Saturday, December 31, 2022

ھجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

ھجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو



پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھڳڻن جا ٻول، سنڌ جي سياڻپ جو آئينو آھن. منجھن سنڌ جي رھڻي ڪھڻي ۽ ڳڻ ڳوت جي گھڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آھي. جيتوڻيڪ مختصر آھن پر چوڻ وقت مطلب کي مفصل ڪن ٿا. سندن ڪامل استعمال، ٻوليءَ کي ٻھڪايو ڇڏي. خيالن جي ادائگي جا ھونءَ ھوند ٻن ٽن سٽن ۾ ٿئي، سا سندن استعمال سان اختصار ۾ آڻي سگھجي ٿي ۽ اختصار وري عبارت جي جان آھي. جو زور پھاڪي ۾ آھي، سو وري رواجي عبارت ۾ ڪونھي. گھڻي پٽاڙ کان مختصر مگر مائيدار لفظن جو استعمال، مضمون کي کڻي بيھي ٿو. دنيا جي ڪا به زبان پھاڪن کان خالي نه آھي ۽ نه وري ڪو دور ئي پھاڪن کان خالي رھيو آھي. خبر نه آھي ته اھي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪھڙن ماڻھن جي آزمودي جو عطر آھن. بھرحال جو ڪجھ ڏنو اٿن، سو وقت جي ماحول جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿو. مثلاً ڪلھوڙن ۽ ميرن جي وقت ۾ پارسيءَ جو قدر ھو ته چيائون؛ ”پارسي، گھوڙي چاڙھسي.“

Wednesday, December 7, 2022

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھڪ دفعي ڪنھن شڪاريءَ ڄار ۾ ھڪ تتر ڦاسايو. تتر کيس منٿون ڪيون ته؛ ”مون کي آزاد ڪر! سڀاڻي پنھنجي برادريءَ جا وڌيڪ تتر وٺي اچي، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“

شڪاريءَ کيس ڇڏي ڏنو.

Friday, November 18, 2022

ٻاراڻا ٻول - محمد اشرف مصراڻي

ٻاراڻا ٻول

 محمد اشرف مصراڻي



ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي مثال آهن. جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا، ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.

راند ۽ ٻار، لازم ملزوم شيون آهن. هر هڪ ٻار جو، راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانٽيسوري طريقا چالو ڪيا ويا آهن.

Thursday, November 17, 2022

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي



پهاڪن ۾ ته صنايع بدايع جون صفتون اڪثر لڀنديون آهن. عالمن جو متفق رايو آهي ته ”مجاز، حقيقت کان وڌيڪ بليغ آهي“ ۽ ”ڪنايو، وڌيڪ بليغ آهي صريح ڪلام کان“.

آءٌ هتي بديع ۽ بيان جي خوبين وارن پهاڪن مان مثال طور پهاڪا لکان ٿو.


Wednesday, November 9, 2022

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان

مٺل جسڪاڻي



انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھه“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتبخانن (لائبرريز)، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھتل آھي.

Friday, November 4, 2022

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه، لاڙ پٽ جو ٻھڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏسڻ جي گهڻي گهرج آهي. فني لحاظ کان ٿيل ڪم جي بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سندس شاعري ڪافي شاهوڪار آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي نسبت جملي جي جزن: اصطلاح ۽ محاوري جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو. سڀ پھريائين ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي، حاصل پيراميٽر بعد، مولوي صاحب جي ڪم آندل لفظ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاح ۽ محاورن جو جائزو ممڪن ٿي سگهندو.

Tuesday, October 11, 2022

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



* ڪوڪَٽ: دانھون، رَڙِيون

* فتور: فساد، فتنو

* آئِين: اَوِھِين، تَوِھِين

* اِتئِين: اِتي، اِتان

* ھڙ موڙِي: سڀ ڪجھ، جملي، ڪل

* ھارِيندڙ: نقصان ۾ پوندڙ، ڇِيھي ۾ پوَندڙ

* ھاريندڙن مان: نقصان ۾ پوَندڙن مان، ڇِيھي ۾ پوَندڙن مان

* ڏانءُ: ھنر، طريقو، واٽ

(پوءِ قادر مڪو ڪانءُ، پيو کوٽي کڏ خاڪ ۾،

ته لٽي لاش ڀاڻِس جو، ڏيکاريسِ سو ڏانءُ.)

Friday, October 7, 2022

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو/ محرابپور



اصطلاح جي سماجي معنى سان سلهاڙيل هجڻ سبب، ان جي اهميت بابت پڻ سوال اڀري ٿو ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۰۶- ۱۴۳)

Monday, August 29, 2022

صبح جي نِياري؛ دُک نه بيماري.

صبح جي نِياري؛ دُک نه بيماري. (ٻول)

مھدي شاھ



نياري؛ نرالي. دک؛ ڏک، اھنج. بيماري؛ آزار، تڪليف.

هي موالن جي صبح ويل ڀنگ پيڻ صدا آهي. صبح جي نياري، هتي نياري مقصد نياري/ نرالي ٻوٽي ڀنگ آهي. موالي صبح ويل ڀنگ پيئڻ کي سلطاني پيالو به چوندا آهن. بقول موالين جي صبح جو نياري ٻوٽي ڀنگ پيئڻ سان دک ۽ بيماري ويجهو نه ٿي اچي.

Friday, August 19, 2022

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ، بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سانوَڻ ڪري کِنوڻ ۽ گجگوڙ،

بَڊو ڪري ٻوڙان ٻوڙ.

(لاڙ، چوڻي)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“

 


سنڌي ڪئلينڊر سنبت ۲۰۷۹ بڪرمي جو سانوڻ مھينو، ٻٽيھن ۳۲ ڏينھن جو عرصو وٺي، سورھين ۱۶ آگسٽ تي کنوڻ ۽ گجگوڙ جي برساتن سان ھلي پورو ٿي ويو. چؤماسي جي ھلندڙ برساتن ۾، بڊي جي مھيني سترھين ۱۷ آگسٽ کان سانوڻ جي جاء والاري ته ”گونگو مِينھن“ شروع ٿي ويو. جنھن بنا کِنوڻ ۽ گوڙ جي، گونگو ٿي وسڻ شروع ڪيو ۽ اصل واڄٽ وڄائي ڇڏيائين. سانوڻ ته کنوڻ ۽ گجگوڙون ڪري، ڌڌڪا مچائي، وسيو پر بڊي ته اصل ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ھر ھنڌ پاڻيءَ جي ڇَر ئي ڇَر لڳي پئي آھي.

Thursday, August 18, 2022

سَسُ ريءَ نه ساھرا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سَسُ ريءَ نه ساھرا، ساليءَ ريءَ نه نينھن،

چنڊَ ريءَ ڇا جي راتڙي، جهُڙ ريءَ ڇا جو مينھن.

(سنڌي، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سس، جيستائين جيئري آھي، تيستائين ناٺيءَ جي ساھرين گهر ۾ عزت ۽ شان آھي. ان جي مئي کان پوءِ ساھرين گھر ۾ ناٺي ڪتي جي آچار آھي.

سالي، ٻارڙن جي ماسي آھي. اھا آھي ته ٻارڙن کي کڻي وٺندي، گھر جو ڪم ڪار به ڪري ڏيندي. جڏھن گھر جو ڪم ڪار ۽ ڪار ونھوار چڱو ھلندو آھي ته زال، مڙس کي پئي وڻندي آ. جنھن کي سالي ناھي يا زال اھا پرڻيو آھي، جيڪا پيءُ ماءُ کي اڪيلي آھي. ان کي گھر ٺھيل ٺڪيل نه ملندو، جنھن سببان زال سان ايترو نينھن نه ھوندس، جيترو ساليءَ واري کي، زال سان ھوندو آھي.

Wednesday, August 17, 2022

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ، مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾. - انجيئر عبدالوھاب سھتو

پنڻ ۽ پورھيي منجھان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ،

مانجھي اھي مَلَ، ھَرِ جنين جي ھٿ ۾.

(ھندي، چوڻي)

انجيئر عبدالوھاب سھتو



پل؛ پليءَ کان تمام وڏو، پَلي وري گُندَ کان وڏي ٿيندي آھي. گُندُ وري گُنديءَ کان به اڃا وڏو ٿيندو آھي. ان سانڍڻ جو گدام. پل ٻڌڻ؛ ڪاميابي ماڻڻ.

ھَرِ؛ ھري، رام، پرڀو، ڌڻي، مالڪ.

مَلَ جي ريخته اندر معنيٰ؛ بھادر، شجاع يا سورمو آھي.

ھَرُ؛ اھو اوزار جنھن سان ٻني کيڙبي آھي.

Saturday, August 13, 2022

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ - علي محمد لغاري

ڌڄِيون اڏائِي ڇڏڻ. (اصطلاح/ ورجيس)

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھونئن ته اھو مٿيون فقرو، اردوءَ ٻوليءَ کان علاوھ سنڌي سنڌي زبان پڻ، اصطلاح/ ورجيس طور ڪتب ايندو آھي.

محترم سائين Hassan Umed Laghari پنھنجي فيسبڪ ٽائيم وال جي پوسٽ ۾ ”ڌجيون اڏائڻ“ لکيو آھي. پر اھو اصطلاحي/ ورجيسي درست نموني نه ٿو ڏئي. ڇو جو اھو ھڪڙو مصدري فقرو آھي ۽ اصطلاحي/ ورجيسي ناھي. ان جو اصطلاحي/ ورجيسي روپ، جيڪو سنڌيءَ ۾ مستعمل آھي، سو آھي؛ ”ڌَڄِيون اڏائي ڇڏڻ.“

Saturday, July 30, 2022

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

اصطلاح (Idiom)، محاوري ۽ ورجيس (Phrase) جي دائري بابت

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 


ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اصطلاحي جزن (Terms) جي استعمال جي وڏي اهميت هوندي آهي، جن ۾ اصطلاح، محاورو، ورجيس، پهاڪو، چوڻي ۽ کوڙ ساٿرا ٻيا اصطلاح پڻ اچي وڃن ٿا، جن ۾ تشبيهه، استعارو، ڪنايو، مجاز مرسل وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اسان جي هن اڀياس جو محور صرف اصطلاح، محاوري ۽ ورجيس تي مبني آهي.

اُٺ ناڙ - مٺل جسڪاڻي

اُٺ ناڙ

(ورجيس)

مٺل جسڪاڻي

 


”اُٺ ناڙ“ محاورو، اصطلاح يا استعارو، ڇا به آھي، ان کي ٻه ماڻھو بھتر سمجهي سگهن ٿا. ھڪ اھو، جيڪو گهڻ پڙھيو يا ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو، ٻيو اھو جنھن جو اٺن سان واسطو، واھپو يا اوٺارن (اُٺ ڌاريندڙن، پاليندڙن، اُٺن وسيلي روزگار ڪندڙن) مان ھوندو، يا انھن سان قرب ڪچھريون ھوندس. مون اھو ٻٽو لفظ، منھنجي وڏڙن واتان، جنھن صورتحال دوران ٻڌو، اھا اڳتي واضح ڪيل آھي.

 

ھتي ”اُٺ ناڙ“ جو بحث ان ڪري ڪرڻو پيو، ته روزاني ”آجيان“ شڪارپور جي خميس ۲۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع واري شماري ۾ منھنجون ھيٺيون سٽون شايع ٿيون:

 

گهڻو ئي ٿا پڙھون

مٺل جسڪاڻي

گهڻو ئي ٿا پڙھون،

گهڻو ئي ٿا پڙھڻ لاءِ چئون،

”اُٺ ناڙ“ کي،

ٻُڌايو ته ڇا ڪريون؟

پڙھائڻ تي آھي،

زور سڀني جو،

پڙھڻ لاءِ ڪو،

تيار نه آھي!

---

مون اخبار جي ڪٽنگ فيس بوڪ تي پوسٽ ڪئي، ته بھترين ۽ سينيئر شاعر ملزم سومري تاعيد ۾ لکيو:

اٿؤ سائين واقعي ايئن

پڙھڻ ڪو تيار ئي ناھي

سڀ چون ٿا پڙھو.

علي محمد لغاري لکيو:

سائين، ”پڇ ٻَڌ مَھرِي اٺ“ پھاڪو ٻڌو آھي پر ھي نئون محاورو سامھون آيو آھي ”اٺ ناڙ.“ ان محاوري جو مطلب سمجھ ۾ نه آيو. جيئن توھان وٽ ”کنڀڙو/ کنڀڙا“ ۽ اسان وٽ ”ڪارو پتنگ/  اڏامندڙ ماڪوڙو“. توھان پارن پتن سان ڳالھ کولي سمجهائي ته پوء سمجھ آئي، ته اھو جيت ساڳيو آھي پر ماڳ ماڳ جو ڦير، ته نالي ۾ به ڦير ھئي. ”پڇ ٻَڌ مَھرِي“ ۽ ٻيو ”اٺ ناڙ “. پويون محاورو سمجھ ۾ ڪونه آيو۔

علي محمد لغاري کي مون ورنديءَ ۾ لکيو:

سائين، ”مئين نه منان“، ”مين نه مانون“، ”انھن ترن تيل نه ٿيو نه ٿيندو“، ”اجايو ضد“، ”اجائي ھوڏ“ جھڙي صورتحال ۾، اھڙي صورتحال پيدا ڪندڙ جي عمل کي ”اُٺ ناڙ“ چئبو آھي. مون کان پوءِ انجنيئر عبدالوھاب سھتي لکيو؛ “پڇ ٻَڌ مَھرِي ڪرڻ“ وارو اصطلاح/ ورجيس اڃا تشريح طلب رھي ٿو. جنھن جو جواب، سائل لھڻو!“ ۽ علي محمد لغاري مون کي ورندي ۾ لکيو؛ ”سائين لک قرب. چڱو ٿيو جو توھان کان ان محاوري جي معنيٰ پڇي ورتي ۽ توھان تفصيل سان سمجهائي. ٻين کي به مون سان گڏ معلوم ٿي وئي. نه ته خبر ناھي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ان محاوري جون ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ جي مصداق الائي ڪيتريون ابتيون سبتيون معنائون ڳنڍيون وڃن ھا.“

اقبال بلوچ پنھنجي راءِ ۾؛ ”ٿورن لفظن ۾ وڏو سبق آهي“ لکيو.

منھنجون اھي سٽون، ڪجھ ڏينھن اڳ جون لکيل، فيس بوڪ تي اڳ ۾ ئي پوسٽ ڪري چڪو ھئس. اتي راءِ طور يا ڪمينٽ ۾ ماستر شير محمد پنھور دل جو نشان ڏنو، ذاھد علي ڀٽي لکيو ”واه“ ۽ سٽن سان گڏ پوسٽ ڪيل تصوير لاءِ لکيائين ”سر! ڪٿان جي تصوير آھي“، ته ان کي جواب ۾ لکيم ”ڪوئٽه ۾ ھڪ يونيورسٽي BUITEMS, Quetta ۾ ورتل تصوير...“.

فقير محمد جسڪاڻي دل جو نشان موڪليو. جڏھن ته علي محمد لغاري، جنھن ”اٺ ناڙ“ جي وضاحت طلبي، ان لکيو؛ ”پڙھڻ لاء تيار نه آھي. باقي وچان ڪينچي ھڻي ڪٽ ڪري ڪم ڪڍڻ وارا کوڙ آھن. پوء ترقي ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيندي. ترقي جي نالي ۾ جيڪا ترقي ڏيکاري ويندي اھا جڳاڙي ۽ سبز باغ ھوندي آھي. ڪير پڙھي نه پڙھي. ڪير ڪجھ نٿو ڪري سگهي۔“. ھن پوسٽ تي وحيد ڳاھي لکيو ”ٻُڌائڻ لاءِ آهي هرڪو ٻُڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.“ جڏھن ته ننگر چنا ”اُٺ ناڙ جو مطلب“ لکي سوال ڪيو، ته ورندي ۾ لکيم ”ننگر چنا، اُٺ ناڙڻ جي عمل دوران، اُٺ جو احتجاج فطري عمل ھوندو آھي، اُٺ ناڙڻ واري کي جيئن ته اُٺ ناڙڻ جي مجبوري ھوندي آھي، ان ڪري اُٺ ناڙڻ جي ڪا به حتمي حڪمت ڪارگر نه ٿي رھي. ان پسمنظر کي ڪجھ ماڻھن جي رَوَيَن ۽ عمل کي اُٺ ناڙ سان مشابھت طور ”اُٺ ناڙ“ استعارو يا محاورو استعمال ڪيو ويندو آھي. مثال طور فلاڻو سدائين اُٺ ناڙ ڪندو آھي، ڳالھيون ٿي وڃن ھا، نياءُ نبري وڃي ھا، ٺاھه ٿي وڃي ھا، پر فلاڻي يا فلاڻن فلاڻن جي ”اُٺ ناڙ“، ”انڍن جي منڍن“ سبب اڃا ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي آھي، وغيره وغيره...“ جواب لکندي چوڻين ۽ پھاڪن، اصطلاحن ۽ استعارن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪندڙ انجنيئر عبدالوھاب سھتي ۽ سائين عبدالله جروار سان به آئون مخاطب ٿيس، ته منھنجي ان عمل جي جواب ۾ سھتي صاحب تمام سھڻي راءِ لکي، ھيٺ پڙھو:

”ھر ٻٽي يا مرڪب لفظ جي معني ڪڍڻ لاءِ پھرين ان جو ڇيد/ اشتقاق ڪبو آھي. شَقُ ڪرڻ پڄاڻان، ھر لفظ جي ظاھري معنيٰ جي سھاري، مرڪب لفظ جي معنيٰ، ظاھري توڙي ڳجھي، پڌري ڪبي آھي يا پاڻمرادو چٽي/ نروار ٿي پوندي آھي.

اٺ لفظ ته ھر ڪو سمجھي ٿو ۽ ان جي خاصيتن جي به ٿوري گھڻي ڄاڻ به رکي ٿو. ان سان گڏ ناڙ لفظ جي معني يا معنائون ڪيتريون آھن، سي اگر ترڪيب ۾ آڻبيون ته مرڪب لفظ خود بخود چٽو ٿي پوندو. ان بعد ان جو استعمال ويتر ان جي معنوي مفھوم کي پختو ڪري ڇڏيندو.

ھتي لفظ ناڙ، اٺ سان ڄڻ اوپرو بيٺو آھي. جنھن ڪري پڇڻ وارو ھر ھر پڇي ٿو، جيستائين وڃي سندس ذھن ان نئين ترڪيب کي سمجھي، تيستائين پڇڻ واري جو ڪم آھي پڇڻ ۽ پڇندو رھڻ، جيسين وڃي اندر جي ھُرکُر مريس.“

 

آخري ٻه اکر

ــــــــــــــــــــ

”اُٺ ناڙ“ شايد تمام گهٽ استعمال ٿيندڙ ٻٽو لفظ آھي، گهڻن لاءِ نئون آھي. اميد ته مٿئين بحث جي نتيجي ۾، ڪجھ سمجھ ۾ آيو ھوندو، نه ته اجائي ”اُٺ ناڙ“ نه ڪندس، وقت ۽ پڙھندڙن تي ڇڏيون ٿا، اميد رھنمائي ٿيندي.

 

(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور ۾ ڇنڇر ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)