Monday, January 31, 2011

ماڳ مڪان وارا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ماڳ مڪان وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

مختصر جملو، جنھن ۾ ڪو اونھون ويچار يا سُندر نڪتو سمايل هجي ۽ اهو وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودي تي مبني هجي، ان کي پھاڪو چئجي ٿو. جيڪو ڪنھن لساني سماج ۾ صدين کان وٺي هر هڪ پيڙهيءَ کي، زباني طور ورثي ۾ ملندو پيو اچي. انھيءَ ۾ وڏڙن جو آزمودو محفوظ آهي، جيڪو وقت تي اسان جي رهنمائي به ڪري ٿو ۽ صحيح واٽ تي هلڻ جي نصيحت به ڏئي ٿو. (1)
هر اهو جملو جيڪو تاريخ ۽ جاگرافي، ثقافت ۽ مذهب، اٿڻي ويھڻي ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾، چٿر، ٽوڪ يا تعريف وغيره جي حساب سان عوام ۾ مشھور ٿي وڃي، ان کي به پھاڪي/ چوڻيءَ جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي.
هر ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا پھاڪا/ چوڻيون موجود آهن، جن جو ان ٻوليءَ جي خطي، ماڳ مڪان يا جاگرافيائي بيھڪ سان ضرور واسطو آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن.


الف) انگريزي
جھڙو ديس، تھڙو ويس.
روم ۾ رومين وانگر رهو
When in Rome, do as Romans do
1
تريءَ تي بھشت نه ٿو جڙي
روم هڪ ڏينھن ۾ نه جڙيو آهي
Rome was not built in a day.
2
درياهه ڀر ويھي، مانگر مڇ سان نه وجھجي وير
روم ۾ رهي پوپ سان اچائڻ بيوقوفي آهي.
It is ill-sitting in Rome and striving against Pope.
3
مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا
سمورا رستا روم ڏانھن وڃن ٿا.
All Roads lead to Rome.
4
ڪوئي مري ڪوئي جيوي،
شُتريا گهول پتاشا پيوي
روم سڙيو پئي، نيرو مرليءَ ۾ مگن هئو.
Rome was burning, Neru was fiddling
5
ب) عربي
1
بغداد، عروس البلاد
بغداد، عراق جي گاديءَ جو هنڌ، شھرن جي ڪنوار آهي
2
صوفي، لاڪوفي
صاف دل ڪڏهن به ڪوفي نه ٿيندو
3
ڪوفي، لايوفي
ڪوفي جو رهندڙ، ڪڏهن به باوفا نه هوندو
ج) فارسي
1
اصفھان، نصف جھان
اصفھان، سونھن ۾، اڌ جھان برابر آهي
2
سيون سبي چون ساختي، دوزخ چرا مي پرداختي
جڏھن سيوھڻ ۽ سبي ٺاهيئي، پوءِ دوزخ ڇا لاءِ پيدا ڪيئي
3
هنديان را هند مدح به، سنديان را سند مدح به
هندن لاءِ هندي محاورو، سنڌين لاءِ سنڌيءَ ۾
4
چنان قحط سالي شد اندر دمشق،
که ياران فراموش کردند عشق
دمشق جي قحط سبب،
يارن کان عشق ئي وسري ويو
5
ترسم نه رسي بکعبه اي اعرابي،
که اين تو راه روي بترکستان است
ڊپ اٿم ته ڪعبي نه پھچندين،
جا تو راهه ورتي آهي، سا ترڪستان ٿي وڃي.
د) پنجابي
1
جس ني لاهور ديان بتيان نهين ويکويان اوه جميا ئي نهين
جنھن لاهور جون ٻرندڙ بتيون نه ڏٺيون، اهو ڄڻ ڄائو ئي نه
2
“ڪٿي گئي سي؟” چي؛ “لالي موسي”
“ڪي ڪرڻ گئي سي؟” چي؛ “پنڌ مفت دا ڪٽي گسي”
“ڪاڏي وئي ھئين؟” چي؛ “لالا موسيٰ”
“ڇا لاءِ وئي ھئين؟” چي؛ “پنڌ مفت جو، ڌوڙ منھن ۾ الڳ!”
ھ) ڏور اوڀر
1. بئنڪاڪ ۾ اڇليل پٿر، ڪنھن ڪتي تي يا بکشو ٻائي تي يا بادشاهي گهراڻي جي ماڻھوءَ تي پوندو. (ٿائي، چوڻي)
2. ٽوڪيو ۾ رسيل تڪليف جو بدلو، ناگاساڪيءَ ۾ نه وٺجي. (جپاني، پھاڪو)
مٿيان جملا، آسمان مان نازل ٿيل نه آهن. ڪن ماڻھن جي واتان، موقعي مھل جي مناسبت سان، بي اختيار نڪتل آهن. منجھن سچائي به آهي ته سحر به. ڪن ۾ ته فقط تڪ-بندي ئي آهي، تڏهن به پيا دل سان ٺھڪن. اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ به ماڳ مڪان جي حساب سان، ڪن جملن پھاڪي يا چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي. انھن جو ماڻھن جي نفسيات تي ڪيترو اثر آهي، سو پڙهندڙ پاڻ معلوم ڪري سگهي ٿو. اول ماڳ مڪان جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جي هيٺان، ان سان لاڳو پھاڪو/ چوڻي ڏني وئي آهي.
1. آدم جي اوطاق
1.1 پيٽ اٿئي يا آدم جي اوطاق (شڪارپور، چوڻي) (4)
آدم نالي شڪارپور شھر ۾ ھڪ ھمراھ جي وڏي ۽ ڪشادي اوطاق ھوندي ھئي. منجھس گهڻن مھمانن ترسڻ جي گنجائش هئي. ڪنھن کي به اچڻ وڃڻ لاءِ ڪا جهل پل نه هئي. جيڪو به ايندو ھيو، کيس نصيب سارو لسي ۽ ڍوڍو، کٽ ۽ بسترو ملندو ھيو. خالي نه موٽي ويندو ھيو.
مطلب:
  • پيٽ اٿئي ڪن لالو کيت.
  • پيٽ اٿئي ڪن جوال.
  • پيٽ اٿئي ڪن پرڳڻو.
  • پيٽ اٿئي ڪن ميان جو ڳوٺ.
  • هٻڇي ۽ پيٽ ھٿيي ماڻھوءَ جو پيٽ ڀرجڻ نه ھوندو آھي. کيس ٽوڪ طور ائين چئبو آھي.
2. آريجا
2.1 لاهي لنگا ويھه، آريجن مان آسرو،
پني پرائو ڏيھه، اچي کاءُ آريجن ۾. (سرو، چوڻي) (5)
آريجن جا لاڙڪاڻي ۽ قمبر-شھدادڪوٽ ضلعن ۾ ٽي وڏا ڳوٺ آهن؛ ۱. خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي ۲. ڦيڙهي وارا آريجا تعلقو قمبر ۽ ۳. محمدي آريجا تعلقو وارھ. هيءَ چوڻي خير محمد آريجا (تعلقو ڏوڪري/ باقراڻي) لاءِ چيل آهي. آريجن جي شھر ۾ خير محمد آريجو نالي، ھڪڙو بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو صاحبِ شريعت ھيو. سندس وقت ۾، سندس موجودگيءَ ۾ ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو دھل دماما يا موسيقي وغيرھ وڄائي. شھر ۾ رھندڙ لنگھا/ مڱڻھار، گذر سفر لاءِ ٻين شھرن ڏانھن ويندا ھيا. کين آريجا شھر ۾ دھل نه وڄائڻ سببان، پڳر به نه ملندو ھيو. جنھن تان ھڪ ڏينھن ھڪڙي، آريجوي لنگھي/ مڱڻھار، ائين چئي دل جي باھ ماري.
مطلب:
  • آريجن ۾ پنڻ جي پچر ڇڏي، محنت تي گذرڻ ڪرڻ گهرجي.
  • پنڻو آهي ته پوءِ آريجا ڇڏي، ٻئي هنڌ وڃي پِنجي.
3. اٻاوڙو
3.1 اوٻاوڙي جي ٻولي: دٻي ۾ ٺڪريون. (چوڻي)
اوٻاوڙو، جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندوستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل اثر کان علاوه، علائقائي لهجن جي فرق ۽ ڦير سبب، اتان جي ٻولي چڱي خاصي بگڙيل آهي. ان کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. جنهن سببان اتي مروج لهجي (dialect) بابت عام راءِ اها آهي ته دٻي ۾ کڙڪندڙ ٺڪرين وانگر سمجهڻ ۾ تڪليفده آهي.
مطلب :
  • اوٻاوڙي جي ٻولي، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ڏکي آهي.
  • بروهڪي/ جتڪي ٻولي، دٻي ۾ ٺڪريون.
4. اروڙ
4.1 هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِھَه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي. (پيشن گوئي، چوڻي) (6)
چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌو درياهه، هاڪڙي وٽان وهندو هئو. جڏھن اروڙ وٽان مٿس ٻنڌ ٻڌائون ته رخ مٽائي ويو. ھاڻي بجاءِ هاڪڙي واري پاسي کان وهڻ جي، ٺٽي واري پاسي ڏانھن وهڻ لڳو. درياھ جي رخ مٽائڻ سببان، درياھ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سموريون رونقون اوڏانھن ڦري ويون. خاص طور تي بھ، مڇي ۽ لوڙھ وغيرھ ھاڻي ٺٽي طرف به ٿيڻ لڳا. اڳي اھي اروڙ وارن وٽان کين تحفي طور ملندا ھيا، جنھنڪري موٽ ۾ پاڻ به اروڙ وارن جي خاطر تواضع ڪندا ھيا. درياھ جي رخ مٽائڻ سببان، اروڙ وارن جي خاطر تواضع ۾ گھٽتائي اچي وئي.
ان ڪري ماموئين هن بيت اندر پيشن گوئيءَ طور چيو آهي ته، شال اروڙ جو بند ٽٽندو ۽ درياءُ وري هاڪڙي واري پاسي ڏانھن سير ڪري وهندو. پوءِ ٺٽي واري پاسي، جتي سمن جي حڪومت آهي، پاڻي نه وڃڻ سبب بھه، مڇي ۽ لوڙهه نه ٿيندا، جيڪي کين وري هاڪڙي وارن کان تحفي ۾ ملندا.
مطلب:
  • درياھ جي رخ ڦيرائڻ سان حالات ۾ به ڦيرو اچي ٿو.
5. الرا/ اوڍا
5.1 نه اوڍن ۾، نه الرن ۾. (سرو، پھاڪو)
5.2 ڪڏهن اوڍن ۾، ڪڏهن الرن ۾. (سرو، پھاڪو)
اڍا ۽ الرا، ضلعي جيڪب آباد جا ڳوٺ آهن. ھڪ ڏينھن ٻنھي ڳوٺن ۾ ڀت جي خيرات ھئي. ھڪ فقير به ڀت جو آسرو رکي، ٻنھي ڳوٺن مان ڍؤ ڪرڻ لاءِ ڳوٺان پنڌ پيو. جڏھن اُڍين پھتو ته ڀت ۾ اڃا دير هئي. ترسڻ سان متان اُلرن واري ڳوٺ جو ڀت کپي وڃي، تنھنڪري ڀڳو اوڏانھن. ھڪڙو ڳوٺان پنڌ نڪتل ھيو، وري ساھي ئي نه پٽيائين جو اُلرن لاءِ پنڌ پٽيائين، سو کيس پھچڻ ۾ ٿوري ويرم لڳي وئي. جڏھن اتي پھتو ته ڀت ختم ٿي چڪو هو.
بيٺي پير، پويان پير ڪيائين ته جيئن اُڍن واري ڀت کي پڄي. جڏھن اُڍين پھتو ته اتي به ڀت پورو ٿي چڪو هو. سندس ٻنھي ڳوٺن ڏانھن ڪيل پنڌ، بي سود ويو ته ڪنھن جي واتان نڪري ويو؛ نه اُڍين، نه اُلرين.
مطلب:
  • نه هيڏانھن جو رهيو، نه هوڏانھن جو رهيو.
  • نه ٻن ۾، نه ٽن ۾.
  • ڪڏھن ڏيٿين، ڪڏھن تڳرين.
  • نه تين مين نه تيران مين، نه ٽوڪري دي بيران مين. (پنجابي)
  • نه ٽن ۾ نه تيرنھن ۾، نه ٽوڪريءَ جي ٻيرن ۾. (ترجمو)
  • ڀيٽيو؛ نه صافيين، نه ڪُڙڪين.
6. انود ڪاسائيءَ جي کڏ
6.1 انود ڪاسائيءَ جي کڏ (سرو پھاڪو) (5)
سيوهڻ شھر ۾، انود يا حنود نالي ڪاسائي رهندو هئو، جيڪو هڪ وڏي کڏ جي مٿان ڪوس ڪندو هئو. سندس اها کڏ، گهڻي رت ۽ فاضل وَکَن سان ڀريل هوندي هئي. جتان ڍونڍ ۽ سڙانڊ جي ڌپ کنيون ويندي هئي. اها کڏ ظلم جي علامت طور سڃاتي ويندي هئي.
مطلب:
  • ظلم ۽ بربريت جي جاءِ.
7. اورنگا
7.1 ديرو ڦٽو، اورنگا وٺو (لاڙ، پھاڪو) (7)
ڪڪراله، تعلقي شاهبندر ۾، ديرو ڪيھرن جي گاديءَ جو هنڌ هئو ۽ اورنگزيب عالمگير، ديري جي ڦٽڻ بعد اورنگا بند تعمير ڪرايو، جنھنکي ڪڪراله بندر به چوندا آهن. ديري ڦٽڻ بعد، اورنگزيب جي نالي پويان اورنگا بندر وسي ويو.
مطلب:
  • هڪ ڳوٺ، شھر يا ماڻھوءَ جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ ٻيو ورسجي وڃي ته ائين چيو ويندو آهي.
8. باڊهه
8.1 ڏسڻ جي ڏوڪري، اندر ۾ باڊهه (لاڙڪاڻو، پھاڪو)
ڏوڪري ۽ باڊهه، لاڙڪاڻي ضلعي جا ٻه الڳ الڳ شھر آهن. باڊهه، ڏوڪري تعلقي ۾ هوندي به ڏوڪري شھر کان آباديءَ ۾ وڏو آهي. جيڪو ماڻھو، بظاهر معمولي نظر اچي ۽ اندران منجهانئس غير معمولي صلاحيتون ظاهر ٿين، ان لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • ڏسڻ ۾ ڪمزور، پر اصل ۾ وڏي اثر وارو.
  • ڇپيل رستم
9. باهوجا
9.1 رهي راهوجين، بھي باهوجين، ڪتي ڪوريجن جي. (سرو، پھاڪو) (8)
راهوجا، باهوجا ۽ ڪوريجا، ذاتين جي نالن پويان سکر ضلعي جا ڳوٺ آهن. جيڪو ماڻھو هجي هڪڙن جو، پلجي ٻين وٽ ۽ نفعو ٽين کي ڏئي، تنھن لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • جنھن جا گھڻا ٿاڪ ھوندا آھن، تنھن جو ڄڻ ھڪ به ٺڪاڻو ناھي.
  • ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو نه گھاٽ جو.
10. بٺورو
10.1 ليکا ڏي بٺوري وارن کي (لاڙ، چوڻي) (7)
شاهبندر، جاتي ۽ کارو-ڇاڻ جي ماڻھن کي ڪير، خواه مخواه بيوقوف بنائڻ واري ڳالهه ڪندو آهي ته سُر صحيح ڪري کيس ٽوڪ طور ائين موٽ ڏيندا آهن. اڳئين دؤر ۾ بٺوري جا ماڻھو به ٻين جي ليکن تي لڳي ويندا هئا.
مطلب:
  • ٻين جي ڳالھين تي لڳي پنھنجي مت وڃائڻ واري کي ائين ٽوڪ طور چيو ويندو آھي.
10.2 بٺورو، دل ڏيئي بيٺو رو (لاڙ، چوڻي)
بٺوري شھر وارن کي ٽوڪ ھڻڻ خاطر ايئن مثال ڏنو ويندو آهي.
مطلب:
· ڀيٽيو؛ ڪنڊيارو، دل ڏيئي ويٺو رو.
11. بٺي
11.1 اڻڄاڻ لاءِ جھڙي بُٺي، تھڙو بھرام. (لاڙڪاڻو، پھاڪو)
بُٺي ۽ بھرام، تعلقي قمبر علي خان، ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جا ٻه وڏا ۽ مشھور ڳوٺ/ شھر آهن. ٻئي بلڪل گڏوگڏ آهن ۽ قمبر علي خان کان شھدادڪوٽ ويندڙ روڊ تي واقع آهن. بھرام ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. ٻئي هڪ ٻئي کي ايترو ويجها آهن جو، نئين ماڻھوءَ کي بلڪل خبر نه پوندي آهي ته بھرام ڪٿي پورو ٿيو ۽ بُٺي ڪٿان شروع ٿي. ڪن سادن ماڻھن لاءِ اهو ئي بٺي آهي، اهو ئي بھرام آهي.
مطلب:
· جنھن سادڙي طبيعت کي ٻن شين جي فرق جي خبر نه پئي تنھن لاءِ ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آهي ته، “هن لاءِ جھڙي بٺي، تھڙو بھرام.”
12. بخارا / بلخ
12.1 جو سک اپني چوباري، سو ناهي بلخ بخاري (هندي، چوڻي)
پنھنجي ڪکائين گهر ۾ جيترو مزو آهي، اوترو بلخ بخارا جھڙن خوبصورت شھرن ۾ ناهي.
مطلب:
· پنھنجي گھر جھڙي ڪا بادشاھي ڪانھي.
13. بغداد
13.1 هوڏانھن باهه، هيڏانھن ڀِتِ، بغداد منيءَ ۾. (سنڌ، پھاڪو)
هڪ منھ اندر، ڀت جي ڀرسان گابو ٻڌل هيو. ڪنھن مھل اوچتو مـَنَھه کي باههِ لڳي وئي. ھڪ پاسي کان باھ ته ٻئي کان ڀت ھئي. گابو پاڻ رسي ذريعي ڪلي سان سڪ ٻڌل ھيو. گابي کي، نه ڀڄڻ جي واھ پئي ملي ۽ نه ئي ڪير ڇوڙڻ لاءِ دل ٻڌي اندر پئي آيس. اهڙيءَ حالت کي ڏسي ڪنھن ائين چيو.
مطلب:
· ڪنھن وڏي مصيبت ۾ چؤکنڀو ڦاسڻ.
13.2 هيءُ انڌير آ يا بغداد. (سنڌ، چوڻي)
بغداد يا باغِ داد، انصاف جي جاءِ. جتي انصاف نه ملي، ان جاءِ لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
· ظلم جي جاءِ.
· اڄ ته بغداد ٿي ويو، يعني ظلم ٿي ويو.
14. بکر
14.1 رَنَ مَري سکر، ڄار پوي بَکَر. (سرو، پھاڪو)
سکر ۽ بکر، درياهه سنڌ مٿان، ٻه علائقا آهن. بکر مٿئين پاسي ته سکر لاهواري پاسي آهي. عورت جي ذات به عجيب شيءِ هوندي آهي. ويندي هڪڙي پاسي، لڀندي ٻئي پاسي کان. ضدي وري ايڏي آهي جو مرڻ کانپوءِ به پاڻي لھوارو وهندو ته سندس لاش اوڀارو وهندو. ڳولڻ لاءِ هيٺ بجاءِ مٿي ڳولبس.
مطلب:
· گم هيٺانھينءَ ۾ ٿيڻ ۽ وري مٿئين طرف کان ملڻ.
· عورت جو ضد تمام گھڻو مشھور آھي. ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجھندي پر ضد تان مور نه لھندي.
15. بندر/ شاهه بندر
15.1 بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سوئر. (لاڙ، چوڻي، 71)
هڪ جلباڻي فقير، شاهه بندر جي ماڻھن جي ناروا سلوڪ تان ڪاوڙجي کين پاراتو ڏنو. ان کانپوءِ ستت ئي شاه بندر ڦٽي ويو ۽ منجهس وري سوئرن اچي ٿم ٺاهيا.
15.2 بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (لاڙ، چوڻي) (7)
شاه بندر جي تباهيءَ بعد، کاري ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف واقع سوکي بندر آباد ٿيو.
15.3 شاهه بندر ڦِٽو، چوهڙ وُٺو. (لاڙ، پھاڪو)
شاهه بندر شھر ڦٽڻ بعد، تعلقي جو مک شھر، چوهڙ جمالي وسي ويو.
15.4 گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پِنُ. (لاڙ، چوڻي) (7)
شاهه بندر جا گهاٽا گهر هوندا هيا، جو فقير کي هڪ هنڌ بيھي پنڻ ۾ ئي چڱو خاصو ملي ويندو هيو.
مطلب:
· ھڪ جاءِ جي ڦٽڻ بعد ٿي آباد ٿيو وڃي.
· پٽيل شھر جلد تباھ ٿيو وڃن.
16. بنگاه
16.1 بنگاهي جهيڙو. (سبي، پھاڪو)
بنگاهه، جهل مگسيءَ کان اتر طرف واديءَ جو نالو آهي، جتي رند، جمالي، مگسي ۽ چانڊين جي ڪنھن لڱا ڇتي ويڙهاند ٿي هئي.
مطلب:
· اڄ به جتي ڇتي ويڙهه ٿئي، ان لاءِ مثال ائين ڏنو ويندو آهي؛ فلاڻن ۾ ته بنگاهه ٿي ويو آهي. يا فلاڻن جو ته بنگاهي جهيڙو آهي.
17. بھرام
17.1 اڻڄاڻ لاءِ، جھڙي بٺي، تھڙو بھرام. (لاڙڪاڻو، پھاڪو)
(ڀيٽيو، “بُٺي”.)
18. ڀارت
18.1 جيڪي مھا ڀارت ۾ آهي، سو ڀارت ۾ ڪينھي (هندي چوڻي)
هندن جي عقيدي مطابق، مھاڀارت، هڪ مڪمل معلوماتي ۽ مذهبي ڪتاب آهي. ڀارت کنڊ جون مکيه ۽ جملي ڳالھيون، منجھس لکيل آهن.
مطلب:
· مذھبي ڪتاب، انسان کي گھڻو ڪجھ سيکارين ٿا.
19. ڀنڀور
19.1 بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو (شاهه، پھاڪو، حسيني) (10)
هن دنيا ۾ نبي اڪرم، خاتم المرسلين ™ جن جي اچڻ کان اڳ، گهڻي جھالت ۽ بي ديني ڦھليل هئي، جيڪا پاڻ سڳورن ™ جن جي مبعوث ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي ۽ جيڏانھن تيڏانھن روشني ڦھلجي وئي.
مطلب:
· دنيا ۾ جيڪي به سڌريل ماڳ آھن، تن تي آڳاٽن ماڻھن جي وڏي محنت ٿيل آھي.
19.2 ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون. (شاهه، پھاڪو، لاڙ) (10)
جنھن هن دنيا/ ڀنڀور کي ڇڏيو، سو ئي آخر ۾ عذابن کان ڇٽي/ بچي ويو. سسئي به ڀنڀور شھر کي تياڳڻ بعد دنيا جي طعنن تنڪن آجي ٿي ھئي.
مطلب:
· تياڳ ۾ ئي انند آھي.
19.3 ڀنڀور کي باھ لڳي وڃڻ. (اصطلاح)
تباھي ٿيڻ، واسطو ڇڄي وڃڻ، گڏوگڏ ڳالھ جو ملڪان ملڪ ڦھلجي وڃڻ.
مطلب:
· تمام گھڻي رُسوائي ٿيڻ.
19.4 پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان (شاهه، سسئي، چوڻي) (10)
محبوب کان سواءِ دنيا ڪنھن ڪم جي ناهي. هن دنيا ۾، نبي آخر زمان، حضرت محمد ™ جن جي ٻڌايل واٽ تي نه هلڻ کان، دنيا ڇڏڻ بھتر آهي.
19.5 ڪونهي ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي، آءٌ ٿي ڇلان ڇپرين. (شاهه، سسئي آبري، چوڻي)
هن دنيا ۾ خدا تعالى کان وڌيڪ ڪو به مھربان نه آهي.
مطلب:
· محبوب کانسواءِ، دنيا جي ڪا به شيءِ مزو نه ڏيندي آھي.
20. ڀينءَ
20.1 ڀينءَ جي بازار ۾ پيو گهم. (لاڙ، چوڻي) (11)
جاتي شھر ۾ واقع، شيخ سلامت } متوفي 610 هه، جي نالي پويان درگاهه مغلڀين جي بازار، ميلي جي وقت، تمام ڊگهي ٿي ويندي آهي. منجهس نه ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي جهل پل هوندي آهي ۽ نه ئي بازار کٽڻ جي هوندي آهي. گهمڻ ۾ ٿڪ محسوس ڪرڻ واري کي چئبو آهي؛ “ڀينءَ جي بازار آهي، پيو گهم!”
مطلب:
· گهمڻ لاءِ گهڻو ميدان آهي.
20.2 ڀينءَ جي بازار ۾ ٻيائي نه ڪر. (لاڙ، چوڻي) (11)
بزرگ شيخ سلامت عرف مغلڀين جي ميلي جي بازار ۾ ٻيائي، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪرڻ گهرجي. جاتي شھر اندر، جيڪڏهن ڪنھن جي ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو تفاوت نظر ايندو آهي ته کانئس پڪائيءَ خاطر يا سچ اوڳاڇرائڻ لاءِ، پڇبو آهي؛ “ٻيلي! هيءَ ڀينءَ جي بازار آهي، ان ۾ ٻيائي نه ڪر!”
مطلب:
· قھر نه ڪر! ڀينءَ جي بازار آهي!
· بزرگن جي آستانن تي، غلط ڪمن کان پاسو ڪجي.
20.3 قھر نه ڪر، ڀينءَ جي بازار آهي. (لاڙ، چوڻي) (11)
بزرگ مغلڀين جي بزرگيءَ جو خيال ڪر! ظلم ۽ قھر نه ڪر!
مطلب:
· چڱي جاءِ/ھمڌ جو مان رکڻ گھرجي.
· ڏائڻ وانگر ستون گھر ضرور ٽارجي.
20.4 ڪيئن؟ چي؛ نه هالا، نه ڀينءَ. (لاڙ پھاڪو) (7)
“فلاڻو ڳالهه مڃي ٿو يا نه؟” هڪڙي دوست ٻئي کان پڇيو.
“شرافت سان ته نه هالا نه ڀينءَ.” ٻئي دوست، کيس سمجھائڻ لاءِ ورندي ڏني.
مطلب:
  • شرافت سان، نه هالن جا پير مڃائيندس ۽ نه وري مغلڀين جو بزرگ.
21. تنگواني
21.1 تنگواني، تنگ ماني. (چوڻي)
تنگواڻِي جي وستي (واهڻ/ شهر) ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي، جنھن کي ھن وقت تعلقي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آھي. اھو شھر ڳهڻو شاخ/ واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو، شاهي واهه مان نڪري ٿو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي سرحد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي پسگردائي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمين تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا. ماڻهن ۾ تنگدستي ڏاڍي هوندي هئي. جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
ٻي تاويل هيءَ ڪئي ٿي وڃي ته گڊوءَ کان جيڪب آباد ويندڙ ريل اندر، ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل جي وچ ۾، ڏاڍي رش ٿيندي هئي. خاص ڪري تنگواڻيءَ کان ٺل تائين. جنهن تان ريل ۾ ٽنگجي سفر ڪندڙن ائين مشهور ڪيو؛ “تنگواڻي، ٽنگ ماني”.
مطلب:
  • تنگواڻيءَ کان پوءِ، ريل ۾ ماني رکڻ جي جاءِ به نه ملندي، اها به ٽنگي کڻي هلڻي پوندي.
22. ٿــر
22.1 اڀي ڳئون ٿر گابا، چي؛ ڌايا ڙي ڌايا! (سرو، پھاڪو)
ھڪڙي گھر-ڌڻيءَ، گھر پھچي زال کان پڇيو؛ “مينھن ڏڌوَ؟” سست زالس ستت جواب ڏنس؛ “مينھن ته ڌاپي وئي.” گھر-ڌڻيءَ ڏٺو ته ڳئون گھر جي اوڀر ۾ بيٺل آهي ته گابو اتر ۾. ڌاتو ڪٿان ھوندائين؟ يڪدم چيائينس؛ “اڙي ڳئون آھي ٿر ته گابو آھي اڀي! اھو ڌائيندو ڪٿان؟” چلھ تي ويٺل ننھن مانيءَ جو ويليل لولو اڌ ۾ ڇڏي چوڻ لڳي؛ “چاچا! چشڪا مين به ٻڌيا!” گھر-ڌڻيءَ يڪدم چپ ڪرائڻ لاءِ چيس: “ڪوڙن گھپٽي! پري کان گابو ڪيئن ڌائيندو.”
مطلب:
  • جيڪو ظاهري ڪوڙ هڻي تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين، چيو ويندو آهي.
22.2 ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (ٿرپارڪر چوڻي) (12)
ٿري ماڻھن جو گذران مال متاع تي آهي. گاه پٺي تي مال متارو ٿئي ۽ کير مکڻ ججهو ٿين. باقي اناج تي ٿرين جو خاص جياپو نه آهي.
مطلب:
  • ٿرين جو گذر مال جي کير مکڻ تي آھي.
22.3 ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي؟ (چوڻي/پهاڪو)
ٿر جو علائقو، وُٺي تي آباد ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جو سنئون سڌو علائقو، نهري ۽ زميني آبي ذخيرن تي آباد ٿئي ٿو. برساتن نه پوڻ جي صورت ۾، ٿر ۾ قحط پوندو آهي ۽ اتان جا اصلي باشندا به سنڌ ڏانهن رخ رکندا آهن. اتي کين پنهنجي سِرَ بچائڻ لاءِ انّ پاڻي ۽ مال لاءِ چارو ملي ويند آهي. سنڌ جي علائقي ۽ وسيلن ۾ ايتري ڪشادگي آهي جو قحط دوران ٿرين جي سَٽَ سهي سگهندا آهن.
جيڪڏهن سنڌ ۾ به قحط پوي ته پوءِ آفت سٽيل ٿري ته ٺهيو پر سنڌ جا اصل باشندا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن. سڀني لاءِ پنهنجي جان بچائڻ به موراڳو مشڪل ٿيو وڃي. ان صورت ۾ اهي لاچار ڪيڏانهن وڃن؟!
مطلب:
  • ننڍن کي وڏا پالين. وڏن کي ڪير پالي؟
  • ننڍن کي پيل نقصان، وڏا برداشت ڪن. وڏن کي پيل نقصان، ڪير برداشت ڪري؟!
22.4 جہ سين لوڙائو ٿيا، جنين ڌار رهن،
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه مارئي چوڻي) (10)
جنھن جي آسري تي ٿر جھڙي ملڪ ۾ رهجي، سو ئي ڦورو ٿي پوي ته پوءِ مارو ماڻھو ملير ۾ ڪيترو رهندا؟
مطلب:
  • حاڪم پيا رعيت جون لڄون لٽين ته ٻيا ڌاريا ڪيتري لڄ رکندا!
  • پيھر پيو پوک کي کائي ته واهي ڪيترو واهت ڪندا؟
22.5 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، ٿر ۾ مئو. (سنڌ، چوڻي)
راڳ جا اصل گائڪ صوبي پنجاب وارا آھن. ان نسبت سان ڄن سندس جنم پنجاب ۾ ٿيو آھي. سنڌ وارن کيس پسند ڪيو ۽ گائڪن جي خاطر تواضع ڪيائون. قدرداني ڪندي مٿس لک لٽايائون، جنھن سببان سندس ڳائڻا باقي رھيا. ان نسبت سان ڄڻ سندس پاليندڙ آھي. اھڙيءَ طرح ٿر وارن غربت سبب نه ڳائڻن جي خدمت ڪئي ۽ نه قدرداني. جنھن سببان راڳ ڄڻ ٿر ۾ پھتو ئي نه. جيڪڏھن پھتو ته نه پليو ۽ نه پروان چڙھيو. ان نسبت سان ڄن راڳ ٿر ۾ وڃي مري ويو.
مطلب:
  • راڳ پنجاب وارن ايجاد ڪيو، وڌيو ويجهيو سنڌ ۾، ٿر وارا مور منجهانئس ڄاڻن ئي نه.
22.6 سنڌ ۾ آهي ٿڻ تي، ٿر ۾ آهي ڪڻ تي. (ٿرپارڪر، چوڻي) (12)
ٿر وارن جو گذرسفر، مينھن جي وسڻ کانپوءِ وارن گاهن تي آهي.
(ڀيٽيو؛ ٿر آھي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي.)
22.7 سنڌ ۾ پڇي ڪونه، ٿر ۾ ڪنورٻائي. (سنڌ، پھاڪو)
ٿر ۾ راڳ جا ڄاڻو ڪونھن. اتي سيکڙاٽ کي به پيا مھاراڳي سمجھندا. سنڌ ۾ راڳ جا ڳائيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ گهڻا آهن، اتي بي سري کي گهٽ عزت ملندي.
مطلب:
  • جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
22.8 عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪين ٿيلھيندو! (سنڌ پھاڪو)
وةي ماڻھوءَ وٽ ڪم لاءِ وڃڻ ۾ نه گھٻرائجي. وڌ ۾ وڌ ڪم نه ڪندو. ملڪ مان لڏائي ڪين ڇڏيندو. ڪنھن وهنوار ۾ ڊڄندڙ کي، دل ٻڌرائڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • پير پٽ نه ڏيندو ته زال ته نه کسيندو.
22.9 وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر. (ٿرپارڪر، چوڻي) (12)
ٿر، واري جي دڙن تي مشتمل علائقو آهي جنھن جي آباديءَ جو دارومدار، مينھن جي پاڻيءَ تي آهي. مينھن پيو ته ٿر ۾ کير، مکڻ جام ٿيندو. ٻيءَ صورت ۾ قحط کان ماڻھو ۽ مال متاع به لڏي ويندا.
مطلب:
  • وسي ته آهي ٿر، نه ته آهي بر.
  • برسات رب جي مھر جي نشاني آھي. سڄي جڳ ۾ ان سان ئي اوڀڙ اڀري ٿي.
23. ٽلو مل جي اوطاق
23.1 ٽلو مل جي اوطاق ڏٺي اٿئي ڇا؟ (ساهتي، پھاڪو)
جيڪو ماڻھو گهڻي هج ۽ لالچ رکي تنھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • ڀيٽيو؛ ليلي مل جو ھٽ ڏٺو اٿئي ڇا؟
  • مونکي لولي مل جو ڪڙمي سمجھيو اٿئي ڇا؟
  • مونکي مئل ٻار تان ڄاول سمجھيو اٿئي ڇا؟
24. ٽنڊو الھيار
24.1 ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار؟ (ساهتي، پھاڪو)
هڪڙو ماڻھو غلط رستي تي هلي ته منزل تي هرگز ڪين رسندو. اهڙي ماڻھوءَ کي باز رهڻ لاءِ، ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
25. ٽنڊو محمد خان
25.1 ٽنڊو محمد خان، معشوقن جو مڪان (لاڙ، چوڻي)
ٽنڊو محمد خان، ميرن ۽ ٽالپرن جو شھرن آهي. جتي مير صاحب هجن، اتي معشوق ته ازخود پھچي ويندا.
مطلب:
  • منزل تي رسڻ لاءِ، صحيح واٽ وٺڻي پوندي.
26. ٽنڊو ميرعلي
26.1 ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي پئي. (ساهتي، پھاڪو)
ٽنڊو ميرعلي ۽ محرابپور، ضلعي نوشھروفيروز جا شھر آهن. ٻئي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ۽ آمھون سامھون آهن. ٽنڊي وارن جي ڪيل حرڪت سبب، آپدا محراب پور تي آئي ته ائين مشھور ٿيو.
مطلب:
  • ڀيٽو، چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پئي.
27. ٺٽو
27.1 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي) (13)
دنيا جو وڏي ۾ وڏو مقام، مڪليءَ ۾ آهي.گهڻي ۾ گهڻا مدرسا، ٺٽي ۾ هيا. پير پِٺو، هڪ پھتل بزرگ هيو، جنھن جي ڪري ٻاهريان، حملي آور، ٺٽي تي ڪامياب حملو نه ڪري سگهندا هيا.
مطلب:
  • جڳ مشھور جايون، جنھن گهمي نه ڏٺيون، تنھن ڄڻ ڪجهه نه ڏٺو.
  • لاھور جون بتيون، جنھن نه ڏٺيون سو ڄڻ ڄائو ئي ناھي.
28. ٺل
28.1 ٺل: آهي گل. (چوڻي)
ٺل شهر جا رهواسي، پنهنجي شهر جي، انهن لفظن سان تعريف ڪندا آهن. ٻاهران لڏي آيلن جو، ٺل بابت مختلف رايو آهي. اهي اھو ته مڃين ٿا ته “ٺل، گل آهي” پر شڪايت به ڪن ٿا؛ “ٺل، دل ڏيئي ويٺو رل” يا “ٺل، رل” يا “ٺل ڏنو ٺڪاءُ، عودي اڌواڌ” وغيره وغيره.
اهي سڀ تڪبند چوڻيون، چٿر يا ٽوڪ طور به ٺهيل آهن. انهن جو حقيقت سان گهٽ تعلق آھي. ائين جيئن هڪڙو لطيفو مشهور آهي.
“ڪهڙي شهر ۾ رهندو آهين؟” هڪڙي ٺلاهيءَ کان ڪنهن پڇيو.
“مان ان شهر ۾ رهندو آهيان.” ٺلاهيءَ کيس ڳجهارت جي انداز ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو؛ “جنهن جي نالي کي ابتو ڪجي ته لٺ ٿي پوي”.
مطلب:
انهيءَ نموني ، ٻين ڳوٺن / شهرن بابت به چوڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
  • گهوڙي جي ڦٽي وهي ٽانگي ۾،
ڏاند جي ڦٽي وهي گهاڻي ۾،
آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
  • ڌنڌ دوداپور، قهر ڪوٽڙي، ظلم زورڳڙهه،
هنيل حيدرآباد ، شير شيرانپور، دائو ٻچن کائو.
  • ڀيٽيو؛ جيڪب آبادي، نر نه مادي.
· ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)
28.2 ٺل آئي جو، ڄائي جو نه (چوڻي)
ٺل جي اصل رهواسين، ٻاهران لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾، ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. جنهن سبب، اھي ٺل بابت شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن؛ “ٺل آئي جو، ڄائي جو نه”.
جيڪب آباد شهر جا اصل باشندا به ائين چوندا آهن؛ “جيڪب آباد آئي جو، ڄائي جونه.” ٻين شهرن وارا به پنهنجن شهرن بابت ائين چئي سگهن ٿا. هونئن به ٻاهران لڏي آيل، فطرتي اصول تحت، هميشه اصل باسين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ڪندو آهي.
مطلب:
  • لاڏائو ۽ گھر ڇڏيندڙ ماڻھو ئي، دنيا جي ترقي ماڻين ٿا.
29. پٺو
29.1 با برڪت پير پٺو، هڪ مئو هڪ ٽٺو. (لاڙ، چوڻي) (14)
پير پٺي جي برڪت سان، ٺٽو ٻه دفعا حملي کان بچي ويو. پھريون دفعو مٿس محمد تغلق اول حملو ڪيو. اهو حملي دوران بيمار ٿي پيو ۽ بيماريءَ وگهي مري ويو. ٻيو حملو سلطان فيروز شاهه تغلق ڪيو، سو به بيماريءَ جي ڦھلجڻ سبب ڊڄي يا ٽھي وٺي ڀڳو. فيروز شاهه ٽٺو، تنھن کان پوءِ ننگر شھر جو نالو ننگر ٽٺو يا ننگر ٺٽو يا فقط ٺٽو پئجي ويو.
مطلب:
  • پٺي/بزرگن جي برڪت سان، شھرن تان آپدائون ٽري وينديون آھن.
29.2 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي) (13)
مطلب:
  • (ڀيٽيو؛ “ٺٽو”)
29.3 نام پٺي جو، گام ڏاتار جو (لاڙ، پھاڪو) (15)
ضلعي ٺٽي جا ٻه بزرگ شخص آهن؛ ھڪ سلطان شاهه عالم عرف پير پٺو ۽ ٻيو جمعيل شاهه عرف ڄام ڏاتار. ٻنھي بزرگن جون مزارون، هڪ ئي ٽڪريءَ تي، ٿوري وڇوٽيءَ تي آهن. مشھور روايت آهي ته پير پٺي ئي ڄام ڏاتار کي چيو؛ “نام همارا، گام تمھارا.” يعني ڳوٺ تي نالو منھنجو ھوندو، جڏھن ته ڳوٺ آھي تنھنجو.
مطلب:
  • اڄ به ڪير ڏاتار تي ويندو آهي ته ٻڌائيندو آهي؛ پٺي ٿو وڃان.
  • شاهه گودڙئي تي وڃڻ وارا، آلي شاهه تي حاضري ضرور ڀريندا آهن. يا شادي شھيد تي وڃڻ وارا لونگ فقير تي حاضري ضرور ڀريندا آهن. تيئن پير پٺي تي وڃڻ وارا، ڏاتار تي حاضري ضرور ڀريندا آهن. (7)
30. پـُرڻ
30.1 چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. (ساهتي، پھاڪو) (5)
چورن کي، چوري چنيجن جي ڳوٺ مان نڪرڻي هئي، ڀُل ۾ وڃي پُرڻ شھر مان ڪيائون. تنھن کان پوءِ مشھور ٿي ويو. چنيجا ۽ پُرڻ ڳوٺ، تعلقي مورو، ضلع نوشھرو فيروز ۾، درياهه سنڌ جي کاٻي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهن.
مطلب:
  • هڪڙن جي مصيبت ٻين تي پوي ته ائين چئبو آهي.
  • ڀيٽيو؛ ٽنڊي جي ٽوٽ، محرابپور تي پيئي.
31. پليجا
31.1 راهوجن ۾ رات، قادر نه وجهي ڪنھن جي،
پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (سرو، چوڻي)
سکر ضلعي جا ٻه ڳوٺ، پليجا ۽ راهوجا. هڪ بزرگ، راهوجن جي ڳوٺ ۾ مھمان ٿي آيو. کيس نه ماني کارايائون ۽ نه سمھڻ لاءِ چڱو هنڌ ڏنائون. مڇرن به ڏاڍو تنگ ڪيس. جڏهن ته پليجا ڳوٺ ۾ رهڻ دوران، اتان جي رهواسين پاٽ ڀت جي ڀري موڪلي هيس ۽ رهڻ لاءِ هنڌ به چڱو ڏنو هيائونس، تنھن کانپوءِ ائين چيائين.
مطلب:
  • هرڪو پنھنجي اخلاق سان پنھنجي ذات جي ناموس وڌائي ٿو ۽ پنھنجي پرڪارن سببان پنھنجي ذات لڄائي ٿو.
32. پنجاب
32.1 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، سنڌ ۾ پليو ۽ ٿر ۾ مئو. (سنڌ چوڻي)
مطلب:
  • (ڀيٽيو؛ ٿر)
33. جاتي
33.1 جاتي، قرب جي ڪاتي (لاڙ، پھاڪو) (11)
ڪاتي، ڪھڻ جي ڪم ايندي آھي. جنھن سان اڳلي جو سر کڄندو آھي ۽ ٻئي جو پيٽ ڀربو آھي. ڪڏھن ڪي ڪاتي ڦيرائڻ وارا اھڙو ته مٺڙي نموني سان ڪاتي ڦيري ويندا آھن جو ڪسڻ واري کي ڪسجي وڃڻ تائين لکا ئي نه پوندي آھي. اھڙن ڪھڻن کي، مٺي ڇريءَ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي.
جاتي شھر جي رهاڪن منجھ جيڪا محبت، قرب ۽ پاٻوهه آھي، تنھن بابت اشارتًا ائين چيو ويندو آهي. جاتي شھر جي ماڻھن جي محبت، پاٻوهه سبب اهو پھاڪو مشھور ٿيو آهي . (7)
مطلب:
  • چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊڙي به پائڻ.
33.2 جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پھاڪو) (11)
جاتي شھر، جتن جي نالي پويان سڏجي ٿو. اتي آباد به جت آهن. جڏهن ته ماڃر ۾ مي، مئي يا ملاح قوم جا ماڻھو آباد آهن. (7)
مطلب:
  • جاتي شھر، جتن جو ۽ ماڃر مھاڻن جو ٻڌايل آھي.
33.3 جاتيءَ جا جت/ جوان، پيرين اگهاڙا. (لاڙ، چوڻي) (7)
جاتيءَ جا جت، اڪثر ڪري، مغلڀين اولياءَ (شيخ سلامت } متوفي 610 هه) جي ادب جي لحاظ کان، جتي لاهي، پير اگهاڙا ڪري گهمندا آهن.
مطلب:
  • ادب ڪرڻ وارو ماڻھو، پري کان پڌرو.
  • جنين ادب، تنين عجب.
33.4 جاتيءَ جو جت ته ڪونه آهين؟ (لاڙ، چوڻي) (11)
جاتيءَ جو جت، وضع قطع ۾، جتڪي ٻوليءَ ۽ پيرن اگهاڙي هئڻ سبب، مڙني ۾ پڌرو هوندو آهي.
مطلب:
  • ادب ڪرڻ وارو ماڻھو، پري کان پڌرو.
33.5 ڇڇ مڙيوئي ڇوڪريون، جاتي مڙيوئي جوءِ (لاڙ، پھاڪو) (7)
ڇڇ جھان خان واري علائقي ۾، ملاح قوم اندر، ڇوڪريون گهڻيون هونديون. جنھن سببان، اهي سڱابنديون/ مٽيون مائٽيون وڃي جاتيءَ وارن سان ڳنڍيندا هيا.
مطلب:
  • ڇوڪري ڇڇ جي، جاتيءَ ۾ جوءِ/ زال ٿي وئي.
33.6 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، پھاڪو) (7)
جاتيءَ جي ڏکڻ ۾، ڪجهه ميلن تي سنڊو بندر، جيڪو 1819ع ۾ جوار ڀاٽا سبب تباهه ٿيو. اتان لڏپلاڻ سبب، جاتي وڌيڪ وڏو شھر ٿيو.
مطلب:
  • ھڪڙن جي ڦٽڻ سان ٻيا شھر آباد ٿيو وڃن.
33.7 ڪارو بوٽ هٿ ۾، جت جاتي ٿو وڃي. (لاڙ، پھاڪو) (7)
ٻھراڙيءَ ۾ يا ڪچن رستن تي، بوٽ پائڻ سان بوٽ جي چمڪ دمڪ به گهٽجي ٿي ۽ اندر مٽيءَ جي دز پوڻ سبب هلڻ ۾ به هلاکي ٿئي ٿي. جنھن سببان ٻھراڙيءَ جا جت، شھرن ڏانھن پيرين اگهاڙا ايندا آهن. شھر ۾ پھچي، پير ڌوئي بوٽ پائيندا آهن.
مطلب:
  • ڳوٺاڻان، راھ ۾ بوٽ نه پائيندا آھن. اھا سندن ڳوٺاڻي ھئڻ جي نشاني آھي.
34. جاوا
34.1 جيڪو وڃي جاوي، سو ول نه آوي،
جيڪڏھن آوي ته پڙ پوٽي ڍاوي. (سرائڪي، سرو، چوڻي)
جاوا، ڏکڻ ايشيا ۾ هزار جزيرن تي مشتمل علائقو آهي، جنھن ۾ انڊونيشيا ۽ ملائشيا جا ملڪ اچي ٿا وڃن. اتي گرم مصالحا ٿين ٿا. اتي واپاري هڪ دفعو ويو ته ياعمر نه موٽندو. جيڪڏھن موٽندو ته ايترو مال هٿ ڪري ايندو، جو ست پيڙهيون ويٺيون کائنس.
مطلب:
  • فلاڻن جا ته جاوا آھن.
  • وڏو مال ڪمائڻ واري لاءِ ائين مثال ڏنو ويندو آھي.
35. جوڻ
35.1 نر نگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آ جائي. (لاڙ، چوڻي)
نر يا مرد، ننگر ٺٽي جو ڏسڻ وٽان ھوندو. نار/ عورت وري نصرپور جي خوبصورت ٿئي ٿي. نرت/ نظر جي جوت نورائي شريف (ٽنڊو محمد خان) وارن جي تمام بھتر آھي. ڪپھه جو واپار وري جوڻ شھر (ضلعي بدين) ۾ تمام سٺو ھلي ٿو. اھي سمورا هلي ڏسڻ جھڙا آهن.
مطلب:
  • ھر ماڳ، ڪنھن نه ڪنھن سبب جي ڪري مشھور آھي.
اها چوڻي هيٺينءَ طرح به مشھور آهي.
35.2 نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ،
هلي ڏسو جوڻ جتي ڪپھه جو واپار. (لاڙ، چوڻي)
36. جوهي
36.1 جوهي کان لوهي، نه واهي نه اوهي (سبي، جغدالي، پھاڪو) (9)
هن پھاڪي جو ڪاڇي واري علائقي ۾، روهه جبل جي آسپاس سان تعلق آهي. جوهي شھر کان روھ جبل وڃڻ واري واٽ، لوهيءَ جي وسندي کان وھي/لنگهي ٿي. انھيءَ واٽ تي اڳ ۾ ڪا وسندي نه هئي، جنھن کان ائين مشھور ٿيو.
مطلب:
  • ڪي ماڳ سڃائي سببان پڻ مشھور ٿين ٿا.
  • جوئي کئون لوئي، نه وائي نه اوئي. (جغدالي)
37. جيسلمير
37.1 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
چوٿون چغده، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير (ٿرپارڪر، چوڻي)
آڳاٽي دور ۾ سنڌ جا حاڪم، سما ھيا. اھڙيءَ طرح وري ڪڇ تي حڪمران چنا ھيا. جيسلمير جي علائقي جا وري حڪمران ڀاٽيہ/ ڀاٽي ھيا. جڏھن ته چغدو ذات وري انھن ٽنھي هنڌن تي نه هئي.
مطلب:
  • ڪي علائقا ڪن ذاتين سببان مشھور ٿين ٿا.
  • سنڌ سمو، ڪڇ چنو، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغده، جنھن جو پلنگ مٿي پير.
38. جيڪب آباد
38.1 جيڪب آبادي، نر نه مادي. (اتر، چوڻي، چيڙ)
جيڪب آباد جي ماڻهن ڏانهن سادڙو هئڻ وارو اشارو آهي. گهٽ پڙهيل ۽ معاملي فهميءَ جي گهٽ ڄاڻ رکڻ سبب، نه بحث ڀلو ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري سٽائتي نموني سان ڪنهن کان ڪم وٺي سگهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو مٿن، اهڙيون چٿرون به ٺهيل آهن. جڏهن ته ان تڪبند چوڻيءَ جو حقيقت سان تعلق گهٽ آهي. جيئن شڪارپور بابت هن چوڻيءَ جو به گهٽ آهي؛ “شڪارپور شهزادي، اچي نر وڃي مادي”.
مطلب:
  • جيڪب آباد جا ماڻهو نه ماين وانگر زبان سان جهيڙو ڳائي ڄاڻن، نه ئي نشانبر ٿي مردن وانگر لٺ يا ڌُڪي سان وڙهي ڄاڻڻ.
  • انهيءَ ٽوڪ جي موٽ ۾ جيڪب آباد وارن به جواب ٺاهيو آهي؛ “جيڪب آبادي، نه ڇڏن نر نه مادي.”
39. جهول
39.1 گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
پيئڻ مھل ائين آيا، جيئن جهول ۾ ڪتا. (ساهتي، پھاڪو)
ضلعي سانگهڙ جو شھر جهول، جنھن ۾ ڪتا جام آهن، مطلب جيڪي ماڻھو ڪم کان لھرائين ۽ فائدي ۾ اچي حصو ڳنڍين تن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • ڪي علائقا ڪن ذاتين سببان مشھور ٿين ٿا.
  • گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
پيئڻ مھل جيئن گئو سائينءَ جا ڪتا.
  • گهوٽڻ مھل گم، ڇاڻڻ مھل ڇتا،
پيئڻ مھل جيئن مير عليمراد جا ڪتا.
40. چنيجا
40.1 چٽي چنيجن جي، پرڻ تي پئي. (ساهتي، پھاڪو) (5)
(ڏسو؛ پرڻ)
41. چوهڙ جمالي
41.1 چوهڙ جمالي، کيسا خالي، مڙس موالي. (لاڙ، چوڻي) (7)
چوهڙ جماليءَ جا ماڻھو مسڪين ۽ غريب آهن. جنھن تان سندن لاءِ ائين چوڻ ۾ آيو آهي.
ٻيءَ روايت مطابق؛ جاتيءَ ۾ غريب، مسڪين ۽ فقيري لڏي جا ماڻھو جام رهن ٿا. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن، جنھنڪري نکمڻن ۽ واندن ماڻھن کي ٽوڪ طور چوھڙ جمالي گھمڻ جو ائين مشورو ڏنو ويندو آھي.
مطلب:
  • اڇا ڪپڙا کيسا خالي، گهمو چوهڙ جمالي.
· اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهم دالي (ساهتي)
· اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي (ساهتي)
41.2 شاه بندر ڦٽو، چوهڙ وٺو. (لاڙ، پھاڪو) (7)
(ڏسو؛ بندر/ شاهه بندر)
41.3 وڃي چوهڙ جا ڏيئا ٻار! (لاڙ، چوڻي) (7)
هتي هندو قوم جا ماڻھو، دڪانن جي سينگارڻ واسطي، ڀتين ۾ ڏياٽيون ٺھرائي، ڏيئا رکي ڇڏيندا هئا ته جيئن رات جو روشني رهي. بيروزگار کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • جي واندو آهين ۽ ڪم ڪار نه اٿئي ته وڃي چوهڙ جماليءَ جي گهٽين جا ڏيئا ٻار!
  • بيڪار کان بيگار ڀلي.
42. ڇڇ
42.1 ڇڇ مڙيوئي ڇوڪريون، جاتي مڙيوئي جوءِ (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڏسو؛ جاتي)
43. خراسان
43.1 ڪري نه خراساني خوار. (لاڙ، پھاڪو)
خراسان، ايران ۾ آهي، جتان جا خچر ڏاڍا مشھور آهن. انھن گڏھن کي خراساني خچر پڻ چئبو آهي. گڏهه بيوقوفيءَ جي نشاني آهي ڪنھن بيوقوف کي گڏهه ڪوٺڻ جي بدران خراساني ئي سڏيو ويندو آهي.
مطلب:
  • گڏھ اٽ ھڻڻ کان ڪين مڙندو آھي
  • بيوقوف، بيوقوفي ڪرڻ کان ڪين مڙندو آھي.
44. خيرپور
44.1 اڍائي جھڳا مھتمن جا، نانءُ خيرپور/ شاھپور (سنڌ، پھاڪو) (16)
شاهه پور ڳوٺ ۾، سماٽ قوم جي مهتم ذات وارن جا بلڪل ٿورا گهر آهن. ان جي بر عڪس شاهه جي معنيٰ تمام وڏو ۽ ڳوٺ جو نالو وري شاهه پويان آهي. جڏهن ڳوٺ جو نالو، آباديءَ جي حساب سان ابتو هجي ته ائين مثال ڏيندا آهن. ٺيڪراٺي ڀرسان ڳوٺ شاهه پور جي مهتمن لاءِ پڻ ٽوڪ طور ائين چوندا آهن.
مطلب:
  • نانءُ بڙا، ديهه بيران.
  • نام بڙا، درشن ڇوٽا.
  • اکين کان انڌي، نالو نورپري.
  • اکين کان انڌو، نالو روشن ميان.
  • ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل شاهه.
  • رنگ جو ڪارو، نالو يوسف.
  • ڪنھن شھر يا ماڳ جو نالو ان جي سماجي، وايومنڊل جي ابتڙ هجي ته ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
44.2 خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (هندي، چوڻي) (16)
(ڀيٽيو؛ شڪارپور)
44.3 “ماسي خوش آن؟” چي؛ “پٽ! خيرپور ٿي وڃان!”
سوال آسمان جو پڇجي ۽ جواب زمين جو ملي ته، اهڙي ٻوڙي/ بيوقوف کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • سوال از آسمان، جواب از ريسمان.
  • سوال پڇ روس جو، جواب ملي طوس جو.
  • “خوش آن؟” چي: “ڪران ٿو.”
  • ڳالھاءِ ته چي: “ڳِلو ٿو ڏيانءِ.”
45. دادو
45.1 دادو، جادو (سرو، چوڻي) (17)
سادڙن سودڙن ۽ سنون، ميرڙن پر مٺڙن ماڻھن جو علائقو، جتي اوائلي زماني ۾ سچ ته جادو هيو. سندن سادگيءَ مان فائدي وٺڻ وارا ائين چوندا آھن.
مطلب:
  • تڪ-بند مصرع جي پويان ڪيتري حقيقت آھي، ان لاءِ دادوءَ جو شاعر غلام رسول سومرو سودائي ھيٺيئن طرح چوي ٿو.
  • دادوءَ ۾ آهي جادو، دادوءَ ۾ يار منھنجو، ڇا ٻڌايان حال دلبر، دادو زور آ، هر گهڙي هر هر نئون ديدار، دادو زور آ.
46. دالي
46.1 اڇا ڪپڙا، کيسا خالي، هلي گهم دالي. (ساهتي، چوڻي)
ساهتيءَ اندر تعلقي ڀريا، ضلعي نوشھرو فيروز جو وڏو ۽ مشھور ڳوٺ، جنھن پويان اها چوڻي مشھور آهي.
مطلب:
  • پئسي وارو ماڻھو، نمائش کان ان ڪري لھرائيندو آھي، جو کيس ڦرجڻ جو ڀؤ ھوندو آھي.
  • سڃو ماڻھو ئي نمائش تي گھڻو زور ڏيندو آھي.
  • ڀيٽيو: چوهڙ جمالي، کيسا خالي، مڙس موالي
47. دڙو
47.1 دڙو، گيھه جو گهڙو. (لاڙ، چوڻي) (7)
ضلعي ٺٽي جي دڙي شھر لاءِ، سندس خوشحاليءَ ۽ شاهوڪاريءَ سببان ائين چيو ويندو آهي. جيئن گيھ طاقت بخش غذا آھي، ان ڪري شاھوڪار شھر جي ساڻس ڀيٽ ڪئي وئي آھي.
مطلب:
  • پئسي وارو ماڻھو، نمائش کان ان ڪري لھرائيندو آھي، جو کيس ڦرجڻ جو ڀؤ ھوندو آھي.
جنھن ۾ گڻ ھوندا آھن، تنھن ۾ اوگڻ پڻ ھوندا آھن. بي عيب فقط رب جي پاڪ ذات آھي. تنھنڪري دڙي لاءِ وري هيٺينءَ طرح جون به چوڻيون آهن.
47.2 دڙو، وِهه جو گهڙو.
47.3 دڙو، بي وڙو.
48. دهلي
48.1 اڃا دهلي دور آهي. (فارسي، چوڻي)
ٽوٽي، سست ۽ ڪاهل ماڻھو جيڪو ڪم کان لنوائيندو وتي ۽ بھانا ٺاهي ڀڄي وڃي، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين مثال ڏبو آهي.
مطلب:
· هنوز، دلي دور است (فارسي)
· دھلي، اڃا دور آھي.
· خرار مان اڃا پاٽي نه پيٺي آھي.
48.2 دهليءَ جو لڏو؛ کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (هندي، پھاڪو) (16)
دهليءَ جا لڏون، ڏسڻ جا سھڻا، پر هاضمو خراب ڪندڙ آهن. سونھن اهڙي اٿن، جو کائڻ لاءِ نه ملي ته اهو سور سڄي عمر نه وڃي. بدهاضم وري اهڙا آهن جو، هڪ دفعو کائجي ته پيٽ جي تڪليف سڄي عمر نه وڃي.
مطلب:
· سھڻا ٽوھ، پٽن تي پيا آھن.
48.3 دهليءَ جو ٺڳ. (ورجيس)
دهليءَ جا ٺڳ وڏا ڳنڍيڇوڙ ۽ چالاڪ هيا. ويٺي ويٺي، ماڻھوءَ جي کيسي ۾ پيل پئسن جو تعداد به ٻڌائي سگهندا هيا. جنھن تان ائين مشھور ٿيو.
مطلب:
· تمام وڏو ٺڳ.
· بنارس جا ٺڳ به بنارسي ٺڳ جي طور مشھور آهن.
49. ديرو
49.1 ديرو ڦٽو، اورنگا وٺو. (لاڙ، پھاڪو) (7)
(ڀيٽيو؛ اورنگا)
50. ڏاتار
50.1 نام پٺي جو، گام ڏاتار جو. (لاڙ، پھاڪو) (15)
(ڀيٽيو، پٺو)
51. ڏنگ ڏڙو
51.1 ڪان تان ڏنگ ڏڙو، ڪان تان ڪپو ڪڇ ۾. (لاڙ/جتڪي پھاڪو) (18)
جيڪڏھن ڪوشش ڪري پنڌ ڪبو ۽ ڳولا ۾ نڪري پئبو ته پوءِ منزل تي ضرور رسبو يا واٽ تي رلي وڃبو. اھڙيءَ طرح ڪڇ ۾ موجود شھر ڏنگ-ڏڙي لاءِ نڪربو ته پوءِ يا ته ڏنگ ڏڙي شھر ۾ وڃي پھچبو يا ته پنڻ وارو ڪپو کڻي، ڪڇ (ملڪ) ۾ ئي پيو رلبو.
مطلب:
· توڪل ڪري ڪيل ڪم مان يا ته وڏو فائدو پوندو يا ٽوٽ ۾ ته ھونئن ئي آھيون.
اهو پھاڪو هيئن به چيو ويندو آهي.
51.2 يا ته ڪپو ڪڇ ۾، يا ڏونگهو ڏر ۾. (لاڙ)
51.3 يا ڪپو ڪڇ تي، يا ڍينگو ئي ڍيري. (ساهتي)
52. ڏوڪري
52.1 ڏسڻ جي ڏوڪري، اندر ۾ باڊهه (لاڙڪاڻو، پھاڪو)
(ڀيٽيو؛ باڊه)
53. ڊڀرو
53.1 ڊڀري جو ڪـَمي. (ورجيس، ساهتي)
ڊڀرو يا درٻيلو، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوشھرو فيروز ۾ آهي. منجهس سيدن جو وڏو اثر رسوخ آهي. مريد سيدن جي در تي خدمت ڪرڻ کي عبادت پيا سمجهندا آهن. شوق ۽ محبت سان پيا سندن در تي ٻيلپا ڏيندا آھن.
مطلب:
· شوق ۽ محبت سان ٻيلپا ڏيندڙ کي، ڊڀري جو ڪمي سڏيو ويندو آهي.
53.2 نه ويو آهين ڊڀري، نه ڏٺيون اٿئي آندل شاهه جون اکيون. (ساهتي، پھاڪو)
ڊڀري شھر جو سيد الھندو شاھ يا آندل شاھ، جنھن نوشھروفيروز ۾ پھريون مدرسہ اسڪول کولرايو ھيو، سو وڏي ڏيا وارو ھيو. سندس رعب ۽ دٻدٻو، ڏيھان ڏيھ مشھور ھيو. ڪو به سندس آڏو ڪڇي نه سگھندو ھيو.
مطلب:
· الھندي شاهه سان يا ڪنھن ڏاڍي سان معاملو نه پيو اٿئي، تنھن ڪري خبر نه اٿئي.
· جيڪو بنا ڪنھن سوچ ويچار ۽ تحقيق جي، ڪنھن لاءِ راءِ مقرر ڪري، تنھن کي آپي ۾ رهڻ لاءِ دڙڪي طور ائين چيو ويندو آهي.
54. ڍنڍي
54.1 ڍنڍيءَ جو شيخ ته نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي) (7)
ڍنڍي؛ ٽنڊي محمد خان ۾، هڪ ديھه جو نالو.
اڳي ڍنڍيءَ واري جاءِ تي ڍنڍ هئي ۽ شھر پڻ آباد هيو. مٿس ماڪوڙين ۽ منگهڻن جي مصيبت/ آفت آئي ته ماڻھو لڏي ويا ۽ غير آباد ٿي ويو. ھاڻي وري ٻيھر آباد ٿي ويو آهي. منجهس رهندڙ شيخن لاءِ، سندن خاص وضح قطع سبب، ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
· پئسي وارو ماڻھو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پڌرو ھوندو آھي.
55. راهوجا
55.1 راهوجن ۾ رات ، قادر نه وجهي ڪنھنجي
رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ،
پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (سرو، چوڻي)
(ڀيٽو، پليجا)
55.2 2-52: رهي راهوجين، بھي باهوجين، ڪتي ڪوريجن جي. (سرو، چوڻي)
(ڀيٽيو، باهوجا)
56. رڙي
56.1 رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جتن کي مليو جواب. (لاڙ، پھاڪو) (7)
پنھنجي دور جي حسين ترين مائيءَ رڙيءَ جي نالي سان منسوب، جاتيءَ جي اوڀر ۾ ٻڌل شھر آهي. جتن جو ملڪ حمر خان، مٿس عاشق ٿي پيو. ڌوتيءَ هٿارئون، شاديءَ جو پيغام ڏياري موڪليائينس. مائيءَ رڙيءَ، کانئس موٽ ۾، ڪاري گونگڙي (واه) کان رڙيءَ (ڳوٺ) تائين، رات جي پيٽ ۾ پاڻي پھچائڻ لاءِ واه کوٽرائڻ جو مطالبو ڪيو. حمر نالي سان منسوب واهه، حمر مَلڪ هڪ ئي رات ۾ کوٽرايو هيو، جنھن کان پوءِ اهو پھاڪو ائين مشھور ٿيو.
مطلب:
· پئسي تي وڪامندڙ شيءِ جا مالڪ مٽجي ويندا آھن.
56.2 رڙيءَ جو شاهوڪار ته نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي) (7)
رڙيءَ جو شھر، پنھنجي شاهوڪاريءَ جي ڪري ڏاڍو مشھور هو. اتان جا ماڻھو شاهوڪار ۽ شاه خرچ هئا. انھيءَ ڪري اڄ به جيڪڏهن ڪو گهڻو خرچ ڪندو آهي ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
· (ڀيٽيو؛ ڍنڍيءَ جو شيخ ته نه آھين؟)
57. روم
57.1 توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيئي لوح قلم ۾. (سنڌ، چوڻي) (8)
جيڪو نصيب ۾ لکيل آهي، سو پورو پورو ملندو، نه گهٽ ملندو نه وڌ.
مطلب:
· ڪنھن کي نه نصيب کان وڌيڪ مليو آھي ۽ نه ڪنھن کي نصيب کان گھٽ مليو آھي.
57.2 روم ۾ رهي، پوپ سان نه اچائجي (انگريزي، پھاڪو) (2)
پوپ، عيسائي مذھب وارن جو رھبر يا رھنماءُ ٿئي ٿو. اھو وڏي مان ۽ مرتبي وارو مقام آھي. جيڪو اھو مقام ماڻي ٿو، تنھن جي ھلندي پڄندي به وڏي ھوندي آھي. ان سان ڦٽائڻ معنيٰ پنھنجو سر کڻائڻ.
مطلب:
· ڏاڍي جي ملڪ ۾ رهي، ساڻس نه ڦٽائجي.
· درياھ ڀر ويھي، وجھجي نه واڳونءَ سان وير.
58. روهڙي
58.1 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي (سرو، چوڻي) (4)
روهڙيءَ جو علائقو، اروڙ جي ويجهو آهي. ڪنهن لڱا، اروڙ ۾ راجا ڏاهر جي حڪومت هوندي هئي. حڪومت جي واڳ حاصل ڪرڻ لاءِ، اُن علائقي ۾ ڏاڍي رساڪشي ٿيندي هئي. روهڙيءَ جي روهه (جبل) تي رهندڙ، حڪومت جي واڳ هٿ ڪرڻ لاءِ، ڊوهه به ڪندا هيا. سندن ڊوهن/ سازشن سبب، اروڙ تباهه ٿيو. روهڙيءَ جو شھر، اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ ٽڪريءَ روه تي آباد ٿيو. اقتدار جي هوس، منافرتن ۽ منافقتن جو ٻج وڌو، جنھنڪري اروڙ کان آيلن هر وقت اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان ڊوهه يا دوکو پئي ڪيو.
مطلب:
· جابلو علائقن جا ماڻھو، جبل واريون خاصيتون رکندا آھن. ڏسڻ جا ڏاڍا ۽ سخت ٿيندا آھن. ھڪ ٻئي سان دوکي بازي ڪندي به نه مڙندا آھن.
58.2 روهڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي (سرو، چوڻي) (4)
آڳاٽي دؤر ۾ روهڙيءَ جا رهاڪو روهه تي رهڻ سبب، پٿر پنهنجي پکڙن ڏانهن ڍوئيندي ڏسڻ ۾ ايندا هيا. جنهن سببان مشهور ٿي ويو: “روهڙائي روهه تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي.”
مطلب:
· سيوھاڻي چريو ته به ڀتر گھر ڏانھن ڍوئي.
· جاجڪ چريو ته به لٽا لاھي پنھنجن ڏانھن اڇلي.
· چانڊيا چريا ته به ڳڙ جا ڀينڊ پنھنجن ڏانھن اڇلين.
58.3 روهڙيءَ جا مومن، روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا (ورجيس)
جيڪو ماڻھو ڪوڙي بھاني سان، ڳالهه لنوائيندو آهي. تنھن کي ايئن چيو ويندو آهي. “هل! روهڙيءَ جا خبر آهي.” ان جو اصل پسمنظر هڪ آزاريل ذاڪر ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي. جنھن سر ۾ چيو هئو؛ “روهڙيءَ جا مؤمن، روئڻ جا به ڏاڍا ته ...... جا به ڏاڍا.”
مطلب:
· دوکي باز ماڻھوءَ کي، طعني طور ائين چيو ويندو آھي..
59. ساڪرو
59.1 اهڙي ڪر، جو ساڪرو سٽ سھي (لاڙ، پھاڪو) (20)
59.2 ايتري ٻڌو، جو ساڪرو سٽ جهلي (لاڙ، پھاڪو) (20)
ميرن جي دؤرِ حڪومت ۾، مقرر ڪيل ٻاڌار، ٻنيون/ پوکون گھمي، محصول جو حصو ٻڌندا هيا. هڪ سال ٻاڌارن، ساڪري طرف سخت ٻَڌَ ڪئي. تنھن تي هڪڙي هاريءَ رڙ ڪري ائين چيو.
مطلب؛
· زيادگي چڱي ڳالهه نه آهي.
59.3 ساڪرو، آڪرو، (لاڙ، چوڻي) (7)
ساڪرو، اٺ جو قسم آهي. اھو هلڻ جو ڇوهو ۽ قد جو هلڪو آهي. ميرپورساڪري طرف ٿئي ٿو. ان ڪري علائقي جي نسبت سان، اھو مٿس نالو پيل آهي.
مطلب؛
· سڪرائي اٺ بيھڪ مان پڌرو ھوندو آھي.
59.4 مڙس ساڪري ۾، همراه آسري ۾ (لاڙ، پھاڪو) (7)
واعدو ڪري، ڀڄي وڃڻ واري کي ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آهي.
مطلب؛
· آسري يار جي، سيءَ سڪائي کل.
· سنگت ساڪري ۾، ھمراھ آسري ۾.
60. سکر
60.1 رن ٻڏي سکر، ڄار پوي بکر. (سرو، پھاڪو)
(ڏسو ‘بکر’)
61. سنڌ
61.1 جڏهن تڏهن سنڌ کي قنڌارئون جوکو. (سنڌ، چوڻي، ماموئين جا بيت) (6)
سنڌ تي جيڪي به حملا ٿيا آھن سي يا ته ايران کان ايندڙن ڪيا آھن يا ڪابل / قنڌار کان آيلن/ موٽ کاڌلن ڪيا آھن. جنھن ڪري ائين مشھور ٿيو آھي.
مطلب:
· سنڌ هميشه، قنڌار کان آيل حمله آورن جو شڪار پئي رهي آهي.
· لڳندي لڙائي، سونچو سري کان ٿيندو، جڏهن ڪڏهن، سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو.
61.2 سنڌ، ڇورا پال آهي. (سبي، پھاڪو) (9)
بروهي ۽ ٻروچ خاندان، اونھاري جي موسم ۾ لڏ پلاڻ ڪري، سنڌ ۾ ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا. اونھارو ڪمائي، سياري لاءِ پاڇي ڪري ڳوٺن ڏانھن راھي ٿين ٿا. اھڙن ماڻھن لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
مطلب:
· سنڌ علائقي کي، مٿس ڄاولن يا ٻاھران آيلن پالڻ جي سگھ آھي.
61.3 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (ٿرپارڪر، چوڻي)
(ڏسو: ‘جيسلمير’)
61.4 سنڌ سنئين، وڻ ڏنگا، ماڻھو خام،
ڏنڊو جنھن جي هٿ ۾، تنھن کي ڪن سلام. (اتر، چوڻي) (21)
جڏهن ماڻھو نصيحت سان نه سڌري ۽ پادرن سان سڌو ٿي هلي، تڏهن کيس ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آهي.
مطلب:
· سنڌي ماڻھو، ڏاڍي سان سينو ساھي نه سگھندا آھن ۽ پيا کيس اٿندي ويھندي سلام ڪندا آھن.
61.5 سنڌ کلي/ موچڙي سان سڌي آهي. (ساهتي/ سرو، چوڻي)
موچڙي ۾ سوڀ آهي. ان سان هر هڪ سڌو آهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت موسى عليہ السلام کي لٺ وارو معجزو ڏنو ويو.
مطلب:
· سنڌ جا ماڻھو، ھيٺانھين ڪرڻ واري تي فلڪ ئي نه آڻيندا آھن. ڏاڍي سان سڌا ھوندا آھن.
هونئن به پنجابيءَ ۾ چوڻي آهي؛
· عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا، ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا.
61.6 سنڌ گدڙن ڪونه کاڌي آهي. (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)
سنڌ جي ماڻھن جي نفسيات آھي ته پاڻ ۾ نه ٺھندا آھن، ٻاھران آيل کي ائين لڳندو ته پاڻ ۾ وڙھيل آھن. وڌيڪ کين پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي ضرورت ناھي. بس فقط مٿن حڪمراني ڪرڻي آھي. جڏھن ته ٻاھران آيل آپدا کي ڏسي سنڌين کان پنھنجيون ڪورتون وسري وينديون آھن ۽ ٻاھران آيل حمله آور سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ يڪدم يڪمشت ٿي ويندا آھن. جنھنڪري سنڌ جي ماڻھن کي ڌاريا ۽ ڪمزور ماڻھو، ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندا.
مطلب:
· ڪير به ڪنھن کي نقصان نه ٿو ڏئي سگهي، جيستائين خدا نه چاهي.
61.7 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي (ٿرپارڪر، چوڻي) (12)
(ڏسو: ‘ٿر’)
61.8 سنڌ ۾ ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي (سنڌ، چوڻي)
هر علائقي جي ماڻھن جو پنھنجو پنھنجو لھجو ۽ پنھنجي پنھنجي ٻولي آهي.
مطلب:
· سنڌ ۾ ويھين ڪوهين، ٻولي ٻي.
61.9 سنڌ ۾ پڇي به ڪو ڪونه. ڪڇ ۾ ڪنورٻائي. (سنڌ، پھاڪو)
(ڏسو: ‘ٿر’)
61.10 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين (ٿر، چوڻي) (12)
ڪڇ علائقي جا ماڻھو، جوڳين ۽ سنياسين ۾ انڌو اعتقاد ٿا رکن. جنھن ڪري کانئن پاڻ ڦرائين ٿا. جڏهن ته سنڌ جي ماڻھن کي اٻوجهائپ سبب ٺڳ ٺڳي ٿا وڃن.
مطلب:
· ڦرجن ته ڏيھاڙي گھڻا ٿا. بدنام فقط سنڌي ئي آھن.
62. سنڊو
62.1 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڀيٽيو ؛ جاتي)
63. سوکي
63.1 بندر ڦٽو، سوکي وٺي. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڀيٽيو؛ بندر)
64. سيوهڻ
64.1 سيوهاڻي چريا، پر پٿر پنھنجن ڏانھن اڇلين. (سرو، پھاڪو)
64.2 سيوهاڻي چريو، ته به پٿر گهر ڏانھن ڍوئي. (ساهتي، پھاڪو)
چرين کي به پنھنجن پراون جي ۽ نفعي نقصان جي خبر پوندي آهي.
مطلب:
· جاجڪ چريو ته به لٽا لاهي پنھنجن ڏانھن اڇلي.
64.3 سيوهاڻي، ان نه پاڻي.
64.4 سيوهڻ، ڏي ته وڻ، نه ته ٽپڙ کڻ . (لاڙ، چوڻي)
64.5 سيوهڻ کي گهل ڇا ڪندي؟ (لاڙ، پھاڪو)
گهل؛ ڦورو، لٽيرو.
اڳئين دور ۾ حاڪمن جا فوجي/ ڪارندا، گهوڙن تي چڙهي ايندا هيا ۽ غريبَ-مار ڪندا هيا. تن کي گهل سڏيو ويندو هيو. اهي به سکين ستابن کي تنگ ڪري مال ڦريندا هيا. سڃن بکين ماڻھن کي هوندو ئي ڪجهه نه هيو، تن کان ڪجهه نه ڦريندا هيا.
مطلب:
· سڃي کي سرڪار ڇا ڪندي.
· چور به ڀريل ڀڪيل گھر ۾ ئي کاٽ ھڻندو آھي.
· سڃو ماڻھو سرڪار کان به ڏاڍو.
65. شادي شھيد
65.1 وڃي شادي شھيد تي، ٿورو لونگ فقير تي. (سرو، پھاڪو)
لونگ فقير ۽ شادي شھيد، پيرن جي نالن پويان، ضلع خيرپور جون ٻه وسنديون آهن. خيرپور شھر کان لونگ فقير، هڪ ڪلوميٽر ۽ شادي شھيد ڏهه ڪلوميٽر پري آهي. شادي شھيد تي وڃڻ واري کي لونگ فقير تان لنگهڻو پوندو آهي. ان ڪري اتي به زيارت ڪندو آهي. انھيءَ تان هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
مطلب:
· مخاطب ھڪڙي سان ٿيڻ، لاھڻي ٻئي تي لاھڻ.
66. شام
66.1 شامي، حرامي. (سرو، چوڻي) (22)
شام ملڪ جي رهندڙ کي شامي چيو ويندو آهي. اتان جي ڪنھن ھڪ ڄڻي ڪا ھڪ اڌ علطي ڪئي ۽ ڪنھن مسافر سان چڱو نه ھليو ھوندو، پر ناموس سڄي ملڪ جي وڃائي ڇڏيائين.
شامي نالي سان، دال ۽ پٽاٽن مان، گول ٽڪيون به ٺھنديون آهن. جيڪي کائيندو هر ڪو، پر گلا به ڪندو آهي.
مطلب:
· ٿانءُ ھڪڙو کڻي، ٺڪر سڀني کي اچي.
67. شڪارپور
67.1 شرم ويو شڪارپور، لڄ وئي لاڙڪاڻي. (اتر، چوڻي) (25)
جنھن ماڻھوءَ ۾ لڄ ۽ شرم نه هجي يا لحاظ داري نه هجيس، تنھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
· لڄ ۽ شرم، اڄڪلھ لڏيندا ٿا وڃن.
67.2 شڪارپور شھزادي، ڏيھان ڏور مشھور. (سرو، چوڻي)
شڪارپور، سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود، شڪارگاهه واري هنڌ تي دائود پوٽن جو اڏايل شهر، سکر شهر جي مٿان بولان لڪ واري رستي تي واقع آهي. سڄي سنڌ هند توڙي ست سمنڊ پار، واپار جي لحاظ کان مشهور هئو. هتان جا واپاري سکيا ستابا ۽ جڳ مشهور هئا. سندن ڪاروبار، ڏيهان ڏيهه ڦهليل هيو. جنهن سببان سندن، سڄي جڳ ۾ هُنڊيون هلنديون هيون. انهيءَ ڪري شڪارپور شهر کي گهڻي مقبوليت حاصل هئي.
مطلب:
· واپار ۽ پئسي جي ريل پيل سبب، شھرن جو ڏيھان ڏيھ ناموس ٿئي ٿو.
67.3 شڪارپور شھزادي، اچي نر ٿئي مادي. (سرو، چوڻي)
شڪارپور شهر، واپار جي ڪري مشهور هيو. جنهن ڪري جيڪو به هتي، نر وانگر خالي پيٽ / ڪُکِ سان آيو، ماديءَ وانگر ڀريل پيٽ / سائي ڪُکِ سان موٽي ويو.
مطلب:
  • شڪارپور شهزادي، وڃي نر ٿئي مادي
67.4 شڪارپوري صلاح (سرو، ورجيس)
شڪارپور اندر، واپار تمام گهڻو هلندو هيو. واپاري ماڻھو، سلام ڪلام ۾ پاڻ کي کلي ڳالھائڻ تائين محدود رکندو آهي. غرض ڌنڌي سان رکندو آهي. وڌ ۾ وڌ جنھن خريداري ڪئي، تنھن کي آخر ۾ ٺلھي چانهه جي صلاح ڪندو آهي. شڪارپوري واپاري پڻ ائين ھيا. سندن انھيءَ روش تان، هيءَ ورجيس مشھور ٿي.
مطلب:
· غرض خاطر، صلاحڻ.
67.5 شڪارپوري، نيت بري،
هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري. (سنڌ، چوڻي)
شڪارپور، ڏيھان ڏيھه مشھور هئي ۽ ڏيھن سان واپار هلندڙ هيس. واپار وڙي جي حساب سان، هتان جا واپاري به پڪا هيا. گراهڪن سان کلي ڳالھائڻ، نرمائي ڪري پنھنجو وکر کڻائڻ ۽ کانئن پئسا ڪڍڻ به هڪ فن آهي، جيڪو هيءُ ڄاڻندا هيا. جنھن تان اها چوڻي وجود ۾ آئي.
مطلب:
· شڪارپور جا واپاري، گھڻي ڪمائي ٿيڻ بعد لالچي ٿيا پيا ھيا. ڦرڻ ۾ ڪنھن مان به ڪين مڙندا ھيا.
انھيءَ چوڻيءَ جي اُگري مطلب واري جواب ۾، شڪارپور وارن به هڪ جوابي چيڙ ٺاهي آهي؛
67.6 شڪارپوري، نيت بري،
ڏيکارين گجر، وجھن موري. (شڪارپور)
جڏهن ته اها ڪھاوت، اصل ۾ هيئن مشھور هئي؛
67.7 شڪارپوري، نيت بري،
ٻولين ٻاجهر، ڏين ٻـُري.
شڪارپور جي واڻين جو واپار، ڏيساور سان هلندڙ هيو. واپار جي لحاظ کان وڏا چالاڪ هيا. مٺڙو مٺڙو ڳالهائي، سادي شيءِ به اوچيءَ واري اگهه ۾ هڻي ويندا هئا. جنس اُچي مال جي ڏيکاري، سارو مال کڻائي ڇڏيندا هيا. آخر تائين ماني ته ڇا، چانهه به نه پياريندا هيا. اُٿڻ مهل فقط صلاحيندا هيا ته؛ “چانهن پي وڃو!” جيڪڏهن ڪو ضد ڪري ويهي رهيو ته چوٿاڙ ڪوپ، چانهه جو گهُرائي کيس پياريندا هيا. چوٿي ۽ اڌڙ چانهه جي ڪوپ جو رواج، اڃا به شڪارپور شھر جي هوٽلن تي آهي.
مطلب:
· ٻول ۾ چول ڪرڻ. ٻول ۾ چول نه ڪرڻ گھرجي.
  • شڪار پوري، نيت بُري، ڏيکارين گجر، ڏين موري.
  • شڪارپوري، نيت بُري، هٿ ۾ قرآن، بغل ۾ ڇُري.
  • ڀيٽيو: خيرپوري، نيت بري، ھٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.
68. شھدادڪوٽ
68.1 شھدادڪوٽ، اصل نه موٽ، موٽ ته مري موٽ. (سرو، چوڻي)
ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جو مکيہ شھر، جتي آڳاٽي دور ۾، ڪو به ملازم وڃڻ لاءِ ورلي تيار ٿيندو هيو. جيڪو اتي پھچندو هيو، تنھن جي بدلي ڏاڍي ڏُکي ٿيندي هئي. يا مرڻ پڄاڻان جان ڇٽندي ھيس يا رٽائر ٿيڻ سان. يا ته نوڪريءَ مان خارج ٿيڻ ڌاران، جان آجي ٿيندي هيس.
مطلب:
· ڀيٽيو: ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ.
69. عراق
69.1 جيسين عراق مان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مريو وڃي. (پارسي، پھاڪو)
فائدي ڏيڻ واري شيءِ، آسانيءَ سان نه بلڪ تڪليف سھڻ سان حاصل ٿئي ٿي.
مطلب:
· آسانيءَ سان ميسر نه ٿيندڙ شيءِ لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
70. قنڌار
70.1 1-67: جڏهن ڪڏهن سنڌ کي، قنڌار کان جوکو. (سنڌ، چوڻي) (ماموئين جا بيت ) (6)
(ڏسو سنڌ).
70.2 ڪنڌيئون پار، قنڌارئون پار (سنڌ، پھاڪو)
70.3 ڪنڌي کون پار، ڌر قنڌار. (سنڌ، پھاڪو).
گهر جي عالم پناهه/ چوديواريءَ مٿان ٺاهيل ڪانن جي اولي کي ڪنڌي ڪوٺبو آهي. جيڪا پردي يا پناهه خاطر ڏبي آهي. گهر ڀاتي، ڪنڌيءَ کان نڪتو ته ڄڻ پري ٿيو. ايترو پري، جيترو قنڌار پري آهي.
جڏهن درياهه تي نه پل هجي ۽ نه ٻيڙيءَ جي سھوليت هجي، اهڙيءَ حالت ۾ درياهه پار جو يا پاريچو عزيز ائين آهي، ڄڻ قنڌار ۾ ٿو رهي.
مطلب:
· گهران نڪري ويل عزيز کي پهرين دل ۾ ساربو آهي. نيٺ دل تان ياد به لهي ويندو آهي.
· ڪنڌارئون پار، ڌر قندار.
· جو چلهه تي سو دل تي، چلهه کان دور سو دل کان دور.
· ڪنڌي کون پار، قنڌارئون پار.
70.4 گهر جي نِيت، قنڌار جي کَٽي. (سنڌ، پھاڪو) (21)
پنھنجي گهر جي پِڇ پاڻي يا دال ماني به قنڌار جي مالِ غنيمت کان ڀلي آهي.
مطلب:
· گھر جو ٽڪر، ٻاھر جي سڄي مانيءَ کان بھتر آھي.
71. ڪابل
71.1 ڇا ڪابل ۾ گڏهه نه هوندا آهن؟ (سنڌ، چوڻي)
ڪابل ۽ قابل لفظ، چوڻ ۾ ته ھڪجھڙا آهن پر معنيٰ ۾ ھڪجھڙا نه آھن. ضروري ناهي ته ڪابل ۾ سمورا قابل ئي رهندا هجن، جنھن تان مٿس اھو نالو پيو آھي. اتي گڏھ به رهندا هوندا. ڇو جو ڪڏھن ڪڏھن نالي جي ابتڙ به ماڻھن منجھ تاثير ٿيندا آھن.
مطلب:
· ڇا ھڙئي محمد قابل، قابل ھوندا آھن؟
72. ڪاڇو
72.1 ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏئو،
من تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين. (شاهه، ڏهر، چوڻي) (10)
ڪاڇي علائقي ۾ برسات پوي ته آبادي ٿئي. حياتيءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. هر ساهوارو پاڻيءَ طرف لڏ پلاڻ ڪري ٿو.
مطلب:
· جتي پاڻي، تتي پاڻ.
72.2 ڪاڇي واءُ، ٻوڙي (ٿرپارڪر، چوڻي)
ٿر علائقي کي، ڪاڇو ڏکڻ ۾ پوندو آهي. ان طرف کان آيل مينھن گهڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو آهي.
مطلب:
· ڏاکڻا نه وسڻا، وَسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري.
73. ڪاڪ
73.1 ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنھن نه مال (شاه، مومل راڻو، چوڻي) (10)
سچي عاشق کي راهه ۾ موجود رڪاوٽون، عشق کان روڪي ڪين سگهنديون. اهو مڙني حالتن مان وڃي پار پوندو.
مطلب:
· اللھ وارن کي دنيا، اللھ جي راھ کان روڪي نه سگھي آھي.
74. ڪپور
74.1 منھن متور ۾، ڪنڌ ڪپور ۾. (لاڙ، چوڻي) (۲۳)
متور يا محمد طور، قديم تاريخي شھر آھي جيڪو سومرن جو تختگاھ پڻ رھيو آھي. بعد ۾ ڦٽي ويو ۽ ان جا کنڊرات، شاھ ڪپور يا شاھڪ-پور جي لڳ موجود آھن. نظر ھڪ شيءِ ۾ ھجي ۽ جواب ٻيءَ لاءِ پيو ڏجي ته ائين چيو ويندو آھي.
مطلب:
· منھن مکڻ جو ، جھوري جھڻ جي.
75. ڪڇ
75.1 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير
چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (لاڙ، چوڻي)
(ڏسو ‘جيسلمير’)
75.2 سنڌ ۾ پڇي ڪو ڪونه، ڪڇ ۾ ڪنور ٻائي. (لاڙ، پھاڪو)
(ڏسو ‘سنڌ’)
75.3 ڪان تان ڏنگ ڏڙو، ڪان تان ڪپو ڪڇ ۾. (لاڙ، پھاڪو) (18)
(ڏسو ‘ڏنگ ڏڙو’)
75.4 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (لاڙ، چوڻي) (12)
(ڏسو ‘سنڌ’)
76. ڪراچي
76.1 ڪراچي آهي ڇورن جو نيپاڄ (سنڌ، چوڻي)
ڪراچيءَ ۾ ڇورا ڇنن کي به سنھو ٿلھو روزگار ۽ پيٽ قوت ميلو وڃي. اھي به اتي پيا پيٽ پالين.
مطلب:
· ڀيٽيو: سنڌ، ڇورا پال آھي.
76.2 ڪراچي شھر مثل هڪ وڏي قبر،
جيڪو آيو اندر، نه ٿيو سو ڪڏھن ٻاھر.
ڪراچي تمام گوناگون شھر آھي. جيڪو به منجھس ھڪ دفعو آيو آھي، سو وري نجھانئس لڏي ڪو نه ويو آھي. اتي هر ماڻھوءَ جو گذارو ٿيو وڃي.
مطلب:
· ڪراچيءَ ۾، ڏوھي/ سڃو/ عيبدار لڪيو وڃي.
77. ڪرهيو
77.1 ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ، ڪپڙن کي باهه ڏبي؟! (لاڙ، چوڻي) (7)
بدين طرف بزرگ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاهه آهي. ان اولياءَ جي ميلي تي سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ نه مليا ته پوءِ ڪھڙي ڪم جا. جيئن چيو ويندو آهي. عيد کان پوءِ ڪپڙا ساڙبا؟
مطلب:
· ڪپڙا لٽا به وقت تي وڻن ٿا.
78. ڪُڙڪ/ صافي
78.1 نه صافيين، نه ڪڙڪين (سبي، فراڪي، پھاڪو) (9)
78.2 ڪڏهن صافيين، ڪڏهن ڪڙڪين.
صافي ۽ ڪڙڪ، سبيءَ کان چئن پنجن ميلن تي ٻه ڳوٺ آهن. ھڪ ڏينھن ٻنھي ڳوٺن ۾ ڀت جي خيرات ھئي. ھڪ فقير ٻنھي ڀتن جو آسرو رکي پنڌ پيو. ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو ته ڀت رجھڻ ۾ اڃا دير هئي. انتظار ڪرڻ نامناسب سمجھندي ٻئي ڳوٺ پھتو ته ڀت کپي چڪو هو. اتان آسرو پلي، پوئين پير ڀڳو ته اتي به ڀت کي نه رسي سگھيو. ٻنھي ڳوٺن ڏانھن ڪيل پنڌ، بي سود ھليو ويس. پڇڻ تي ٻڌايائين؛ “نه صافيين، نه ڪڙڪين”.
مطلب:
  • ٻه آسرا رکڻ واري جو ھڪ ھنڌان به ڪم نه ٿيندو آھي.
  • نه هيڏانھن جو رهيو، نه هوڏانھن جو رهيو.
  • ڀيٽيو؛ نه اڍين، نه الرين.
79. ڪمال ديرو
79.1 ڪمال ديرو، جتي بک مري ٿو ڳيرو. (ساهتي، چوڻي) (19)
ڪمال ديري جا ماڻھو، ڪمائي ڪرتي، سڄي ڪمائي اچي هوٽلن تي کپائن. ان سبب ڪري، پاڻ وٽ اڙيءَ اڌيءَ لاءِ ڪجھ به نه بچين. جنھن ڪري ائين مشھور ٿيو آهي.
اھڙي تڪ بند چوڻي جيڪب آباد ضلعي جي شھر ڳڙھي خيرو لاءِ به چئي ويندي آھي. ڳڙھي خيرو، جت بک مري ٿو ڳيرو.
مطلب:
· جتي جا ماڻھو نڪما ھوندا، اتان جا پکي به بک مرندا آھن.
80. ڪنڌڪوٽ
80.1 ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ. (چوڻي)
ڪنڌ ڪوٽ شهر کي، وڏي ٻهراڙي آهي. جنهن سببان واپار وڙي جي لحاظ کان وڏي چلتي وارو شهر آهي. جيڪو به واپار/ روزگار سانگي اتي آيو، اڏجي ويو. شهر ۾ اڪثر آبادي ٻاهران لڏي آيلن جي آهي.
مطلب:
  • شهداد ڪوٽ، وري نه موٽ ، موٽ ته مري موٽ.
  • شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
  • شهر ڪراچي، ڇورن جو نيپاڄ.
81. ڪنڊيارو
81.1 ڪنڊيارو، ويٺو رو. (ساهتي، چوڻي)
ڪنڊين واري علائقي ۾، ساهتيءَ جو شھر، جيڪو هڪ دڙي تي ٻڌو ويو هو. تنھن ۾ رهڻ وارا، پنھنجي ڏکن سورن جو اظھار ايئن ڪن.
مطلب:
  • ڀيٽيو؛ بٺورو، بيٺو رو.
81.2 ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي،
ننڍي وڏي کي ٽِنڊِ گھڻي. (ساهتي، چوڻي)
ڪنڊيارو جي علائقي ۾ زمينن اندر ڪنڊيون جام ٿينديون آھن. ان سببان ماڻھن جو مزاج پڻ ڪنڊن وارو آھي. ھر ھڪ کي من ۾ مستي، ٽيڳر ۽ وڙھسان وڙھسان ھوندي آھي.
مطلب:
  • طبعي حالات جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي پڻ اثر پوندو آھي.
  • ڪنڊياري ۾ ڪنڊ گھڻي، ننڍي وڏي کي جنگ گھڻي.
82. ڪوريجا
82.1 ڪتي ڪوريجن جي، رهي راهوجين، بھي باهوجين (سرو، پھاڪو)
(ڏسو: ‘باهوجا’)
83. ڪوهه
83.1 وسي ته ڪوه، نه ته روهه (ٿرپارڪر، چوڻي)
مينھن وسي ته ڪوهستان جو علائقو سرسبز ۽ آباد ٿي پوي. نه وسي ته جبل ۽ پٿر وانگر ٺوٺ، ڪا به آبادي نه ٿئي. هونئن به حياتيءَ جو سڌو سنئون تعلق پاڻيءَ سان آهي.
مطلب:
  • ڀيٽيو؛ وُٺو ته ٿر، نه ته بر.
84. کارو
84.1 کارو ڦِٽو، ڳاڙهو وُٺو . (لاڙ، چوڻي) (7)
کاري ڇاڻ جو شھر ڦٽي وڃڻ کانپوءِ، ان جي ويجهي ڇڪ وارو شھر ڳاڙهو وسي ويو. اڄ، ڳاڙهو ئي ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ جو مرڪزي شھر آهي.
مطلب:
  • ھڪ جي مرڻ پڄاڻان ٻين کي وارو ملي ٿو.
84.2 کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري،
ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙهي. (لاڙ، چوڻي) (71)
کاري جي ڍوري، ڏسڻ ۾ سوڙهي ۽ اونھائيءَ ۾ گھري هوندي آهي، منجهس پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح، ماڃر جي هڪ ننڍڙي ڇوڪري به پنھنجي دَمَ ۽ خَمَ جي لحاظ کان، ايتري قدر گھري هوندي آهي جو پنھنجو راز وس ويندي ٻئي سان نه سليندي آهي.
مطلب:
  • جاگرافيائي حالتن جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي سڌو اثر پوندو آھي.
85. گاجي مھيسر
85.1 گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھيسر (سرو، چوڻي)
ميھڙ شھر ۽ ڳوٺ گاجي خان مھيسر، دادو ضلعي ۾ آهن. هڪ ٻئي سان گڏوگڏ آهن. موڪلائڻ وقت، هڪٻئي کي ايئن چيو ويندو آهي؛ “گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھير.” ائين جيئن چئبو آهي؟ “موڪلاڻي ناهي” يا چئبو آهي ؛ “سدائين گڏ!”.
مطلب:
  • گڏيا پيا آھيون. موڪلاڻي ناھي.
86. گمبٽ
86.1 جنھن جون ڄنگهان يارن وٽ، سا ڪيئن ويندي گمبٽ. (سرو، ساهتي، پھاڪو)
پنڌ، پيرن ۽ ڄنگهن سان ٿيندو آهي. اهي ئي ڪٿي ڦاٿل يا سُڪ هجن ته پوءِ ڪين پنڌ ٿيندو. مطلب ته جيڪو ماڻھو، هڪڙي معاملي ۾ ڦاٿو پيو آهي، سو ٻيو ڪم ڪيئن ڪري سگهندو.
مطلب:
  • خيال ھڪ ھنڌ اٽڪيل ھوندا ته ٻئي ھنڌ جو ڪم نه ٿي سگھندو.
  • ڄنگهان يارن وٽ، هلي آهي گمبٽ. (سرو، ساهتي، پھاڪو)
86.2 ويڄر جن جي وچ تي، سي گمبٽ ڪيئن گھارين؟
ويڄر، ھڪ ذات جو نالو آھي. ڏاڍا قربائتا آھن. وس ويندي مھمان کي ٽڪائڻ کان نه مڙندا آھن. جنھنڪري گمبٽ ويندڙ مھمان رات تائين گمبٽ نه پھچي سگھندو آھي.
مطلب:
  • منزل تي سو پھچندو، جنھن کي رستي-روڪ نه ٿئي.
87. ڳاڙهو
87.1 کارو ڦٽو، ڳاڙهو وٺو. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڀيٽيو ؛ کارو)
88. ڳِٺو
88.1 پِرمان ڀلي پرڻي، پر جڏهن ڳِٺي جا وڻ اڪري. (لاڙ، چوڻي) (18)
ڳٺي ڳوٺ جي حسين پِرمان کي، پنھنجي پيءُ تاجن جي غير موجودگيءَ ۾ پرڻائي ڇڏيو. تاجن جو ڏهڪاءُ ويٺل هيو. هر ڪنھن کي ڊپ هيو ته تاجن جي اچڻ کانپوءِ، پرمان نيکٽيءَ لاءِ به نڪري نه سگهندي. هر ڪنھن ائين پئي چيو ته؛ پرمان جو اصل پرڻو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڳوٺان نڪري.
مطلب:
  • ٻاھر ڏنل، ڇوڪريءَ جو پرڻو تڏھن مڃبو جڏھن اھا پالڪيءَ چڙھي ساھرين پڄي.
88.2 پِرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳٺي جا وڻ ڏسندين. (لاڙ، چوڻي) (18)
تاجن، تاجهيري جو چڱو مڙس ۽ جانٺو جوان هيو. سندس منشا کانسواءِ ڪنھن جي به شادي نه ٿيندي هئي. ڳٺي جي ڳوٺ جي حسين ڇوڪري پرمان، وهيءَ چڙهي ته ملڪان ملڪ سندس حسن جي هاڪَ هُلي هئي. تڏهن اهو مشھور ٿيو ته پرمان ان کي ملندي، جيڪو تاجن سان مقابلو ڪري، ڳٺي جي ڳوٺ ۾ اچي.
مطلب:
  • تمام ڏکئي ڪم لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
89. گهٽاڻ
89.1 ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پؤ منجھ گهٽاڻ (لاڙ، چوڻي)
گهٽاڻ؛ لاڙ اندر ضلعي ٺٽي جو ھڪ ڳوٺ، جتان جي ماڻھن جي مھمان نوازيءَ سبب، هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
مطلب:
  • کائڻ لاءِ ڪجھ نه ھجي ۽ کيسي ۾ ڏوڪڙ به نه ھجن ته اھڙي حالت ۾ گذر سفر ڪرڻ لاءِ گھٽاڻ ۾ گھڙي پئجي.
90. گهٽھڙ
90.1 ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پؤ گهٽھڙ ۾ (سرو، چوڻي)
گهٽھڙ: ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾، قمبر-وڳڻ روڊ تي، اڌ ميل اولھه طرف اندر، ٻرڙن جو وڏو ڳوٺ آهي. جتي جا ماڻھو مھمان نواز آهن. جنھن تان هيءَ چوڻي مشھور ٿي آهي.
مطلب:
  • ڀيٽيو: ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ.
  • ثمر هجئي ساڻ، ڀڄ ڀاڏائن کان.
  • ثمر نه هجئي ساڻ، ڀر وٺ ڀاڏاين جي.
91. لاڙ
91.1 لاڙ، ساڙ (لاڙ، چوڻي)
91.2 لاڙ آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار،
اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري. (لاڙ، چوڻي) (24)
لاڙ ۾ پاڻيءَ جي لاٿ سبب، کڏن کوٻن ۾ رنڊيل پاڻي، مڇرن جي افزائش جو سبب ٿئي ٿو. مڇرن کان، پاڻ ۽ مال کي بچائڻ لاءِ، هرڪو دونھيون ڪري ٿو. هوائن تي ڪک ڪاڄر پاڻيءَ ۾ ڪرن ٿا ۽ اھو پاڻي مال ۽ ماڻھو واپرائين ٿا. ان کان علاوه دونھين ۽ دنڌ جي ڪري، اکين تي اثر پوي ٿو. هر ڪو بيمارين ۾ وٺجيو وڃي. جنھن تان اها چوڻي مشھور ٿي آهي.
مطلب:
  • جتي پاڻيءَ جي پڇڙي، اتي زندگي ئي بڇڙي.
91.3 لاڙ جو پڙهيو، سري جو ڍڳو (سنڌ، چوڻي)
اها چوڻي سري جا ماڻھو پنھنجي تعريف ۾ چوندا آهن. جڏهن ته لاڙ جا ماڻھو پنھنجي تعريف ۾ هيئن چوندا آهن، “لاڙ جو ڍڳو، سري جو ماڻھو”. حقيت حال جي، خدا کان سواءِ ڪنھن کي خبر ناهي.
مطلب:
  • ھر ڪو پنھنجي تعريف ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ وسان ڪين ٿو گھٽائي.
92. لاڙڪاڻو
92.1 ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گهم خان لاڙڪاڻو. (سرو، چوڻي)
92.2 لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)
92.3 لڄ وئي لاڙڪاڻي، شرم ويو شڪارپور (سرو، چوڻي) (ڏسو ‘شڪارپور’) (25)
92.4 هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو (سرو، چوڻي) (5)
92.5 هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
لاڙڪاڻو 1831ع ۾ نھري نظام ٺھڻ کانپوءِ اڳ، گهاڙ واه جي ڪنڌيءَ تي هئڻ سبب، واپار وڙي ۾ ڏاڍو مشھور هو. هتي واپار، ٻيڙين ذريعي ٿيندو هيو. وڏي واپار سبب، شھر جي رونق، تمام گهڻي ۽ ملڪان ملڪ مشھور هئي. اڄ به ساڳئي نالي سان موجود، بندر روڊ ۽ قافله سراءِ جا علائقا، ان وقت ڏاڍا متل هوندا هيا. ان کان علاوه حسن جي به بازار هئي. جتي شوقين ۽ پئسي وارن جو کيل هوندو هو. انھيءَ تان اها چوڻي وجود ۾ آئي آهي. اڄ جڏهن ٻيا شھر وسي ويا آهن ۽ لاڙڪاڻي جي اها رونق نه رهي آهي ته هرڪو چوي ٿو، “هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
مطلب:
  • پئسي سان ھيءُ جھان آھي.
  • پئسي سان جھان جون رونقون قائم آھن.
92.6 هو قوم لاڙڪن جو هتڙي قديم ٿاڻو،
پيو نانءَ هن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو. (چوڻي، لاڙڪاڻو)
لاڙڪاڻو شھر، لاڙڪ قوم جي نالي پويان ٺھيل آهي. ھاڻي لاڙڪ، ڄڻ اتان لڏي ويا آھن.
مطلب:
  • ھر شھر ڪنھن نه ڪنھن قوم جو ٻڌايل آھي.
93. لونگ فقير
93.1 وڃي شادي شھيد تي، ٿورو لونگ فقير تي. (سرو، چوڻي)
(ڏسو: ‘شادي شھيد’)
94. لوهي
94.1 جوهيءَ کان لوهي، نه واهي نه اوهي. (سبي، چوڻي) (9)
(ڏسو: ‘جوهي’)
95. ليلي مل جو هٽ
95.1 ڏٺو به ليلي مل جو هٽ اٿئي؟ (ساهتي/ سرو، پھاڪو) (17)
ليلو مل بھمڻ جو ويٺل هو. کيس ڌڻيءَ جو ڏاڍو ڊپ هوندو هو. ٻار به کيس ڌڻيءَ جو دڙڪو ڏئي، ٿورن پئسن سان گهڻي شيءِ وٺي ويندا هئا.
مطلب:
  • جيڪو ماڻھو دڙڪا دهمان ڪري يا خدا جو ڊپ ڏياري، ناجائز فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪري، تنھن کي اک ڏيکارڻ لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
96. ماڃر
96.1 جت ڪل جاتي، ماڃر ڪل مي (لاڙ، پۡھاڪو) (7)
(ڏسو: ‘جاتي’)
96.2 کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري.
ٻاهر سوڙهي، اندر اوڙهي. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڏسو: ‘کارو!)
97. متور
97.1 منھن متور ۾، ڪنڌ ڪپور ۾ (لاڙ، چوڻي) (23)
(ڏسو: ‘ڪپور’)
98. مٽياري
98.1 مٽيارين جو موت، ويندي جي ويرم. (لاڙ، چوڻي)
مٽياري؛ متعلوي بزرگن جي نالي پٺيان، حيدرآباد کان 20 ڪلوميٽر اتر طرف ٻڌايل شھر، نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. اتي جا بزرگ وڏي ڪانيءَ ڪرامت وارا هئا، جن کي ڏسي يا اثر ۾ اچي هندو هڪدم مسلمان ٿيندا هئا. جنھن تي هندن، اهو مشھور ڪيو ته، “مٽيارين جو موت، ويندي جي ويرم”. يعني مسلمان هندن کي زبردستي مسلمان ڪندا ٿا وتن. اڄڪلهه اها چوڻي ٻين معنائن ۾ به استعمال ٿيندي آهي.
مطلب:
  • ھر شھر جي ڪا نه ڪا خوبي آھي. مٽياري بزرگن جي ڪرامتن سببان مشھور آھي.
99. مٺياڻي
99.1 مٺياڻي؛ اڳيان ماڻھو، پويان پاڻي. (ساهتي، چوڻي)
نوشھري فيروز جو، سنڌو درياه جي کاٻي پاسي تي واقع شھر، ريل ۽ روڊ ذريعي مورو ۽ ٺارو شاهه سان ڳنڍيل، دادو مورو پل کان اڳ ۾ مشھور پتڻ هو. درياهه جي چاڙهه سبب، اونھاري ۾ ٻوڏ جو چوويھه ئي ڪلاڪ خطرو موجود رهي ٿو. ڪنھن زماني ۾ درياهه جي ساڄي پاسي کان ھوندو ھيو ۽ ھاڻي درياھ ساڄي کان ٿو وهيس.
مطلب:
  • درياھ جي ويجھي ڇڪ وارن شھرن کي ٻوڏ جھڙين قدرتي آفتن جو خطرو رھي ٿو.
100. محراب پور
100.1 ٽنڊي جي ٽوٽ، محراب پور تي پئي. (ساهتي، پھاڪو)
(ڏسو؛ ‘ٽنڊو مير علي’)
101. مدينو شريف
101.1 مھاجرين، مديني جا جاءِ نشين (اردو، چوڻي)
نبي آخر زمان، حضرت محمد مصطفى ™ جن مڪي مان هجرت ڪري يثرب شھر ۾ مھاجرين ٿي آيا. سندن اچڻ پڄاڻان، يثرب جي رونق وڌي وئي ۽ بجاءِ يثرب سڏجڻ جي، نبيءَ جو مدينو يا شھر سڏجڻ لڳو.
مطلب:
  • مديني جا جائنشين، مھاجرين ئي آھن.
102. مڪلي
102.1 شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو. (لاڙ، چوڻي) (15)
مڪليءَ جي مقام ۾، تمام وڏا اهل الله دفن ٿيل آهن. جن مان شيخ جيئو کي، ڏيئي جي حيثيت حاصل آهي.
مطلب:
  • مڪليءَ جو نالو بزرگن جي موجودگيءَ سبب مشھور آھي.
102.2 مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڏسو: ‘ٺٽو’)
102.3 مڪلي، پرديسين جو مقام. (لاڙ، چوڻي)
مڪلي، جيئن ته تمام گهڻن اهل الله ۽ اولياءَ الله جو مدفن آهي. انھن جي مزارن تي عاشق ۽ اڙيل، مرادون حاصل ڪرڻ ۽ دعا لاءِ اچن ٿا. ڪي ته اميد ۽ آسري تي زندگي به ڳاري ڇڏين ٿا. جنھن سببان اها چوڻي وجود ۾ آئي آهي.
مطلب:
  • مڪليءَ جي آباديءَ ۾ ٻاھران آيلن جو گھڻو حصو آھي.
103. مڪو شريف
103.1 حضرت عيسى جو گڏهه، ڀلي مڪي شريف وڃي،
پر موٽڻ کان پوءِ، ساڳيو گڏهه جو گڏهه. (سنڌ، پھاڪو).
103.2 حضرت عيسى جو گڏهه، سؤ دفعا مڪي شريف وڃي پر اٽن کان نه مڙي. (سنڌ، پھاڪو)
103.3 گڏهه سؤ دفعا مڪي پاڪ وڃي ته به ساڳيو گڏھ (سنڌ، پھاڪو)
مڪي پاڪ ۾ به اهو پاڪ صاف ٿيندو، جنھن جي دل ۽ نيت پاڪ هوندي. جيڪڏھن اتي رهڻ سان ڪو جنتي ٿئي ها ته پوءِ ابوجھل ۽ ابو لھب به ٿي وڃن ها. جنتي اهو ٿيندو، جيڪو مڪي پاڪ جو دل سان احترام ڪندو.
مطلب:
  • عملن جو دارومدار، نيت تي آھي.
  • جاءِ يا مڪان، ماڻھوءَ جو مقام نه وڌائيندا آھن، بلڪ سندس لڇڻ سندس مان وڌائيندا آھن.
103.4 قلب اندر ڪعبو ڏٺوسين، مڪي وڃڻ جو ڪھڙو ضرور؟ (سنڌ، پھاڪو)
انسان جي عملن جو دارومدار، سندس دل يا ايمان تي آهي. ايمان زبان سان ته آڻبو آهي. پر اصل ايمان آهي، دل سان تصديق ڪرڻ.
مطلب:
  • عمل به ڪجي، نيت به سڌارجي.
103.5 مڪو: پڪو. (چوڻي).
مڪي وارا هر ڳالهه ۾ پڪا آهن. ڪفر ۽ شرڪ تي هيا ته به پڪا ۽ ڪٽا هيا، جڏهن ايمان آڻي مسلمان ٿيا ته به پڪا ۽ سچا مسلمان ٿيا. منجهن منافقي ڪا نه هئي. اڄ به مڪي وارا ڳالهائڻ ۾ کهرا ۽ سڌا آهن. منجهن جوش ۽ جلال آهي. منافقي ناهي.
مڪي ۾ اللهﷻ جو گهر آهي. فقط جلال ئي جلال آهي. مديني ۾ رحمة للعالمين آهي، اتي فقط نرمي ئي نرمي آهي.
مطلب:
  • مڪي ۾ جلال آهي.
  • مڪي جا رهندڙ پنهنجي عقيدي ۾ پڪا آهن.
104. ميمڻ
104.1 ميمڻ وڃي مڪي، ته به سندس وٽ تارازيون کوٽا. (ساهتي)
104.2 ميمڻ وڃي مڪي، ته به سير ساهميون/ وٽ تارازيون تڪي. (سنڌ، پھاڪو)
104.3 ميمڻ وڃي مڪي، ته به کائي توري تڪي. (سنڌ، پھاڪو)
ميمڻ ذات وارن مسلمانن جو اڪثر گذران واپار وڙي تي آهي. واپاري ماڻھوءَ کي نماز ۾ به پنھنجو ڌنڌو ياد هوندو آهي. واپاري قسم جي ماڻھن جي ذهنيت به خاص قسم جي هوندي آهي.
مطلب:
· ميمڻ کي ھر ڳالھ ۾ ٻو روپئي جي فائدي جي ڳڻتي يا لاوري ھوندي آھي.
105. ملتان
105.1 ٺٽي جا ٺاٺ ھيا، جو ملتان پئي اَڏيو. (لاڙ، چوڻي)
ننگر ٺٽو، ملتان شھر کان اڳي جو آباد ۽ قديمي آهي. جڏهن ٺٽو تعميرات ۽ جلوي جي حساب سان پُور-جوانيءَ ۾ هيو ۽ ٺاٺ باٺ هيس، تڏهن ملتان اڃا مس اَڏيو/ ٺھيو پئي.
مطلب:
· علم ۽ عالم، ملتان کان اڳي، ٺٽي ۾ هيا.
105.2 انڌن ملتان لڌو آهي (سنڌ، پھاڪو)
اڻ سونھون ماڻھو به پڇي واٽ لھي ٿو ۽ منزل تي پھچي ٿو.
مطلب:
· دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو ناھي.
· پڇي پڇي ھرڪو واٽ وٺي ٿو.
105.3 ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي)
گورستان ۽ گرمي، گرد ۽ گداگرن واري شهر ملتان ۾، پيرن فقيرن جي پڻ ججهائي آهي. غوث بھاؤالدين زڪريا، شاھ رڪن عالم ۽ شمس تبريز جهڙن بزرگن/ اوليائن جو مدفن هئڻ سبب، اتي گهڻن ئي درويشن جا ڦيرا/ مدفن رهيا آهن. سنڌ جا تنيا فقير ۽ سندن ٻيا عقيدتمند ته گهٽا وٺي، پيرين پنڌ پڄائي، اچي بخشرائيندا هئا.
مطلب:
  • ملتان، پيرن سان ڀريل.
  • چار چيز است تحفات ملتان؛ گرد، گدا، گرم و گورستان.
105.4 ملتاني گهيتلو (سرائڪي، پھاڪو) (22)
ملتاني گهيتلي جا ٻئي پادر، ساڄو ۽ کاٻو، جڙاوت ۾ هڪجھڙا هوندا آهن. پھرئين ڏينھن پائڻ واري کي ساڄي کاٻي جي خبر نه ھوندي آھي. آھستي آھستي انھن جي شڪل ڦرندي ويندي آھي. اهڙيءَ طرح جنھن ماڻھوءَ جو رويو، دوست ۽ دشمن سان هڪجھڙو هجي، ان کي به ملتاني گهيتلي سان مشابھت آهي.
مطلب:
  • منافق يا دوغلو ماڻھو.
106. مورو
106.1 مورو، ناهي ٿورو (ساهتي، چوڻي)
(محض تُڪ-بند چوڻي آهي. منجھانئس مورو شھر بابت ٻي ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي.)
107. مومل جي ماڙي
107.1 مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا (ساهتي، پھاڪو)
سھڻي ۽ آزاد مومل، جنھن طلسماتي ماڙي جوڙائي، ڪئين ڪونڌر ڪٺا. سندس مايا ۽ ڪايا، سونھن ۽ سوڀيا، ڪيئي راڻا موهيا ۽ ماريا. مختلف طرفن کان آيل راڻا، پنڌ ۽ پيچرا ٺاهي مومل جي ماڙيءَ ڏانھن آيا. جنھن جاءِ، شھر ۽ ماڻھوءَ وٽ، گهڻي اچ وڃ هجي، تنھن لاءِ ائين چيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ پڻ مشھور چوڻي آهي؛
All roads lead to Rome
مطلب:
  • چڱي ھنڌ ڏانھن ھرڪو پنڌ پوي ٿو.
108. ميان جو ڳوٺ
108.1 پيٽ اٿئي يا ميان جو ڳوٺ؟ (سرو، چوڻي)
ضلعي شڪارپور ۾، همايون-ٺل رستي تي هڪ وڏو ۽ لوطرو، انگريزن جي دور جو ڳوٺ. اتان جون پڪيون جايون ماڻھن جي خوشحاليءَ جو اهڃاڻ آهن. گهڻن ماڻھن جي لڏي اچڻ ۽ وڃڻ ڪري، ان کي پيٽ سان مشابھت آهي. جتان اها چوڻي مشھور ٿي آهي.
مطلب:
  • پيٽ اٿئي ڪن لالوکيت.
109. ميرپور/ چانڊاڻ/ عودي/ ڳڙھي حسن
109.1 ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)
اڳي سماع هڻندڙ فقير، غريبن سان ظلم ڪندڙن کي سمجهائڻ ويندا هيا. سندن ڳالهه نه مڃڻ تي کين پاراتا يا پٽون، سماع ۾ ڏيندا هيا.
ميرپور ٻرڙو، چانڊاڻ، عودي ۽ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺل جا وڏا ڳوٺ (قصبا) آهن. گمان آهي ته ڪنهن فقير ٿيل ظلم پڄاڻان، کين سمجھايو ھجي ۽ اتان جا رھواسي سندس چوڻ تي نه مڙيا ھجن، جنھن تان فقير سماع ۾ ائين چيو هجي.
محترم نظام الدين کوسو، ڪامريڊ محمد امين کوسو جو ڀاءُ پنهنجي مقالي؛ “نئين ٺل جا پراڻا گل” جي ٻي قسط ۾، ٽِه- ماهي مهراڻ جي پرچي 4/1995 جي ص 92 تي اها چوڻي هيئن لکي آھي؛ “ميرپور منڊي، چانڊاڻ چنڊي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ ته عودي ويئي سنجن سوڌي”.
تاويل ۾ لکيو اٿائين ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن درويش جي زبان مان نڪتل هي گفتا، ڏاڍي چؤٻول ۾ هوندا هئا. اڳتي الکيو اٿائين؛ “خبر ناهي ته درويش ائين ڇو چيو. انهن گفتن جو اثر، ڪنهن وقت تائين انهن ڳوٺن تي ڏاڍو رهيو. هينئر مس مس وڃي انهن ڳوٺن ساهي پٽي آهي ۽ اڳتي قدم وڌائڻ شروع ڪيو آهي.”
مطلب:
اهڙيون کوڙ پٽون يا پاراتا ساريءَ سنڌ ۾ ٻين ڳوٺن لاءِ پڻ مشهور آهن. منجهانئن ڪجهه هتي ڏجن ٿا.
  • ٽَهل ويئي مَهل، مهتي موٽي آئي،
ٺل ڏنو ٺڪاءُ، دُٻي ٻين دٻائي. (سماع)
  • قاضي ويندا قلات، وِڪيا ڪين وسندا. (پاراتو)
  • محبت سندا ٻار، پيالي منجهه پنندا.
  • ٻُٽيءَ دکيءَ ڪاڻ، مُٺن مٽ ڀڃايا.
  • ٺَٽِ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا.
  • ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو.
  • ڪو جو وايو واءُ، ڳچل سڀ ڳري ويا.
  • ڳچل پنهنجي ڳوٺ، پيالي منجهه پنندا.
  • دُٻيءَ لڳي باهه، چڻنگون چمن ۾.
  • ڀيٽيو؛ “ٺل، آهي گل”.
110. ميھڙ
110.1 گڏيو پيو آهي ميھڙ سان، گاجي خان مھيسر (لاڙڪاڻو، چوڻي)
ڏسو: “گاجي خان مھيسر”)
111. ناڙي
111.1 مينھن وٺو ته ناڙي وٺي (جغدالي، چوڻي) (9)
ناڙيءَ جو علائقو برسات سبب آباد ٿئي ۽ ماڻھو به خوشحال ٿين ٿا. تنھن ڪري پنھنجي رب جا شڪرانا بجا آڻين ٿا. اهڙي وقت لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
  • جابلو علائقا وُٺي تي آھن.
111.2 ناڙي وسي ته ڳاڙهي، نه ته اگهاڙي. (جغدالي، چوڻي) (9)
ناڙيءَ ۾ برسات کان پوءِ ڳاڙهي جوئر ٿئي. جنھن سبب ماڻھو خوشحال رهن. برسات نه پوي ته ڪپڙي لاءِ به پئسو نه هجين. جنھن ڪري اڻ ڍڪيل رهن.
مطلب:
  • برسات جو، ماڻھوءَ جي معيشت تي سڌو سنئو اثر پوي ٿو.
112. نصرپور/ نورائي/ فتح باغ
112.1 نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار آهي جائي. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڏسو: “جوڻ”)
112.2 نرت نورائي، نار نصرپور، ڦل فتح باغ،
هلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپھه جو واپار. (لاڙ، چوڻي) (7)
(ڏسو: “جوڻ”)
113. ننگر
113.1 ننگر پھچي ڪين ڪو، بنا پنڌ ڪئي (لاڙ، چوڻي)
مسلسل پنڌ ڪرڻ سان مفاصلو کٽي ٿو ۽ منزل آسان ٿئي ٿي.
مطلب:
  • تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
113.2 ننگر جي آڌار، متان ويھجو ماڙهئا،
پراڻا پراڙ، نوان اڏجئو نجهرا. (لاڙ، ماموين جا بيت، چوڻي) (16)
درياهه جي رخ موڙڻ ڪري، ماڻھن ننگر ٺٽي ڏانھن لڏ پلاڻ شروع ڪئي. جنھن تي کين نصيحت ڪئي وئي ته، اڄ درياه ايڏانھن رخ رکيو آهي. سڀاڻي ٻئي پاسي موٽ ڪندو، تنھنڪري پراڻا پکا ڇڏي، اتي وڃي نوان نه اڏيو.
مطلب:
  • غربت ۽ ڏڪر سبب، ديس نه ڇڏجي.
114. نھارو ڳوٺ
114.1 ايرازي آندي، ڳور نھاري ڳوٺ ۾ (سنڌ، چوڻي) (6)
ڳور؛ قبر، جيڪا هر روز هر ماڻھوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري ٿي. نھاري ڳوٺ ۾ قسمت کڻي آئي آهي، جنھن ڪري منجھس قبر جڙي آھي.
مطلب:
  • ماڻھوءَ کي يا پيٽ ٿو ڊوڙائي يا موت.
  • رزق ۽ موت، ماڻھوءَ کي ڳوليندا ٿا وتن.
115. هالا
115.1 “ڪيئن؟!” چي، “هالا ۽ ڀينءَ” (لاڙ، پھاڪو) (7)
(ڏسو: “ڀينءَ”)
116. هندستان
116.1 جنھن کي مور گهرجي، تنھن کي هندستان جي سختي سـَھڻي پوندي. (پارسي، پھاڪو)
گڏيل هندستان جي ٿر ۽ ريگستان وارن علائقن ۾ مور رهن ٿا. جنھن کي مور گهرجي/ منزل گهرجي، تنھن کي رستي جون تڪليفون ۽ سختيون سھڻيون پونديون.
مطلب:
  • منزل ماڻن لاءِ ڪشالا ته ڪڍڻا ئي پوندا آھن.
116.2 هاٿيءَ کي، هندستان ڏيکارڻ (اردو، اصطلاح)
هاٿي هندستان جي جنگلن ۾ ٿيندا آهن. کين وري ساڳيو ماحول ڏيکاربو ته مست ٿي پوندا ۽ ڇنائي ويندا. اهڙيءَ طرح، ڪنھن ماڻھوءَ کي معاملي جي خبر ناهي، ان کي هروڀرو ٻڌائي، معاملي کي گنجرائڻ، چڱو نه آهي. جيڪڏھن ڪير ائين ڪري وجھي ته اهڙي موقعي تي چيو ويندو آهي؛ “خواه مخواه، هاٿيءَ کي هندستان ڏيکارڻ مان ڇا فائدو؟!”
مطلب:
  • ڏکئي معامل جي، اڻڄاڻ کي ھروڀرو ڄاڻ نه ڏجي. ائين ڪرڻ سان معاملو ويتر بگڙجي پوندو.


مددي ڪتاب ۽ حوالا
1. جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا هڪ اڀياس، صفحو :44، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1996ع.
2. Kam Chuan Aik, M.A, Times Dictionary of Proverbs.
3. الطاف شيخ؛ رٺي آهي گهوٽ سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ.
4. منگي، نقش ناياب، شڪارپور، کانئس واتين ويڻين ٻڌل.
5. سنديلو، عبدالڪريم، پھاڪن جي پاڙ، سنڌي ادبي بورڊ.
6. سرڪي، نياز عودائي، سنڌي پيشن گوئيون (ماموئين جا بيت)، ڪافي پبليڪيشن ڪراچي سنڌ.
7. سنڌي، حافظ حبيب، ماڃر ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، سنڌيءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ.
8. آڏواڻي، ديوان سلامت لاءِ ڪيولرام، گلشڪر، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
9. بروهي، ڊاڪٽر داد محمد، سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو، پي ايڇ ڊي لاءِ پيش ڪيل ٿيسز، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
10. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ چوڻيون، نئين زندگي، سيپٽمبر 1993ع.
11. تميمي، رسول بخش، تاريخ جاتي، مغلڀين پبلڪيشن جاتي.
12. هريجن، رائچند، تاريخ ريگستان (ٻه ڀاڱا)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
13. الانا، ڊاڪٽر غلام علي، لاڙ جي ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، سنڌيالاجي ڄام شورو.
14. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش؛ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
15. لغاري، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد؛ سنڌ: تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾، نئين زندگي، فيبروري 1980ع.
16. تيرٿ داس، پيسومل، پھاڪن جي پاٻوهه، بمبئي انڊيا.
17. راشدي، پير علي محمد راشدي؛ اهي ڏينھن اهي شينھن، جلد 2، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
18. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ڪچھري بدين، ٽه ماهي مھراڻ 1995/2ع ص:45، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
19. سومرو، ڊاڪٽر محمد ادريس، کانئس واتين وڻي ٻڌل.
20. ٽالپر، الله بخش، پھاڪن جي پيڙهه، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس شاهي بازار حيدرآباد سنڌ.
21. سائل، سترامداس جڙيا سنگهاڻي، دردن جي دٻلي عرف سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون، سائل ڀون، جهونا واڙيج احمد آباد.
22. سھتو، انجنيئر عبدالوهاب، ٻن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪينجهر 53 مارچ 1997ع.
23. سنڌي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ.
24. سمون، الھبچايو يار محمد، لاڙ جو سير، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
25. سومرو، ڊاڪٽر غلام قادر، ٻٽن لفظن جي لغت ثقافت سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي.

No comments:

Post a Comment