Saturday, April 27, 2019

پيش لفظ - رياضت ٻرڙو


نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
پيش لفظ
رياضت ٻرڙو

زندگيءَ جي باري ۾؛ اُن جي مُلهائتي ۽ اڻ ملهائتي هجڻ جي ليکي چوکي ۾؛ اُن جي ڏکن ۽ سکن، اهنجن ۽ سهنجن کي نظر ۾ رکندي؛ ان جي آزمائشن ۽ آزمودن جي حساب سان؛ سياڻن ۽ اَياڻن جي خيالن ۽ هَلتن کي پرکيندي؛ ننڍن ۽ وڏن سماجن توڙي مختلف گروهن ۽ ٽولن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا پهاڪا ۽ چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون، گفتا ۽ ٽوٽڪا، ڪهاڻيون ۽ قصا، حڪايتون ۽ حوالَ؛ جُڙندا ۽ اڳتي وڌندا آيا آهن. انهن مان ڪيترا ئي، ٿوري گهڻي فرق سان، اکرن ۽ لفظن جي مَٽ سَٽ سان، بيان ۽ ڪلام جي گهٽ وڌائيءَ ۽ ڦير گهير سان، سيني بَسيني، ٻوليءَ ۽ سماج جي ابتدا کان ئي انسان سان ڳنڍيل رهندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته منجهن انسان لاءِ ئي واند جي وندر به رکيل آهي، ته ڏاهپ جا ڏس به سانڍيل آهن.

Friday, April 26, 2019

پليدي پري ڪرڻ کان سواءِ پاڪائي حاصل نه ٿيندي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


پليدي پري ڪرڻ کان سواءِ پاڪائي حاصل نه ٿيندي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
هڪ ڳوٺ جي کوه ۾ ڪتو ڪري پيو. ترت ڪنھن کي ڄاڻ نه ٿي سگھي. ٻئي ڏينھن تي تڏھن سڌ پئي، جڏھ کوھ جي پاڻيءَ ۾ بانس به ٿي وئي.
ڳوٺاڻا شرعي فتويٰ لاءِ، تر جي ملان وٽ ويا. تنهن کين کوھ جي پاڻيءَ مان ڌپ ۽ پليدي ختم ڪرڻ لاءِ ٻڌايو؛ ”ڪلمو پڙهي، کوھ مان ٻه سؤ ٻوڪا پاڻيءَ جا ڪڍي، ٻاهر هاريو. کوه به پليتيءَ پاڪ ٿي ويندو ۽ منجھانئس بڻانس به ختم ٿي ويندي.“

Thursday, April 18, 2019

پنهنجي گهر اڳيان گِهٽي صاف رکڻ سان، سڄو شهر پاڻمرادو صاف ٿي ويندو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


پنهنجي گهر اڳيان گِهٽي صاف رکڻ سان،
سڄو شهر پاڻمرادو صاف ٿي ويندو. (جپاني، چَوڻِي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
صفائي، نصف ايمان آھي. صحت جو مکيه ۽ بنيادي محرڪ يا اصول آھي. ان جي برعڪس، گندگي، بيماريءَ جو محرڪ، آماجگاھ ۽ مسڪن آھي. ھڪ ھنڌ صاف سٿرو ۽ ڪارائتو تڏھن ٿيندو، جڏھن ان جي آس پاس صاف سٿري ھوندي. اگر گھر صاف ڪبو ۽ گھٽي گندي ڇڏبي ته گھٽيءَ جي گندگي آھستي آھستي صاف سٿري گھر تي به اثر انداز ٿي ويندي. ڀلي سمورا پاڙن وارا، پنھنجا گھر صاف ڪن ۽ گليون اڻ صاف ٿيل ڇڏي ڏين ته به محنت جو ڪو نتيجو نه نڪرندو.

پيش لفظ - شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو- رياضت ٻرڙو


پيش لفظ
”شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“
رياضت ٻرڙو
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل هڪَ مُلهائتي مُوڙيءَ مثال آهي: اها مُوڙي، جنهن جو قدر وقت گذرڻ سان وڌندو ئي رهي ٿو ۽ جنهن ۾ سمايل فڪر ۽ فن جي اهميت اڳي کان اڳري ۽ وقت جي تقاضائن سان مُنهن ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته ”شاهه جو رسالو“ فقط شعرن جو رواجي ميڙو نه آهي، پر انساني سماج کي بهتريءَ، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ مٿانهَن قدرن جو مجموعو آهي. شاهه جي شعرن ۾ سمايل خيال سماجي تقاضائن کي نبيريندڙ به آهن ته انهن جي عڪاسي ڪندڙ به. ڏسجي، ته شاهه جي رسالي ۾، انيڪ اهڙيون سٽون بيحد خوبصورتيءَ سان اُڻيل آهن جيڪي اسان جي سماجي وهنوار ۾ عام جام ڪتب اينديون رهن ٿيون، جهِڙوڪ:

Sunday, April 7, 2019

مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ - مٺل جسڪاڻي


مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ (ورجيس)
مٺل جسڪاڻي
”مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ“ ھڪ چوڻي (ورجيس) آھي، جيڪا مون ننڍپڻ ۾ وڏڙن ۽ وڏڙين واتان سرائيڪيءَ ۾ ٻُڌي. شروع ۾ مون کي اھا چوڻي (ورجيس) سمجھ ۾ ڪو نه ايندي ھئي. پوءِ خبر پئي ته اھا تڏھن چئي ڳالھ ڪبي ھئي، جڏھن ٿيندڙ ڳالھ جي ردعمل ۾ اختلاف ۽ اختلاف جي ردعمل ۾ ناراضگي پلئه پئجي سگھڻ جا امڪان وڌيڪ ھوندا ھئا.
آئون به ڳالھ ڪندس، ته؛
·      پوندو ”مرزي جي ٻڪرين ۾ ٽاھ“،
·      ٿيندو ”نوڙيءَ مان نانگ“،
پر ڳالھ نه ڪرڻ سان به ڪم نه ھلندو، ان ڪري ڳالھ ڪبي. پوءِ؛