Saturday, January 7, 2012

هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي - الطاف شيخ

هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي
الطاف شيخ
اڃا ڪراچيءَ ۾ ئي هوس ته، ممبئيءَ مان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ فون ڪري مون کي چيو ته؛ انڊيا اچين ته پنهنجي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻين ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون ٺهرائي اچجانءِ. ڇو جو موبائيل فون جي سِم، توڙي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ مهل، انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر ٻلديو، بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي. اڄ ڪلهه دنيا جي هر ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هر پنهنجي پرائي جي چڱي طرح کوج لڳائي وڃي ٿي. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ فوٽو اسٽيٽ وارن جا دڪان پيا ڳولجن، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ مان نه رڳو مسافري ۽ شناخت سان تعلق رکندڙ ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون کڻي نڪرجن، پر ڏهاڪو کن پنهنجا پاسپورٽ سائيز فوٽو به پاڻ سان گڏ رکجن. اهو انهن ماڻهن لاءِ به ضروري آهي جيڪي حج يا عمري لاءِ، سعودي عرب وڃن ٿا. يا زيارتن لاءِ ايران، عراق ۽ شام وڃن ٿا.