شڪارپور جا چند پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سال
۱۹۸۹ع ۾ راقم جو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب “هراس” ڇپيو، جيڪو چند دوستن کي پڙهڻ لاءِ
موڪليو ويو. شڪارپور ۾ جميل احمد ابڙو جي معرفت، محترم حق نواز، نقش ناياب منگي ۽
محترم محمد انور فگار هَڪڙو صاحب جن ڏانهن به موڪليو ويو.
سال
۱۹۹۰ع ۾، شڪارپور وڃڻ ٿيو ۽ ٻنهي سان روبرو ملاقات ٿي. سائين غلام رسول ميمڻ صاحب،
ماڊرن پريس واري به ملاقات جو شرف بخشيو. ائين ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿي ويو.
اپريل
۱۹۹۸ع ڌاري، راقم جي ساڍن چئن مهينن لاءِ شڪارپور ۾ مقرري ٿي. جنهن دوران مٿي ذڪر
ڪيل سنگتين کان علاوه، ارشاد احمد ڪاغذي، محترم خليل احمد مورياڻي، ڀائو اصغر
سومري صاحب ۽ مرحوم نثار علي هَڪڙو صاحب جن سان روزاني ڪچهري ٿيندي هئي.
ڪڏهن
دوسو نانوائيءَ واري صندل تي، ڪڏهن اقبال سوئيٽس هائوس هاٿي در تي، ڪڏهن فرسٽ وومين
بئنڪ جي ڀرسان ته ڪڏهن ڪنهن ٻيءَ هوٽل يا پان ٻيڙيءَ جي مانڊڻيءَ تي، رات جو ڪچهري
مچندي هئي. سمورا دوست جڏهن گڏبا هياسين ته ٻيا ماڻهو، اھو چئي پاسو ڪري ويندا هيا
ته؛ “خشڪن کان پاسو چڱو آهي.”
شڪارپور
۾ محترم حق نواز نقش ناياب منگي صاحب مختلف اديبن کي اُتساهي ڪن موضوعن تي لکڻ
لاءِ آماده ڪري ٿو. ڪتابن جي معاملي ۾ رهنمائي به ڪري ٿو ۽ اڻ هوند ۾ مهيا ڪري ڏيڻ
۾ به مدد ڪري ٿو.
ملاقاتن
دوران کانئس شڪارپور جا چند پهاڪا / چوڻيون مليا جيڪي ھتي پيش ڪجن ٿا.
1.
آ ڏکڻ ڏيهي، وڃ هانو ۾ پيهي. (چوڻي)
شڪار
پور ۾ بجليءَ جي اچڻ کان اڳ، ماڻهو اڪثر کليل جاين ۾ رهندا هيا. رات جي وقت گرمي
ٿيندي هين ته وڃڻي سان پگهر به سُڪائيندا هيا ۽ ڏکڻ جي هير کي به پيا ساريندا هيا.
سنڌ
علائقي جي ڏکڻ ۾ وڏو هندي سمنڊ آهي. اُتان ايندڙ موسمي هوائون، رات جي وقت ٿڌيون هونديون
آهن، جن سان روح کي راحت ۽ جسم کي فرحت اچي ويندي آهي.
پراڻي
شڪارپور جا ماڻهو منگهن سان ماڙا ٺهرئندا هيا. گرمين جي وقت ململ جا ڪپڙا اوڍيندا
هيا ۽ رات جو ڪوٺن تي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري سمهندا هيا. جيستائين رات جون ٿڌيون
هوائون گهُلن، تيستائين پيا ڏکڻ کي ساريندا هيا.
جڏهن
ٿڌڙيون هوائون شروع ٿينديون هيون ۽ اکين ۾ ڳهر شروع ٿيندي هئي ته هو وراڻي طور
چوندا هئا؛ “وَلِ بهار، وَلِ بهار.”
مطلب:
(۱) آ ڏکڻ ڏيهي، ڀڃ
مڇر جي پيهي.
(۲) ڏکڻ آيو دير
سان، مينهن آيو ڇير سان.
2.
الف شاهه غازي، ڀڃ
ڪتي جي بازي. (چوڻي)
شڪارپور
شهر، سنڌ جي قديم وستين وانگر، هڪ دڙي يا ٽِٻَي تي اڏيل آهي. پراڻا شهر، خاص طور
تي درياههِ سنڌ جي ڪنڌيءَ وارا، جهڙوڪ؛ موهن جو دڙو، ڪنڊيارو، نوشهرو فيروز،
هالاڻي، بهلاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، هڱورجا وغيره دڙن تي اڏيل آهن. جنهن سبب ڪري اهي
درياهي ٻوڏن، گرميءَ جي اثرن ۽ مڇرن جي حملن کان بچيل رهندا هيا. برسات توڙي عام
استعمال وارو پاڻي ازخود وهي وڃي کڏن ۾ پوندو هيو ۽ گهرن ڀرسان گندگيءَ جو آزار نه
ٿيندو هيو. گهر نِوائيءَ تي هئڻ سبب، فرحت بخش هوندا هيا.
دڙي
تي اڏيل شهر شڪار پور جي چوڌاري، ڏهن دروازن تي مشتمل هڪ قلعو هيو. دروازن جا نالا
هيا؛ لکي در، هزاري در، هاٿي در، خانپور در، سِوي يا سِبي در، واڳڻو در، ڪرن در،
نوشهرو در، شيخ افضل در ۽ ڪوٽ در. نوشهري در جي اُڀرندي پاسي، الف شاهه شهيد جي
مزار آهي. بزرگ بابت ڪا به تفصيلي معلومات ملي نه سگهي آهي. جڏهن ته سندس ڪرامتن
بابت ماڻهن منجهه خاص عقيدو ويٺل آهي.
جڏهن
به ڪو ڪتو، رستي روڪ ڪندو آھي ته هتان جا ماڻهو کيس رستي کان هٽائڻ لاءِ چوندا آهن؛
“الف شاهه غازي! ڀڃ ڪتي جي بازي!”
ان
کان پوءِ ڪتي تي مَنڊ پڙهڻ لاءِ، ڪتي سان مخاطب ٿي چوندا آهن؛ “چار ڄنگهون، پنجون
پُڇ، ڪُتا تون نه ڪُڇ!”
مطلب:
(۱) جيڪو تنگ ڪري،
ان کي ٽوڪڻ لا پڻ ائين چيو ويندو آھي.
3.
اهو ڪيس ڪهڙو، جو
ضامن پوي چور،
جيڪو موڙي مُنهن تي، سو سڀن کان زور. (پهاڪو)
ڪڏهن
ڪڏهن چور به ايڏي اک جي پڪائي ڏيکاريندا آهن، جو ڀاڳيو ويچارو شڪي شڪي پيو ٿيندو
آهي. ڪن حالتن ۾ ته ڀاڳيا، ايڏو ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪندا آهن جو چور جي سَڌَ وڌي
ويندي آهي. مال موٽائڻ ته موٽائڻ جي ماڳ، مورڳو ڀُنگ سميت هڙپ ڪري ويندا آهن. مٿان
عزتِ نفس جو ڪيس الڳ ڪندا آهن ۽ ان جي آڙ ۾ الڳ مال ڦريندا آهن.
ڀاڳيي
کي گهرجي ته چور جي مٿان ڪيس ڪرڻ کان اڳ، شاهد اوگاهه مضبوط ٻڌي! ائين نه ٿئي جو
عين وقت تي، چورن طرفان هٿ آيل مال جي لالچ ڏسي، شاهد شاهدي ڏيڻ کان ڦري وڃن ۽
چورن سان ڀائيوار ٿي، ڀاڳيي کي ڀريءَ بازار ۾ بڇڙو ڪرائين. ڀاڳيي جو واريل شاهد،
شاهديءَ کان ڦري وڃي ته اهڙي ڪيس کان وڌيڪ ڪمزور ڪيس، ڪهڙو ٿيندو؟
مطلب:
(۱) درياهه پار کان
بيهي گاريون ڏيندڙ زرو ٿيند آهي.
(۲) منهن تي ڦري
ويندڙ زور ٿيندو آهي.
4.
بڊو بد بلا، تنهن
کان سانوڻ ڀلا. (چوڻي)
بڊو:
ھندي مهيني جو نالو آهي. منجهس ڪاڙها ۽ گرميون ٿين. گاهه سڪي وڃن، مال متاع بک مري
۽ کير سُڪائي وڃي. جنهن سبب مارو ماڻهو، تڪليف واري زندگي ڪاٽيندا آهن. “بڊي جي بک”
پڻ ضرب المثل آهي ۽ ورجيس طور ڪتب ايندي آهي.
بڊي
جي مهيني دوران هڪ ته مال ۾ سوڪهڙو، ٻيو ٻانڀڻ ڪانون لاءِ سيراڌن ڪڍرائين، جنهن
سبب عام ماڻهن کي تڪليف پهچندي آهي.
انهيءَ
جي ڀيٽ ۾ سانوڻ جو مهينو ڀلو آهي. گرميون ته هونديون آهن پر بڊي وارا ڪاڙها ۽ گاهه
جو قحط نه هوندو آهي. ڪانون لاءِ سيراڌن نه ڪڍڻا پوندا آهن.
مطلب:
(۱) بڊو، بکن ڪڍو.
(۲) بڊو، ڏيڻين ڊڍو.
(۳) بڊو پنو، ڪانوَن
رُنو.
(۴) بڊو پنو، ٻانڀڻ
چاڙهيو ڪُنو.
5.
بيوقوف بازار ۾،
ساٿي نه کڻجي ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ ثمر ڏئي ساٿيءَ کي. (چوڻي)
بيوقوف
سنگتي، وڏي دشمن کان وڌيڪ خراب ٿيندو آهي. ڇو جو دشمن جي دشمني ظاهر هئڻ سبب کانئس
هر وقت پاسو ڪرڻ لاءِ پيو سوچبو آهي. جڏهن ته بيوقوف دوست کي دوست ۽ ھڏ-ڏوکي ڄاڻي
وچ ۾ پيو ويھاربو آھي. اھو وري حال محرم هئڻ سبب، هر راز جو ڄاڻو هوندو آهي. پنهنجي
بيوقوفيءَ سبب، هر معاملي ۾ ڄنگهه پيو اڙائيندو آهي. سندس بيوقوفين جي ڪري، ٺهيل
معاملا ته گنجرندا آهن پر بگڙيل معاملا ايترا بگڙجي ويندا آهن جو سِرُ چَٽُ، مال
نيلام ٿي ويندو آهي.
انهيءَ
ڪري بهتر آهي ته بيوقوف جي سنگت کان پاسو ڪجي. جيڪڏهن فائدو نه ڏيندو ته رنج
پهچائڻ کان به نه رهندو. دوستيءَ سبب، سندس نيت تي ته شڪ نه ڪري سگهبو ۽ اوجهڙ ۾
پئجي وڏو ڌَڪُ کائبو.
مطلب:
(۱) نادان دوست کان،
داناءُ دشن ڀلي.
(۲) ڀاڙيءَ جي ڀاڪر
کان، دلير جو ڌِڪو به ڀلو.
6.
ٺڪ ٺوٺا! جليبي
کاءُ!
جرمن مئو، اسان جو ڇا؟ (پهاڪو)
هن
پهاڪي جو تعلق ٻي مهاڀاري لڙائيءَ سان آهي. انهيءَ جنگ ۾ جرمنيءَ جو هٽلر پنهنجو
لشڪر وٺي، روس ۾ ڪاهي پيو. آخر سندس اتحادي ڪمزور ٿي پيا ۽ روس جي سرد علائقي ۾،
پنهنجي جرمن لشڪر سميت تباهه ٿي ويو.
مطلب:
(۱) جڏھن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهيل
هجن ته کين ڇڏي ڏجي ته ڀلي ڀِتِ سان منهن وڃي لڳين. ٻنهي جي وچ ۾ پئبو ته تڪليف به
ايندي ۽ ڏُکارو به ٿي پئبو.
(۲) ٺڪ ٺو ٺا،
جيلبيون کاءُ، جرمن مئو اسان جو ڇا؟
(۳) چار ڪٽوريون
پنجين ٿالهي، جرمن ويو هٿين خالي.
(۴) اِي ڄاڻي ته اُو
ڄاڻي! تون ٻيٺي اٽا تور.
7.
پنهنجي گهِٽيءَ ۾،
ڪتو به شينهن. (پهاڪو)
هر
ساهوارو جنهن جاءِ تي ڄائو آهي، تنهن جاءِ سان کيس خاص اُنسيت هوندي آهي. ان سان
اهڙو ته مانوس ٿئي ٿو جو ان کي پنهنجي جان جو حصو سمجهي ٿو. اها جاءِ کيس پنهنجي
مددگار / ساٿي معلوم ٿئي ٿي، جنهن ڪري ان جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ سندس دل وڏي ٿيو وڃي. مانوس ماڳ جي عجيب
احساس سبب، دلير ٿيو وڃي.
ڪمزور
کان ڪمزور جيو، پنهنجي گهر توڙي گهٽيءَ ۾ مالڪيءَ واري احساس سبب دلير رهي ٿو.
جڏهن ته ٻئي هنڌ وڃڻ کان پوءِ دلير ماڻهو
به، دلي طرح دلگير رهي ٿو. اهو هڪ فطري عمل آهي.
مطلب:
(۱) پنهنجي ڏر تي
ٻلي به شينهن.
(۲) پنهنجو گهر،
هنگي کڻي ڀر، پرائو گهر، ٿُڪ اُڇلي ويٺو ڏر.
(۳) اپني گلي مين،
ڪُتا ڀي شير. (اردو)
8.
جاڏي ويا شير،
تاڏي ويا ڍير. (پهاڪو)
شير؛
شينهن، بهادريءَ جي علامت آهي. جيڪي ماڻهو، بهادريءَ سان دنيا ۾ رهن ٿا، تن جو مثال
شينهن جهڙو آهي. گيديءَ جو مثال گدڙ وانگر آهي.
شينهن
ڪڏهن به پرائيءَ ماريءَ ۾ نگاهه نه وجهندو
آهي. هميشه پنهنجن چنبن سان شڪار ڪندو آهي. سندس اوبر تي ڪيترائي گدڙ / لومڙيون
پلبيون آهن. پاڻ ڪنهن جي اوبر کائي پيٽ نه پاليندو آهي. شينهن بک مري، دڀ نه چري.
ٻئي
جي محنت تي ڀاڙڻ، پنڻ برابر آهي. شينهن مڙس جو وڙُ ناهي ته ٻين جي هٿن ڏانهن ڏسي.
پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهي، رزق جي تلاش ڪندو اهي.
محنت-ڪش
سان، خدا جي مدد شامل هوندي آهي. محنت ڪش ڀلي چور هجي پر سندس پورھيو، مالڪ ڪين
وڃائيندو آهي. کيس روزي حاصل ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪندو آهي. جڏهن ته جائز
محنت ڪرڻ واري لاءِ رزق جا دروازا کولي ڇڏيندو آھي.
مطلب:
(۱) محنت وارو جتي
به ويندو، مانُ ملندس.
9.
چور چوران دي
ڀائي، چوران سُڌِ نه ڪائي. (سرائڪي پهاڪو)
مالڪ
جي غير موجودگيءَ ۾، سندس مال ڦٻائڻ کي چوري ۽ سندس سامان کڻندڙ کي چور چئبو آهي.
چور
جي خواهش اها هوندي آهي ته پرائو سامان اهڙيءَ طرح کڻي جو مالڪ کي کَڙڪ /سڻس به نه
پوي. جنهن ڪري سوڙها گهٽ، گهگهه انڌيرا، گڙٻڙ واري ماحول جي تاڙ ۾ رهندو آهي ۽
منجهانئن پورو پورو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس نيت اها هوندي آهي ته اهو
ڪڌو ڪم ڪندي، ڪابه اک کيس نه ڏسي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته؛ چور ڪيڏي به چالاڪيءَ سان
چوري ڪري، پر نشانات ڇڏي ويندو آهي.
چوري
ڪرڻ بعد به کيس اطمينان نه هوندو آهي. چوري پئي کُکندي اٿس. ان ڪري ڏوهه آخر تائين
لڪائيندو آهي. سنگتين سان به نه سليندو آهي. ڀائن جهڙي سنگت هئڻ باوجود، چور هڪٻئي
جي سچ کان اڻ واقف هوندا آهن.
مطلب:
(۱) چور جي من ۾
چڙي.
(۲) چور جي دل ۾
گدڙ.
10.
رنان، مڪر منان،
تر تر تال ڪرن. (چوڻي)
عورت
جو مڪر، عظيم مڪر آهي. پنهنجو ڏوهه ٻئي جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جو کيس وڏو ڏانءُ آهي.
منجهي پوي ته روئڻ وار هٿيار به هلائيندي دير نه ري.
دنيا
جي تختي تي جيڪي به جنگيون لڳيون آهن، تن منجهان گهڻيون ته عورت جي فريب ڪاريءَ
سبب لڳيون آهن.
عورت
جا چار رشتا آهن: ماءُ، ڌي، ڀيڻ ۽ زال. اُن کان علاوه، ان محبوبه وارو رشتو به
آهي، جيڪا پنهنجيءَ تي چڙهندي آهي ته پيءُ ماءُ جي چانئٺ لتاڙي، وڏن جي ڏاڙهي
ڪوڙي، آشنا سان هلي ويندي آهي. مڙسَ مارائيندي به دير نه ڪندي آهي. وڏن تي گلا جو
گهانگهو ته ايندو آهي پر پاڻ کي اڇو ثابت ڪرڻ لاءِ مٿن ٻيا به ڪيترائي الزام
ڌريندي آهي.
مطلب:
(۱) زر، زمين ۽ زن،
جهيڙي جوڀن.
(۲) عورت ڪين ڄاڻي،
ته به اُٺ مڪرن جو ڄاڻي.
(۳) رنان، مڪر تنان،
تر تر تال ڪن.
(۴) رنون، مڪر جنون،
تتر تال ڪرن،
(۵) رڌيون پڪيون
ڪونجڙيون، اُڏايو وڃن.
11.
رن نه رلي، ته
ماريو ڇو ڀلي. (چوڻي)
عورت
جو مرد ڏانهن ڇڪجي اچڻ ۽ مرد جو عورت ڏانهن ڇڪجي وڃڻ، هڪ فطري تقاضا تحت آهي. قدرت
واري، ٻنهي جو امتحان وٺڻ لاءِ منجهن اها ڪشش رکي آهي. جيڪڏهن اها ڪشش ڪنهن هڪ ڌر
۾ نه هجي ها ته جهان نه هلي ها. انهيءَ ڇڪ ۾ اڳرائي ڪرڻ واري کي، آزمائش ۾ وڌو ويو
آهي. عورت جو اصل مَسڪن، گهر جي چوديواري آهي. مرد جو تعلق ٻاهر واريءَ دنيا سان
آهي. هڪ عورت پنهنجي دنيا مان نڪري مرد جي دائري / جهان ۾ ايندي ته خلل پيدا
ٿيندو.
مرد
کي ڪڏهن به جرئت نه ٿيندي آهي ته اڳرائي ڪري ۽ عورت جي زندگي ۾ ٽپي پوي. اها عورت
ئي آهي جنهن وٽان گرين سگنل ملڻ کان پوءِ، مرد ميدان ۾ ڪُڏي پوندو آهي. جڏهن ته
مرد جي هزار جتن ڪرڻ جي باوجود عورت پنهنجي ضد تان تِرَ جيترو به ٿڙي نه سگهندي
آهي.
مطلب:
(۱) مرد چڙهي جي
چوٽ، عورت لاهيس ساڻ اشاري،
آهر
ڪيڏو به آتاري، عورت نه لهي دِڪيءَ تان.
(۲) رن رُلي ته ڀُلي،
مرد رُلي ته کُلي.
12.
روهڙائي روهه تي،
ننڍا وڏا ڊوهه تي. (چوڻي)
روهڙيءَ
جو علائقو، اروڙ جي ويجهو آهي. ڪنهن لڱا، اروڙ ۾ راجا ڏاهر جي حڪومت هوندي هئي.
حڪومت جي واڳ حاصل ڪرڻ لاءِ، اُن علائقي ۾ ڏاڍي رساڪشي ٿيندي هئي. روهڙيءَ جي روهه
(جبل) تي رهندڙ، حڪومت جي واڳ هٿ ڪرڻ لاءِ، ڊوهه به ڪندا هيا. سندن ڊوهن / سازشن
سبب، اروڙ تباهه ٿيو. جنهن بعد اها چوڻي مشهور ٿي وئي.
روهڙيءَ
وارن لاءِ ٻي روايت به مشهور آهي.
آڳاٽي
دؤر ۾ روهڙيءَ جا رهاڪو روهه تي رهڻ سبب، پٿر پنهنجي پکڙن ڏانهن ڍوئيندي ڏسڻ ۾
ايندا هيا. جنهن سببان مشهور ٿي ويو: “روهڙائي
روهه تي، ننڍا وڏا ڍوءَ تي.”
روهڙاين
لاءِ هي به مشهور آهي:
روهڙيءَ
جا مومن، روئڻ جا به تکا، روئارڻ جا به تکا.
13.
شڪارپور شهزادي،
اچي نر ٿئي مادي. (چوڻي)
شڪارپور
شهر، واپار جي ڪري مشهور هيو. جنهن ڪري جيڪو به هتي، نر وانگر خالي پيٽ / ڪُکِ سان
آيو، ماديءَ وانگر ڀريل پيٽ / سائي ڪُکِ سان موٽي ويو.
مطلب:
(۱) شڪارپور شهزادي،
وڃي نر ٿئي مادي.
14.
شڪارپور شهزادي،
ڏيهان ڏيهه مشهور. (چوڻي)
شڪارپور،
سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي موجود، شڪارگاهه واري هنڌ تي دائود پوٽن جو اڏايل شهر،
سکر شهر جي مٿان بولان لڪ واري رستي تي واقع آهي. سڄي سنڌ هند توڙي ست سمنڊ پار،
واپار جي لحاظ کان مشهور هئو. هتان جا واپاري سکيا ستابا ۽ جڳ مشهور هئا. سندن ڪاروبار، ڏيهان ڏيهه ڦهليل
هيو. جنهن سببان سندن، سڄي جڳ ۾ هُنڊيون هلنديون هيون. انهيءَ ڪري شڪارپور شهر کي
گهڻي مقبوليت حاصل هئي.
15.
شڪارپوري نيت
بري، ڏيکارين ٻاجهر ڏين ٻري. (چوڻي)
شڪارپور
جي واڻين جو واپار، ڏيساور سان هلندڙ هيو. واپار جي لحاظ کان وڏا چالاڪ هيا. مٺڙو
مٺڙو ڳالهائي، سادي شيءِ به اوچيءَ واري اگهه ۾ هڻي ويندا هئا. جنس اُچي مال جي
ڏيکاري، سارو مال کڻائي ڇڏيندا هيا. آخر تائين ماني ته ڇا چانهه به نه پياريندا
هيا. اُٿڻ مهل فقط صلاحيندا هيا ته؛ “چانهن پي وڃو!” جيڪڏهن ڪو ضد ڪري ويهي رهيو ته
چوٿاڙ ڪوپ چانهه جو گهُرائي کيس پياريندا هيا. چوٿي ۽ اڌڙ چانهه جي ڪوپ جو رواج،
اڃا به هوٽلن تي آهي.
اُن
کان علاوه، غلط العوام ۾ هيٺيون ٻه چوڻيون به شڪارپورين لاءِ مشهور آهن.
(۱) شڪار پوري، نيت
بُري، ڏيکارين گجر، ڏين موري.
(۲) شڪارپوري، نيت
بُري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري.
16.
صبح مردان سان،
الله نبيءَ جو نالو ڳنهجي. (چوڻي)
شڪارپور،
واپارين جو شهر هيو. هتان جا واپاري، صبح جي وقت وڏو ڌيان رکندا هيا. سندن عقيدو
هيو: صبح چڱو ٿيو ته ڏينهن چڱو گذرندو. صبح بُرو ته سڄو ڏينهن ڪِرڪِرو ٿيندو ۽ پئي
برائي هلندي.
اهو
ئي سبب آهي جو صبح جو ٻيا ڪم ڇڏي، الله نبيءَ جو نالو ڳنهڻ کي ترجيح ڏيندا هيا.
ڪنهن سان به ٻاڙو نه ٻوليندا هيا. صبح سان يڪدم واپار وارو ڪم نه ڪندا هيا. متان گراهڪ
جي غلط رويي سبب، اُتان ڪا ڪچي ڦڪي وائي نڪري وڃي ۽ پوءِ سارو ڏينهن ٻاڙا ٻول
ٻُڌڻا پون.
هر
ڪنهن کي چڱن ٻولن ٻولڻ جي نصيحت به ڪندا رهندا
هيا!
مطلب:
(۱) جنهن اُڀرندي
تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڇا ڪندو؟
17.
صبح مردان سان،
واتان ڪڍجي چڱي وائي. (چوڻي)
واپاري
قسم جا ماڻهو صبح مردان جو چڱي وائيءَ کي، ڌنڌي جي سلسلي ۾ چڱو سئوڻ سمجهندا آهن.
هونئن به چڱو ڳالهائڻ، هر ڪنهن کي پيو موهيندو آهي. ايستائين جو دشمن به چڱو
ڳالهائڻ کان پوءِ دوست ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪِنو ڳالهائڻ، ڪنهن کي به ڪين وڻندو
آهي. دوست به ڪني ڳالهائڻ يا ويڻ ڏيڻ سان دوستي ڇني ويندو آهي.
مطلب:
(۱) صبح مردان سان،
چڱي واتان وائي ٻول.
18.
علم، انسان جي
ٽين اک. (چوڻي)
انسان
کي دنيا ۾ ڏسڻ لاءِ خدا تعالي ٻه اکيون عطا ڪيون آهن. ڏسڻ، ڇهن (۶) حِسن مان هڪ حِس
آهي. انهيءَ حِس ذريعي به ماڻهوءَ کي معلومات ملي ٿي. خاص طور تي اکري علوم جي.
جڏهن اکري علم، ماڻهو حاصل ڪري ٿو، تڏهن سندس ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه وڌي ٿي وڃي.
جنهن
کي علم ناهي، تنهن کي ظاهري اکيون به ايترو فائدو نه ٿيون ڏين. بنا اکين واري کي
به علم سبب، تمام گهڻا فائدا پون ٿا. علم انسان کي فرش تان کڻي، عرش تائين رسائي
ٿو.
مطلب:
(۱) علم واري جو
علم، بي علم جي ڄمار.
(۲) علم وارو، ڪٿي
به بُک نه ٿو مري.
(۳) بي علم ماڻهو، سُڪل وڻ جي
برابر آهي، منجهانئس ٻين کي ته ٺهيو پر پاڻ کي به فائدو نه ٿو پوي.
19.
ڦڦڙ نه گوشت، ڪافر
نه دوست. (پهاڪو / چوڻي)
جيئن
ڦڦڙ، جسم جو اهم حصو هوندي به، اوجهريءَ وانگر کائڻ ۾، ٻئي گوشت جهڙو سواد نه
رکندو آهي. تيئن ڪافر يا انڪاري قسم جو ماڻهو، دوست هوندي به دوستن جهڙو ورتاءُ نه
ڪري سگهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڦڦڙ يا اوجهريءَ جي قيمت موجوده دور ۾ به
پندرهن روپيا کن آهي. جڏهن ته منجهانئن رڌل ٻوڙ مان آڪهه به ڍؤ ڪري سگهي ٿي. اُن
جي برعڪس مغز منجهان هڪ اڌ ماڻهوءَ لاءِ ٻوڙ ٺهي سگهي ٿو، پر سندس قيمت اوجهري يا
ڦڦڙ جي قيمت کان ٻيڻي آهي.
اهڙيءَ
طرح ڪافر يا انڪاري ماڻهو، مائٽ هوندي به دوست نه ٿي سگهندو آهي. ساڻس ڪير به
واسطو رکڻ پسند نه ڪندو آهي. اهڙي قسم جي ياريءَ کان هرڪو ونءُ ويند آهي.
مطلب:
(۱) ڦڦڙ نه گوشت،
واڻيو / واپاري / دڪاندار نه دوست.
(۲) اوجهري نه گوشت،
سپاهي نه دوست.
(۳) ڦڦڙ نه گوشت،
سپاهي نه دوست.
20.
ڦيري رک فقير، هٿ
پنهنجي هانو تي. (پهاڪو)
ٻئي
کي تڪليف، وسئون ويندي نه ڏجي. چڱي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته ٻئي تي وزن وجهڻ کان اڳ،
پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسي ته پاڻ اها اتڪليف برداشت ڪري سگهندو يا نه؟
جيڪو
ماڻهو پاڻ ڪنهن تڪليف مان نه گذريو آهي، ان کي ٻئي جي تڪليف جو احساس نه ٿيندو. اهو
ئي سبب آهي جو مڙئي مذهب تپسيا ڪرڻ واري تڪليف جو ڏَسُ ڏيندا آهن. انهيءَ سان سٺي
سلوڪ جو سليقو سکي وٺجي ٿو.
مطلب:
(۱) ٻئي جي حال تي
نظرثاني ڪرڻ کان پنهنجي هيانءَ تي هٿ رکي ڏسڻ ضروري آهي.
21.
ڪاڻي سڏي سڄيءَ
کي؛ “اڙي او انڌي!”
لڀيس هريڙ نه هٿ۾، کنيو وٺي کنڌي. (پهاڪو)
ٻئي
جو عيب، هميشه عيبدار کي نظر ايندو آهي. جنهن ۾ عيب ناهي اهو ٻين جا عيب، نه
جاچيندو آهي ۽ نه لڀندو آھي. ڏوهي ماڻهو ئي گلا خور هوندو آهي. اُهو پنهنجي عيب
کي، ٻين جي عيب جوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اها خبر کيس تڏهن پوندي آهي،
جڏهن اُهي گلا ۽ عيب جوئيءَ وارا عيب، منجهس گهر ڪري ويندا آهن.
چڱو
ماڻهو اهو آهي جيڪو ٻين جي خوبين تي نظر رکي ۽ پنهنجي عيبن تي. انهيءَ سان پاڻ کي
عيبن کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو ۽ ٻين جي چڱن اخلاقن مان متاثر ٿي، مٿن عمل به
ڪندو.
مطلب:
(۱) مينهن ٿي چوي
ڳئونءَ کي؛ “هل ڙي هل! پُڇ ڪاري.”
(۲) مينهن سڄي ڪاري،
رڍ کي چوي؛ “ٻوٿ- ڪاري.”
22.
ڪوئلن جي دلاليءَ
۾ هٿ ڪاري جا ڪارا. (پهاڪو)
ڪوئلن
جي دلالي، بماشبه ڪُڌي فعل جي آهي. منجهس ماڻهو ڪيترو به پاڻ بچائي پر هٿ ۽ منهن
ڪارا ضرور ٿيندا. غليظ فعل کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي.
ماڻهوءَ
جي حيثيت، پنهنجي ماحول سان هوندي آهي. ڪمي / ڪاسبي ماڻهن سان، سندن ڪسب سبب ڪير گڏ ويهڻ به پسند نه ڪندو آهي. عطر فروش سان ويهڻ
وارو، جيڪڏهن عطر خريد نه ڪندو ته خوشبوءِ ضرور حاصل ٿيندس. لوهر وٽ ويهڻ وارو
لوهه خريد نه ڪندو ته به چڻنگون/ دونهون ضرور ڪپڙن تي ڪرندس.
مطلب:
(۱) صالح جي صحبت،
توکي صالح ڪندي،
(۲) طالح جي صحبت،
توکي طالح ڪندي.
(۳) چڱن سان چاهه پئي،
جي من ميڙُ ڪيئي،
(۴) رڱجي ته لال
ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
(۵) چورن سان چاهه
پئي، جي من ميڙُ ڪيئي،
(۶) پوندو ته ڪاٺِ،
نه ته ڪوٺائبو ته سهي.
(۷) لوهارن کي
لڳيون، چڏن ۾ چڻنگون.
23.
لال نه لوءِ،
هڪڙا اڳي هڪڙا پوءِ. (پهاڪو / چوڻي)
هندو
ڌرم وارن وٽ، پڳڙين / پرچاڻي وقت، رسمي طور ائين چيو ويندو آهي. جيئن مسلمان، فوتي
تي عذر ڏيندي چوندا آهن؛ “ادا! جيئن ڌڻيءَ جي مرضي / رضا!” يا “جيڪو ڌڻيءَ جو حڪم!”
اهڙيءَ
طرح، پرچاڻي وقت هندو ڌرم وارا، مري ويل جي وارثن سان عذر ڪندي، هٿ جي اشاري سان
چوندا آهن؛ “لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوء.”
موت
لاءِ گهڻا ئي پهاڪا ۽ چوڻيون مستعمل آهن، جيئن:
(۱) موت جو ذائقو،
هر ساهواري کي چکڻو آهي.
(۲) اجل، اٽل آهي.
(۳) موت، هر حال ۾
اچڻو آهي.
(۴) دنيا فاني آهي،
هڪ ڏينهن ڇڏڻي آهي.
(۵) موت سي ڪسي ڪو
رستگاري هي،
آج
تُم، ڪل هماري باري هي.
24.
“ماما ولو! مينهن
ڏي!” چي؛ “حاضر بابا! عيد تي.” (پهاڪو)
ولي
محمد نالي، ڪارڙي رنگ جو همراهه، شهر جي مينهن جو کَيرِ چاريندو هيو. گهر گهر جي
مينهن چارڻ سبب، سمورو شهر کيس سڃاڻيندو هيو. جنهن سبب سڀڪو ساڻس خوش- مذاقي ڪندي
چوندو هيو؛ “ماما ولو! مينهن ڏي!” پاڻ به موٽ ۾ چوندو هيو؛ “حاضر بابا! عيد تي.”
ڪن
ماڻهن ته عيد ڏينهن به چيس؛ “ماما ولو! اڄ عيد آهي، اڄ ته مينهن ڏي!”
“عيد
وئي! عيد ڪٿي آهي!؟” ولي محمد، ساڳيءَ اک جي پڪائيءَ سان چوندو هيس؛ “نماز
پڙهيسين. عيد گذري وئي. وري ٻي عيد تي!”
مطلب:
(۱) انڪار جو انڪار
ڪرڻ ۽ جند به ڇڏائڻ.
(۲) ڀڄندو به وڃجي،
رھائيندو به وڃجي.
(۳) ڳُڙ نه ڏجي ته ڳُڙَ
جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.
25.
مڏي وڍي تکيءَ کي،
تکيءَ ڪهڙو تاءُ. (پهاڪو)
مُڏي
ڪاتي ڪنهن به شيءِ کي وڍڻ جي ڪم نه ايندي آهي. جڏهن ته تکو اوزار وڍڻ جي ڪم ايندو
آهي. ماڻهو ته تکو چڱو، مُڏو بيڪار آهي. گهوڙو يا وهٽ به تکو چڱو، ڍلو بيڪار آهي.
اُن
جي ابتڙ، مُڏي تکيءَ کي وڍي وڃي ته پو تکيءَ رکڻ مان ڇا فائدو. ٽٽون، تازيءَ کي
وک ماري وڃي ته پو تازي ڌارڻ مان ڇا فائدو؟
مطلب:
(۱) تڪڙ چڱي ناهي،
تکائي چڱي آهي.
ڀيٽيو:
26.
نر ننگو، ناري لڄ.
(چوڻي)
هڪڙو
شهزادو هڪ گهٽيءَ مان لنگهيو ته هڪ در تي سهڻي عورت ڏٺائين. ڏسڻ شرط مٿس عاشق ٿي
پيو. عورت حياءَ کان يڪدم اندر هلي وئي. مرد پاڻ نه پلي سگهيو، ريسڏيو، سندس
پويان گهر ۾ گهڙي پيو.
عورت
گهر ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻار سان ترسيل هئي. مرد ماڻهو گھر ۾ ڪين هيس. غير مرد کي گهر ۾
آيل ڏسي، چيائينس؛ “مون توکي اندر اچڻ جو اشارو به نه ڏنو آهي. پوءِ ڪيئن اڻ پڇيو گهر ۾ گهڙي آئين؟”
“مان
ڏسڻ شرط توتي عاشق ٿي پيو آهيان.” مرد دليل ڏيندي چيس؛ “تو لاءِ پاڻ ڏيڻ لاءِ تيار
آهيان.”
“عورت
کي، مرد کان چاليهه ڀيرا گهُرج وڌيڪ آهي.” عورت دليل ڏيندي چيس؛ “تنهن هوندي به
مان صبر سان گهر ويٺي آهيان ۽ تون لوڙها لتاڙيندو ٿو وتين!”
“مان
پاڻ نٿو پلي سگهان!” مرد وراڻي ڏنيس.
“عورت
کي لڄ آهي، مرد اُٻهرو آهي.” عورت رهڙ
ڏيندي چيس؛ “اُن کان اڳي جو منهنجو مڙس پهچي، هتان هليو وڃ! نه ته ڏاڍو خوار
ٿيندين.”
مطلب:
(۱) مرد جي سونهن،
مردانگيءَ ۾، عورت جي سونهن حياءَ ۾ آهي.
ڀيٽيو: رن نه رُلٖي،
ته ماريو ڇو ڀُلٖي.
27.
نما شام جو، ڪين
ڪجي ڪو ڪروڌ. (چوڻي)
شام
کان پوءِ رات جو وقت آهي. رات کي آرام لاءِ خلقيو ويو آهي. آرام تڏهن ڪري سگهبو،
جڏهن بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي، سڪون سان، بستري تي وڃي ليٽبو. ڳڻتيءَ کان اهو بچيل
رهندو، جيڪو ڪروڌ کان پري هوندو.
اُن
مهل ڪروڌ ڪرڻ، ان ڪري به غير ضروري آهي جو هر ڪو الڪو پلي وڃي سمهي ٿو. ويڌن وارو
پاسا بدلائيندو رهي ٿو. سڀني جي سمهڻ سبب، سندس انهيءَ ڪيفيت جو ازالو به اوکو ٿي
وڃي ٿو. دل ۾ طرحين طرحين جا خيال اچنس ٿا، جن منجهان نتيجا خراب نڪرن ٿا.
مطلب:
(۱) اللهﷻ ۽ رسولﷺ
به، خير ۾ راضي آهن.
(۲) ڪروڌ مان
ڪير به راضي ناهي.
28.
وِٿِ پئي، ڀِتِ
پئي. (چوڻي / پهاڪو)
پھرين
ملڪيت تي تڪرار ٿيندو آهي، پوءِ دلين ۾ چڻنگ جاڳندي آهي. دور ٿي دل کي ساڙيندي
آهي. دل ۾ لڳل باهه دنيا جي پاڻيءَ سان ڪين وسامي سگهندي آهي. ان جو ازالو پري رهڻ
سان ٿيندو آهي. پري ٿيڻ لاءِ وچ ۾ مفاصلو هئڻ ضروري هوندو آهي. ان سان ئي سک ملندو
آهي.
دل
۾ پيل وٿيءَ سبب، جاين ۾ ويريون پئجي ويندون آهن. هڪ آدم جو اولاد هوندي، پاڻ ۾
ڀائر ئي نه لڳندا آهيون.
مطلب:
(۱) جو چُلهه تي سو
دل تي، جو چُلهه کان دور، سو دل کان دُور.
29.
وڏيرا چٽي پئي
اٿئي، ڦيري رک ڦلپوٽن تي. (پهاڪو)
اڪثر
راڄن منجهه رواج هوندو آهي ته وڏيري مٿان پيل چٽي، راڄ ڀريندو آهي. ڦلپوٽن جي
وڏيري تي چٽي پئي، منجهن ساڳيو رواج هيو، جنهن سبب وڏيرو پريشان ئي نه ٿيو. سندس پُر
سڪون رهڻ تي هڪڙي همراهه سبب پڇيو. کيس ٻُڌايو ويو: “وڏيري جي گهران، ڪجهه وڃڻو
ناهي. راڄ کي ڦوڙي ڪري ڏنڊ ڀرڻو آهي، تنهنڪري وڏيرو پريشان ناهي.”
مطلب:
(۱) مٿي تي رکيل
وزن، آخر پيرن تي ايندو.
(۲) ڌوٻي جي گهران
وئي شوو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو.
30.
وقت تي گڏهه کي به
بابو / گابو چئبو آهي. (پهاڪو)
پريشانيءَ
وقت ڪم ٽپائڻ خاطر، ادنيٰ ماڻهوءَ جي خوشامد ڪرڻ ۾ حرج ناهي. مطلب خاطر، اڳلي کي مانُ
ڏيڻ سان لهي نه وڃبو. پاڻ کي منجهيل نه رکڻ لاءِ بهتر آهي ته رويي ۾ لچڪ آڻجي. ضد
سان مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ گنجرندو آهي. پاڻ کي موڙڻ سان سڪون حاصل ٿئي ٿو.
مطلب:
(۱) وقت تي وڏائيءَ
کي ٻن وجهي، هيٺاهين هلت هلڻ گهرجي.
31.
هل هلندن جي ماڳ،
منزل کٽي ڪين. (پهاڪو)
هيءُ
جهان، ايندڙ ويندڙ جو ماڳ آهي. هڪڙا وڃن پيا، ٻيا اچن پيا. ڪنهن کي به ٽڪاءُ / بقا
ڪونهي. ڪوبه ٺُڪَ ٺاهي ويهي نه رهيو آهي. ملڪ الموت کان، ڪوبه گوهي ڏئي لڪي ويهي
نه رهيو آهي.
دنيا
۾ ڪنهن کي به منزل نه ملي آهي. نه ئي وري دنيا ڪنهن کي راس آئي آهي. وڏي هام هڻڻ
وارا به هڪ ڏينهن ابول ڪري، هٿين خالي هليا ويا. سڀ ڪجهه ڦٽي ڪري ويا. اڄ تائين
مري ويل جو ترڪو ته شما ر ٿي سگهيو آهي، پر اڳئين جهان ۾ ساڻ کڻي وڃڻ واري مال جي
ڪنهن کي به خبر ناهي.
دنيا
خواب مثل آهي. اک ڇنڀ ۾ فنا ٿيڻي آهي. رٿيون رهجي وڃڻيون آهن. سڀ ڪجهه فنا ٿيڻو
آهي. رهندو نام؛ فقط الله جو.
مطلب:
(۱) هڻ هڻندن جي
ماڳ، منزل کُٽي ئي ڪانه.
No comments:
Post a Comment