Monday, August 10, 2020

چور جي ڏاڙهيءَ تي تر

چور جي ڏاڙهيءَ تي تر

دلچسپ ۽ مزاحيا تاريخي پھاڪو

علي حيدر

پراڻي زماني جي ڳالھ آهي.

اڪبر بادشاھه وٽ هڪ وزير هوندو هو، جيڪو پاڻ کي وڏو اديب داناءَ ۽ عقلمند سمجهندو هو. اڪبر بادشاھه کي پنهنجي پيءُ هڪ منڊي ڏني هئي، جيڪا هن کي هميشه پنهنجي هٿ ۾ پاتل هوندي هئي.

هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو اها منڊي گم ٿي وئي. اڪبر بادشاھه ڏاڍو پريشان ٿيو. ڇو ته هن کي ٻي ڪا پنهنجي پيءُ جي نشاني نه هئي.

Saturday, August 8, 2020

ستي ته ڪتي، جاڳي ته جن، الله لوڪ امين چئي؛ ان جو نالو ئي نه ڳنھ.

ستي ته ڪتي، جاڳي ته جن،

الله لوڪ امين چئي؛ ان جو نالو ئي نه ڳنھ.

(ساھتي، چوڻي)

وھاب سھتو


ڪسوٽيءَ جي حساب سان، ڪي چوڻيون ٻن سٽن واريون به ھونديون آھن. ٻي سٽ، اڳيئن جي جواب ۾ ھوندي آھي.

ساھتيءَ جي علائقي سان تعلق رکندڙ ھيءَ چوڻيءَ پڻ ائين آھي.

جڏھن ته اتر سنڌ ۾ ان کي ڳجھارت پڻ چون ٿا، جنھن جي ڀڃڻي، باھ ٻڌائين ٿا. اھا به حقيقت آھي ته ڪن چوڻين جو بڻياد يا پاڙ، کوٽبي ته اھا ڳجھارت تي پڻ ٻڌل ھوندي آھي. جيئن باھ جيستائين ٻريل ناھي، نلڪ ٺريل ھوندو آھي. پر ڪٿان چوچڙي اٿي لڳي ته ڪمزور ڪکن، ڪانديرن ۽ ڪپھ کي ڀسم ڪرڻ ۾ سيڪنڊ ڪندي.