنھنجي پٽ کي سرڻ لامارو ڏيئي کڻي ويئي.“
هن چيس ته؛ ”ڪڏهن سرڻ به ٻار کڻي ويئي آهي؟“
تنھن تي اڳلي چيس ته؛ ”ڪڏهن لوهه به ڪئا ٽڪي ويا آهن.“
انھيءَ تان هنديءَ ۾ ائين مشھور آهي.
مطلب:
49.1 جيسوءَ کي تيسو.
50. جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير،
جو لکڻ منجهه ماڻھوين، سو مکڻ منجهه کير.
هڪ لڱا شاهه ڪريم بلڙيءَ واري پنھنجن فقيرن کي حق جون ڳالھيون ٻڌائيندي چيو ته؛ ”خدا جي راهه ۾ پيرن يا هٿن يا زبان سان نه ٿو هلجي پر دل سان ٿو هلجي. سو جي هلڻ ۾ شڪ شبھو پوي يا مشڪلات پوي ته ٻئي کان پڇجي ۽ تحقيقات ڪجي.“ پوءِ هي بيت چيائين:
”جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير،
جو لکڻ منجهه ماڻھوين، سو مکڻ منجهه کير.“
مطلب:
50.1 پڇڻا، نه منجهڻا.
51. جي نو نؤنداڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا،
جي ڏهه نؤنداڻي، نو حقا ته هرلا سڪا.
نؤنداڻي ذات جا ماڻھو اڪثر کيتيءَ جو ڪم ڪندا آهن ۽ انھن کي تماڪ ڇڪڻ جي ڏاڍي وٺ آهي. سڄو ڏينھن حقو وات تي هوندو اٿن. تنھن ڪري هي پھاڪو چوڻ ۾ آيو آهي ته؛ نونداڻي ڪم تڏهن ڪندا جڏهن هڪڙي هڪڙي کي جدا حقو ڇڪڻ لاءِ ته هوندو پر هڪڙو وڌيڪ حقو به تيار ٿيو رکيو هوندو ته جيسين هڪڙو حقو سڙي ۽ ٻيو ٺھي تنھن وچ ۾ اهو تيار ٿيل حقو ڇڪين نه ته هر ڪاهڻ ڇٽو.
مطلب:
51.1 نؤنڌاڻي ذات وارا حقي کان سواءِ، ھر نه ڪاھي سگھن.
52. جي هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو،
جي نه هجيئي ناڻو ته وت ويڳاڻو.
ڪنھن وقت لاڙڪاڻو تمام سٺو ۽ وڻندڙ شھر هو. ان ڪري بنا ناڻي، لاڙڪاڻي ڏانھن لاڙو ڪرڻ چڱي ڳالهه نه سمجهي ويندي هئي. ڇو ته پئسي کان سواءِ ايڏي وڏي شھر ۾ مونجهو گذارڻو پوندو هو. ھونئن به پئسي کانسواءِ ڪنھن به شھر ۾گهمڻ جو قصد ڪرڻ بيڪار آهي. ڇو ته اتي سڀڪا شيءِ، پئسي سان پئي ملندي آھي. بنا پئسي ڪا به شيءِ نه ملندي آھي. ھونئن به شھري زندگيءَ لاءِ چوندا آهن؛ شھر جو اٿڻ به ملھه جو ته وهڻ به، ڳالھائڻ به ملھه جو ته ٻولھائڻ به. بنا ناڻي وڃبو ته پوءِ گذر سفر لاءِ اتي وڃي پنڻو پوندو. ڇو جو اتي ڀانت ڀانت جون ۽ قسمين قسمين شيون پيون آھن. سي ڏسي دل پئي سرڪندي.
مطلب:
52.1 دير رو بازار، بيرون زود بيا. فارسي
52.2 بازار (شھر) دير سان وڃ ۽ اتان (ڪم لاهي) جلد موٽ. ترجمو
52.3 جيترو گهڻو وقت بازار ۾ گذاربو، اوترو گهڻو پئسو خرچ ڪرڻو پوندو.
52.4 هجيئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
52.5 دولت وارو جاتي ڪاٿي مانُ مُهت پائيندو ۽ دولت ڌاران گهر ۾ پڻ ويڳاڻو رهندو.
53. جهونا ڪپڙا، ٻوڍا ڍور،
تسڪا ناڻا، لي گيا چور. (پهاڪو)
جهونا ڪپڙا: پراڻو ڪپڙو، ڪمزور يا اڻ جهالائو ڪپڙو.
ٻوڍا ڍور: ڪراڙو ڍور يا وهٽ، نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو.
پراڻو ڪپڙو، عمر ڏئي وڃڻ سبب کُسي ڪمزور ٿئي ٿو. هاڻي خريد ڪرڻ معنيٰ پئسا وڃائڻ. ڇو جو منجهانئس ڪو به مطلب سَرِ نه ٿيندو. اهڙيءَ طرح ڪراڙو ڍور به ڏهڻ ۽ ڦَر ڄڻڻ کان ته وڃي پر ڪهڻ جو به نه رهي. سندس ماس روڙهه ٿي پوي، جيڪو ديڳڙي ۾ پڻ نه ڳري. کائڻ ۾ پڻ بي سوادي. لالچي ڪاسائي به سندس اگهه نه ڪري.
مطلب:
53.1 ڪراڙو ماڻهو، عمر ڳارڻ بعد مت به کُسائي ويهي ٿو.
53.2 عمر جڏهن ٿئي ستر ته عقل ۾ پوي ڪتر ۽ جڏهن عمر ٿئي اسي ته مت ٿئي کسي.
53.3 ميوو پچي راس ٿئي ته مٺو ٿئي، ماڻهو پچي راس ٿئي ته کٽو ٿئي.
53.4 پيريءَ ۾ سَوَ عيب، چڱا ائين چون.
53.5 ٻڍاپڻ؛ سَوَ ويڪون.
53.6 انڌ وٺ منڊ وٺ، ٽُنڊ وٺ، پر ننڍ وٺ.
54. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،
ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻئي ليکي ڄٽي،
مٺي سا ئي ڄٽي، ڙي مٺي سا ئي ڄٽي.
سٽ ڪتي، وڪڻڻ وقت واڻيي سان ٺڳي ڪرڻ جي نيت سان ٻھراڙيءَ جي ھڪ چالاڪ عورت، منجھس پاڻي ملائي وزن وڌائڻ چاھيو ته جيئن واڻيي کان مزوري وڌائي وٺي. واڻيو وري پاڻ کانئس ڏھوڻو ڏاھو ھيو. تنھن وري ڇا ڪيو جو تارازيءَ جي ھڪ پڙ ۾ ڪتيل ست وجھي ٻئي پڙ ۾ وڏو وٽ ته وڌائين پر منجھس ھيٺئي کانچي ۾ وري ننڍڙو وٽ وجھي ڇڏيائين. بظاھر ھڪڙو وٽ ھيو، پر وزن ۾ ٻئي وٽ وجھڻ سبب سوايو ھيو. ائين وري واڻيي کيس ٺڳيو..
مطلب:
54.1 ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي، ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، مٺي سا ئي ڄٽي.
54.2 ڀيٽيو: ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي.
55. چريون ڏئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي،
سڻ واڇان جا پار، نوڙي کڻي ھلي ڇيڻن تي.
واڇان نالي هڪ چري زال ٿي گذري آهي. هوءَ پاڻي پيئندي هئي، پرڻ ۾ ۽ ڇيڻا ٻڌندي هئي نوڙيءَ سان. هڪڙي ڏينھن ڇيڻن جي ڍڳ کي نوڙي ويڙهي وٺي ڇڪ ڏنائين ته ڇيڻا سڀ نوڙيءَ مان نڪري ويا. ٻه چار ڀيرا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڇيڻا نه ٻڌي سگهي. تڏهن ڪڪ ٿي ڇيڻن کي چيائين ته؛ ”ٻجهو ته ٻجهو، نه ته مور نه ٻجهو.“
انھيءَ ڪري مٿيون پھاڪو، اکري معنى موجب، هن طرح به چوندا آهن:
”چريا ڏيئي چار واڇان وٺجي هڪڙي،
سڻ واڇان جا پار، جا نوڙي کڻي هلي ڇيڻن کي،
چي؛ ٻجهو ته ٻجهو نه ته مور نه ٻجهو.“
مطلب:
55.1 چار چريا ايتري چريائي ڪين ڪن، جيتري هڪڙي واڇان ڪري.
55.2 واڇان چئن چرين جي مَٽُ آهي.
55.3 هي پھاڪو بيعقلن سان لڳائبو آهي.
56. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن،
توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان. (چوڻي)
لکيو: لکايو، ڀانيو.
چڱي نيت رکڻ وارا، بختاور هوندا آهن. شڪي مزاج ماڻهو ڪم بخت ٿيندا آهن. نيڪ نيت ماڻهوءَ کي سڃ ۾ اڇلي ڇڏبو، ته به سندس اخلاق سان اتي وسندي ٿي پوندي. جتان ٻئي کي ٽوٽو پوندو، اتان کيس فائدو پيو پوندو. بد نيت ماڻهوءَ کي جتان نڀاڳ ۽ اهنجائي ٿيندي، اتي نيڪ نيت ماڻهوءَ کي ڀاڳ ۽ سهنجائي پئي لڳندي.
مطلب:
56.1 نيتن تي بهرا آهن.
57. چلو سکي وهان چلين، جھان بسي برج راج،
گؤ-رس بيچت هري ملي، ايڪ پنٿ دو ڪاج.
پنٿ؛ پنڌ.
گؤ-رس؛ گئوءَ جي رس يعني کير.
گوالڻين؛ کير وارين.
برج راج؛ سري ڪرشن.
هڪ لڱا مٿرا جي کير وڪڻڻ وارين پاڻ ۾ چيو؛ ”ادي ھن دفعي اهڙي پاسي کير وڪڻڻ هلجي، جو کير به وڪڻي اچجي ۽ برج راج يعني سري ڪرشن جو درشن به ڪري اچجي. ھڪ پنڌ سان ٻئي ڪم ٿي وڃن.“
تنھن تي هڪ ڪويءَ چيو آهي ته:
چلو سکي وهان چلين، جھان بسي برج راج،
گؤ-رس بيچت هري ملي، ايڪ پنٿ دو ڪاج.
انھيءَ سلوڪ جي پوئين تڪ؛ ايڪ پنٿ دو ڪاج، پھاڪي طور ڪتب ايندي آھي.
مطلب:
57.1 ايڪ پنٿ، دو ڪاج.
57.2 ھڪ سِھو، ٻه ڪم.
58. چوڻ سان جو نه سمجهي، سو اشارو ڇا سمجهي،
جو پنھنجي نه سمجهي، سو پرائي ڇا سمجهي.
ڪنھن راجا کي ڌيءُ اُڪلائڻ جي ڏاڍي ڳڻتي هئي پر پاڻ جھڙو شريڪ نٿي مليس. تنھن ڪري ماٺ ڪيو ويٺو هو. هن پنھنجي راڻيءَ سان به ڪڏهن پنھنجي انھيءَ ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪا نه ڪئي. راجڪماري ائين پيئي سمجهندي هئي ته؛ ”ابي سائينءَ کي پنھنجي راجائيءَ وچان منھنجو ويچار ڪونھي.“ تنھنڪري هوءَ اٿندي وهندي ماءُ سان اٽڪل سان کونگهرو ڦيھيندي هئي ته من هيءَ اُٿي راجا جي کڙي تپائي.
هڪڙي ڏينھن ماڻس چيس ته؛ ”جڏهن پڻھي ماني کائڻ اچي، تڏهن تون وڃي اڳيان بيھجانس ته من سماءُ پويس ته تون ايڏي وڏي ٿي ويئي آهين ۽ وڌيڪ وهارڻ جھڙي نه آهين.“
تنھن تي راجڪماريءَ ائين چيو.
مطلب:
58.1 جنھن کي ويٺي سُڌ نه پيئي، تنھن کي بيٺي ڇا پوندي؟
58.2 چوڻ سان جو نه سمجهي، سو اشارو ڇا سمجهي،
جو پنھنجي نه پرائي سمجهي، تنھن کي خدا سمجهي.
59. دال روٽي کاڌي، ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس،
ڏندڻ ڏيندي، ڏند گسي ته گسڻ ڏينس،
ڦڻي ڏيندي، وار کسي ته کسڻ ڏينس،
سچ چوندي، يار رسي ته رسڻ ڏينس. (چوڻي)
انسان کي زندهه رهڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي. کاڌ خوراڪ کان سواءِ، ماڻهو زندهه ئي نه رهي سگهندو. اڻهوند ۾ به ٻيو نه ته سادي ۽ سستي شيءِ وٺي ضرور کائي ته جيئن جان بچيس.
دال روٽيءَ کان وڌيڪ سادو ۽ سستو کاڌو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جان بچائڻ لاءِ اهو به نه کائجي ته پوءِ ڪاڏي وڃجي. ان سان جيڪڏهن گهر جي سڃ ٿئي يا اوڌر کڻڻي پوي ته به حرج ناهي.
۲. قناعت، غريب يا ولهي کي ته ڪرڻ گهرجي ئي پر جيڪڏهن امير قناعت ڪندو ته کيس نه ڪير ٽوڪيندو ۽ نه ئي ڪير ٽرڙو چوندس. قناعت هر حال ۾ چڱي آهي.
مطلب:
59.1 قانع، ڪڏهن به جُوکو/ پنندڙ نه ٿيندو.
60. درياءَ ڀر تي، ڇوڪر ڪڏي،
اڄ نه ٻڏي، سڀان ٻڏي. (پهاڪو)
درياءَ، ڪڏهن اڏ وانگر ننڍو ٿيو پيو وهندو آهي ته ڪڏهن شينهن وانگر گجگوڙيون ڏيو پيو ايندو آهي. اوس پاس کي ٻوڙيون، لوڙهيون کنيون ويندو آهي. سندس ڪنڌي ڪڏھن به خطري کان خالي نه هوندي آهي. پير ترڪيو ناهي، مڙس ويو ناهي. اهڙي هنڌ تي بيهي راند ڪرڻ، اڃا خطرناڪ آهي. ننڍو ٻار، اڻ-سيکڙاٽ يا اڻ-تارو ته ٻڏڻ ۾ دير ئي نه ڪندو.
مطلب:
60.1 الهڙ، اگر آڙيڪاپ سان وهنوار رکندو ته جانيءَ سان گڏ مالي نقصان به پائيندو.
60.2 جيڪو وڇونءَ جو منڊ نه ڄاڻي ۽ نانگ ۾ هٿ وجهي، سو ضرور جان وڃائيندو.
61. ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي،
ته به اهل انھيءَ پار جو، ڏينا ڏيکاري.
ڌاتورو هڪ جهنگلي ٻوٽو آهي جو جهر جهنگ ٿئي. ان جا پن يا ڏينا سخت نشو پيدا ڪندا آهن ۽ بعضي ته پيئندڙ کي ماري وجهندا آهن. جيڪڏهن اهڙي خراب ٻوٽي جي خدمت، ڪمند جھڙي ڪري، منجهانئس اميد رکبي ته ڪمند جھڙي مٺي رس ڏيندو ته ائين ڪڏهين به نه ٿيندو. هو ته اھي ئي ساڳيا ٽي ڏينا ڏيندو.
اھڙيءَ طرح جيڪڏھن لچ لفنگ سان گهڻي لھه وچڙ رکبي ۽ ساڻس سڪ ۽ محبت رکبي ته به منجهائنس سواءِ لُچائيءَ ۽ بدمعاشيءَ جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
مطلب:
61.1 بُري جي صحبت مان برائي ئي حاصل ٿيندي.
61.2 لچ سان ڪيترو به چڱو هلجي، اوترو ئي منجهانئس لچائي پيدا ٿئي.
61.3 ٻج-خرابو، نج-خرابو.
62. ڏاندان ڳاهُ، مردان ڌڪا،
زالان ساهُ، پنڌ وچ سڪا،
گهوڙا ضبط ڪنان، وڃ لڪا. (چوڻي)
ڳاهه: ڪڻڪ يا سارين وغيره جو لابارو ڪري، پوءِ ول هڪ هنڌ ڪٺي ڪري رکبي آهي. جڏهن ته جوئر ۽ ٻاجهريءَ جا سنگ وڍي ڍير ڪبا آهن. پوءِ ڏاندن جي لتاڙ سان مٿن هلر هلائبو آهي ته جيئن داڻا سنگ کان جدا ٿي بيهن.
ول جا گڏا گهڻا هجن ته ڏاندن جي مدد سان هلر يا گانبول ڪري ڳاهه ڪجي. ول ٿوري هجي ته پوءِ سَٽَ ٿئي، جيڪا زالون مرد گڏجي ڪنهن پڪيءَ جاءِ تي يعني پڪي روڊ، سرن جي فرش يا مضبوط ڪاٺيءَ وغيرھ تي سَٽَ ڪن يا ڌُڪن سان کين سٽين.
ضبط: جڏهن پوک جي ڪڇ ماپ ٿيندي آهي ته لوهي زنجيرن(Gunners chain) سان ماپ ڪبي آھي. اھي لوھي زنجير ڳرا ٿيندا آھن، جن کي ڍوئڻ لاءِ خاص ماڻھو رکڻا پوندا آھن. جيڪي زنجير کي ڪڏھن ھيڏي کڻي ايندا آھن ته ڪڏھن ھوڏي کڻي پيا پھچائيندا آھن. اھا ماپ، گهڻو ڪري گهوڙن تي چڙهي ڪبي آهي. انهيءَ هيڏي هوڏي اچڻ ۽ کڙ ٻڙ/ کيڙهيءَ واريءَ زمين تي هلڻ کي ضبط چئبو آهي.
ڏاندن کي ڳاه ۾ وهڻ، مردن کي ڌڪن سان ان سٽڻ جھڙا ڪم، اهنجا ۽ اڻاوا لڳندا آهن. جڏهن ته عورتون پرانهين پنڌ ۾ ٿڪجي پونديون آهن ۽ گهوڙو وري ضبط واري سفر/ ڪم ۾ بيزار ٿيندو آهي.
مطلب:
62.1 مٿي ڄاڻايل ڪم، ٻڌڻ شرط، ھر ڪو لِڪڻ جي ڪندو آهي.
62.2 ڌڻي شل سهندا بار ڏئي.
63. ڏکڻ مينھن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.
سنڌ اندر، ڏکڻ جو مينھن گهڻو ڪري نه وسندو آهي. جيڪڏھن وسندو آهي ته ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيندو آهي. اھڙيءَ طرح ڊڄڻو ۽ بزدل ماڻھو، جنھن تي پھلوان مردن جي اک ئي نه ٻڏندي آهي، جيڪڏھن همت ڪري ڌڪ هڻندو آھي ته خوف وچان اهڙو واڄٽ ڪڍائيندو جو دشمن جون ڌاڻيون ئي ڪڍي وجهندو.
مطلب:
63.1 گھڻا سگھا مڙس، ڪن بي همت ۽ بزدل ماڻھن جي هٿان ماريا ويا آهن.
63.2 جيئن نه وسندڙ مينهن، وسڻ کان پوءِ ٻوڙي رکندو آهي، تيئن بزدل ماڻهو به اک ڦيرڻ کان پوءِ وڏي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.
64. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار،
وٺڻ سڀ نا چڱو، چڱي هڪڙي دل. (چوڻي)
دل وٺڻ: خوش ڪرڻ، راضي ڪرڻ.
ڏيڻ، ڏکيو ضرور آهي پر جنهن کي ڏجي ٿو تنهن کي وڻي ٿو. ڏيڻ به ان شيءِ جو چڱو آهي، جيڪا ٻين کي وڻي ۽ جنهن مان کين فائدو پوي. جنهن شيءِ مان کين نقصان پوي يا سندن دل آزارجي سا کين ڪين وڻندي. تنهنڪري اهڙي شيءِ جو ڏيڻ بڇڙو ۽ خراب آهي. جيئن گار ڏيڻ سان سڀڪو چڙي پوندو، تنهنڪري اها ڏيڻ خراب آهي.
وٺڻ؛ وٺندڙ کي ته وڻي ٿو پر ڏيندڙ جي دل ڪير پڇي؟ ان ڪهڙيءَ دل سان ڏنو. تنهنڪري زبان سان سوال ڪرڻ ته ڇا پر دل سان سوال ڪرڻ کان به پاسو ڪجي. جيڪڏهن وٺڻو آهي ته پوءِ ٻين جي دل وٺجي، جيڪا مٿن احسان ڪري وٺي سگهجي ٿي. دل وٺڻ سان اڳيان خوش به ٿيندا.
مطلب:
64.1 ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽئي ڪم اوکا.
64.2 ڏيڻ آهي دل هيٺان.
65. رن پٽ کي، جڏھن لڳي ڀاڳ،
جواري ڀت کي، تڏھن ڏياري داڳ. (پهاڪو)
داڳ لفظ داغ جي کريل صورت آهي.
داڳ: داغ، پگهار، تڙڪو، گيهه ڪوسو ڪري يا ٽِڙڪائي رڌل چانورن يا ٻوڙ ۾ وجهڻ.
جواري ڀت: رٻَ، سادو ڀت، بنا داڳ جي رڌجندڙ ڀت.
رن پٽ: جنھن جو پيءُ مري ويو ھجي. جنهن کي ڌت ڪرڻ يا روڪ ٽوڪ ڪرڻ وارو ڪير نه هجي. جيڪو هر فعل ۾ آزاد هجي.
داڳ، بصر يا ٿوم سان ايندو آهي. بصر کي اڳي ٽڙڪائڻ واري عمل کي داڳ چئبو آهي. جنهن کان پوءِ گوشت، ٻوڙ يا پلاءُ منجهس رڌبو آهي. جڏهن ته ٿوم مان ٽڙڪايل گيهه، سليماني رڌيل ٻوڙ يا چانورن مٿان وجهڻ کي تڙڪو يا رائي چئبو آهي.
داڳ يا تڙڪو، گرم مصالحن ۾ رڌجندڙ تيوڻ/ پلاءَ لاءِ ڪبو آهي. مٿان چانور به داڳ ڪري رڌي کائڻ ۾ مزيدار ٿيندا آهن، البته جوئر جي ڏاري جو ڀت فقط پاڻيءَ ۾ اٻارڻ سان ئي مزيدار ٿيندو آهي. داڳ جي نه ضرورت هوندي آهي ۽ نه رائيءَ جي. ان سان هٿائين سواد مري ويندو. اهڙي خفي ڪرڻ مان فائدي بجاءِ نقصان پوي.
خشڪ چانورن، پلاءِ يا ٻين اڇن طعامن کي شروعات ۾ ديڳڙيءَ يا ڪنھن به رنڌڻ جي ٿانوَ ۾ گيھه وجهي، ڪوسو ڪري منجهس بصر جو داغ ڪبو آهي.
مطلب:
65.1 جيڪڏهن ڪنھن ڪميڻي ۽ ڪمذات کي اوچتو ڪٿان وراڻ ٿي وڃي ۽ مفت جو ڌن هٿ اچي ويس ته هو جواري ڀت کي داغ ڏيڻ جھڙا، اجايا خرچ ڪري پنھنجي پسورائي پڌري ڪندو آهي.
65.2 جڏهن ڪميڻي ماڻهوءَ کي دولت هٿ اچي ته لا اُٻالو ٿي ڪري اجاين خرچن ۾ زيان ڪري ڇڏي.
66. رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ،
منجي اتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري. (پهاڪو)
رڻو: قرض، اوڌر، لهڻو.
اُتي: مٿان.
رائر: سرڪاري ڍل، ٽئڪس.
منجي: کٽ، پلنگ.
جنهن ماڻهوءَ/ واپاريءَ تي بازار جو قرض چڙهيل آهي يا جنهن زميندار تي سرڪاري ڍل واجب آهي، تنهن کي اندر ۾ پريشاني هوندي. ڪيڏيءَ مهل به قرضي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندا. سندن اوچتي هڪل کان قرضدار پيو ڪنبندو آهي.
جيڪڏهن اهڙو ماڻهو، سيج پلنگ تي زال سان ڀاڪر ۾ پيو هجي ته هڪ ئي هڪل سان، کانئس پلنگ ته ڇا پر پنھنجي پياري زال به وسري ويندي.
مطلب:
66.1 ڀَوَ واري جاءِ تي، خوشي خام ٿيو وڃي.
66.2 توڻ جو تڪرار سان، سڏ جنھن کي هوءِ،
منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کان وسري.
67. سٻر/ سڀر سان سينءَ، ڪبي ڪيئن،
چوندو جيئن، ٿيندي تيئن. (چوڻي/پهاڪو)
ڏاڍي ماڻھوءَ سان اگر، ڪنھن غريب جي ٻنيءَ جو دنگو آھي ۽ ڏاڍو ھيڻي جي ٻني ڦٻائڻ چاھي ٿو ته سندن اھو تڪرار ڪير به نبيري نه سگھندو. ڇو جو ھيڻو ڏاڍي سان پڄي ڪين سگھندو. ماٺ ڪري، ٻين سنئين، معتبر جو ئي چيو مڃيندو. ڏاڍو جيڪو دنگ جو ليڪو ڪڍي ڏيندس، تنھن تي راضي ٿيندو. تنھن ڪري ھيڻي کي ڏاڍي جو چيو مڃيندو رهڻ گھرجي نه ته کيس هرج جو امڪان آهي.
اگر هيڻي جو ڏاڍي سان پلئه اٽڪيل آھي يا منجهن ڪو تنازعو/ دنگو کڙو ٿيو آهي ته پوءِ فيصلي/ ڇيني نبيريءَ وقت، سندن ڦڏي جو اڪلاءُ هروبرو به ڏاڍي جي منسا مطابق ٿيندو. تنهنڪري پاڻان ڏاڍي سان زور آوري ڏيکارڻ نه گهرجي، بلڪ اهو جيئن چوي تيئن ها ۾ ها ملائي، وقت ٽپائجي.
مطلب:
67.1 جاسين پاڻ ۾ ست نه ڀانئين، تاسين دشمن سان وڙهڻ بدران سندس هٿ چمندو رهه.
67.2 ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن.
67.3 ھڪ-ٽنگئي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلھي تي رکجي
67.4 ڪھر ڪيئن؟ چي؛ ان سنوان. موچڙي سان ڪيئن؟ چي؛ جھولي ئي تنھنجي.
68. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ،
پير پئسا، جوءِ گُر. (چوڻي)
مرچان: مرچن وانگر تکو.
گُرو: گرو، استاد، گُرَ ڏيندڙ، ڏس ڏيندڙ، رهنما، راهه ڏسيندڙ، دڳ لائيندڙ.
۱. سچ، ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻو تکو آهي. پهرين ته ڳالهائڻ واري جي نڙيءَ مان ڏکيو نڪرندو آهي. جي اتان نڪتو ته ٻڌندڙ جي برداشت کان چڙهيل هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پڇاڙي وري به سچ جي ڀلي هوندي آهي.
۲. ڪوڙ؛ بي دين ماڻهن کي ڳالهائڻ ۾ سهنجو لڳندو آهي ۽ کين ان مان ملندڙ وقتي فائدا، ڳڙ جهڙا مٺا لڳندا آهن. جڏهن ته ڪوڙ جي پڇاڙي، زهر کان به وڌيڪ خراب آهي.
۳. پير کي معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ڇو جو منجھيل مريد، سدائين وٽس پنھنجون مرادون بر آور ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جنھن وٽان مراد پوري ٿئي، ان جي عزت عزت دل ۾ وڌي ويندي آھي. ڪي ماڻھو ته کيس پوڄڻ به شروع ڪندا آھن. دنيا جا طالبو، پئسي کي پڻ پير کان وڌيڪ عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڇو جو پئسي سان کين پنھنجون مرادون ترت حل ٿيندي نظرن ٿيون. اھو ئي سبب آھي جو، پئسو ڪٺو ڪرڻ لاءِ، دنيا جا غليظ ڪم ڪرڻ ۾ عار يا عيب نه ٿا سمجهن.
۴. گرو: زندگي سکي گذارڻ لاءِ، آزمودگار انسان جي رهنمائيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جنهن لاءِ ڪنهن ڪامل انسان جو پاسو جهلبو آهي ۽ کانئس هدايت ۽ رشد جو فيض حاصل ڪبو آهي. ان رهنماءَ کي استادُ، گرو، پيشوا يا رهبر سڏبو آهي. اڄڪلهه جا گهڻا تڻا مڄو مڙس، جوءِ جي عقل ۽ اشاري تي هلي مٽ مائٽ، ماءُ پيءُ ۽ دوست وغيره سان ٻيائي ڪن ٿا ۽ برو سلوڪ هلن ٿا. ڇو جو عورت کي دنيا جي ڪار-وهنوار جي ڄاڻ گهٽ هوندي آهي، ان ڪري ان جي رهنمائي وٺڻ، هٿ سان پاڻ کي جنجل ۾ وجهڻ آهي.
مطلب:
68.1 دوکي جي دنيا ۾، مطلبي ماڻهن جا معيار مٽجي ويا آهن.
69. سنت سنت سڀڪو سڏائي، سنت سمنڊان پار،
انل پکي ڪو هڪڙو، ٻيا پکين ڪوٽ هزار. (پهاڪو)
سنت: ڌڻيءَ جو سچو ٻانهو، سچيار، عبادت-گذار، الله لوڪ بندو.
سمنڊان پار: سمنڊ جي هُنَ ڀر.
اَنَل پکي: هماءُ پکي، عنقا، سدائين اڀ ۾ رهندڙ سڳورو پکي. اڻ لڀ. گمان آهي ته اهو پکي جنهن جي ڪلهي تي ويهندو آهي، تنهن جا ڀاڳ کلي پوندا آهن.
جھڙيءَ طرح انل؛ هماءُ پکي هڪڙو آهي جو آسمان ۾ رهي ٿو. باقي ٻيا ڌرتيءَ تي رهندڙ پکي ته هزارين آهن. تھڙيءَ طرح سچو درويش يا الله لوڪ به ستن ولايتن/ سمنڊن ۾ هڪڙو هوندو آهي. باقي فقط نالي جا درويش ۽ ٻاهريون ڏيک رکندڙ فقير ته لکين ڪروڙين آهن.
رب جو خاص بندو سڏرائڻ سولو آهي پر رب کي ريجهائڻ وارو ڪو ڪو آهي. مالڪ پنهنجي خاص ٻاجهه سان مڙني بندن تي مهربان ته آهي پر اهو ڪو خاص ٻانهو، جنهن کان مالڪ پاڻ راضي هجي ۽ ٻانهو کانئس راضي هجي، سو ڪو ڪو آهي. باقي سڏرائڻ وارا، ڊاڙ ٻٽاڪ هڻڻ وارا کوڙ آهن.
اهڙيءَ طرح هماءُ پکي به ڪو هڪ اڌ هجي ته هجي، نه ته ڪو به هماءُ ڪونهي. جيئن پارس پٿر يا آبِ حيات وغيره تمثيلون آهن، تيئن هماءُ به هڪ تمثيل آهي. حقيقت سان سندن ڪو به واسطو ناهي.
مطلب:
69.1 سچيار/ سنت، ڌرتيءَ تي تمام ٿورا، بلڪ اڻ لڀ آهن.
69.2 اللھ وارا ٻانھا دنيا ۾ ٿورا آھن.
70. سورائتڻ سور، اڻ-سورائت سان اوريو،
هن جو ڀنجهر نه ڀري، هوءَ وڃي ٿي وهلور،
پرايائين پور، اڳئين کان به اڳرو.
سورائتڻ؛ درد واري
اڻ-سورائت؛ بي درد.
اوريو؛ ڳرهيو.
ڀنجهر نه ڀريو؛ معنى اثر نه ٿيو.
جيڪڏهن ڪو دردمند، ڪنھن بي درد سان دل جو حال اوريندو ته اڳلي کي اثر ڪونه ٿيندو، اٽلو ان جي بي توجھي ڏسي ڏکويل جو ڏُک، ڏهوڻو ٿي ويندو
مطلب:
70.1 بي درد انسان آڏو ڏک سور نه اورجي.
71. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
ماڻھو پرکجي تڏهين، جڏهين ڪي ڳالھاءِ.
سون جي کرائيءَ يا کوٽائيءَ جي خبر تڏهين پوندي آهي، جڏهين کيس ڪسوٽيءَ سان گَھِبو آهي ۽ چانديءَ جي سٺي يا مَٺي هئڻ جي سُڌِ تڏهين پوندي آهي، جڏهن ان کي باهه ۾ وجهي تپائبو آهي.
مٿين ڳالھين وانگر ماڻھوءَ کي تڏهن پرکي سگهبو آهي جڏهن هو ڪجهه ڳالھائيندو آهي. ڇو ته ماڻھو جيستائين ماٺ ۾ هوندو تيستائين سندس سياڻپ، چڱائي يا مدائي، سلڇڻائي يا ڪلڇڻائي پڌري نه ٿيندي. انھيءَ تي شيخ سعدي عليہ الرحمة گلستان ۾ پڻ فرمايو آهي ته ؛
تا مرد سخن نه گفته باشد،
عيب و هنرش نهفته باشد.
جيستائين ڪنھن ماڻھوءَ ڳالھايو نه آهي، تيستائين سندس اوڻايون يا چڱايون لڪل رهن ٿيون.
مطلب:
71.1 مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، اپٽي ته واءُ، پڌر پيئي ڳالھڙي ته ڇڏي ويندي ساءُ.
72. سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي، چڱا ائين چون،
پَرِ اها پرَ پيرل چوي، ڪي ٿا رند رکن.
دنيادار ماڻھو پنھنجي دنيا
مطلب:
72.1 ھوند وارا، اڻھوند وارن جي ڀيٽ ۾، سکيا گذارين ٿا.
73. سياري ۾ سيئي چڱا، جن کي ڪي آهه،
اونھاري ۾ سيئي چڱا، جن کي ڪي آهه.
دنيادار ماڻھو پنھنجي دنيا جي زور تي سياري جي سيءَ کان ۽ اونھاري جي گرميءَ کان محفوظ ٿو رهي. سياري ۾ ٿڌ جي بچاءَ لاءِ نه رڳو اليڪٽرڪ هيٽر، موجود آهن پر ياقوتين ۽ معجونن سان به ڪٻاٽ ڀريا پيا هوندا. جنھنڪري پاري کي سندس بند ۽ گرم ڪمري ۾ گهڙڻ جي جرئت ۽ همت نه ٿيندي. اونھاري ۾ وري ڇڻڪار، ڦوهارن جي ٿڌڪار سان گڏ، برف ۽ شربت هڪيا حاضر هوندا. جنھنڪري گرمي ويچاري، سندس تفريح ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ همت ئي نه ٻڌندي .
مطلب:
73.1 ھوند وارا، اڻھوند وارن جي ڀيٽ ۾، سکيا گذارين ٿا.
74. سياري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي باهه،
اونهاري ۾ سيئي چڱا، جن گهڻي ڇاهه. (چوڻي)
سياري ۾ سيءُ گهڻو ٿيندو آھي، تنهن کان بچاءَ لاءِ گهرن ۾ باهه ٻاربي آهي. باهه اهو ٻاري سگهندو، جنهن وٽ گهر ۾ ٻارڻ طور ڪاٺ جام جمع ٿيل هوندو. جنهن وٽ نه ڪاٺ هوندو ۽ نه باهه هوندي، سو سيءَ ۽ پاري ۾ پيو پاهه ٿيندو. سک ۾ اهو رهندو جنهن وٽ ججهي باهه آهي.
اونهاري ۾ گرمي، پگهر ۽ رُگهه جام ٿئي ٿو. گرميءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ، اَجهي کان علاوه اهڙين شين جو واپرائڻ به ضروري آهي، جن سان طبيعت بحال رهي. جيئن برف يا بوتل، فالودو يا قلفي، لسي يا پاڻي وغيره. مڙني شين مان لسي سستي ۽ سادي وٿُ آهي. منجهس لوڻ پاڻي گڏي، کيس اڃا به ٿڌي تاثير وارو ڪري سگهجي ٿو. جنهن وٽ، اها وٿ به ناهي، سو گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪيڏا به وس ڪري پر لهسجي ضرور ويندو.
مطلب:
74.1 سياري ۾ سکيا اهي آهن، جن وٽ ٻارڻ گهڻو. اونهاري ۾ اهي سکيا آهن، جن وٽ ٿڌڪار جون شيون جام آهن.
74.2 دولت وارو، اونهاري توڙي سياري ۾ سکيو رهي ٿو.
74.3 سياري ۾ به سيئي چڱا، جن کي ڪي آهه،
اونهاري ۾ به سيئي چڱا، جن کي ڪي آهه.
75. شينهن اڳيان، لڪڙي اڇلڻ سولي،
شينهن اڳيان، نِوڙي کڻڻ اولي. (پهاڪو)
شينهن چيريندڙ/ ڦاريندڙ جانور آهي ۽ سندس خوراڪ به فقط ماس آهي. ساڻس گوشت پوست مان ٺهيل انسان کي، کينس نه ڪرڻ گهرجي. ڇو جو شينھن ماس کي اڳي ئي ڳوليندو ٿو وتي. تنھن ڪري ھيءُ جو ڪاٺي اڇلڻ جھڙي حرڪت ڪندو ته ڪيئن بچندو. اڇلي هڻڻ جهڙي حرڪت ئي نقصان پائڻ جي مترادف آھي، جڏھن ته سندس ويجھو پيل ڪاٺي موٽائي کڻڻ ته اڃا پري جي ڳالهه آھي.
جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڪنهن شيءِ جي اوٽ وٺي، پري کان بيهي، شينھن ڏانھن ڪاٺي اڇلڻُ، ڦٻي وئي آھي ته انهيءَ مان اها مراد ناهي ته شينهن ڪمزور آهي يا شينھن جي نظر نه ٿي پوي يا شينھن ساڻس ٺهي ويو آهي، تنهنڪري هاڻي ويجهو وڃي، نِوڙي اها موٽائي به کڻي وٺي.
مطلب:
75.1 پاڻ ڏاڍي اڳيان ڪا به اُگري ڳالهه نه ڪجي. جيڪڏهن ڳالهه کيس نه وڻي، ته ٻچا ٻير تي چاڙهي ڇڏيندو.
76. شنيھن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا،
چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.
جيڪڏهن تو شينھن نه ڏٺو آهي ته ٻلي کي ڏس. ڇو جو ٻلي جي، شينھن سان تمام گهڻي مشابھت آهي. ساڳيءَ طرح جي چور جو ديدار نه ڪيو اٿئي ته سوناري جي دڪان تي وڃي سندس درشن ڪر. ڇاڪاڻ ته سونارو سون ۽ رُپي مان ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي اوترو مَٺُ گڏي مالڪن کي ڏيندو آهي ۽ اها چوري چئبي. چوندا آهن ته سونارو پنھنجي ماءُ ڀيڻ جي شيءِ مان سون ڪڍي مٺ گڏڻ کان به ڪين گسي.
مطلب:
76.1 سونارو ماءُ جي نٿ مان به ڪين مڙي.
77. عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ. (چوڻي)
علت: مرض، لت، چوس.
عادت: هير، طبيعت.
علت يا مرض، علاج يا دوا سان دفع ٿي ويندو آهي. جڏهن ته بري فعل جي تانگهه به علت وانگر آهي. اها به نصيحت ۽ پرهيزگاريءَ سان ڇٽي سگهي ٿي. جڏهن اها علت، حد کان وڌي ويندي آهي ته عادت بڻجي ويندي آهي. انهيءَ علت جي پورائي کانسواءِ، ماڻهوءَ کي دنيا ۾ نه مزو ايندو آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي. اھا علت عضوي وانگر ٿي ويندي آهي.
ڪن حالتن ۾ کريل عضوو ڪٽي اڇلائي سگهڻ جهڙو فعل آهي پر عادت مورڳو ڪٽي نه سگهبي آهي.
مطلب:
77.1 پاڻ ۾ غلط ڪم جي عادت يا هير وجهڻ کان پاسو ڪجي.
77.2 علت وڃي، عادت نه وڃي.
78. عشق نه جاني ذات ڪذات، بوک نه جاني باسي ڀات،
پياس نه جاني ڌوٻي گهاٽ، نيند نه جاني ٽوٽي کاٽ.
باسي ڀات؛ پاروٿا چانور.
ٽوٽي کاٽ؛ ڀڳل کٽ.
هڪڙو بادشاهه هر روز پنھنجي وزير کان پڇندو هو ته؛ ”ڪھڙي خبر چار؟“
وزير هميشه اهو ئي جواب ڏيندو هو ته؛ ”جيئندا قبلا مڙيوئي خير آهي.“
هڪ لڱا وزير اها ڳالهه راڻيءَ سان ڪئي. تنھن چيس ته؛ ”مون کان خبر چار پڇندو وڃ ته آءٌ تو کي ٻڌايان.“
وزير چيس ته؛ ”ڀلا اڄ ڪا خبر چار ٻڌاءِ.“
راڻيءَ چيس ته؛ ”پھريائين تون مونکي ٻڌاءِ ته بادشاهه شڪار تي وڃڻو آهي؟“
وزير چيو ته؛ ”هائو! ڇهين بجي شام جو ويندو.“
راڻيءَ چيس ته؛ ”تون ستين بجي مون وٽ اچج ته آءٌ تو کي خبر چار ٻڌائيندس.“
وزير انھيءَ وقت تي راڻي وٽ ويو. راڻيءَ هن کي پاڻ سان وٺي شھر جي ڌوٻي گهاٽ ڏي ويئي ۽ اتي وزير کي چيائين ته؛ ”فلاڻي ڀونگيءَ ڏي چتائي پيو نھارج.“
وزير ائين ڪيو. ڪنھن وقت وزير ڏٺو ته بادشاهه سلامت انھيءَ ڀونگي ۾ پيو وڃي. وزير راڻيءَ وٽان اشاري ملڻ تي وڌي اڳڀرو ٿيو ۽ ڀونگيءَ وٽ بيھي ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. انھيءَ ڀونگيءَ ۾ هڪ کٽياڻي رهندي هئي، تنھن کي بادشاهه چيو ته؛ ”آءٌ شڪار تان ٿڪجي آيو آهيان. مونکي اُڃ ڏاڍي لڳي آهي. پر پھريائين ڪجهه ڏينم ته کائي پوءِ پاڻي پيئان.“
کٽياڻيءَ چيو ته؛ ”ماني مون وٽ ڪانھي. باقي پاروٿا چانور رکيا آهن، سي چئو ته ڏيانوَ.“
بادشاهه چيو ته؛ ”اهي ئي ڪار.“
بادشاهه اهي چانور وٺي کاڌا ۽ پوءِ پاڻي گهريائين. کٽياڻيءَ وٽ پاڻي رکيل به ڪو نه هو. سا ڌوٻي گهاٽ تان وٽو پاڻيءَ جو ڀري آئي. بادشاهه اهو پاڻي پي چيس ته؛ ”هاڻي ڪا کٽ ڏينم، جنھن تي ٻه گهڙيون ليٽان.“
کٽياڻيءَ چيس ته؛ ”اها ڀڳل کٽ، جنھن تي ويٺو آهين، تنھن ڌاران ٻي ڪا کٽ مون وٽ ڪانھي.“
بادشاهه پوءِ انھيءَ ئي کٽ تي ليٽي پيو.
وزير ۽ راڻي، پوءِ سٽ کڻي پنھنجي جاءِ ڏي ويا. صبوح ٿيو ته ڪچھري مڙي. بادشاهه وزير کان دستور موجب پڇيو ته؛ ”وزير، ڪھڙي خبر چار؟“
وزير چيو ته؛
”عشق نه جاني ذات ڪذات، بوک نه جاني باسي ڀات،
پياس نه جاني ڌوٻي گهاٽ، نيند نه جاني ٽوٽي کاٽ.“
بادشاهه کي سڀيئي ڳالھيون دل سان لڳي آيون. تنھن شرم وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
مطلب:
78.1 عشق نه ڏسي ذات، نه ڏسي ڪذات.
78.2 عشق انڌو آهي.
78.3 عاشق انڌا هوتا هي.
79. عقل آهيرن جو، ڌريون ئي ويو،
مڱائين هڪڙو، ته پرڻائين ٻيو.
دنيا جو دستور آهي ته ماڻھو پنھنجي ڇوڪري، جنھن ڇوڪري سان مڱائيندا آهن، تنھن سان ئي پرڻائيندا آهن. جيڪڏهن ڪنھن عورت جو مڱيندو ڇڏائي، ان کي ٻئي شخص سان پرڻايو وڃي ته اها انجام شڪني ٿي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻھو، آهير (ڄٽ) هجي يا امير، شاهه هجي يا گدا، غريب هجي يا غني، ائين ڪندو ته کيس عقل جو کٽل ضرور سڏبو.
مطلب:
79.1 زبان ڪري/ سينڌ ڏيئي، ڦري نه وڃجي.
79.2 واعدو ڪري ڦرڻ وارو آهير آهي، توڻي کڻي پئسي جي لحاظ کان ڀلي ارباب هجي.
80. ڪالهوڻي ڪالهه گئي، اڄ پڻ ڏينهن پيو،
جنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو. (چوڻي)
هاري، زميندار جي فصل ۾، محنت سان ان وغيره پوکيندو آهي. لاباري وقت فصل جون ڀويون لڻي، هڪ هنڌ گڏ ڪندو آهي. ڳاههُ ڳاهي منجهانئن ان الڳ ڪندو آهي. پوءِ سڻائي واءَ تي وائري، ان اڇو ڪندو آهي. اڇي ان جا ڍير هڪ هنڌ رکبا آهن ته جيئن امينن جي آڏو، حصيدارن جا حصا ورهائجن. زميندار ۽ هاريءَ جو حصو ڪڍڻ لاءِ، اڳي وٽ تارازي بجاءِ پنج سير ۽ ويهه سير جي تور جا ٿانءَ هوندا هيا، جن کي ٽويا ۽ ڪاسا سڏبو هيو. خاص طور تي ٽويو، مئڻ/ ماپڻ ۾ آسان هيو. جنهن سان ان ماپي/ توري ورهائبو هيو. جڏهن بٽئيءَ وارا، صبح جو اچي ڍير ۾ اهو ماڻ وجهندا هيا ته شام تائين ٻار ۾ ان هوندو ئي ڪين هيو.
ڏينھن جو لنگھي وڃڻ پڻ انسان جي حياتيءَ اندر ماڻُ آهي. حياتيءَ جو مدو مقرر ٿيل آهي. ڏيهاڙن جي گذرڻ سان، ڪھڙي سٽ جهليندي؟ نيٺ ختم ٿيندي.
مطلب:
80.1 جنهن دلي کي ٺينڊي/ سير پيل آهي، تنهن ۾ پيل پاڻي، ٽمي ٽمي کپي ويندو.
80.2 انساني حياتي، ڪالهه، اڄ ۽ سڀان جي وقتن ۾ ورهايل هئڻ جي باوجود کپي ويندي.
80.3 رات گئي، بات گئي.
80.4 زندگي جلد ختم ٿيڻ واري آھي.
81. ڪانءُ هليو، مور جي ٽور،
کنڀ کُهائي، ڪانءُ رهيو نه مور.
جھنگ ۾ مورن جوناچ ۽ سھڻا کنڀ ڏسي، ھڪڙي ڪانءَ کي به مور ٿيڻ جو اچي شوق جاڳيو. ان شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ، پنھنجا ڪارا کنڀ ڪڍي ان جاءِ تي مورن جا کنڀ ٽنبڻ شروع ڪيائين. ڪارا کنڀ کوھڻ سبب ڪانون جھڙو نه رھيو، جنھنڪري ڪانون کيس ڌاريو سمجھي، پنھنجو نه ڪيو. اھو حشر ڏسي مورن ڏانھن ويو ته سندس ننڍڙي ۽ بي ڊولي جسم تي پنھنجي کنڀن جو برو حشر ڏسي، اھي به مٿس ڏمرجي پيا ۽ پر کوھي لوڌي ڪڍيائونس.
مطلب:
81.1 جيڪو پنھنجي ذات سان سچو نه ٿو رھي، ان کي ڪٿي به مان نه ٿو ملي.
81.2 ذات ڪانون کي به پياري آھي.
81.3 ھڪڙي ڪانءَ کي ھڪڙي بادشاھ چيو؛ ”سھڻي ۾ سھڻو ٻچو کڻي آءُ!“ ته پنھنجو ٻچو کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ھن کان وڌيڪ دنيا ۾ سھڻو ٻچو ٿي نه ٿو سگھي.
82. ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي،
ساڌو ۽ سپاٽ، ويهارجي وچ ۾. (پهاڪو)
ڪتو، پليد جانور آهي. جنهن ٿانءَ ۾ نوسي، تنهن کي ست دفعا ڌوئڻ گهرجي. مٽيءَ يا خاڪ، ڇار يا رک سان پاڪ ڪجيس، نه ته سندس جيوڙا ٿانءَ ذريعي انساني پيٽ تائين پهچي سگهن ٿا. خاص طور تي (Rabbi) ڇت-ڪتائيءَ وارو جيوڙو جلد اثرانداز ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪتي کي ڪاڏي ڪاهڻو به هجي ته ڳچيءَ ۾ نوڙي وجهي پوءِ گهلجيس، باقي هنج ۾ ويهاري نه کڻجيس.
اهڙيءَ طرح ڪميڻو ماڻهو به عزت/ تعظيم جي لائق ناهي. واسطو پويس يا در تي ڪنهن ڪم لاءِ اچي ته ٻاهران ئي نمٽائي ڇڏجيس. در تي گهڻو وقت به بيهڻ نه ڏجيس، متان ڪا شيءِ تاڙي وڃي. نالائق سان نيھن ته نه لائجي پر کانئس ائين پري ڀڄجي جيئن نانگ بلا کان ڀڄبو آھي.
ان جي برعڪس ساڌو يا اشراف کي عزت/ تعظيم ڏجي. ڪنهن منجهيل معاملي ۾ وٺي اچي وچ ۾ ويهارجيس ته به ڀَؤ ڀولو نه ٿيندو. ساڻس نينھن جو ناتو ڳنڍي، سندس صحبت جو ساءُ ۽ محبت جو مزو وٺجي.
مطلب:
82.1 لچ کي آڌر نه ڏجي. اشراف کي عزت ۽ پيار ڏجي. ساڻس پريت رکجي.
82.2 صالحن جي صحبت، تو کي صالح ڪندي. برن جي صحبت، توکي برو ڪندي.
82.3 اشراف کي آدر، ڪميڻي کي پادر.
83. ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙي ڏني،
سا رات جو تارا ڏسي ٿي ڊني. (پهاڪو)
اُماڙ: ٻرندڙ بُنڊي.
ڪتيءَ جي عادت آهي؛ هر لنگهندڙ تي ڀؤنڪڻ. جيڪڏهن انهيءَ تي ڪنهن باٺو ٺاھوڪو وهايس ته پوءِ ھر لڪڻ واري کان ڪَوَ پئي کائيندي. اھڙي ماڻھوءَ جي لنگهڻ وقت، نه نروار ٿي ڀؤنڪندي ۽ نه ڏهڙيندي، بلڪ ڪنڊ پاسي کان لڪي پئي ڏندي ڏيندي يا رُوڙيندي.
ان جي برعڪس جيڪڏهن انڌاري رات جو ڪنهن چور وغيره، ٻرندڙ بنڊي سندس مُنهن ۾ هنئي ته پوءِ هر چمڪندڙ شيءِ کان پوءِ روڙندي ۽ ڊڄندي. بجاءِ مالڪ جي گهر جي چوڪي ڏيڻ جي، رات جو اڀ ۾ تارا ڏسي، ڪنهن اجهي ۾ لڪي پئي ڇرڪندي ۽ رُوڙيون ڪندي.
مطلب:
83.1 جيڪو ماڻهو ڪنهن ڌنڌي مان هڪ دفعو رڳو گهاٽو يا نقصان ۽ ڏک ڏسي ٿو، سو انهيءَ ڪم کي ٻيهر ڏسڻ سان پيو ڇرڪندو يا ڊڄندو.
83.2 کير جو کاڻيل، جهڻ ڦوڪي پيئي.
83.3 ڪتيءَ کي ڏينھن جو ڏني ڪنھن اماڙي، سا رات جو تارا ڏسي پئي رُوڙي.
83.4 ڪتي کي ڪنھن اماڙ ڏنو، رات جو تارا ڏسي ٿي ڊنو.
84. ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏِبو ڪيترو. (پهاڪو)
جھڙيءَ طرح واريءَ جو ڪوٽ بيھي نه سگهندو، تھڙيءَ طرح هن دنيا جي حياتي به عارضي ۽ جٽاءُ نه جھليندڙ آھي. ڪيتري به ڊگهي ملي، نيٺ کُٽي وڃي. انسان سدائين هڪ حالت ۾ ناهي. ڪڏھين شملو ٻڌي ۽ دوشالو ڪلھي تي رکي منھن تي موڙ ٻڌي گهوڙي سوار ٿي گهوٽ ٿو ٿئي.
جڏھين وري مري ٿو ته ڪنھن مقام جو مڪاني ٿو ٿئي. کيس ٻيا ڪلھي تي کڻي دفنائي ٿا اچن. تنھنڪري ھن دنيا کي دائمي رهڻ جي جڳهه نه ڀانئجي. نه وري منجهس وڏا قلعا ۽ ڪوٽ اڏائجن. اڄ اڏائبا، نيٺ سڀاڻي ڊهندا. رهندو نالو فقط الله جو.
مطلب:
84.1 جيئڻ جا ڏيهاڙا ٿورا آهن. واريءَ جي ڪوٽ وانگر حياتي بي بقا آهي. نيٺ مرڻو آهي.
84.2 انسان پيدا ٿيو آهي مرڻ لاءِ، جاءِ جوڙجي ٿي ڊهڻ لاءِ.
84.3 جڳ؛ مڙيو ئي سپنو.
84.4 جڳ؛ بازيگر جي بازي.
84.5 انسان ڪڏھن ڀريءَ ۾ آھي ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
85. ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان،
ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوئا. (چوڻي)
ڪمان: سينگ، تير هلائڻ جو اوزار
ڪشيئي: ڪشڻ، تاڻن.
ضمان: ضامن پوڻ، تلاهي پوڻ.
کوها: کوهه، کوهاڏو، کڏ.
۱. جنهن تنهن تي اجايو سجايو سينڱ تاڻڻ واري لاءِ اهو نقصان آهي جو نڪتل تير، جيڪو ٻيهر موٽي نه ايندو آهي، ڪنهن غلط جاءِ تي لڳو ته پوءِ موٽ ۾ عذاب پيدا ڪندو. ڇو جو وات مان نڪتل گفتو، ٿڻن مان نڪتل کير، ڪمان مان ڇٽل تير، بندوق مان ڇوڙيل ڪاردوس ڪڏهن به موٽي ماڳ نه ايندا.
۲. ضامن پوڻ سان سدائين تاوڻ پوندو آهي. جيڪو ضامن پوڻ واري کي ئي ڀرڻو پوندو آهي. اهڙي ٽوٽي وارو ڌنڌو، ڪير به ذي فهم نه ڪندو آهي.
۳. کوهه مٿان ٽپو ڏيڻ مان هڪڙو خوف آهي ته جي پير ترڪيو يا اڳينءَ ڀر پهچڻ کان ٿورو کُٽي پيو ته جيءَ/ جان وڃڻ جو جُوکو آهي. خطري وارو ڪم ڏسي وائسي نه ڪجي.
۴. جوئا کيڏڻ واري کي وقتي نفعو نظر اچي ٿو، جنهن ڪري کيڏي ٿو. لوڀ سڀڪنهن کي مارائي، جواريءَ کي به مارائي. هار، گهاٽو ۽ گلا ڏاڍي ٿئيس.
مطلب:
85.1 نقصان آڻيندڙ شين/ ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
85.2 ڇٽل تير، نڪتل گفتو، موٽي نه اچن ماڳ.
85.3 ضامن گيري، تاوڻ گيري.
85.4 درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀاڻ ٻڏي.
85.5 جوئا ڪدي نه سوئا، سوئا ته موئا ئي موئا.
86. ڪکان ڪُوڙي باهه، غلامان دوستي،
يار نه ڪجي ڏُوم، پيادو، پوستي. (چوڻي)
غلامان: غلام، گولو، گولاڙو
ڏُوم: لنگهو، مڱڻهار.
پوستي: پوست جي نشي پيئڻ وارو.
پيادو: پيرين پنڌ هلندڙ، ڍل جي اوڳڙ ڪندڙ.
ڪکن جي باهه عارضي آهي. واءُ، مينهن، پاڻيءَ جو ڇانڊارو، مٽيءَ جو ٻڪ به وسائي سگهيس. جتن ڪرڻ کان سواءِ به وسامي وڃي. ڇو جو باهه به ان ٻارڻ کي ٻاريندي چڱو وقت وٺندي، جنهن جي اندر ۾ ٻرڻ لاءِ ٻلُ هجي. جيئن ڪاٺي يا بنڊ وغيره کي جلد باهه نه لڳي، بلڪ آهستي آهستي لڳي. جڏهن لڳي ته پوءِ جٽاءُ به گهڻو ڪري ۽ وسامي به جلد نه.
اهڙيءَ طرح ٽن ماڻهن جي دوستي ٿئي به جلد ۽ ٽُٽي به جلد. ان کي نه جٽاءُ ۽ نه ئي منجهانئس ڪو دوستيءَ وارو هڳاءُ حاصل ٿئي.
لنگهو، ڍل اوڳاڙيندڙ ۽ نشئي ماڻهو، پنهنجي غرض خاطر ياري رکن. سندن پيٽ پهرين، پوءِ سنگت. اهي ڪاسبي قسم جا ماڻهو، پيٽ کي سنگت مٿان ترجيح ڏيندا آھن، تڏهن سندن پيٽ-گذر ٿيندو آھي. جنهنڪري سندن دوستي اڄ هڪ سان ته سڀان ٻئي سان ھوندي آهي.
مطلب:
86.1 ڪاسبي ماڻهوءَ جي سنگت، ڪکن جي باهه وانگر، غير جٽادار آهي.
86.2 لنگهو ۽ پيٽ، ڀرئي نه ڀرجن.
87. ڪميڻو ڪپڙا ڪري، ڏسي پنهنجو ڏيل،
ڏسي پنهنجي ڏيل کي، ٿو ڊوڙائي دليل،
مون جهڙو ملڪن ۾، ڪو ھوندو قليل،
اڳيان گڏيس اصيل، وايون ويس وسري. (چوڻي)
بادو نالي هڪڙو ڪوري، تمام مسڪين ۽ غريب ماڻهو هيو. عيد جي ڏيهاڙي پنهنجي غريبيءَ آهر ڪپڙا ڪيائين. ڪپڙا پائي، ٽيڳرجي پنهنجي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي چوڻ لڳو؛ ”جيءُ ڙي بادا جيءُ!“
ٽيڳرجي گهران نڪتو. گهٽيءَ ۾ ڏٺائين ته وڏا وڏا ماڻهو، زربفت جا ڪپڙا ڪيو عيدگاهه ڏانهن عيد نماز پڙهڻ پئي ويا. تڏهن پنهنجي پوشاڪ کي سادو سمجهي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ دل ۾ لڄي ٿي چوڻ لڳو؛ ”ڊين ڙي بادا ڊين!“
انسان کي ڌڻيءَ عقل ڏنو آهي، تڏهن کيس پنهنجي اوقات نه وسارڻ گهرجي. پنهنجي حال کي خيال ۾ رکي، ٻين سان سندن حيثيت موافق ورتاءُ ڪري. ٻين کي پاڻ کان گهٽ ڪين ڄاڻي. ائين ڪبو ته آخر پڇتائڻو پوندو.
مطلب:
87.1 ڪي ڪميڻا، پنهنجيءَ ٿوري موڙيءَ کي ڏسي ٽنڊ/ ٽيڳر ڪن. ڀاڳوانن ۽ اشرافن آڏو اچڻ سان اها ٽنڊ ڦڪي ٿي پوين.
87.2 ڪنهن کي به گهٽ ڪين ڄاڻجي.
87.3 سير مٿان سوا سير پيو آهي.
87.4 وت کان وڌيڪ، نماءُ نه ڪجي.
87.5 ھٺ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي.
88. ڪنهن جو اگهي ڪوڙ، ڪنهن جو سچ به سُهمن گاڏئون،
ڪنهن جي ماني ڪري نه مور، ڪنهن جو ٽُڪرُ به ٽيڻا ڪري. (پهاڪو)
سمهون: ڇڙٻون، دڙڪا داٻ، ڊپ ڊاءُ
ٽُڪر: مانيءَ ڳڀو، مانيءَ ڀور.
ڪن ماڻهن جو ڍنگ اهڙو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهي ڪوڙ به ڳالهائين ته سچ پيو ڀاسندو آهي ۽ هر ڪو پيو مٿن اعتبار ڪندو آهي. ڪي وري ويچارا اهڙو اعتبار وڃائي ويهندا آهن جو جيڪڏهن سچ به ڳالهائين ته ڪوڙ پيو ڀاسندو آهي ۽ هر ڪو پيو موٽ ۾ ڇڙٻون ڏيندو اٿن ۽ ڏاٻيندو اٿن.
ڪي بختاور اهڙا آهن جو ڪنهن کي ٽڪر مانيءَ جو کارائين ته پيو سڄي عمر ڳائجين. ڪن جي مالڪ جي طرفان اهڙي بدبختي ٿئي جو جيڪڏهن ڪنهن جي مانَ ۾ ست رڇي طعام ڪن ته به کين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ موٽ ۾ کين تڪليف ئي سھڻي پوندي آهي.
مطلب:
88.1 ڌڻي مهربان آهي ته ڪوڙ به اگهي/ ڦٻي وڃي ٿو، نه ته سچ به مُلهه-چور ٿيو پوي.
88.2 اڻ پڙهيل ڏُڏُ ماڻهو، ڀاڳيو ۽ سياڻو/پڙهيل ماڻهو، نڀاڳو يا نوڪر.
88.3 ھر ڪو پنھنجو پنھنجو مقدر پائي ٿو.
88.4 پلئه پائي سچ، آڇيندي لڄ مران
88.5 اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ ٿئي.
88.6 عملن جو دارومدار نيت تي آھي.
89. ڪَنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حيف تنين جي حال، جنين وساريو حال. (چوڻي)
ماڻهوءَ سان، وقت جي لحاظ کان، ٽن قسمن جو معاملو آهي. هڪ ته اڳئين وقت ۾ ڇا هيو، ٻيو هاڻي ڇا آهي ۽ ٽيون آئنده ڇا ٿيڻ وارو آهي.
۱. اڳي ڇا هيو؟ جيڪي به هيو گذري چڪو. وڏا ڪيئن ھيا؟ اھي پنھنجو وارو وڄائي ويا. جيڪڏهن امير هيو/ھيا ته هيو/ھيا. هاڻي وٺبو اڄ جي حالت کي. گذريل اميريءَ تي ٽيڳر ڪرڻ يا پدرم سلطان بود ٿيڻ، هلڪڙائپ جي نشاني آھي. پراڻي ٽنڊ، بجاءِ ڪم اچڻ جي، ويتر مارائيندي.
۲. سڀان ڇا ٿيندو؟ ڪنهن چکي نه لڌو آهي. اڄ جيڪو امير آهي، سو غريب به ٿي سگهي ٿو. ساڳيو به رهي سگهي ٿو. اڃا به وڌي امير ٿي سگهي ٿو. يا سندس پونير امير-تر ٿي سگھي ٿو. اهڙيءَ طرح اڄ جيڪو غريب آهي، سو ايندڙ وقت ۾ امير به ٿي سگهي ٿو. اهڙو جو اهڙو به رهي سگهي ٿو. اڃا به حالت ڦريس ته دماغي توازن وڃائي نيست و نابود به ٿي سگهي ٿو.
۳. ماڻهوءَ کي، پنهنجي حال يا هاڻوڪيءَ حيثيت مطابق هلڻ گهرجي. غريب آهي ته غربت واري ڏِک ڏيڻ گهرجيس. امير آهي ته به سهنديءَ آهر ڏِک ڏيڻ گهرجيس.
مطلب:
89.1 ھاڻوڪيءَ مھل جي حال ۽ صحبت موجب ھلت ڪرڻ گھرجي.
89.2 نه پدرم سلطان بود ٿجي ۽ نه پنھنجي ڪوڙي تعريف تي خوش ٿجي.
90. ڪوسا ناوي، ٿڌا کاوي،
ويڄ پاس، ڪدي نه جاوي. (چوڻي)
سياڻا ماڻهو ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۽ کاڄ ٺاري کائڻ جو گهڻو تاڪيد ڪندا آهن. جيڪو اها هلت ڪندو، تنهن کي گهڻو ڪري نه اگهائيءَ جو ڊپ رهندو ۽ نه وري طبيب جي ضرورت پوندي.
ڪي يوناني طبيب، ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ بابت چوندا آهن؛ ”مئل ماڻهوءَ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجارين ٿا، سو جيئرو ڇو نٿو ٿئي؟ تنهن جو عجب آهي!“
مطلب:
90.1 ڪوسي پاڻيءَ سان وهنجڻ ۾ اهڙي ڀلائي آهي جو جيڪر مردو به زندهه ٿي پوي.
90.2 ٿڌي کاڌي کائڻ سان، صحت آخر دم تائين سالم رهي ٿي.
90.3 پيٽ نرم، پير گرم، مغز ٺنڊو، ڊاڪٽر اچي ويجهو ته وهاءِ ڏنڊو.
91. ڪوئي مري، ڪوئي جيوي،
شتريا گھول پتاشا پيوي. (چوڻي/ پھاڪو)
جيڪي فقير، ڌڻيءَ جا طالبو يا ڳولھائو آھن، سي دنيا کي تياڳي ساري جسم کي ڀڀوت لائي، گھر گھاٽ ڇڏي ھلندا رھن ٿا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته دين اسلام اھڙي رھبانيت واري زندگي گذارڻ کان منع ڪئي آھي. جن وٽ اھا ڳالھ جائز آھي، تن اھو رستو اختيار ڪري، مٽن مائٽن سان لاڳاپا لاھي ڇڏيا آھن. ھاڻي پوئتي موتي فوتي ٿئي يا خوشي خورمي ٿئي ته کين ان جي ڳڻتي نه ٿي رھي. کين ھر حال ۾ پنھنجو جيءُ سکيو رکڻ لاءِ شربت وغيرھ کپن ۽ بس. اھي پنھنجي فقيري رنگ ۾ اھڙا رَتا ۽ رِڌا ٿا رھن جو کين ڪنھن جي مرڻ ۽ جيئڻ جي سُڌِ ڪا نه ٿي پوي.
مطلب:
91.1 دنيا کي تياگ ڏيڻ وارن لاءِ، ڪنھن جو مرڻ يا جيئڻ ڪو به اثر نه ٿو رکي.
91.2 گنجي جي مٿي ۾، جونءَ نه لِيکَ.
91.3 اللھ وارا، دنيا ڏانھن گھٽ راغب ٿيندا آھن.
92. ”ڪُھَرَ ڪيئن؟“ چي؛ ”ان سنوان!“
”موچڙن سان ڪيئن؟“ چي؛ ”جهولي ئي تنھنجي!“
ڪنھن سپاهيءَ هڪڙي ڪوهريءَ کان پڇيو ته؛ ”ڪھر ڪيئن ٿو ڏين؟“
ڪوهريءَ چيو ته؛ ”ان سنوان! يعني جيترو ان ڏيندين اوترا ڪوهر توري ڏيندوسانءِ.“
سپاهيءَ پادر هڻي چيس ته؛ ”ههڙا تھڙا! اسان عملدارن کي به ٿو اهي اگهه ٻڌائين.“
ڪوهريءَ رئڻھارڪو ٿي چيو ته؛ ”مونکي مار نه! ڪوهرن جي جهولي ئي تون کڻ!“
مطلب:
92.1 موچڙي سان سڀڪو سڌو آهي.
92.2 پٽ ٻٽيھ لکڻو، موچڙو ڇٽيھ لکڻو.
92.3 ڪمذات جي صحبت مان، سواءِ اخلاقي نقصان جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيندو.
93. کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور،
جواني ۽ مايا، پور ۾ پور،
پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور.
۱. کير هڪ لطيف، پاڪ ۽ صاف مادو آهي، جيڪو مڪمل طور تي کاڌو به آهي ته مشروب به. کيس وڌيڪ لذيذ ڪرڻ لاءِ، منجھس مٺاڻ ملائبو آهي. کنڊ ۽ مصري، ڳڙ ۽ مُستي کيس لذيذ بڻائيندا آهن. لوڻ مرچ وجهڻ سان، منجهس اها لذت نه ٿي رهي. مٺاڻن منجهان به کنڊ سان وڌيڪ سوادي، وڻندڙ ۽ دلبهار ٿئي ٿو. دماغ جا چوڏهن ئي طبق روشن ٿيو وڃن. ان کان وڌيڪ ٻيو سواد ڪونهي.
۲. جواني، ديواني ۽ مستاني ٿيندي آهي. لوڙهن ۽ ڀتين مان پار پوندي دير نه ڪندي آهي. ڪنهن به ڪم ڪرڻ مهل، جذبو ايترو جوش ۾ هوندو آهي جو نتيجي جو هوش ئي نه رهندو آهي. اهڙيءَ طرح دولت به آهي. جڏهن گهڻي، اڻ ميي ۽ بي حساب هٿ اچي وڃي ته پوءِ ڪيا ڪهني! نه جهل هجي، نه پل هجي. نه رنڊ هجي، نه روڪ هجي. پوءِ خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪاٿي خرچ ڪرڻ سان فائدو آهي ۽ ڪاٿي نقصان. تيستائين اڇل اڇلان هوندي آهي، جيستائين پِڙَ پالها نه ٿين.
۳. پنڌ ڪرڻ اوکو آهي. پنڌ کان ماڻهو ڪتي جي وات ۾ به کڄي پهچي ته چڱو. پنڌ ٿڪائيندڙ ۽ جهوريندڙ آهي. ويتر جو مٿي تي بار به رکيل هجي ته پوءِ ماڻهو، جيءَ مان اچي ڦاسندو آهي.
مطلب:
93.1 چڱي شيءِ، چڱيءَ سان ملي ته منجھس چڱائيءَ جو واڌارو ٿئي.
93.2 بري شيءِ، بريءَ سان ملي ته منجھس برائيءَ جو واڌارو ٿئي.
93.3 پهرين سِٽَ ڄڻ سواد ۾ سواد آهي، ٻي ڪر نشي ۾ نشو ۽ ٽين سٽ ڏک ۾ ڏک.
94. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو،
ڪاتي ڪري گدري تي، ته به گدري جوکو. (پهاڪو)
دنيا جي تختي تي جيڪي به شيون پيدا ڪيون ويون آهن، تن جا ضد به پيدا ڪيا ويا آهن. تضداد کان سواءِ شين جي ماهيت، افاديت ۽ فطرت سمجهڻ ڏکي ٿي پوي. هڪڙن کي ڪمزور ته ٻين کي ڏاڍو ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي ڪارو ته ٻين کي اڇو ڪري پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي بااخلاق ته ٻين کي بداخلاق پيدا ڪيو ويو آهي. هڪڙن کي وڻندڙ ته ٻين کي قابل نفرت ڪري پيدا ڪيو ويو آهي.
انهن جي ضد ۽ تڪرار ۾ پوڻ ئي نه گهرجي. ڇو جو ڏاڍو هر هميشه ڏاڍاو ئي آهي. فطرتي طور تي، ڪمزور ۽ ڏاڍي ۾ اهي خاصيتون رکيل آهن.
فطرتي ڏاڍو، هر صورت ۾، هيٺينءَ ۾ يا مٿينءَ ۾، فطرتي هيڻي کان زورآور آهي. جيئن گدري ۽ ڪاتيءَ جو مثال آهي. ڪاتي وڍيندڙ آهي، ان کي هر صورت ۾ اهو امر مڃڻو آهي. گدرو وڍجندڙ آهي، ان کي هر صورت ۾ اهو امر مڃڻو آهي.
مطلب:
94.1 جبل فطرتي طور تي ڏاڍو آهي ۽ مٿو ڪمزور آهي. هاڻي جبل سان جيڪڏهن ڪير مٿو هڻندو ته پنهنجو مٿو ڦاڙائيندو، جبل کي ڪي به ڪين ٿيندو.
94.2 ٺڪر جي ٿانون سان پٿر گڏ رکبا ته ٺڪر ئي ڀڄندا.
94.3 ڏاڍي ۽ هيڻي جي ويڙهه مان، ٻنهين پارين هيڻي کي نقصان/ جوکو آهي.
95. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿُؤ ڪوڙي“،
ناچو نچ نه ڄاڻندا، آکي؛ ”ڀون سوڙهي“.
هڪڙو گدڙ، جهنگ چرندو، هڪڙي انگور/ ڊاک جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ول، مَنَهه تي چڙهيل هئي، جنهن ۾ چمڪندڙ انگورن جا ڇڳا لڙڪيا پئي. گدڙ، ڊاک کائڻ لاءِ گهڻا ئي نرا ڏنا پر ڊاک سندس پهچ کان مٿي هئي. نرا ڏيئي ڏيئي جڏهن ٿڪو، تڏهن پنهنجو مرم رکڻ لاءِ اهو چوندو هليو ويو؛ ”ڊاک ته ڪؤڙي آهي.“
۲. هڪڙي شاديءَ ۾ ناچو گهرايا ويا. شادين جي موسم هئي. تجربيڪار ناچو نه آيا. ان جي جاءِ تي نوان ۽ الهڙ ناچو آيا. ڏسڻ جا چڱڙا پر جڏهن پٽيءَ تي لٿا ته نچي نه سگهن. گهور گهاٻور نه ملڻ سبب ڪرڪڻ لڳا ته ماڻهن چين؛ ”ناچ ڏيکاريو ته گهور ڏيون.“
”ڇا تي نچئون.“ نون ناچن، ناز مان جواز پيش ڪندي چيو؛ ”ٽِڪري نچڻ واري تمام سوڙهي آهي، اسان جو پير کڄي ئي ڪو نه ٿو.“
مطلب:
95.1 جيڪو ڪنھن هاج کي پھچي نه سگهندو آهي ته پنھنجي شڪست مڃڻ بدران ڪونه ڪو عذر ڏيئي انھيءَ ڪم کان ڪوه پري ڀڄي ويندو آهي.
95.2 ماڻهو، ڪنهن ڪم/ هاج کي نه پهچي سگهندو آهي ته ان لاءِ دليل گهڙيندو آهي.
96. گرمي ڇڏي، جهڻ-ڪنگر سان،
سردي ڇڏي، زر-ڪنگر سان.
گرميءَ ۾ ماڻهوءَ جو جياپو ٿڌين شين تي آهي. بجليءَ تي هلندڙ ايئرڪنڊيشنڊ، فرجون ۽ ڊيپ فريزر هر ماڻهوءَ وٽ دستاب ڪينهن. بوتلون(Beverage) واپرائڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي بات ناهي. اهڙيءَ صورت ۾ سادو ۽ سستو رستو آهي؛ لسي کير وغيره، جيڪي ٺڪر جي ٿانءَ يا ڪنگر ۾ رکيل هجن. لسيءَ ۾ پاڻي ۽ لوڻ وجهي جهارو ٺاهي پيئبو ته تَنُ مَنُ به ٺري پوندو. گرميءَ جي چوٽ اچي يا جهولي جي چپيٽ لڳي ته ٿورڙي خرچ سان شفاياب ٿي پئبو.
سرديِءَ ۾ اوچا اوڇڻ ۽ وڇاڻا، ڀليون ۽ بند جايون، کائڻ لاءِ گوشت ۽ ڪباب، پيئڻ لاءِ گرم مشروب جهڙوڪ برانڊي، ڪافي، يخني، سوپ، چانهه وغيره. اهي مڙيئي شيون غريب ماڻهوءَ جي پهچ کان مٿي آهن. اهي ان کي دستياب ٿينديون، جنهن وٽ ڌن دولت جام آهي. سرديءَ جي سٽ اچي وڃي، جنھن ۾ لقوه، اڌ رنگ يا سرسام جھڙو موذي مرض ٿئي ته لک لٽائڻ سان به جان/ جند نه ڇٽي.
مطلب:
96.1 گرمي، ٿوري خرچ تي ھٽي وڃي. سردي، وڏا خرچ ڪرائڻ کانپوءِ به نه ٿي ڇڏي.
96.2 گرميءَ ۾ بچاءَ لاءِ ٿڌا مشروب ۽ سرديءَ ۾ بچاءَ لاءِ گرم مشروب ۽ اوڇاڻا کپن.
96.3 سياري ۾ سي ئي چڱا، جن وٽ ڪي آه،
96.4 اونهاري ۾ سي ئي چڱا، جن وٽ ڪي آه.
97. گهڻين زالين، گهر نه هلي،
گهڻين مڙسين، هر نه هلي.
زالن کي گھڻي ڳالھائڻ جي عادت ھوندي آھي، جنھنڪري گھڻو وقت ان ۾ گذرندو اٿن. جڏھن گڏجي ويھنديون آھن ته پوءِ جڳ جھان جا جيستائين ليکا، چوکا نه ڪنديون آھن، تيستائين نه گڏجي ويھڻ جو مزو ايندو اٿن ۽ نه ئي قرار. اھڙيءَ طرح، مرد وري ڪم جا ڪوڏيا ۽ ڊاڙ لٻاڙ جا عادتي ھوندا آھن. ڪم جي وقت جيڪڏھن ڪنھن ھڪ کان لٻاڙ نڪري وئي ته پوءِ ٻيا به پنھنجي پاڻ کي گھٽ نه ڪندا آھن. اھي اھي ڊاڙون ۽ لٻاڙون ھڻندا جو وڃي ٿين ست خير. سڄو وقت انھن ڊاڙن ۾ گذري ويندن ۽ ھر ڪاھڻ جھڙو ڏکيو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گھر ھليا ايندا آھن.
مطلب:
97.1 گهڻ-صلاحيو ڪم اصل راس نه ٿيندو.
97.2 حد کان وڌيڪ ماڻھو، ڪنھن ڪم سان لڳندا ته اھو به کري ويندو.
97.3 گھڻيون دايون ھونديون ته ٻار جو مٿو ڦڏو ھوندو.
97.4 گھڻا بورچي ھوندا ته آش به بيسوادي ھوندي.
97.5 گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي.
98. گهوڙا ۽ پٽ، ملا ۽ ڀت،
هو ڪشيا ته رسيا، هو نيا ته چٽ.
گهوڙا پنڌ نبيرڻ لاءِ مشھور آهن. جيڪڏهن ڪو پَٽُ يا ميدان آڏو اچي وين ته جهٽ ڪري وٺندا. ساڳيءَ طرح، اگر ملن آڏو، ڀت اچي ويو ته کائڻ ۾ اهڙي تڪڙ ڪندا جو ڀت جو رھندو نالو نه نشان. ڇو جو مفت جي مانيءَ تي پلجڻ وارن کي چڱي شيءِ زندگيءَ ۾ ورلي ملي ٿي. جڏھن ھٿ ايندي اٿن ته پوءِ، پيٽ لاھي مٿس ويھي رھندا آھن.
مطلب:
98.1 جنهن پنڌ لاءِ گهوڙا ڊوڙائبا سو ڄڻ ڄاڻ نبريو. جنهن کاڌي کائڻ لاءِ ملا گهرائبا، سو به ڄڻ ڄاڻ کٽو.
98.2 ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ، ھو ڪشيا ته رسيا، ھو رسيا/ نوِڙيا ته چٽ.
98.3 ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ، سيد ته سئيون، آيون ته ويون.
98.4 گهوڙا ۽ گهر، ڏور ڇو ٿو پڇين ولها.
99. ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنجھ،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
ماڻهوءَ ۾ هڪ ظاهري سونهن رکيل آهي ته ٻي باطني. ڪي رنگ جا سهڻا پر وسپن ۾ چڱا نه. ڪن جا وسپ ۽ نقش، سهڻا ۽ من موهيندڙ ته رنگُ نه. ڪن جا وسپ/ نقش ۽ رنگ چڱا، پر اخلاق چڱا نه. ڪي ورلي هوندا، جن ۾ مڙئي خوبيون؛ ظاهري سونهن، بهادري، اخلاق، همدردي ۽ ايثار وغيره هونديون.
پکي به ائين آهن. سهڻي ۾ سهڻو پکي فقط هنجهه آهي. ٻيا ڪي ڪارا ته ڪي گند خور، ڪي جهنگ ٻلا ته ڪي ڦيڪاري. ڪاٺَ به سمورا خوشبودار نه آهن. منجهانئن فقط چندن اهڙو آهي، جو سؤ سال کان پوءِ به چيرجڻ تي ساڳي خوشبوءِ ڇڏي.
مطلب:
99.1 پنج ئي آڱريون ڀائر آھن، برابر نه آھن.
99.2 نه هر زن، زن است نه هر مرد مرد. خدا پنج انگشت يڪسان نه کرد. فارسي
99.3 ھر عورت، عورت نه ھوندي آھي ۽ نه ھر مرد مڙس ماڻھو ھوندو آھي. خدا تعاليٰ، مڙيئي آڱريون ھڪ-ڪريون نه جوڙيون آھن.
99.4 دنيا ۾ هر شيءِ سهڻي ناهي
100. ماءُ سا ماءُ، باقي ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،
اهڙو لڳو واءُ، جو پنھنجا به پراوا ٿيا.
پکي به ائين آهن
مطلب:
100.1 پنج ئي آڱريون ڀائر آھن، برابر نه آھن.
101. ماءُ مھاڻي، پيءُ دوراني،
پُٽُ پَٽَ جو پيٽيو، ڌيءُ ڏاس جي تاني.
پکي به ائين آهن
مطلب:
101.1 پنج ئي آڱريون ڀائر آھن، برابر نه آھن.
102. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ،
پڌر پيئي ڳالھڙي، نڪو لاءُ نڪو ساءُ.
هڪ لڱا شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سان گڏ، ڪي مريد هوا. انھن مان هڪڙي هُو هُو جو ذڪر ڪري ضرب هنئي. سيد شاهه ڪريم کي، هن جو آواز ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي. چيائينس ته؛ ”هي ڇا آهي! انھيءَ مان اهو مطلب آهي ته ٻيا جيڪي حاضر آهن، تن کي ذڪر ڪونھي ۽ انھن کي ٿو ٻڌائين.“
ٻئي دفعي وري چيائين ته؛ جيڪڏهن ڪنھن شخص تي الله جي عنايت مخفي طرح ٿئي ته انھيءَ کي گهرجي ته اها ڳجهي رکي. ظاهر نه ڪري. انھن ٻنھي موقعن تي، هيءُ بيت چيائين.
مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،
پڌر وڌي ڳالهڙي، ڇڏي ويئي ساءُ. (شاه)
ڀانئجي ٿو ته مٿيون پھاڪو، انھيءَ بيت مان ٺاهيو اٿن.
مطلب:
102.1 ڀيٽيو: ٻاٻا ڀلي، ڍڪي ڀلي.
103. مَرُ سين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾،
کھُ سين اڄاڻا، هينئون هندوري لوڏجي. (چوڻي)
سياڻي ماڻهوءَ سان گڏ هئڻ ڀلو آهي. پوءِ ڀلي سندس ڪيل ڪمن سبب، ساڻس گڏجي ڪاٺ ۾ پئجي يا قيد ۾ بند ٿجي يا ڦاسيءَ تي چڙهجي. ان جي برعڪس بيوقوف ماڻهوءَ سان گڏ هجڻ تمام خراب آهي، پوءِ ڇو نه اهو هندورن ۾ لوڏي يا خوشين/ راحتن ۾ رکي.
اهو انهيءَ ڪري آهي جو چڱي ماڻهوءَ جي صحبت ۾ اول ته تڪليف نظر ايندي آهي. جي اچي وڃي ته پوءِ به منجهانئس مڙئي ڀلائي ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو دنيا مان، ڦاسي کائي هليو به ويو ته پويان دنيا ۾ پئي نيڪي ڳائبس. ان جي برعڪس، بيوقوف ماڻھوءَ مان وقتي ته ڀلائي نصيب ٿئي ٿي پر بعد ۾ ايڏي خواري ۽ بدنامي ٿئي ٿي جو مرڻ پڄاڻان به بدنامي رهي ٿي.
مطلب:
103.1 بيوقوف بازار ۾، ساٿي کڻجي نه ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
104. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
مڱ پچي، ڪارڙو نچي،
مڱ لئو، ڪارڙو مئو.
مڱن جي پوک، جڏهن پوکبي آهي ته ڪارڙو به قدرتي طرح وجود پذير ٿيندو آهي. جڏهن مڱن جي ٻوٽي ۾ ڏانڊي پڪيرڙي ٿيندي آهي، تڏهن ڪارڙي جو ڏنگ به ٽانڊي وانگر تکو ۽ کڻندڙ ٿي پوندو آهي. جڏهن مڱن جو فصل پچندو آهي، تڏهن ڪارڙو به کائي مچي مھوڙ ٿي پوندو آهي. ٿلھيرڙو به ٿيندو آهي ۽ وڏا چڪ پائيندو آهي. جڏهن مڱن جو فصل لُبندو آهي، تڏهن سندس کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جا سمورا هنڌ به ناس ٿي ويندا آهن ته نتيجي ۾ سندس زندھ رهڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي ۽ خود بخود مري ويندو آهي.
مطلب:
104.1 ڪارڙو، مڱ جي ڦٽڻ سان ڄمي ۽ مڱ جي لبڻ سان مري وڃي.
104.2 ڪارڙو جيت، مڱن جي فصل سان منسلڪ آهي
105. موڳو پنھنجي مانيءَ مان، جڏھن پيٽ ڀري کائي،
وڃي ويھي مجلس ۾، ته سڀني کي ويٺو سَھائي،
چريو جيڪڏھن ڳالھائي، ته به بختاور سڏجي بودلو.
موڳو ماڻھو جڏهين ڀاڳوان ٿيندو آهي، تڏهين سندس بخت جي ڪري سندس موڳائي ۽ اٻوجهائي جو عيب ڍڪجيو وڃي. جيڪڏهن ڪنھن مجلس ۾ ويندو ته به سڀني محفل وارن کي وڻندو پيو ۽ جيڪڏهين مجلس ۾ سندس ڳالھائڻ ابتو سبتو هوندو ته به ماڻھو چوندا؛ واه! واه!
مطلب:
105.1 مايا عيب پوش آهي.
105.2 جن جي گنديءَ ۾ ان جا داڻا، تن جا چريا به سياڻا.
105.3 زبان توڙي دل جو سوال، تمام خراب آهن.
105.4 وس ويندي، مخلوق کان نه سوال ڪجي، نه مدد وٺجي.
105.5 مايا، ڪُلڇڻ ڍڪڻي آهي.
105.6 لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.
106. مينهن ڍائي، هوري هلي،
رڍ ڍائي، ٺينگ ڏئي. (پهاڪو)
مينهن هڪ ته پاڻ ڳؤرو بارو جانور آهي. ٻيو ڪُتر يا گاهه کائي ته مڻن پيري، تڏهن وڃي ڍاپي. ايڏو کائڻ کان پوءِ، پنهنجو وزن ۽ کاڌي جو وزن کڻڻ ئي اهنجو ٿيو وڃيس. تنهن ڪري آهستي آهستي/ هوريان هوريان هلي.
ان جي برعڪس، رڍ جو وت ٿورو آهي. پنهنجو وزن ته گهٽ اٿس پر کائي به ٻڪريءَ وانگر هلندي ڦرندي. مينهن وانگر بيٺي به نه کائي سگهي. کائي به پيٽ آهر ٿورو. هلڪي هئڻ ڪري وتي ٺينگ ٽپا ڏيندي ۽ ڊوڙون پائي اڇانگ ڏيندي.
مطلب:
106.1 سکر ماڻهو وڏو پَدُ پائي ته نوِڙت گهڻي ڪري. نکر کي ٿورڙو ڍؤ به ٿئي ته گهڻي ٽانءِ ڪري.
106.2 ڍؤ جهلي هڪ مينهن، ٻيو ڀاڀڙو.
107. نانءَ چڙهيو واپاري، کٽيو کٽي کائي،
نانءَ چڙهيو چور، ڦاھي کائي. (پهاڪو)
واپار ۾ واڻيي جو وکر نه وڪامندو آهي پر وڙ به وڪامندو آهي. جيڪو واپاري ساک پت وارو آھي ۽ ايمانداريءَ سان، چڱي شيءِ، مناسب اگهه تي توري ڏئي ٿو ۽ اوڌر جي ڪتاب ۾ غلط رقم نه ٿو چاڙهي ته هر ڪو سيڙجي به کانئس سودو وٺندو آھي. پنهنجا ته ٺهيو پر پراوا به اچي کانئس سودو وٺندا آھن. ان جي برعڪس، جيڪو دڪاندار، ڇڙٻن سان اگهه ٻڌائي، اڇلن سان توري ڏئي، سٽون ڏئي پئسا گهري وٺي، چهڙن سان قرض اوڳاڙي ۽ کنڌي جي ڪتاب ۾ ابتا سبتا انگ لکي، تنهن کان ٻيا ته ٺهيو پر پنهنجا سڳا مائٽ به سيڌو ڪو نه وٺـندا آھن.
۲. چور ڀلي کڻي ڪک جو هجي پر جڏهن بدنام ٿيو ته هر ڪو کانئس پيو ڇرڪندو. اهو مشهور ڪندس؛ ”فلاڻو ڪک به نه ٿو ڇڏي!“ ڪک نه ڇڏڻ واري بدنامي ايڏي آهي جو لکن جو چور، ليکي ۾ ئي نه ايندو آهي. جڏهن ماڻهو چور طور مشهور ٿيو ته جتي ڪٿي پيو جهلبو ۽ پاڻ کي به چور/ گناهگار ڄاڻي، ٻيا گناهه ڪرڻ جائز پيو ڀانئيندو. دل ۾ پيو چوندو؛ ”گناهگار ۽ چور ته اڳئي سڀڪو چوي ٿو پوءِ ويهي بک مرڻ کان هٿڙي هڻي خوش ڇو نه گذاريان.“ ائين ڪرڻ سان، پيو پوليس ۾ پڪڙبو ۽ ڀاڳين جي لعنت ملامت هيٺ ايندو.
مطلب:
107.1 سيبتي واپاريءَ جو واپار گهڻو هلي. بدنام چور جتي ڪٿي پادر کائي.
107.2 چڱ-مُڙسيءَ جي واٽ هلڻ وارو، جتي ڪٿي مان لهي. لچائيءَ ۾ پڌرو، هر هنڌ بي مانائتو.
108. نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا،
انگ اڳيئي لکيا، پاڙڻ پوءِ پيا.
نڪو ڪير ڪنھن جي دعا سان سائو ٿو ٿئي ۽ نڪو وري ڪير ڪنھن جي پٽ سان سڃو ٿو ٿئي. جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي، سو ئي ٿيندو. پٽ ۽ پاراتا، دعائون ۽ ڦيڻا، تعويذ ۽ سڳا به نصيب ۾ لکيل هوندا ته پوندا ۽ اثر به لکيل هوندن ته ڏيکاريندا. جيڪڏهن لکيل ناهن، ته نه پوندا ۽ نه اثر ڏيکاريندا.
مطلب:
108.1 نصيب، ھن جھان جي جڙڻ کان اڳيئي لکيو ويو ھيو. ھاڻي ٻيھر ڪو نه لکيو ويندو.
108.2 نصيب ۾ لکيل انگ پڙندو، ٽرندو ڪين.
108.3 نصيب تي جيڪڏهن ڪير راضي رهيو ته به لوڙيندو، ڏک-ڀرو ٿيندو ته به ڀوڳيندو.
109. ننڍڙي مري نه مايڙي، ٻڍڙي مري نه جوءِ،
ڪنت چوڙيليءَ نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ.
ننڍي ٻار جي ماءُ، پيرسن مرد جي زال ۽ جوان زال جو مڙس شل نه مرن. ڇو ته انھن ٽنھي کي خدمت ۽ سنڀال جي ضرورت آهي. اتفاقاً جيڪڏهين ائين ٿي پيو ته ننڍو ٻار مامين ۽ چاچين جي درن تي ڌڪا کائيندو وتندو ۽ ٻڍو به ننھن ۽ ڌيئرن جي سُھمن ۾ اچي ويندو.
جوان زال جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! هوءَ ويچاري ڏُھاڳ جي ڏکن سان گڏ، نڻانن جا طعنا ۽ اوڙي پاڙي جا اولانپا سھندي، پنھنجي جان ٻرندڙ شمع جيان گهاريندي، حياتيءَ جا ڏکيا ڏينھن پورا ڪري ٿي.
مطلب:
109.1 ڪمزور ماڻھوءَ جو سھارو شل نه نڪري وڃي. ڏاڍو ڪانھلو ٿي پوندو آھي.
109.2 زندگيءَ جي ٽنهي مرحلن ۾، مرد کي عورت جي ضرورت آهي.
109.3 ٻار ماءُ کانسواءِ ڇورو، جوان عورت مڙس کان سواءِ اڀاڳڻ، ڪراڙو مڙس زال کان سواءِ نڌڻڪو ۽ اٻالو.
110. نون ميھارن، مينھون ڌاريون،
کٿا لاهي، دونھيون ٻاريون.
مالدار ۽ ڀاڳيا، مڇرن جي موسم ۾، مينھن کي موتمار حملي کان بچائڻ لاءِ، ڇيڻن جا دونھان ڪندا آهن. ڪڏھن به کٿا نه ٻاريندا آھن. نوان ميھار، جن پھريون ڀيرو مينھون ڌاريون آهن، سي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ اڻ آزمودگاريءَ کان کٿن جا دونھان ڪرڻ جھڙا ابتا ڪارناما ڪن ٿا.
مطلب:
110.1 نئين کدڙي، طبلي جو زيان.
110.2 نئين نائڻ، بانس جو نھيرڻ.
110.3 نئين يا نوآزموده يا اڻ-پڙهيل ماڻهوءَ سان ڪار-وهنوار سوچي سمجهي ڪجي. منجهانئس فائدي جي اميد گهٽ رکجي.
110.4 غير تجربيڪار ماڻهو، ابتا ڪم ڪندو آهي.
110.5 اڻ آزمودگار، ڦٽڪيءَ کي مصري ۽ لوڻ کي کنڊ پيو ڄاڻندو آهي.
110.6 نئون ملو، ڏاڍيان ٻانگ ڏئي.
110.7 نئين ڏائڻ، ڳئيءَ ڏانهن ساهه ڪڍي.
110.8 نئين سنياسڻ، چيلهه ۾ جٽائون.
111. نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار،
اتم کيتي، وڌنت واپار. (چوڻي)
ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ، کاڌ خوراڪ، لٽي ڪپڙي ۽ جاءِ جڳهه جي ضرورت آهي. جيڪو ماڻهو زمين سان محنت ڪري ٿو، ان وٽ مال متاع، جاءِ جاڳاهه ٻني ٻاري تي ئي ٿيو وڃي. مند تي فصل ڦاڙي اچي ۽ ڪاٺي ڪلي به مفت مليس. ڀاڄي ڀُتي به محنت ڪري ته گهر ويٺي ملي وڃيس. پرديس جي ڏاکڙن جي، يا ڪنهن کي سائين سائين ڪرڻ جي، کيس ضرورت نه ٿي پوي. ملڪ ۾ نوٽ ڇپجي ٿو يا نه، حڪومت ساڳي آهي يا مٽجي وئي، انهن ڳالهين جو مٿس ڪو اثر نه ٿو پوي.
ان جي ڀيٽ ۾ واپار اندر پئسو پنجڙ ته جام ملي ٿو، جنهن سان زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. جڏهن ته واپار ۾ لاها چاڙها، رولھڙا، پرديس جي سفر جا ڏاکڙا ۽ گراهڪن جون لايون چايون به آهن. ڪو اوڌر رکائي کائي ويو، ڪٿي بارش يا باهه سان مال کي آڻيندي نيندي يا ٺڪاڻي لڳائيندي ڇيهو رسيو ته واپاري ڍيري.
پنڻ واري جي ڌنڌي ۾ ڪا سيڙپ ناهي. البته ماڻهوءَ جي چهري جو نور نڪري ٿو وڃي. گهرڻ ڌاران، اڳلو خيرات ڏئي يا نه. مورڳو چهڙون به ملي سگهن ٿيون. ٻيو پنڻ ڌاران اها شيءِ ملندي آهي جيڪا مالڪن جي دل تان لٿل هوندي آهي. ان جي حيثيت اها ناهي، جنهن سان دل کي راحت ملي.
نوڪريءَ ۾ مهيني تي پگهار ملي ٿي. ڀلي ڏڪر پوي، ٻوڏ اچي يا مينهن وسي، مهيني تي معاوضو مليو وڃي. جنهن سان ضروريات زندگيءَ جون شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اهو به تڏهن جڏهن مٿيان صاحب راضي هجن. مٿيان رشوت، سفارش ۽ سائين سائين ڪرڻ کان سواءِ راضي ڪين ٿيندا آهن. نوڪريءَ واري کي غرض پوري ڪرڻ لاءِ، سندن آڏو نيچ ٿيڻو پوندو آھي.
مطلب:
111.1 اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
111.2 نوڪري، گند جي ٽوڪري.
112. ور راڄ؛ ٻرهه راڄ،
پٽ راڄ؛ ميڇ راڄ.
ڪنھن مائيءَ، پنھنجي مرد جي صاحبيءَ ۾ ڏاڍو فرحت ۾ وقت ڪاٽيو هو. مرد جي چالاڻي کانپوءِ، هوءَ پنھنجي پٽ ۽ ننھن جي پناري پيئي. پٽ جي ڏاڍي مرضي هئي ته؛ ”آءٌ ماءُ کي سُکي رکان.“
پر سندس زال کي اها ڳالهه نه پيئي وڻندي هئي. هو اڃا چوندو هو ته؛ ”ماءُ کي هيءَ ڪي هيءَ شيءِ يا پيسا ڏيان.“
زال اشارو ڪندي هيس ته؛ ”نه ڏينس!“
هڪڙي ڏينھن هن مائيءَ، پنھنجي ننھن جو اهڙو اشارو ڏسي ائين چيو.
مراد ته پنھنجي مڙس جو راڄ، اهڙو آهي جھڙو رام ۽ سيتا جو راڄ. جن ٻرهه جي ڏينھن ايوڌيا ۾ راڄ ڪمايو. پنھنجي پٽ جو راڄ، سو آهي ميڇ ۽ اشاري جو راڄ. يعني پٽ، پنھنجي زال جي اشاري تي هلندو.
مطلب:
112.1 خاوند راج، بلند راج، پوت راج، دوت راج.
113. وسي ته به ڏٻري گسي،
نه وسي ته به ڏٻري گسي.
ڏٻرو ڍور، جيڪو اوسر ۾ گاهه جي نه هجڻ سبب پڇِ پئجي ويو آهي، سو وسڪاري جي وقت ڏاڍي ويل ۾ آهي. جيڪڏھن ٻه چار ڏينھن آگم جا اوهيرا هوندا، اھي ڏينھن ويچارو ڪلي ۾ قابو پيو هوندو ۽ جهنگ ۾ چرڻ لاءِ جاءِ ئي نه هوندس. جنھنڪري بک ۾ پاھُ ٿي اڳئين کان به چٽ ٿي ويندو. تنھن وانگر هيڻو ماڻھو به ٿڌي سھي نه ڪوسي.
مطلب:
113.1 ڏٻري ڍور کي مڇر به گهڻا
113.2 هيڻو ماڻھو، نه ٿڌي سھي نه ڪوسي
114. وڻجن ٻير، کائجن ڊاکون،
تن گهرن جون، ڪھڙيون ساکون؟
ٻير هڪ سستو ميوو آھي. ان جي واپار مان اپت به ٿوري ٿيندي. ان جي ڀيٽ ۾ ڊاک هڪ مھانگو ميوو آهي، جيڪڏھن ان جو وار ڪبو ته منافعو به گھڻو ٿيندو. اھڙيءَ طرح جيڪو ماڻھو ٿورو ڪمائي گھر ٿوري آڻي ۽ خرچ ڳاٽي ڀڳا ڪري، سو جلد کھجي کٽي پوندو.
مطلب:
114.1 آھر کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو.
114.2 گهٽ ڪمائيءَ وارو، عياشي ڪندو ته جلد ساک وڃائي ويهندو.
114.3 سوڙ آھر، پير ڊيگھارجن.
115. هسڻو جوڳي، پڏڻي نار،
گد ڪهي؛ ”هي ٻئي مار“. (چوڻي)
جوڳي؛ جنھن هيءَ جُوءِ ڇڏي آھي يا درويش جنھن هن دنيا دورنگيءَ کي دور کان سلام ڪيو آھي تنھن جو دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان ڪھڙو ڪم. ساڳيءَ طرح اشراف عورت کي به اجائيءَ هلت هلڻ ۽ کلڪي نچڪي کان موت بھتر آهي. گد، شاعر ٻنھي کي ڪھي مارڻ جو ڏس ٿو ڏئي.
مطلب:
115.1 سچو فقير ڌڻيءَ کانسواءِ ۽ اشراف زال مڙس کانسواءِ ڪنهن ڏانهن نه تڪيندا آهن.
115.2 عورت جو حسن، پردي ۾ ۽ اللھ لوڪ جي بزرگي، دنيا سان بي تعلق ٿيڻ ۾ آھي.
116. هڪڙو چوي، ٻيو مڃي،
تنهن جو پورهيو، ڌڻي نه ڀڃي. (چوڻي)
ادب ڪرڻ ۽ چيو مڃڻ، زندگي گذارڻ لاءِ تمام ڪارائتو اصول آهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهن جون دليون وٺي سگهجن ٿيون. جيڪو به ڪم ڪبو، ان ۾ ٻين جي راءِ/ صلاح شامل هوندي ته ڪير به مخالفت نه ڪندو. هٿائين همٿائيندو ۽ هيلپ پيو ڪندو. اهڙي ماڻهوءَ لاءِ رب پاڪ به پيو دروازا کوليندو.
جيڪو ماڻهو بي ادب ۽ گستاخ ٿيندو، سو ٻين جي دل تي ته نه چڙهندو پر پنهنجي دوستن يارن، مٽن مائٽن حالانڪ ماءُ پيءُ جي دل تان به لهڻ شروع ڪندو. ساڻس ڪنهن ڪم جي مدد ته نه ڪندا پر وس پڄندن ته سندس هر ڪم ۾ رنڊڪون ۽ رخنا پيا وجهندا. ڌڻي پاڪ به مٿس ناراض پيو ٿيندو ۽ دنيا ۾ ئي پيو ڏِنگيون ڏيکاريندس.
مطلب:
116.1 چيو مڃڻ کان، ڌڻي پاڪ به خوش ٿو ٿئي.
116.2 بي چيو ڪتو به در تي ڪير نه ٿو رکي.
116.3 باادب بانصيب، بي ادب بي مراد.
116.4 جنين ادب، تنين عجب.
116.5 بي وڙو، لوڪ تڙيو.
117. هنجھن سان حرص ڪري، اڏاڻي چڙي،
چڻو هوس چھنب ۾، سو به پيس ڪري.
هنجھ، هڪ وڏو پکي آھي. چڙي يا جھرڪي هڪ ننڍڙو پکي آهي. جيڪڏهن جهرڪي هنجھ سان ريس ڪري اڏامندي ته ساڻس پڄندي ته ڪين، پر هٿئون ٿڪجي بڇڙي ٿي، ڦان ڪري اچي پٽ تي پوندي.
جيڪڏهن ڪو نادان، ڪنھن داناءَ جو وڏو ڪم ڏسي، ساڻس برميچيندو ۽ اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهندو ته ڇيھو پائيندو.
مطلب:
117.1 جيسي، جيسيُن سان ٺھندو آھي.
117.2 پاڻ جھڙن سان صحبت ڳنڍجي.
117.3 پاڻان وڏن سان پڇ نه اٽڪائجي.
117.4 ڪانءُ هليو مور جي ٽور، کنڀ کُهائي، نه رهيو ڪانءُ نه مور.
118. هنجھ نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينھڙا،
جيءُ نه جنجل گهت، سِرُ تان سَرَ ڪيترا.
ھنجھ؛ تلاءَ ۾ رھندڙ ھڪ وڏو پکي.
سِرُ؛ جان، ساھ، روح
سَرَ؛ سَرُ جو جمع، تلاءُ، ڍنڍ.
اي هنجھ! جيترا ڏينھن جيئرو آهين، تيترا ڏينھن هيڻي ٻولي، مونجهو نه ٿي. ڇو جو جيڪڏھن سِرُ سلامت آهي ته روزيءَ جو ذمو ساجن تي آهي. سر سلامت آهي ته پوءِ هڪ تلاءُ، جنھن تي تنھنجو گذران آهي، سو جيڪڏھن سڪي ويو ته ٻيا تلاءَ گهڻا آهن. ڌڻي تعالى، رحمان ۽ رحيم آهي، هڪ پوريندو ته سو وري کوليندو.
مطلب:
118.1 رب ھڪ لٽي ٿو، سھسين پٽي ٿو.
118.2 ھڪ ٻنڀو لنبي ٿو، سوين در پٽي ٿو.
118.3 هان! توکل کن مر جان پا و دست، رزقِ تو بر تو ز تو عاشق ترست. (مثنوي رومي )
118.4 تون اللھ تبارڪ و تعاليٰ تي توڪل ڪر ۽ ان تي ڀاڙ ۽ رزق جي ڳولا ۾ هٿن ۽ پيرن کي نه ڏکوءِ. ڇاڪاڻ ته تنھنجو روز توکان وڌيڪ تنھنجي تلاش ۾ آهي.
118.5 تلاءُ سڪي ويو آهي ته ارمان نه ڪر. سِرُ آهي ته تلاءَ گهڻا.
118.6 ۲ . ڪرت/ ڌنڌي مان اپت ٿوري ڏسي ڳڻتي نه کاءُ، ڌڻيءَ جو آسرو رک، جيڪو سڀ کي قوت پهچائي ٿو.
119. ياراڻي يارن جي، پاڻي ٿي پيئي،
جهليسين ٻڪن ۾، وٿين مان ويئي.
ڪوڙا دوست وقت تي ڪم نه ٿا اچن. جيڪي دوست اڙئي وقت ۾ آڌر ڀاءُ نه ٿا ڪن ۽ چڱائيءَ جي عيوض دوکو ٿا ڪن، تن جي جيتري گلا ڪجي اوتري ٿوري آھي.
مطلب:
119.1 دنيا وارن دوستن جي دوستي به ڪوڙي ته دشمني به بي بقا آھي.

2 comments: