ٽن لفظنتي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
پھاڪو ڇاکي ٿو چئجي؟ ان کي ڪيئن پرکجي؟ هر ماڻھو اهو ڄاڻڻ ضرور چاهيندو آهي. ان لاءِ محققن هيٺيون ڪسوٽيون مقرر ڪيون آهن. جيڪڏهن پھاڪو سڏائيندڙ جملو، انھن ڪسوٽين تي پورو ٺھڪي اچي ٿو ته ان کي پھاڪو مڃبو. ٻيءَ صورت ۾ ان کي رد ڪري ڇڏبو.
1- منجهس ڪونه ڪو نقطو سمايل هجي.
2- مڪمل جملو هجي. (جنھن ۾ فاعل، فعل ۽ مفعول سمورا موجود هجن).
3- عوام ۾ مقبول/ معروف/ مشھور هجي. (عام ماڻھو ان جو مفھوم سمجهي).
4- روپ تمام ننڍڙو هجيس. (جهٽ ياد رکڻ جھڙو هجي)
ننڍڙي روپ واري شيءِ، سمجهڻ/ سمجهائڻ/ ياد رکڻ سولي آهي. ان جي حيثيت گوليءَ واري آهي. جيڪا ڏسڻ ۾ ننڍڙي آهي پر کُلم وڏا ڪندي آهي.
سڌريل ٻوليءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته منجهس پھاڪا/ چوڻيون جام هجن. دنيا جي سڌريل ٻولين منجهان سنڌي ٻولي به هڪ آهي. منجهس ڪيترائي ننڍڙي روپ وارا پھاڪا/ چوڻيون آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيئي ننڍڙي روپ وارا، جامع مطلب ۽ وڏي اهميت جا حامل پھاڪا/ چوڻيون آهن. جيئن ٻن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. هاڪاري، ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. انھن بابت، اڳي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط انھن پھاڪن/ چوڻين بابت آگاهي ڏجي ٿي، جيڪي مڪمل جملو هوندي، پاڻ ۾ نقطو سمائيندي، عوام ۾ مشھور رهڻ جي باوجود، ٽن لفظن تي مشمل آهن.
1. آپگهات، مھا پاپ (هندي، چوڻي)
آپگهات/ خودڪشي ڪرڻ، هر مذهب ۾ وڏو گناهه آهي. خودڪشي ڪندڙ، پنھنجي سر جو به سڄڻ ناهي. جيڪو پاڻ تي رحم نه ٿو کائي. سو ٻين تي ڪھڙو رحم ڪندو؟ جڏهن پاڻ کي ماري وڌائين ته پوءِ کيس، انھيءَ گناهه کان توبھه ڪرڻ جو به موقعو نه ٿو ملي. ان ڪري هر مذهب، انھيءَ فعل کي ننديو آهي.
مطلب:
1.1 آپگهاتي، مھا پاپي.
1.2 آتم گهاتي، مھا پاپي.
2. آمون، ڏهه گامون (لاڙ، زرعي، چوڻي)
آمو/ انب جو وڻ، تڏهن گهڻو ڦر ڏيندو آهي، جڏهن هر وڻ هڪٻئي کان ڏهه قدم پري هوندو آهي. ويجها وڻ گهٽ ڦر ڏيندا آهن. پري وارا وڻ تعداد ۾ گهٽ هئڻ سبب، مجموعي طور تي، اپت گهٽ ڏيندا آهن. ڏهن قدمن تي رکيل وڻ، طاقتور/ ڦلائتا ۽ ڪاگر رهن ٿا. ڪم خرچ، بالانشين وانگرEconomical رهن ٿا.
مطلب:
2.1 ڇڊي پوک، ٿلھا سنگ. گهاٽي پوک، سنھا سنگ.
2.2 مفاصلو ٿورو، معاوضو گهڻو.
2.3 وقت ٿورو، ڪم گهڻو.
2.4 ڏينھن ننڍو، پنڌ ڊگهو.
2.5 ڀونءِ ٿوري، ڀاڙو گهڻو.
2.6 ڄمار ٿوري، ڌنڌو وڏو.
3. آنڊي ۾ ٽانڊو (هندي، پھاڪو)
پيٽ ڄڻيي اولاد لاءِ، ماءُ جا آنڊا بيقرار هوندا آهن. پٽ ڀلي نافرمان هجي پر ماءُ پيءُ مٿس ڪوسو واءُ نه سھندا. هر وقت پيا ان لاءِ ڪُڙهندا ۽ پاڻ پتوڙيندا ته جيئن کيس ڪجهه نه ٿئي .
مطلب:
4. ابو اما، لاطمع. (چوڻي)
دنيا ۾ابي ۽ امڙ جو واحد رشتو آهي، جنهن تحت اهي بنا لالچ ۽ لوڀ جي ٻچڙي کي پالين، نپائين ۽ تاتي وڏو ڪن ٿا. مٿس ڪوسو واءُ به نه ٿا سهن. پنهنجي پاڻ کي تڪليف ۾ وجهن ٿا پر ٻچڙي جي هر لحاظ کان حفاظت ڪن ٿا. سندن پيار ۾ ڪو ريب فريب يا ٺڳي ناهي.
مطلب:
4.1 والدين، اولاد سان اڻ ميو پيار ڪن ٿا.
4.2 لالچ رکي، ماءُ پيءُ نه پاليندا آهن.
4.3 ماءُ پيءُ، اولاد ۾ لالچ نه رکندو.
4.4 ڀيٽو: اما ابو، بي لبو.
5. اُٺا، مڙيئي ڀلا. (ٿر، چوڻي)
اُٺو؛ وُٺو، وَسيو.
مينھن جو وسڻ، ٿر وارن لاءِ مڙيئي رحمت وارو آهي. مندائتو مينھن ته ڪارائتو آهي پر اڻ مندائتو به اڪارت ناهي. اڻ مندائتي مينھن مان فصل خراب ٿيو ته ٻيءَ مند وارو فصل طاقتور ٿيندو. ان کان علاوه ٿر جي واريءَ کي سانڍڻ لاءِ پاڻ ته کپي ئي. ڇو جو پاڻيءَ کان سواءِ جياپو ڪھڙو آهي؟!
مطلب:
6. اُٺي، بُھه چُٽي. (هندي، پھاڪو)
هڪ دفعي هڪ واپاريءَ جو بھه، گدام جي ٻاهران پيل هيو، پاڻ ڪم سانگي ٻاهر ويل هيو. اتان موٽڻ وارو هيو جو برسات پئجي وئي، پوءِ بُـھ جي ڳڻتيءَ اچي ورايس، دل ۾ هورا کورا هيس؛ بُھه ڀِڄي ويو هوندو. نوڪرن گدام ۾ اندر ڪيو هوندو الائي نه! گاري جو راڳو به ڪونه ڏياريومانس!
انھن ڳڻتين ۽ مونجهارن ۾ ڳرندو، برسات ۾ پسندو، گدام وٽ پھتو. ڏٺائين ته بُھُه اڃا ٻاهر پيو آهي. پر مٿس مينھن جو پاڻي نظر نه آيس. حيرت منجهان نوڪر کان پڇيائين؛ ”برسات اُٺي ته بُھه تي نه پئي ڇا؟“
”برسات ته بُهَه تي به پئي هئي پر .....“ نوڪرن ٻڌايس؛ ”اُٺي، بُھهَ چُٺي!“
مطلب:
6.1 برسات پيئي، بُھه چُھي ويو.
6.2 ٿر ۾ جيتري برسات پوي، واري چُھيو وڃي.
7. اپنا ھاٿ، جگنناٿ (ھندي، چوڻي)
8. اسي، مت کسي (ساهتي، چوڻي)
جڏهن ماڻھوءَ جي عمر چاليھه ٿيندي آهي ته سندس عقل مڪمل ٿيندو آهي. جڏهن ستر کان ٽپي هلندو آهي ته عقل ۾ ڪـَتر پوندي اٿس. اهڙيءَ طرح جڏهن عمر اسي سال ٿيندس ته عقل پوريءَ طرح کسجي ويندو اٿس.
مطلب:
8.1 عمر چاليھه، عقل پوي ٿالھيءَ.
8.2 عمر ٻاهتر، پوي عقل ۾ ڪتر.
9. اصفھان، نصف جھان (فارسي، چوڻي)
اصفھان، ايران جو مشھور شھر، جيڪو پنھنجي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيڻ بعد ترقي ڪرن لڳو. انھيءَ ترقي ڌاران، دنيا ۾ مشھور بڻجي ويو. انڳيءَ جي حيثيت، گهمڻ وارن/ سياحن جي نظر ۾ اڌ جھان گهمڻ جيتري آهي.
مطلب:
10. اڳي، سو تڳي. (سرو، چوڻي/ پھاڪو)
جيڪي، جنھن معاملي ۾ اڳي پھتا، تن ان مان ڀرپور فائدو ورتو. نام به ڪمايائون، دام به ڪمايائون. جيڪي پوءِ يا آخر ۾ پھتا، تن کي اوترو فائدو نه پھتو.
مطلب:
10.1 اڳين پاڻي، پوين چڪ.
11. اما ابو، بي لبو (چوڻي)
لب ۽ لالچ، مٽ مائٽ يا والدين نه رکندا آهن. نه ئي لالچ رکي پاليندا آهن ۽ نه ئي وري لالچ رکي پاڙهيندا آهن. جيڪڏهن نه پڙهڻ تان مار ۽ مهميز به ڏيندا آهن ته سا به اولاد جي ڀلي لاءِ ته جيئن پڙهي پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ مستقبل ۾ جڏهن پاڻ هن دنيا ۾ نه هوندا، تڏهن ٻين جو محتاج نه ٿئي.
مطلب:
11.1 والدين، اولاد کي غرض خاطر نه بلڪ آسيس ۽ خوشي خاطر پالي وڏو ڪندا آهن.
11.2 ٻچن کي پالڻ يا ساڻن مٿا کٿا ڏيڻ ۾ ئي والدين کي آنند / سرور ايندو آهي.
11.3 ڀيٽيو: ابو اما، لا طمع
12. انڌي، ملتان لڌو. (سنڌ پھاڪو)
پڇي پڇي، انڌو به واٽ لھي ٿو. ايستائين جو پڇائيندي پڇائيندي، هڪڙي انڌي ته وڃي ملتان به لڌو.
دنيا جي تختي تي، ڪوبه ماءُ جي پيٽان سکي نه آيو آهي. سڀڪو ٻين کي ڏسي يا کانئن پڇي/ سمجهي، پنھنجي عقل جي گهوڙي کي ڊوڙائيندو، اڳتي ترقي ڪري ٿو. جيڪو جستوجو ڪري ٿو، سو منزل کي پھچي ٿو. پوءِ ڀلي انڌي وانگر معذور ڇونه هجي.
مطلب:
12.1 ٻڌي ٻڌي، انڌو به واٽ وٺي ٿو.
12.2 پڇڻا، نه منجهڻا.
13. انسان، اکر بس. (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
انسان اهو آهي، جيڪو اکر وارو هجي. واعدو ڪري ته نڀائي. ڳالهه ڪري ته تڪي توري ۽ پٿر تي ليڪ. زبان تان ڦري نه. جيڪڏهن ٿورو به ٿڙي ته هڪ اکر سان راهه راست تي اچي وڃي. ان جي برعڪس، جو اشارو ئي نه سمجهي، سو انسان ئي ناهي.
مطلب:
13.1 انسان لاءِ اکر/ اشارو ڪافي آهي.
13.2 ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
14. انسان، اونڌي کوپري (ساهتي، چوڻي)
انسان، مٽيءَ مان ٺھيل آهي. ٿورو مال ملڪيت هٿ ايندس ته پيو ڦڙڪيون هڻندو. ٻئي تي مُڇَ ئي نه ڇنڊيندو. پنھنجي اوقات وسري ويندس. حالانڪ وٽس نه دولت پنھنجي ذاتي آهي ۽نه عقل. نه عمر پنھنجي ذاتي اٿس، نه سرير. سڀ کيس عطا ٿيل آهي. پوءِ ڇا تي ٿو بانور ڪري؟ کانئس اهي سموريون نعمتون، هڪ ڏينھن کسيون وينديون.
مطلب:
14.1 انسان، نسيان.
14.2 بندو، ڀلو پيو اهي.
14.3 بندو، بي ايمان.
14.4 انسان ڀُلن جو آستان.
15. اڻھوند تي لعنت. (چوڻي)
نه هئڻ کان، هئڻ بهتر. اڻ هوند، ماڻهوءَ کان گهڻا ئي ڪڌا ڪم ڪرايا آهن. چوري ۽ ڦُر کان وٺي بيحيائيءَ ۽ فحاشيءَ تائين به. پنڻ جهڙو غليظ ڌنڌو به سڃائي ڪرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڪفر ۾ به ڌڪي ڇڏيندي آهي.
اهڙي اڻ هوند، جنهن ۾ ماڻهو ڪفريه ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي، خدا تعاليٰ ڪنهن کي نه وجهي.
مطلب:
15.1 صفا سڃائي به چڱي ناهي.
15.2 هوند تي هونگر آهي. (ابتڙ)
16. ايڪ اکيا، مھابلي. (ھندي، چوڻي)
ايڪ اکيا؛ ھڪ-اکيو، ڪاڻو. منصف، انصاف ڪندڙ، مڙني کي ھڪ اک سان ڏسندڙ.
مطلب:
16.1 جيڪو واڻيي کان سياڻو، سو سمجھ اک کان ڪاڻو.
17. ايمان، آهي مھمان. (سنڌ، چوڻي)
ايمان ۽ مھمان، ٻئي هڪجھڙا آهن. وڏ-ڀاڳين وٽ ايندا ۽ ٽڪندا آهن. جيڪو خاطر تواضع نه ڪندن، تنھن کان رُسي ويندا آهن. هڪ دفعو جنھن کان رُٺا، تنھن جي در تي ٻيھر نه ايندا.
پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي به، ٻنھي کي خوش رکجي. ايمان کانسواءِ ماڻھو ڪنھن ڪم جو ڪونھي. جنھن جي در تي ڪو به مھمان لڙي نه اچي، اهو به ڄڻ انسان ئي ناهي.
مطلب:
17.1 ايمان کانسواءِ انسان، پاڻيءَ کانسواءِ سلو.
18. بڊو، اکين ڪڍو. (هندي، چوڻي)
هندي ڇھون مھينو، جيڪو آگسٽ ڌاري ايندو آهي. منجهس گرمي ۽ گهُٽ ٿئي ٿي، جنھن سبب اکين تي به اثر پون ٿا.
مطلب:
18.1 بڊو آهي روپ وارو مھينو.
18.2 بڊو، بدڪاريءَ جي سٿڻ.
18.3 بڊو، بڊ بلاءِ، تنھن کان ساوڻ ڀلو.
18.4 بڊو پنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو.
18.5 بڊو پنو، ڪانون رنو.
19. بڊو، بکن ڪڍو. (هوندي، چوڻي)
بڊي جي مھيني ۾ ڪي گاه وغيره به نه ٿين. جنھن ڪري مال متاع بک مري ٿو ۽ کير به سڪائي وڃي ٿو. مٿان وري ٻانڀڻ، ڪانون وغيره لاءِ شيراڌن ڪڍائين، جنھن سببان گهر ڌڻين جو خرچ به وڌيو وڃي. نتيجي طور پڪائي ۽ ڪنجوسائپ ڪرڻي ٿي پوي.
مطلب:
19.1 بڊي جي مھيني ۾ گھڻيئي ڏکيائيون آھن.
20. بڊو، ڏيڻين ڍڍو. (هندي، ٿر، چوڻي)
بڊي جي مھيني ۾ هڪ ته گاه نه ٿين ٻيو چوماسي جي هوائن سبب تراين ۽ ٽوڀن جو پاڻي به سُڪي وڃي. جنھن سبب مارو ماڻھو، مال متاع سميت اڃ ۽ بک مرن. ٿرين جو گذران ٿڻ تي آهي. کير گيھه نه ٿئي ته پوءِ انُ ڪٿان وٺي کائين؟! جنھن ڪري کين ڍوڍي ڳڀو به نه ملندو آهي.
مطلب:
21. بيٺل پاڻي، ٻوڙي. (سرو، پھاڪو)
وهندڙ پاڻي، هر شيءِ کي ڦيرائي، ڪناري تي سٽيندو آهي. جڏهن ته بيٺل پاڻيءَ جو داٻ Static Pressure گهٽ هئڻ سبب، منجهس پيل شئ جي ترڻ جي سگهه Buoyancy گهٽجي ويندي آهي. نتيجي طور، ٿوري وزن واري شيءِ به منجهس ٻڏي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح گهٽ ڳالھائو ماڻھوءَ کان به خيال ڪجي. منجهانئس ڪافي نقصان رسي سگهي ٿو.
مطلب:
21.1 گونگو پاڻي، ٻوڙي (ساهتي)
22. بيک کي ٽيڪ. (ساهتي، پھاڪو)
بيک يا مڪر ڪرڻ واري جي، پاسخاطري ٿئي ٿي. جنھن جي پاسخاطري ٿيندي آهي، سو ئي بيک ڪندو آهي. جنھن کي ٽيڪ هوندي، سو ئي بيک ڪندو آهي. يا جنھن کي بيک ڏانءُ ايندا آهن، تنھن کي ئي پاسخاطريءَ جي ٽيڪ نصيب ٿيندي آهي. بيکر ماڻھوءَ کان ڀؤ ڪجي.
ڇند ۽ ڇيڏڪ، بيک ۽ مڪر، عورت جو هٿيار آهن. سندس مڪر کي، قرآن ڪريم پڻ عظيم مڪر سڏيو ويو آهي. ڇو جو عورت، نه ڄاڻي ته به اُٺ مڪرن جو ڄاڻي. اهو ئي سبب آهي جو هر معاملي ۾، مڙس سندس ئي طرفداري ڪندو آهي.
مطلب:
23. بي-وڙو، لوڪ تڙيو. (سرو، چوڻي)
جيڪو ٻين سان سٺي وڙ ۽ اخلاق سان پيش نه ٿو اچي، تنھن کي ٻيا به ٿوڪاري ڦٽو ٿا ڪن. وڙ يا چڱائي ڪرڻ، اهل دل ماڻھن جو ڪم آهي. جيڪي دل تي جبر ڪري، برائي ڪرڻ وارن سان چڱائي ڪن ٿا ۽ دشمنن جي دلين ۾ به جاءِ بنائي وٺن ٿا. ان جي برعڪس بي دل ۽ بزدل، ڪانئر ۽ مطلب پرست ماڻھو، پنھنجي لالچ ۽ هوس سبب، دوستن کي به دشمن بنايو ڇڏين ۽ آخر ڪتي وارو موت مريو وڃي.
مطلب:
24. ٻار، ٻاڪرو ڦر (ساهتي، چوڻي)
ٻار ۽ ٻاڪرو ڦر، حڪرتن ۾ هڪجھڙا آهن. ٺينگ ٽپا ڏيڻ، وڻن يا ڀتين تي نرا ڏئي چڙهڻ، هر شيءِ ۾ هٿ يا وات وجهي ٽٽولڻ، ٻنھي جي عادت آهي. انگريزيءَ ۾ ٻنھي کي Kid سڏيو ويندو آهي. ٻنھي کي ڇڏي ڏجي ته چرندا وتن، تڏهن ساڳائيندا. مٿن جيتري نظر رکبي، اوترو ڪين ساڳائيندا. پوءِ ڀلي کڻي کين ڪيڏو به چارجي.
مطلب:
24.1 ٻاڪرو ڦر ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار.
24.2 ٻار ۽ ٻاڪرو ڦر، ڪنھن جي به جهل پل ۾ نه ايندا آهن.
25. ٻه ته ٻارنھن (سنڌ، پھاڪو)
اڪيلو ماڻھو، بي بس ۽ بي پھچ. نه ڪنھن ڪم جو، نه ڪار جو. بھشت ۾ به بيزار. ٻه ڄڻا ملن ته ڪم جو اڪلاءُ ۽ ترقي ٿئي، واڌ ويجهه ٿئي ۽ زندگيءَ ۾ رواني اچي. گڏ ٿيل ٻنھي ڄڻن جي حيثيت، ٻارنھن ڄڻن واري آهي.
مطلب:
25.1 گهڻن کنئي، ڇپر کڄي.
25.2 گهڻا، ڄڻ پٽ الک جا. (هندي)
25.3 گهڻن سان خد اجي مدد به شامل هوندي آهي.
26. ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو (هندي، چوڻي)
ننڍڙو ٻار ڄمڻ وقت، معذور، ڪمزور، بي بس ۽ ٻين جو محتاج هوندو آهي. خاص طور تي ماءُ جو. اهڙيءَ طرح ڪراڙو ماڻھو به ضعف. ڪمزوريءَ ۽ بي بسيءَ سبب ٻين جو محتاج هوندو آهي. خاص طور تي زال جو شيڪسپيئر به زندگيءَ کي ستن طبقن ۾ ورهائيندي ٻڍاپي کي ٻيو ٻالپو سڏيو آهي.
مطلب:
26.1 ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار.
26.2 ننڍڙي نه مري مايڙي، ٻڍي نه مري جوءِ.
27. ڀاڻ، سدا جواڻ. (زرعي، چوڻي)
فصل کڻڻ کان پوءِ، زمين ساڻي ٿيو پوي. ان کي سگهارو ۽ استعداد لائق بنائڻ لاءِ، سندس سيوا ضروري آهي. جنھن لاءِ هر ڏيڻ ۽ سانھر گهمائڻ، ريج ڪرڻ ۽ ڀاڻ ڏيڻ ضروري آهي. ماهيي يا وٿاڻ جي ڀاڻ تي، زمين جي ڄڻ جواني ٻيھر نکري اچي ٿي. جيئن جوانيءَ جو اولاد طاقت وارو ۽ مضبوط هڏ سان ڄمندو آهي، تيئن ڀاڻ پيل زمين جو فصل به طاقت وارو ۽ سڦلائتو رهندو آهي.
زمين تي ٻي ڪيتري به محنت ڪجي پر ڀاڻ نه وجھجيس ته محنت ئي ڄڻ رائيگان وئي. زمين جي مجموعي پيداوار وڌائڻ لاءِ، سٺي ۽ نج ٻج سان گڏ، منجھس سٺو ۽ طاقتور ڀاڻ وجھڻ ضروري آھي.
مطلب:
27.1 ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي. (سنڌي)
27.2 کاڌ پڙي تو کيت، نھين تو ڪوڙو ريت. (راجسٿاني)
28. ڀائرن، ڀاڱا لھڻا. (ساهتي، چوڻي)
ڀاءُ، هونئن ته سر قربان ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي، پر پنھنجي ڀائيواريءَ جي حصي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ماءُ پيءُ جي طرفان ڇڏيل ملڪيت جو جوڳو حصو وٺڻ لاءِ هر وقت ڏنڊو کنيو پيو ڦرندو آهي. ننڍ وڏائيءَ جو به خيال نه ڪندو آهي.
سمجهه ۾ آيو ته حق، ڀاءُ به ڇڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻيا ڪيئن ڇڏيندا؟ ڀائيواري ڪرڻ سولي، نڀائڻ اولي. ڀائيواريءَ جا معاملا وڏي احتياط سان نڀندا آهن. جاني به جدا فدا ٿي ويندا آهن.
مطلب:
28.1 اشتراڪيت جي ديڳ ڌڻي تپائي .
28.2 ڀائيواري، ڀاءُ/ زال سان به چڱي ناهي.
28.3 ڀائيوارن ڀاڱا لھڻا، توڙي هجن اڏ جا ڪانا.
28.4 ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
28.5 ڀيٽيو؛ پيءُ پٽ، ليکو.
29. ڀڳين، ڪھڙا سيڻ؟ (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
جيڪا عورت، مٽن مائٽن جي مرضيءَ خلاف، ڪنھنس ان ڀڄي نڪتي، ان جو ڪنھن سان به رشتو قائم نه ٿو رهي. جنھن رت جو رشتو ٽوڙيو، ان لاءِ دنيا ۾ باقي رشتا نه ٿا جڙيا رهن. انھيءَ سبب جي ڪري، پاڻ ته سڄي زندگي عذاب ۾ گذاري ٿي، پر سندس اولاد به سک سان نه ٿو رهي. انھن سان به ڪير رشتو نه ٿو ڳنڍي. جنھن عورت جي گهر ۾ ننھن/ نياڻو نه آيا، تنھن وٽ ڪھڙا سيڻ ايندا؟ ڀڳل عورت جا سيڻ نه هوندا آهن. جيڪڏهن هوندا ته پوءِ اهي به اهڙا ئي هوندا.
مطلب:
29.1 ڀڳل ٻانھن جا، نه ساهرا نه پيڪا.
29.2 ڀڳيءَ تي ڀئي نه هوندي آهي.
29.3 ميھار مينھن مان نڪتو، وڇن ڪھڙي پارت.
30. تڪبر، ڪنڌ ڀر (نصيحت، چوڻي)
تڪبر، آڪڙ/ غرور/ هٺ/ وڏائي انسان کي نه ٿي سونھي. وڏائي، خدا جي چادر آهي، ان کان علاوه ٻيو ڪير اها چادر اوڍيندو ته ڄڻ ساڻس همسري ڪرڻ ٿو چاهي. خدا تعالى وڏائي/ همسري ڪرڻ واري کي پسند نه ٿو فرمائي. جيڪڏهن ڪنھن وڏائي ڪئي ته کيس هن دنيا جي ته ندامت ڪرمن ۾ آهي پر آخرت جي خواري به کڻني پوندس.
مطلب:
30.1 هٺ جو گهر، هيٺ.
30.2 نمي نھار جي، کمي کائجي.
31. تندرستي، هزار نعمت (فارسي، پھاڪو)
ٿورو/ احسان ذري پرزي جو به سڃاڻڻ گهرجي. پرائو ٿورڙو/ ننڍڙو احسان ياد به رکڻ گهرجي ۽ لاهڻ جي به ڪوشش ڪجي ته بھتر آهي. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، ان جو به خير گهرجي. ان سان به چڱائي ڪجي. ان کي ڀاڻ نه ڏجي ته کيس پاڙان به نه وڍجي.
مطلب:
32. تنگواني، تنگ ماني. (چوڻي)
تنگواڻِي جي وستي (واهڻ / شهر ) ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي، جنھن کي ھن وقت تعلقي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آھي. اھو شھر ڳهڻي واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو، شاهي واهه مان نڪري ٿو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي سرحد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي پسگردائي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمين تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا. ماڻهن ۾ تنگدستي ڏاڍي هوندي هئي. جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
ٻي تاويل هيءَ ڪئي ٿي وڃي ته گڊوءَ کان جيڪب آباد ويندڙ ريل ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل جي وچ ۾ ڏاڍي رش ٿيندي هئي. خاص ڪري تنگواڻيءَ کان ٺل تائين. جنهن تان ريل ۾ ٽنگجي سفر ڪندڙن ائين مشهور ڪيو؛ “تنگواڻي، ٽنگ ماني”.
مطلب:
32.1 تنگواڻيءَ کان پوءِ ريل ۾ ماني رکڻ جي جاءِ به نه ملندي، اها به ٽنگي کڻي هلڻي پوندي.
33. ٿورو سڃاڻڻ گهرجي (ساهتي، چوڻي)
ٿورو/ احسان ذري پرزي جو به سڃاڻڻ گهرجي. پرائو ٿورڙو/ ننڍڙو احسان ياد به رکڻ گهرجي ۽ لاهڻ جي ڪوشش ڪجي ته بھتر آهي. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، ان جو به خير گهرجي. ان سان به چڱائي ڪجي. ان کي ڀاڻ نه ڏجي ته کيس پاڙان به نه وڍجي.
مطلب:
34. ٺل: آهي گل. (چوڻي)
ٺل شهر جا رهواسي، پنهنجي شهر جي انهن لفظن سان تعريف ڪندا آهن. جڏهن ته ٺل جي اصل رهواسين، ٻاهران لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾، ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. جنهن سبب، ٺل جا اصل رهواسي، ٺل بابت شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن؛ “ٺل آئي جو، ڄائي جو نه”.
جيڪب آباد شهر جا اصل باشندا به ائين چوندا آهن؛ “جيڪب آباد آئي جو، ڄائي جونه.” ٻين شهرن وارا به پنهنجن شهرن بابت ائين چئي سگهن ٿا. هونئن به ٻاهران لڏي آيل، فطرتي اصول تحت، هميشه اصل باسين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ڪندو آهي.
ٻاهران لڏي آيلن جو، ٺل بابت مختلف رايو آهي. اهي اھو ته مڃين ٿا ته “ٺل، گل آهي” پر شڪايت به ڪن ٿا؛ “ٺل، دل ڏيئي ويٺو رل” يا “ٺل، رل” يا “ٺل ڏنو ٺڪاءُ، عودي اڌواڌ” وغيره وغيره.
اهي سڀ تڪبند چوڻيون، چٿر يا ٽوڪ طوربه ٺهيل آهن. انهن جو حقيقت سان گهٽ تعلق آھي. ائين جيئن هڪڙو لطيفو مشهور آهي.
“ڪهڙي شهر ۾ رهندو آهين؟” هڪڙي ٺلاهيءَ کان ڪنهن پڇيو.
“مان ان شهر ۾ رهندو آهيان.” ٺلاهيءَ کيس ڳجهارت جي انداز ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو؛ “جنهن جي نالي کي ابتو ڪجي ته لٺ ٿي پوي”.
مطلب:
34.1 انهيءَ نموني، ٻين ڳوٺن/ شهرن بابت به چوڻيون ٻڌڻ ۾اينديون آهن.
34.2 گهوڙي جي ڦٽي وهي ٽانگي ۾، ڏاند جي ڦٽي وهي گهاڻي ۾، آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
34.3 ڌنڌ دوداپور، قهر ڪوٽڙي، ظلم زورڳڙهه. هنيل حيدرآباد ، شير شيرانپور، دائو ٻچن کائو.
34.4 ڀيٽيو؛ جيڪب آبادي، نر نه مادي.
35. پاڙوسي، وڏو مائٽ.
36. پڇن، سي پسن. (چوڻي)
ضروري ناهي ته ماڻهوءَ کي مڙئي علوم معلوم هجن. کيس هر ڳالهه جا سمورا گوشا معلوم نه هوندا آهن. جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهڻو هجي، ان بابت پڇڻ ۾ ڪو عيب ناهي. پڇڻ سان ماڻهو گهڻين غلطين کان بچي سگهندو آهي. نه پڇڻ جي صورت ۾ جيڪي غلطيون ٿين ٿيون ، تن جو ازالو ته ناهي، هٿائين خلق خواري آهي. پڇڻ سبب، ٻڌائيندڙ / رهبرن جي راءِ شامل هجي ٿي ۽ رب پاڪ طرفان مدد پڻ . نه پڇڻ سبب، نه مدد پهچي ٿي ۽ نه ئي ماڻهن جون دليون ٺريل رهن ٿيون. جنهن سبب ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿين ٿيون.
مطلب:
36.1 پڇندڙ، پسندڙ.
36.2 پڇندڙ، نه منجهندڙ
37. پڇن، سي وير. )چوڻي(
پڇڻ سبب ، ٻين ماڻهن جي راءِ ۽ ٺريل دل ، شامل حال رهندي آهي. ربّ پاڪ جي مدد پڻ انهيءَ ۾ پهچندي آهي. جنهن سان ايترو سهڪار ٿئي ، تنهن جا سمورا ڪم، خير خوبيءَ سان پورا ٿيندا آهن . ڪاميابيون قدم چمنديون اٿس. هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ سبب، وير/ شاهمير هوندو آهي.
مطلب:
37.1 پڇندڙ، ڪاميابي ماڻيندڙ هوندو آهي.
37.2 مشوري سان ڪيل ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.
38. پدرم، سلطان بود (فارسي، پھاڪو)
جيڪو وڏن جي ڪئي ڪمائيءَ تي ٽَـڏَي ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪري، اهڙي ماڻھوءَ لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
39. پـَرُ پيو، گهر ويو (چوڻي)
پـَرُ؛ پرايو، اوپرو، ڌاريو.
پـَرُ پوڻ؛ ڌاري عورت گهر ۾ اچڻ، ڌاريو عقل ذهنن ۾ ويھڻ.
پرائي مـَتِ تي هلبو يا ڌاري عورت گهر ۾ آڻبي ته گهر ۾ ڪلڪل ۽ گھپي پئي ٿيندي. ڌاريا ڇيڻاڀور به ٿيندا آهن. ڳالھين ۾ مرچ مصالحا ملائي يا ڳڙ لائي پيا ماڪوڙا بڇائيندا آهن. تنھن ڪري پرائي مـَتِ تي نه هلجي.
مطلب:
39.1 جڏهن گهر جي معاملن ۾ ڌاريا دائو دخل ڏيندا آهن، تڏهن معاملا ڦٽندا آهن.
40. پنجن ۾ پرميشور (هندي، پھاڪو)
ڪنھن مکيءَ جي پٽ کي دل ۾ آيو ته؛ ”بابي سائين کي نڪا قاعدي نڪا قانون جي سڌ، پوءِ ڳوٺ وارن ماڻھن جا فيصلا ڪئن ٿو پوريءَ طرح نبيري سگهي.“
خير، هڪڙي ڏينھن هي وڃي ڪنھن سنگتيءَ جي گهر رات رهيو. سندس سنگتيءَ کي ٻه زالون هيون. هڪڙيءَ مان پٽ هوس ۽ ٻيءَ مان ڪو ٻار ٻچو ڪو نه هوس. انھيءَ رات اهڙو ڪو ڪارڻ ٿيو جو ٻار جي رئڻ ڪري ماءُ خفي ٿي. هن کي کڻي گهٽو ڏنو ۽ هو مري پيو.
ماءُ کي پوءِ خيال ٿيو ته؛ ”مڙسم جا هن ۾ پران سو مون سان جٺ ڪندو.“ تنھن کان ڇا ڪيائين جو مئل پٽ، پھاڄ جي ويجهو ڇڏي پاڻ وڃي سمھي پيئي.
مکيءَ جي پٽ، سارو رنگ ڏٺو. تنھن دل ۾ چيو ته؛ ”هاڻ پاڻيھي بابي سائين جي خبر پوندي. ڏسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري.“
صبح ٿيو ته ڇوڪري جي ماءُ، هوءِ هوءِ مچائي ۽ پھاڄ کي پٽڻ لڳي. مڙس هي حادثو ڏسي جلي ويو ۽ پنھنجي ٻيءَ زال کي چوٽيءَ کان گھليندو پئنچات ۾ وٺي ويو. پنچات ۾ مکيءَ کي وڃي چيائين ته؛ ”هن ڏائڻ منھنجو سڪيلڌو پٽ ماريو آهي. تنھنڪري پئنچات جيسين هن جي کل، بھه سان ڀرائي هن کي درياهه ۾ نه لوڙهائيندي، تيسين منھنجي اندر کي ٺار نه پوندو.“
مکيءَ جو پٽ به پنچات ۾ ويو هو. سو دل ۾ پيو چوي ته؛ ”اجها ڪي ڪجها، ڏسان ته بابو سائين ۽ پئنچ ڪھڙو ٿا فيصلو ڪن.“
مکيءَ ۽ پئنچن پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري، هن مرد کي چيو ته؛ ”پنھنجي ٻيءَ زال کي به گهراءِ.“ جڏهن ڇوڪري جي ماءُ آئي، تڏهن مکيءَ پڇيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ، برابر تنھنجو پٽ ماريو آهي؟“
زال چيو ته؛ ”هائو“.
مکيءَ پوءِ هن تھمتڻ کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تو تي خون جي تھمت پوري پوري آهي پر جي تون رڳو پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تو کي ڇڏي ڏيان“.
زال وراڻي ڏنيس ته؛ ”مونکي موت قبول آهي پر آءُ اهڙو ڪم نه ڪنديس.“
مکيءَ پوءِ ٻي زال کي پاسيرو وٺي چيو ته؛ ”تنھنجي پھاڄ ڏوهه نٿي قبولي پر جي تون پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته پوءِ تنھنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري تنھنجي پھاڄ کي سزا ڏيان.“
زال چيو ته؛ ”ائين ڪرڻ کان لڄ ٿي اچي پر جڏهن توهان جي اهڙي مرضي آهي تڏهن مونکي ائين ڪرڻ کان عار ڪونھي.“
مکيءَ پوءِ سڀني پئنچن سان اها ڳالهه ڪئي. هنن پوءِ فتوى ڏني ته هن نر-لڄئي پنھنجو پٽ پاڻيھي ماريو آهي، تنھن ڪري هن کي سزا ملڻ گهرجي. هيءُ فيصلو ٻڌي مکيءَ جي پٽ چيو ته؛ ”پئنچن ۾ پرميشر آهي. نه ته ههڙا معاملا جيڪر هو ڪيئن نبيري سگهن؟“
ھونئن به خدا تعالى وڏڙن جي صلاح مشوري ۾ ئي، مصلحت رکي آهي. ننڍا ڀلي ڪيڏا نه پڙهيل ۽ هوشيار ڇو نه هجن، وڏڙا ڀلي ڪيڏا اياڻا/ اڻ پڙهيا ۽ اٻوجهه ڇونه هجن پر وري به ننڍن کي وڏن جو ادب ڪرڻ لاءِ حڪم آيل آهي. انھيءَ ۾ ئي حڪمت آهي، مصلحت آهي. برڪت آهي، پنھنجي پر ڪرڻ ۾ ڪا مصلحت/ چڱائي ڪانھي.
مطلب:
40.1 پئنچن ۾ پرميشور.
40.2 جڏھن پنج يا پنچ يا پئنچ پاڻ ۾ گڏجي، ڪنھن معاملي تي صلاح مشورو ڪن يا فيصلو ڪن ته ان ۾ ئي خير برڪت هوندي آهي.
40.3 پئنچ جھان پرميشر.
40.4 پئنچه مکه پرميشر.
40.5 زبان خلق، قپان خدا.
40.6 بجا ڪھي جسي عالم، اسي بجا سمجهو، آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو.
41. پوهه، کلن کوهه (هندي، چوڻي)
هندي ڏهون مھينو، ڊسمبر ۽ جنوريءَ ڌاران اچي. منجهس سيءَ/پارا جام پون. ڪم ڪار واري ماڻھوءَ جا هٿ، پاري ۾ کلن سميت کوهجي پون. کوهه مان مراد، کوهجڻ آهن. مطلب گهڻي سرديءَ/ پاري سبب چمڙي کوهجي/ ٽرڙ ٿي وڃي ٿي .
مطلب:
42. پوهه، لاڻا لوهه (ٿر، چوڻي)
پوهه جي مھيني ۾ اڏي ته ٿڌ ۽ پارا پوندا آهن جو گاهه به سڪي سڙي ويندا آهن. هر شيءِ لوهه/ سُڪَ ٿيو وڃي. اٺ جي کائڻ جو گاهه آهي لاڻو، جيڪو لوهه وانگر سخت/ بيڪار ٿيو وڃي. مطلب ته پوهه مھيني ۾ سخت سيءَ/ پارا پوندا آهن .
مطلب:
42.1 پوه نه ڳڌئي ٻڪري، مانگهه ڳڌئي نه ڏاند.
42.2 پڇي وت ڪريندو ٻڪري تي وت ڪريندو ڏاند.
42.3 پوهن رڌي، مانگهن کاڌي.
42.4 پوه، هڪ کاءُ ٻي جهوءِ.
43. پھريون ملھه، کستوري (واپاري، چوڻي/پھاڪو)
واپاري دنيا ۾ هر شيءِ جو ملهه اهو آهي، جيڪو پھرينءَ سٽ ڪٿيو وڃي. اٿندي ئي جيڪو اگهه پوي ٿو، ان کان گهٽ ڪڏهن به نه ٿو ٿئي. سٺو اگهه آهي ته آخر تائين برقرار رهندو. خراب اگهه ڪيائين ته آخر تائين ڪونه چڙهندو. مارڪيٽ ۾ شيءِ آڻڻ يا Introduce ڪرڻ کان اڳي، ان تي تحقيق ڪجي. بعد ۾ مارڪيٽ ۾ آڻجي.
مطلب:
43.1 پھرين ڌيءَ، پٽ برابر.
43.2 پاڇاٽي پٽ کان، آڳاٽي ڌيءَ ڀلي.
43.3 ور ته پھريون ور، ٻيو آهي ڪارنھن جو ٺِڪر.
44. پسئو، پرين آهي (ساهتي، چوڻي)
پئسي ۽ پرينءَ کي ڪير به پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. نه ئي وري مٿن ٻئي جي نگهه برداشت ڪرن لاءِ تيار هوندو آهي. هرڪو کين سانڍڻ لاءِ وس ڪندو آهي. پئسي کي ته وڌائڻ لاءِ رات ڏينھن ڪوشش به ڪندو آهي .
مطلب:
45. پيءُ پٽ، ليکو (ساهتي، چوڻي)
دوستي/ياري/ مٽي تڏهن برقرار رهنديون، جڏهن آداب مِلحوظ رکندي، ڪس ڪسر کائيندي، ليکو/حساب ڪتاب سڌو رکبو. جيڪڏهن ليکي ۾ ٿورو به رولو/ ڦير ڦار هوندو ته سنگت/ مٽي مائٽيءَ ۾ ڦوٽ/ڏار پئجي ويندي. حساب ڪتاب سڌو هوندو ته پراوا به پنھنجا ٿي پوندا. حساب ڪتاب ٽيڙو هوندو ته ڀائر به کنا کيڙا ٿي ويندا. ايستائين جو پيءُ ماءُ کي به پتي تي نه پئبو. پيءُ ماءُ کي به اهو پٽ وڻندو، جيڪو ڀلي ڪاڻو هجي پر کاٽو هجي.
مطلب:
45.1 ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
45.2 ليکو آ چوکو، چوکو آ پريت.
46. جاڳ، لڳئي ڀاڳ (سرو، چوڻي)
ڀاڳ جو تعلق نه حسن سان، نه محنت سان، نه قد ڪاٺ سان، نه ذات پات سان آهي. ان جو تعلق قسمت سان آهي. قسمت ان جي ڀلي ٿيندي، جيڪو محنت ڪندو. هٿُ هٿَ تي رکي ويھڻ واري جو ڀاڳ به سمھي پوي ٿو. خدا تعالى به ڪنھن قوم جي حالت تيستائين نه ٿو بدلائي، جيستائين اها قوم پنھنجي حالت نه ٿي بدلي. تبديلي چاهڻ واري کي، سجاڳي اچڻ کان پوءِ ئي ڀاڳ لڳندو آهي.
مطلب:
46.1 ڌن/ ڀاڳ آهي ڇتو ڪتو، جنھن کي کائي.
46.2 جاڳندن وڇون، ستن ڪوهان.
46.3 اشتداقي، نه خالي.
46.4 صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري.
آڻ هزاري، چڙهي ڪيون هسواري.
47. جان ته جھان (طبي، چوڻي)
هن جھان جو هجڻ، ڪنھن جي به جان هجڻ سان منسلڪ ناهي. هرهڪ جان جو تعلق، هن دنيا سان ضرور آهي. جھان جي هجڻ سان، جان جي حيثيت آهي. ٻيءَ صورت ۾ جڏهن ماڻھو جيئرو آهي ته جھان به آهي. مئي پڄاڻا، مري وئي سڄي دنيا.
مطلب:
47.1 مئي پڄاڻان، سج اڀري نه اڀري.
47.2 مئي پڄاڻان سج اڀري نه ته ٻي جهاني.
48. جان ته جوان (طبي، چوڻي)
جان/سرير/ جسم هجي ته سگهو/ جوان هجي. ڪراڙي/ ٻڍي سرير مان ڪھڙو فائدو؟ نه پنھنجي ڪم اچي سگهي، نه ٻين جي. هٿائين ٻين جو محتاج رهي ٿو. ٻين جو محتاج رهڻ به آهي ٻين کي بت مان بيزار ڪرڻ. جنھن سرير مان سڀڪو بيزار هجي. ان مان ڪھڙو فائدو ؟
مطلب:
49. جاڻ ته جواڻ (طبي، چوڻي)
طب جي دنيا ۾ جاڻ جي لاءِ چيو ويو آهي ته طاقت/ گرمي بخشي ٿي. جنھن سان جوانيءَ وارا مزا ماڻي سگهجن ٿا. جاڻ سرديءَ ۾ واپرائي ويندي آهي. جواني ۽ تازگي واپس اچيو وڃي.
مطلب:
49.1 سرير سگهو، سنسار سگهو.
50. جڙيءَ کي جس (سنڌي، پھاڪو)
دنيا جي تختي تي، هر انسان آيو ته اڪيلو ۽ هٿين خالي آهي پر کيس رهڻو ٻين سان گڏجي ۽ ڀريل هٿن سان آهي. هر ڏکئي وقت ۾ صبر ڪري، ٻين سان ٺھي هلڻ، چڱو ڪم ته آهي پر ڏکيو به ڏاڍو آهي. اهڙو ڏکيو ڪم ڪرڻ واري ماڻھوءَ کي جس/ شابس هئڻ گهرجي .
مطلب:
51. جگر، نيٺ جگر (سرو، چوڻي)
جگر ؛ مٽ/ عزيز/ رت جو رشتيدار، ڪڏهن به بي وفا نه ٿيندو. وقتي ناراض ٿيندو پر پاسو نه ڇڏيندو. ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ چنبڙيو ضرور ايندو. ڌارئي وانگر ڌڪ هنيو، دور نه هليو ويندو. ڪٿي به هوندو، هر وقت پيو ياد ڪندو/ رهندو. ماريندو ته به ڇانءَ ۾ رکندو، اس ۾ نه اڇليندو.
مطلب:
51.1 پنھنجو ماري ته به ڇانءَ ۾ اڇلي.
51.2 پنھنجو آخر وري به پنھنجو آهي.
51.3 ڀيٽيو : ڌاري، وجهي گهاري.
52. جماعت ۾ ڪرامت (لاڙ، چوڻي)
اڪيلو ماڻھو، شيطان جو گهر آهي. پنھنجي اڪيلي/ نويڪلي جھنم ۾ ٿو رهي. جنت کان دور، ذهني طرح بي سڪون رهي ٿو. ان جي برعڪس گڏجي رهڻ واري کي آٿت ملي ٿو. ذهني سڪون رهيس ٿو. غم ورهائجي وڃنس ٿا. ڪم سؤلا ٿي پونس ٿا. ٻين کي ڪم اچڻ جي ڪري، مالڪ مٿس مھربان ٿيو پوي. جيئري جنت مليس ٿي. اڻ ٿيڻا ڪم ٿي پونس ٿا. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڪرامت؟
مطلب:
52.1 اڪيلو چڻو، ڪھڙا بٺ ڀريندو.
52.2 اڪيلو ماڻھو، جنت ۾ بيزار.
52.3 جيڪڏهن چاهين ته ڪامياب ٿيان ته جماعت سان همرنگ ٿي.
53. جواريءَ، ميٺي هار (سرو، پھاڪو)
جواريءَ کي جوئا تي اڪسائڻ ۾، وڏي ۾ وڏو هٿ کَٽَ جو آهي. کٽي نه ته کيڏي ڇو؟ کٽندو تڏهن، جڏهن اڳلو هارائيندو! اڳلو به ڪنھن اميد تي هارائيندو آهي. اميد اها ته؛ مور به موٽائيندس ۽ ٻيڻا ڪري کٽندس به ٻيڻا ڪري کٽڻ جي خوشيءَ/ جواز تحت، هارائڻ کيس مٺو لڳندو آهي. جيئن شڪاري پکي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪيءَ ۾ داڻو ڇٽيندو آهي، تيئن هارائيندڙ جواري به هار کي چُوڻي طور سمجهندو آهي .
مطلب:
53.1 جواري کٽيندو ڀلو.
53.2 هارڻ وار يجو اڌ منھن ڪارو، کٽڻ واري جو سڄو.
54. جواهر پرکي جوهري (سنڌ، پھاڪو)
شيءِ جو قدر، قدران ئي ڄاڻندو آهي، يا اهو ڄاڻي سگهندو، جنھن منجهانئس جوڳو فائدو ورتو هوندو. جنھن فائدو/ مزو ورتو ئي ناهي، ان کي ڪھڙو قدر/ ڪھڪاءُ. ڪسوٽي رکندڙ ئي ڪسوٽي هني سون/ روپي/ چانديءَ/ موتيءَ جو مُلهه ڪٿي سگهندو آهي .
مطلب:
54.1 شيشه گر ڇا ڄاڻي قدر جواهر جو.
54.2 عالم جو قدر عالم يا طالب العلم ڄاڻي.
54.3 جواهر پرکي جوهري، ٻيو پرکي پاتشاه (هندي)
54.4 جواهر پرکي جوهري، ٻئي جي ڇا مجال؟ (ساهتي)
55. جوڳي رمتا ڀلا (هندي، پھاڪو)
صاف شفاف پاڻي، جيڪو گهڻين ئي شين جي گندگيءَ کي ڌوئي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي، سو به بيٺي ڌپ ڪري ويندو آهي. جوڳي/ ساڌو/ فقير/ درويش به تڏهن ڀلو/ فائديمند لڳندو آهي، جڏهن هلندو رهي. هڪ هنڌ ٽڪي نه بيھي. جيڪڏهن هڪ هنڌ اٽڪي بيھي رهيو ته بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپ ڪري ويندو. منجهانئس درويشيءَ واري خوشبوءِ/ صفت ويندي رهندي.
مطلب:
55.1 پاني بھتا ڀلا، ساڌو رمتا ڀلا.
56. جيسوءَ کي تيسو (هندي، چوڻي/ پھاڪو)
دنيا ۾ ماڻھو، جيئن ٻين سان ورتاءُ ڪري ٿو، موٽ ۾ ٻيا به ساڻس تيئن ورتاءُ ڪن ٿا. چڱي هلڻ واري سان، دنيا چڱو هلي ٿي. بري هلڻ واري سان هرڪو برو هلي ٿو. ٻين سان ڀلائي ڪبي ته هرڪو ڀلائي ڪندو. منجهيل ڪم به سلجهندا هلندا.
مطلب:
56.1 جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل،
لوها کا گيا گهن، ڇوري ڪو ليگئي چيل.
56.2 جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي،
اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي.
57. جيءَ ته جھان (طبي، چوڻي)
جھان جون خوشيون ان کي محسوس ٿين ٿيون، جنھن کي اندر جي خوشي حاصل آهي. جنھن کي اندر جي خوشي ميسر ناهي، تنھن کي ٻاهر جي خوشيءَ جو سواد حاصل ناهي. جيءُ/جان/صحت هجڻ سان، جھان جي موجودگيءَ جو احساس بيدار ٿئي ٿو. پنھنجي جان وڃڻ کان پوءِ، ٻيءَ جھانيءَ جو احساس مريو وڃي .
مطلب:
57.1 جيءُ خوش، جھان خوش.
57.2 مئي پڄاڻا، مري ويئي دنيا.
57.3 مئي پڄاڻان، سج ئي نه ٿو اڀري.
57.4 ڀيٽيو؛ جان ته جوان.
58. ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (سنڌ، چوڻي)
ڄاٽو/ نياڻو، جيڪڏهن سڃو آهي ته ابتي ڏاٽي وانگر پيو وڍيندو. پاڻ سنڌو نه چوندو ته زال جي معرفت پيو مال ڇڪيندو ۽ هڪيون پٽيندو. ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پيو ساهرن کي تنگ ڪندو. مال نه مليس ته زال کي پيو ماريندو. جنھن سان وري به نياڻيءَ جا پيءُ ماءُ پيا ڏکاربا.
مطلب:
58.1 ڄاٽا ابتا ڏاٽا، ھتي کائي اڦراٽا، ھتي وڃي ڦاٽا.
58.2 ڄاٽي وڻ ھڪڙو، ڄاٽي وڻ ٽيھ، شال نه ڄمي ڌيءَ، جا ڏجي پرائي پٽ کي.
58.3 ناٺي آھي ڪاٺي، پيو ھر ھر چڀي.
58.4 ڌيءَ پيڪي گھر جي ڏائڻ، ناٺي سھري گھر جو ڪتو.
59. ڄاٽو، ڌونئرو مٺو (سنڌ، چوڻي)
ڄاٽو ؛ ڄاول/ نياڻو. جيڪڏهن ڌونئرو ڄمي پوي ته به مٺو، جيڪڏهن ڏڪر جي دور ۾ چڱو نياڻو ملي پوي ته به ڀلو. جيڪڏهن نياڻو ڌونئري وانگر اڦرڪيل/ کٽو/ڦوڪيل آهي ته به مٺو پيو لڳندو آهي. سھرو ۽ سس، نياڻيءَ جي ڪري، کيس اکين ۾ پيا جايون ڏيندا. ڪھڙو به اينٿرو ڄاٽو/ نياڻو هوندو، ته به کين پيو وڻندو ۽ ٻيا طرفداري ڪندس.
مطلب:
59.1 پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون.
60. ڄايا، کلڻ آيا (سرو، پھاڪو)
پيٽان ڄاول يا هٿان نڪتل عمل کي ڄايو سڏبو آهي. جيڪڏهن ڄڻيو اولاد/ عمل، بد هوندو ته راڄ کلائيندو. جيڪڏهن ڄڻيو اولاد/عمل نيڪ هوندو ته راڄن ۾ عزت/ ناموس وڌائيندو. انسان ڪيڏو به محتاط رهي، پر سندس جسم مان نڪتل هر شيءِ/ عمل ۾ غلاظت رهجي ئي ويندي آهي، جنھن سبب مٿس کل/ ٺٺول به ٿيندي آهي .
مطلب:
61. ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)
ڄيٺ: هندي ٽيون مھينو. جون جي پڇڙيءَ کان شروع ٿئي. هن مھيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروع کان چوماسي جون هوائون شروع ٿينديون آهن. اهي هوائون موسمي برساتون آڻينديون آهن. جن جي اثر ڪري، لڪون ٿڌڙي هير ۾ بدلجي وينديون آهن. جنھن جي ڪري اکيون ڳھر ڳھهيل هونديون آهن. ننڊ تمام گهڻي ايندي آهي. انھيءَ مھيني ۾ انب تمام زور مٺا ٿيندا آهن. اکين ۽ لڱن کي هوائون ٺاري وجهنديون آهن .
مطلب:
61.1 ڄيٺ، انبن ميٺ.
61.2 ڄيٺ، لڱن ميٺ.
62. جهنگ، آهي ننگ (هندي، چوڻي)
اڪيلي رهڻ کان، ماڻھن جي جهنگ ۾ رهڻ بھتر آهي، مڙيئي وقت گذري ويندو. هڪڙن کان ڏک ملندا ته ٻين کان مرهم ملي ويندو. هڪڙا پوتي/پلو/پٽڪو لاهيندا ته ٻيا ننگ رکندا/ ڍڪيندا. جيڪڏهن لڄن جا لٽيرا آيا ته ننگ پال به اچي ميدان ماريندا. بھرحال انھيءَ جهنگ ۾ رشتن ناتن جو اهڙو ته ربط ۽ تاڃي پيٽو اڄيل آهي جو ڪير به ڪنھن سان بي واجبي/ کينس ڪري، سک سان ويھي نه سگهندو. اهڙي جرئت ڪرڻ واري کي سر تان هٿ کڻڻو پوندو .
مطلب:
63. جهنگ، پنھنجا رنگ (هندي، پھاڪو)
جانورن جي جهنگ جا ته پنھنجا رنگ آهن پر ماڻھن واري جهنگ جا به عجيب رنگ/ ڍنگ آهن. منجهس اهڙي ته رنگيني رکيل آهي جو ڪير به اتان ڀڄڻ نه چاهيندو. مجبور ڪبس ته به اها رنگين دنيا ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. دنيا کي دورنگي سڏيو ويو آهي. لڳي ٿو ته ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. اصل ۾ دنيا جا الائي ڪيترا رنگ آهن، الائي ڪيترا روپ اٿس.
مطلب:
64. چِٽ، ڪڍي ٽِٽ (ساهتي، چوڻي)
چِٽ، اونھاري جي آخر ۾، سيپٽمبر آڪٽوبر ڌاران ٿيندي آهي منجهس رات ٿڌي، ڏينھن تکو ٿيندو آهي. ڏينھن ۽ رات جي تڪڙي ڦرندڙ گرمي پد سبب، بيماريون منھن ڪڍنديون آهن. ماڻھو حڪمين/ طبيبن/ڊاڪٽر جي ور چڙهي ويندو آهي. رات جو ٻاهر سمھن سان مڇر پٽيندا آهن ته اندر گرمي ٿيندي آهي. رات جي پوئين پھر ۾، ٻاهر سمھڻ واري ٿڌ سبب ليس يا زڪام ٿيو وڃي. اندر پکو هلائي سمهه ته به مڇر نه مڙن. ڏينھن تي تک، رات جو ٿڌ، ڏينھون پگهارا، راتون پارا. چڱو ڀلو به بيمار ٿيو پوي.
مطلب:
64.1 چٽ، نه ڪنھن جي مِٽ.
65. چيٽ، لڱن ميٺ (هندي، ٿر، چوڻي)
چيٽ ؛ هندي پھريون مھينو، مئي ڌاران ايندو آهي. بھار جي پڇڙي هوندي آهي. انبن پچڻ جي مند هوندي آهي. پوربي هوائن جي ڪري، صبح جو ٿڌڙي هير گهلندي آهي. لڱ ل ٺري پوندو آهي. هر مڇي پيٽ سان هوندي آهي. انگريزيءَ جا اهي مھينا، جن ۾ (آر) اکر نه اچي، تن ۾ مڇي آنا/ ٻچا ڏيندي آهي ۽ کائڻ ۾ لذت نه هوندي اٿس.
مطلب:
65.1 چيٽ، ننڍي وڏي پيٽ.
65.2 چيٽ آهي پيٽ، ڪتي نر فصل.
66. ڇُٽاڻي، ڳاٽي لڙيو. (چوڻي)
ڇٽاڻي، کوسا قوم جو پاڙو. ان جا اڪثر ماڻهو حياداريءَ سبب، هڪ پاسي ڪنڌ جهڪائي هلندا آهن. جنهن تان سندن لاءِ اها چوڻي رواج ۾ آئي آهي
مطلب:
67. ڇڙو، ٿڌو گهڙو (چوڻي)
ڇڙن جو ڪوبه جھان ڪونھي. ڇڙو ماڻھو، پرڻيل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرم ۽ چڙچڙو هوندو آهي. ٿڌو گهڙو ٿيڻ لاءِ کيس شادي ڪرڻي ئي پوندي.
ڪي ماڻھو شادي ڪرڻ جي پاڻ ۾ هام نه ڀانئيندا آهن. شادي ڪرڻ سان ٻارن جي جنجهٽ ۾ جان جلائڻ آهي. پاڻ کي ٿڌي گهڙي سان تشبيھه ڏيڻ جھڙا اصطلاح به دليل جي طور تي پيا گهڙيندا ۽ ٻڌائيندا آهن.
مطلب:
67.1 ڇڙي کي نه ڪو جنجهٽ نه ڪا ڳڻتي.
67.2 ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائي.
67.3 ڇڙي کي نڪا جهوري جهنگ جي، نڪا ثمر/ سمر سندي تات.
68. ڇورو، پاڻ زورو (ساهتي، چوڻي)
اهو ٻار جنھن جو پيءُ يا ماءُ يا ٻئي مري ويا آهن، تنھن کي ڇورو سڏبو آهي. يتيم/ ڇورا ٻار، احساس محروميءَ جو شڪار هوندا آهن. ڪنھن جي به غرض/ ڪاڻ نه ڪڍندا آهن. پنھنجي مرضيءَ سان اٿندا ويھندا آهن. نه ننڍو هوندو اٿن نه وڏو. پنھنجي وِت/ وس/ طاقت کان ٻاهر پيا ڪم ڪندا آهن. نه ڪنھن جي جهل ۾ هوندا آهن، نه ڪنھن جي پل ۾، دنيا جا گهڻا تڻا انقلاب، يتيم ٻارن جي هٿارئون آيا آهن. يتيم، جسماني/ دماغي/ زباني/ نفسياتي طور تي سڀني کان ڏاڍو/ زور هوندو آهي. سندس آهه عرش ڏڪائي وجهندي آهي.
مطلب:
69. حال، پريان نال (سنڌ، چوڻي)
دوستن/ پرين/ دل گهرين کان اصلي/ حقيقي حال نه لڪائجي. سندن سامھون، دل جو حال کولي رکجي. پنھنجي عيبن تي ڪوڙ/ ٺڳيءَ/ دوکي/ دولاب جا پردا نه چاڙهجن. حال محرم/پرينءَ جي نظرن ۾، پردا ڪيرائي وجهندا آهن. دل گهرين آڏو، دل جي گهراين سان پيش ڪيل، عيب صواب/ ڪمي ڪوتاهي لڪيو به وڃي، اصلاح به ٿيو وڃي ۽ کانئن آٿت به مليو وڃي.
مطلب:
69.1 پرين سان حال، دشمن سان شان.
69.2 منھنجي ٻلي، مون سان ڪري ميائون (ابتو)
70. حرڪت ۾ برڪت (سنڌ، پھاڪو)
دنيا ۾ جيڪا به ترقي/واڌ/ برڪت پئي آهي، سا حرڪت جي مھربانيءَ سان ٿي آهي. ڪابه تحريڪ/ انقلاب بنا حرڪت/ تحريڪ جي وجود ۾ نه آيو آهي. انسان بذات خود به، حرڪت کان پوءِ معرض وجود ۾ آيو آهي. حرڪت جا ٻه قسم آهن. هڪ ڪارائتي ۽ ٻي بي ڪار/ نقصانڪار. ٻنھي ۾ برڪت پوندي آهي. ان لاءِ بھتر آهي ته بي ڪار جي ڀيٽ ۾ ڪارائتي حرڪت اختيار ڪرڻ گهرجي. ڇو جو حرڪتي ماڻھو، ٻين جي نظر ۾ چڙهي ويندو آهي. مطلب:
71. حڪومت، فيل مست (سنڌ، چوڻي)
فيل/ هاٿي وزنائتو ۽ طاقت وارو جانور آهي. وزن به ججهو کڻي سگهندو آهي. جنگين ۾ ڪم ايندو هيو. دشمنن جي لشڪر کي تھس نھس ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هيو. جڏهن هاٿي مست ٿيندو هيو ته پوءِ وٺ جو ته هوندو ئي نه هيو. حڪومت جو مثال به ان فيل مست هاٿيءَ جھڙو آهي. ساڻس مھاڏو اٽڪائڻ، سر وڃائڻ برابر آهي.
مطلب:
72. خفي سان نفعو (سرو، چوڻي)
خفو/تڪليف/محنت ڪرڻ سان ئي مانُ ملي ٿو. قدر ٿئي ٿو. ڪمائي ٿئي ٿي. نفعا/منافعا ملن ٿا. خفو نه ڪرڻ وارو، آخر ۾ خفي ٿئي ٿو. ڪير به سندس مددگار نه ٿو ٿئي. آخر وڏي جھول جي زندگي گذار ٿو.
مطلب:
72.1 خفي ۾ نفعو.
73. خوشخطي، اڌ علم (فارسي، چوڻي)
وڌيڪ علم، اهو حاصل ڪري سگهندو، جيڪو اکرن جو علم ڄاڻي ٿو. مطلب ته لکي پڙهي ڄاڻي ٿو. جيڪو لکڻ/ پڙهڻ کان عاري آهي، سو علم ڪين حاصل ڪري سگهندو. هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي ته علم حاصل ڪرڻ جو دروازو، اکرن جو علم آهي. اکر، پڙهي ڄاڻڻ وارو، لکي به ڄاڻندو آهي. جنھن جا هٿ اکر جيترا سھنا هوندا، اوترو ئي اهو شوق سان لکڻ پڙهڻ سان وچڙندو. سٺن اکرن جي شوق ۾ ڪيترائي علوم لکي، انھن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ويندو. پڙهڻ جي ڀيٽ ۾، لکڻ سان وڌيڪ علم حاصل ٿئي ٿو ۽ پڪو ٿئي ٿو. سٺن اکرن وارو، اڌ علم حاصل ڪرڻ وارو آهي.
مطلب:
73.1 اکر، اڌ علم آهن.
74. دال، ٻچڙي پال. (سنڌ، پھاڪو)
دال، عرف عام ۾ سستي ڀاڄي آهي. مھمان مڙو اوچتا اچي ويا، ته به دل کي لھر نه لوڏو. دال ۾ پاڻيءَ لپ سرس وجھي ڇڏبي ته ٻچن سنئين مھمان به کائي چڙھندو ۽ راضي به ٿي ويندو. ميزبان اجايي الڪي کان ڇٽي پوندو.
جڏهن درياه مٿان بند نه ٻڌا ويا هيا، تڏهن ڪچي جو علائقو جام ٻڏندو هيو. ٻوڏ سبب چڻا ۽ مٽر جام ٿيندا هيا. وافر مقدار ۾ هئڻ سبب چڻو ۽ مٽر سستا هوندا هيا. غريب غربو، سال لاءِ گهر ۾ دال لپ هٿيڪي ڪري رکندو هيو. مال متاع سميت پيو پيٽ گذر ڪندو هيو. دال کائڻ سبب، مال سگهارو هوندو هيو ۽ منجهس کير مکڻ جام ٿيندو هيو. مارو ماڻھو دال تي پليل جانورن جي کير مکڻ تي، پلجي مھوڙ ٿي پوندا هيا.
مطلب:
74.1 دال، غريبن جي گذران جو ذريعو آھي.
74.2 دال کان سادو ۽ سستو کاڌو، ٻيو ڪونھي.
74.3 واھ ڙي دال، تنھنجي ڪجي ڪھڙي ڳالھ!
74.4 ڏندڻ هيندي ڏند گسن ته گسڻ ڏي،
ڦڻي هيندي وار کسن ته کسڻ ڏي،
دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي،
حق سچ چوندي يار رسن ته رسڻ ڏي.
75. دام، ڪري ڪام. (هندي، پھاڪو)
دام: دمڙي، اگهه، پئسو. داڻو، ڪوڙڪي.
هندو واپارين جي چوڻي آهي. سندن خيال آهي ته سمورا ڪم، اگهه يا پئسو ٿو ڪري. جيڪڏهن قوت خريد نه هوندي ته ڪا به شيءِ خريد ڪري نه سگهبي. ان شيءِ مان ملندڙ فائدي مان بهره ور تڏهن ٿي سگهبو، جڏهن اها شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ، دام يا دمڙي هوندي. ڏکئي ماڻھوءَ مان به ڪم تڏھن ڪڍي سگھبو، جڏھن اھو دام يا ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندو. جيڪو اٽڪلي قسم جو ماڻھو، اھڙي قسم جي ڪوڙڪي اڏي سگھي ٿو، سو سڀ ڪم ڪري سگھي ٿو.
مطلب:
75.1 دام ڪري، سؤ ڪام.
75.2 دام ڪري، سو ڪام.
75.3 دام ڪر، سب ڪام. (ھندي)
75.4 ڀيٽيو: ڌن بسيار، واپار.
76. دستيءَ کي مستي (سرو، پھاڪو)
دستي، نون نوٽن جي گڊيءَ کي دستي سڏبو آهي. اها جنھن جي به کيسي ۾ پوي، تنھن ۾ نئين رَتُ/ نئين جواني/ نئين رُتِ/ نئون روح پئجي ويندو آهي. ان آيل نواڻ سبب، مست ٿي پوندو آهي ۽ ڪنھن جي جهل پل ۾ نه هوندو آهي جيڪو جيءَ ۾ ايندو اٿس، سو ڪري گذرندو آهي.
مطلب:
77. ڌاري، وجهي گهاري (سنڌ، چوڻي)
ڌارين سان مٽي ڪري، ڌاري عورت گهر ۾ آڻبي ته پنھنجن کان پري وڃي پئبو. ڇو جو ڌاري عورت جي خواهش هوندي ته مڙس کي پنھنجو ڪيان ۽ پنھنجو راڄ هجي. جتي سندس پيڪا آسانيءَ سان اچي وڃي سگهن. سھوليتون وٺي سگهن. اها ڳالهه مرد ۽ ان جي مائٽن کي نه وڻندي ۽ نه ئي سھي سگهندا. نتيجي ۾ فتنو ۽ ڦوٽ پوندي. ان جي برعڪس پنھنجن مان شادي ڪبي ته اها عورت هرحال ۾ پئي گذاريندي. ڏک ۾ توڙ ي خوشيءَ ۾ ويٺي هوندي. ڌاريءَ وانگر، ڇني ڌار ڪرڻ وارا ترڪتال نه ڪندي .
مطلب:
77.1 پنھنجي، سھنجي.
77.2 ڳوٺ جي ڪتي، موٽي اچي ڏر کڻندي.
77.3 ڌاريءَ جو پير ڪاريءَ تي.
78. ڌرمي، ٿيا ڀرمي (هندي، پھاڪو)
وهمن ۾ گهڻو ڪري اهي وچڙندا آهن، جيڪي پاڻ کي ڌرمي سمجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن برائيءَ ۾ اهو ڦاسندو آهي، جيڪو ان برائيءَ جي خلاف جھاد ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح مذهبي غلط رسمن خلاف مھم هلائڻ وارا، پنھنجي منزل تي رسڻ کان اڳي، ٻين غلط رسمن ۾ اڙجي ويندا آهن. وهم/ گمان ۾ ڦاسجي ويندا آهن. اڪثر وهم/ گمان، گناهه هوندا آهن ۽ گمراهين ۾ گھلي ويندا آهن.
مطلب:
79. ڌن بسيار، واپار (هندي، واپاري، چوڻي)
جڏهن ڌن گهڻو هجي ته واپار ڪجي. ٿوري ڌن سان واپار نه ڪجي. ٿوري ڌن واري کي محنت مزوري ڪرڻ گهرجي. ان سان ئي سندس سٺو گذران ٿيندو. ٿورو پئسو پاڇي ڪري رکڻ گهرجيس. پاڇي ڪرڻ بجاءِ سيڙائندو ويندو ته ڏاڍي تنگي/ تڪليف ٿينس. ڇو جو پئسو پئسي کي ڪمائيندو آهي. گهڻو پئسو محنت سان نه پر پئسن ۽ حرفت سان ڪمائبو آهي. گهڻا پئسا ٿورن کي ڪمائيندا آهن. ٿورا گهڻن کي نه .
مطلب:
79.1 زر بسيار، واپار.
80. ڌيئون، آهن ڊڀوريون (ساهتي، چوڻي)
ڊڀ ۽ ڌيئر جلد وڌندا آهن. جلدي اسرندا، نسرندا ۽ ڦرندا آهن. جلد ڀُتا به ٿي ويندا آهن. تنھنڪري ضروري آهي ته نياڻي جلدي اٿارجي. ويھارڻ سان جلد فنا ٿي ويندي. نه پاڻ ۾ جوت رهندس، نه وقت سر اولاد ڄڻي سگهندي. نه مڙس جي دل وٺي سگهندي، نه گهر ڪري سگهندي. نه آخري وقت چڱو گذرندس.
مطلب:
81. ڏاڍو، سو گابو (سنڌ، پھاڪو)
ڏاڍي/ زور آور/ طاقتور/ مڙس ماڻھوءَ جي ڀيٽ، گابي سان ڏني ويندي آهي. هندو مذهب ۾ گابي جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. انھن جي تصوير ۾ گابو، هر ڪاهڻ، زمين سنوارڻ، ڳاهه ڳاهڻ وغيره جي ڪم اچي ٿو. جنھن ڪري کائڻ لاءِ ڪجهه ملي ٿو .
اهڙيءَ طرح ڏاڍو مڙس به ڪن جي لاءِ روزي/ رزق ۽ دفاع وغيره جي ڪم اچي ٿو. ان ڪري ان جي حيثيت به گابي جھڙي آهي .
مطلب:
81.1 ڀلي ڄايو گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو (هندي)
82. ڏٺا، منھن مٺا (ساهتي، چوڻي)
جن ماڻھن کي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ڏسبو آهي تن کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ دل گهرندي آهي. انھن سان اُنسيت پيدا ٿي پوندي آهي. جڏهن ٻيھر سامھون ايندا آهن ته ساڻن ڳالھائڻ لاءِ به دل گهرندي آهي. تجسس سان بيھي کين ڏسبو آهي. دل ۾ هنڍائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. نيٺ اهو به سوچي وٺبو آهي ته ساڻن ڪاٿي ملاقات ٿيل آهي .
مطلب:
82.1 ڏٺا، مٺا ٿيندا آهن.
82.2 ڏٺا، مٺا آهن.
83. ڏُک، ڏٻرو آچار. (چوڻي)
ڏکن / ڏوجهرن جو ڏڌيل، ٻين آڏو سوال ڪرڻ کان به پيو ڪيٻائيندو آهي. ڇو جو وٽس، موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ڪي ڪين هوندو آهي. جنهنڪري سوال ڪرڻ / هٿ ٽنگڻ وقت ڏوٻر لاهي ويهندو آهي. ان تي به ڪنهن کي ڪهل اچيس يا نه.
مطلب :
83.1 سوال ويچارو آهي.
84. ڏنو، ٻنو آهي (سنڌي، چوڻي)
الله جي نالي تي ڏنل خير خيراتون، ايندڙ مصيبت لاءِ بند/روڪ/ٻنو آهن. انھيءَ ڪري هر ڪنھن کي جڳائي ته ان مالڪ جي نالي تي هر وقت خير خيراتون/صدقات/چڱايون ڪندو رهي .
مطلب:
85. ڏنو، پنڌ ڇنو (ساهتي، چوڻي)
قرض موٽائي ڏيڻ، ائين آهي جيئن اڳلي جو وري وري اچڻ، ڇني ڇڏڻ. ٻين لفطن ۾هيئن به آهي ته اڳلي کي قرض ڏيڻ معنى چڻ وڃن جو رستو ڇنڻ. ان کان علاوه هيئن به چيو ويندو آهي ؛ ڏنو، پنڌن ڇنو. جنھن قرض ڏنو، سو موٽائي وٺڻ جي ڪري، پنڌن ۾ ڇڄي مئو .
86. ڏوهل، سدائين ڏٻري (پهاڪو)
هر پيٽ تي لاڳيتو کير ڏهائيندڙ مينهن / ڳئونءَ کي ڏوهل سڏبو آهي. مسلسل ٿڻن مان کير ڏيڻ سبب، بت تي نه رت چاڙهيندي آهي ۽ نه ماس. کل مان به چمڪ نڪري ويندي اٿس. شڪل مان ڏٻري پئي نظر ايندي آهي.
مطلب:
86.1 ٻين لاءِ قرباني ڏيندڙ وٽ، بئنڪ بيلنس نه هوندو آهي.
86.2 سخين وٽ، مال ملڪيت ڪٺا نه ٿيندا آهن.
87. ڊڄي، سو مري (سرو، چوڻي)
منزل جا مزا اهي ماڻيندا آهن، جيڪي سر تريءَ تي رکي دليريءَ سان ڌوڪيندا ايندا آهن ۽ آڏو آيل هر رڪاروٽ کي ڪيرائيندا آهن. جيڪي ڊڄي ويھي رهندا آهن، سي منزل تي هرگز ڪين پھچندا آهن. رستي ۾ ئي مري/ فوت ٿي ويندا آهن .
مطلب:
87.1 جو ڊر گيا وه مر گيا.
88. ڏينھن، آهي شينھن (سنڌ، چوڻي)
ڏينھن جو ڪيل ڪم، جهٽ نبريو/ مڪمل ٿيو وڃي. هرڪو دليريءَ سان منجهس هٿ وجهي، وقت اندر ڪالائي ڇڏي ٿو. ان جي برعڪس رات جو، نه ڪم نبري ۽ نه ئي پورو ٿئي ٿو.جيڪڏهن ٿئي به ٿو ته وڏين تڪليفون رسڻ ۽ وڏن خرچن ڪرڻ کان پوءِ ٿئي ٿو.
مطلب:
89. ڍڳو، آرڙو ڀلو (لاڙ، چوڻي)
ڍڳو اهو ڀلو آهي، جيڪو ساريال زمين ۾ هر ڪاهي سگهي. ساريال زمين آلي هوندي آهي. آلي زمين، نرم هئڻ سبب هر ڪاهڻ ۾ ڏکي هوندي آهي. نرم زمين تي، گهوٻن واري هر سميت، ڇڪي هلڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. جھڙي تھڙي ڍڳي جو ڪم ناهي. آرڙو ڍڳو ئي، اهڙو هر ڪاهي سگهي ٿو .
مطلب:
90. رات، پنھنجي تات (سنڌ، چوڻي)
گهڻا تڻا ڪم ڏينھن جو ٿيندا آهن. رات جي وقت آڙام ئي ڪبو آهي. ان هوندي به رات جي اونداهيءَ ۾، ڪي اهڙا ڪم به ڪري سگهبا آهن، جيڪي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ مشڪل هوندا آهن. رات به ڏکين معاملن کي پالي تاتي، پروان چاڙهائي ٿي.
مطلب:
90.1 رات، آهي تات.
90.2 رات کي پنھنجي تات.
91. رت، راڻو آ (سنڌ، چوڻي)
رت؛ مٽ مائٽ وقت تي ڪم اچي. راڻو/ حاڪم به وقت تي ئي ڪم ايندا آهن. ٻنھي جي حيثيت هڪ جھڙي آهي.
ٿر ۾ مارو ماڻھو، مال تي گذران ڪن. ان ڪري اهي مال کي رت سان تشبيھه ڏيندا آهن. پنھنجي مال کي راڻو سمجهن. ان جي ساٿ کي اصل ساٿ سمجهن.
مطلب:
91.1 رت جي رتي، اَن جو پھاڙ (ٿر).
91.2 رت، رت آ.
92. رڌي پڪي، يا نصيب (سنڌ، پھاڪو)
دنيا جي تختي تي هر انسان، ڏيھاڙي الائي ڪھڙيون سٽون سٽي ٿو. انھن کي عملي جامو به پھرائي ٿو. اهي کيس رات تڏهن اچن ٿيون، جڏهن نصيب ناهي ته چپن تان کير کڄيو وڃي. لکيل آهي ته الائي ڪٿان اڏامي وڃي به ٻه ڪڻا کائي ٿو.
مطلب:
92.1 سڀ ڪجهه، نصيب جي بازي آهي.
93. رڙهندي، روان باشد (سرو، چوڻي)
رڙهندي/ هلندي زندگي گذارڻ، حياتيءَ جي نشاني آهي. جنھن شيءِ ۾ رواني ناهي، اها مرده جي برابر آهي. هڪ هنڌ ٽڪ هڻي بيھڻ بيھڻ سان خواهشون فوت ٿيو وڃن. زندگي بي مزي ٿيو وڃي. پاڻ ته پنھنجي جان مان بيزار ٿئي پر ٻيا به منجهانئس بيزار ٿي وڃن.
مطلب:
94. رکڻ، آهي رک (واپاري، چوڻي)
دڪاندار کي دڪان جو مال/ وکر/ سيڌو، رکڻ نه گهرجي. رکڻ سان رک/ڪيري/ڌوڙ ٿيو وڃ. ٿوري نفعي تي جلدي جلدي مال نيڪال ڪرڻ سان ساک وڌي ٿي ۽ برڪت پوي ٿي. گهڻي نفعي جي لالچ ۾ مال رڪجيو وڃي، ساک/ پت خراب ٿيو وڃي. دڪان ۾ نه برڪت پوي نه نفعو حاصل ٿئي ٿو. رکئي مال جي ماهيت ڳريو وڃي، قيمت مريو وڃي.
مطلب:
95. زن، جهيڙي جوڀن (سنڌ، چوڻي)
زن/ عورت، مرد لاءِ ڪشش رکندڙ ٿئي ٿي. ان جو مـُکڙو پسڻ لاءِ الائي ڪيتريون جنگيون لڳيون آهن. خونريزيون ٿيون آهن. دنيا جو رنگ ۽ بوءِ، عورت جي رعنائيءَ ۽ حسن جي ڪري آهي. جيڪڏهن تباهي ۽ فتنو به آيو آهي ته اهو به سندس حسن ۽ رعنائيءَ جي ڪري آيو آهي.
مطلب:
95.1 زن ۽ زمين، هڪجھڙا آهن .
95.2 زن، زمين ۽ زر، تينون قضيي ڪي گهر.
96. زندگي بي بندگي، شرمندگي (فارسي، چوڻي)
انسان کي هيءَ زندگي، ان لاءِ ڏني وئي آهي ته جيئن خدا جي بندگي ڪري. جنھن هن حياتيءَ کي ٻين اجاين ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيو، تنھن ڄڻ وڏو نقصان ڪيو. کيس آخرت ۾ وڏا هٿ هڻڻا پوندا. آخرت ته ڇا پر هن حياتيءَ ۾ ئي کيس شرمندگي/ندامت اڳيان ايندي ۽ سواءِ افسوس جا هٿ مھٽڻ جي، کيس ڪي به ڪين ورندو. بھتر انسان اهو آهي، جيڪو خد اجي بندگي ڪندي، حياتي چڱي نموني گذاري ۽ ندامت کان بچي.
مطلب:
97. زور آڏو، زاري. (ساهتي، چوڻي)
زور آور سان سينو ساهڻ، آهي جبل سان مٿو ٽڪرائڻ. جبل سان مٿو ٽڪرائبو ته مٿو ئي ڏرندو، جبل کي ڪجهه نه ٿيندو. بھتر ائين آهي ته زور آڏو زري ڪري ڀڄي وڃجي. ساڻس ٽڪر نه کائجي.
مطلب:
97.1 زور آور جو ستين ويھين سؤ، ڏهين ويھين هزار.
98. ساٺو ته پاٺو. (ھندي، چوڻي)
ساٺو: سٺ سال جي عمر جو.
پاٺو: گتو، سخت پنو.
مرد، جيڪڏھن پنھنجي پاڻ کي پنجويھن سالن جي عمر تائين بڇڙاين ۽ براين، زنا ۽ شراب کان پري رکندو ته اھو آقر عمر ۾ ايترو ڪمزور نه ٿيندو جو کيس شرمساري کڻڻي پوي. سٺ سال جي عمر ۾ به مرداڻي طاقت جي حساب سان پاٺي وانگر سخت ۽ ڀڙ ھوندو.
مطلب:
98.1 مرد عمر جي حساب سان ڀلي پوڙھو ٿئي پر مرداني طاقت جي حساب سان عورت جي ڀيٽ ۾ جلدي خلاص نه ٿو ٿئي.
99. سار، پاڻيءَ تار. (لاڙ، زرعي، چوڻي)
ساريءَ جو فصل، تڏهن سٺو ٿيندو، جڏهن زمين ۾ پاڻي ايترو اچي جو ساريءَ جو سلو ٻڏي وڃي. تار پاڻيءَ ۾ سارين جو فصل ٿيندو آهي. گهٽ پاڻيءَ تي ساري نه ٿيندي .
مطلب:
99.1 دد
100. ساري، ست مڙسي. (زرعي، چوڻي)
ساريءَ جي فصل لاءِ زمين ٺاهڻ ۽ ٻيجارو پوکڻ، رونبي ڪرڻ ۽ لابارو لاھڻ ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان لاءِ ڪم از ڪم، ستن مڙسن جي محنت درڪار آهي. جنھن کان پوءِ ئي ساريءَ جو فصل پچي تيار ٿيندو آهي.
مطلب:
101. سپڙ، هڪ نال. (چوڻي)
ميان سرفراز ڪلھوڙي جي دور ۾، سپڙ نالي هڪ بھادر شينھن هيو جنھن کي ميان پنھنجي سنڀال ۽ حفاظت لاءِ نوڪر رکيو هيو. بھادر اڳيئي هيو، ويتر جو حڪومت جو هٿ پٺيءَ تي پيس ته ٻه ٻه هٿ زمين کان مٿي اڏامڻ لڳو ۽ چوندو هيو؛ ”اهو مڙس ڪھڙو جو تلوار جي پھرئين وار سان پورو ٿئي!“
ميرن وٽ به ڀلو ڀل هئي. مرد مٿير ۽ شجاعت ۽ بھادريءَ جا ڪوڏيا، سي به هڪٻئي کان اُتر. مير بھرام ته مڙني کان ڪسر هيو جو وقت جي هڪڙي قصيده خوان سندس لاءِ شر چيو هيو؛
”بدلجي بھرام، بادل وسي رڪ جو،
مسلم صمد صمد پڙهن، هندو پڙهن رام،
لونءَ لونءَ منجهه لغام، نر کي هو نيمڪ جو.“
ميان وٽ حاضري ڀرڻ ويندو هيو ته سندس خاص نشاني اها هئي جو قلعي جي ٻاهرئين دروازي جو طاق چوڙ کان ڪڍي ٻاهر رکي ويندو هيو ۽ موٽڻ وقت وري ساڳي جاءِ تي وجهي پوءِ موٽندو هيو. جنھن سببان، ميان کي منجهانئس هر وقت خطرو رهندو هيو. ساٿين سان صلاح ڪري، کيس ختم ڪرائڻ لاءِ ساز سٽيائين. چند هٿيار-بند، پنھنجي ڪچھريءَ ۾ پھرائي لڪائي ويھاريائين ۽ ٻاهرئين در وٽ، سپڙ کي بيھاري ڇڏيائين.
مير بھرام خان، جيئن حسبِ دستور، طاقُ چوڙ کان ڪڍي اندر ٿيو ته ميرن جي نوڪرن کيس چيو؛ ”ميان اوهان سان اڪيلائيءَ ۾ ڪي ڳالھيون ڪرڻ چاهي ٿو. تنھن ڪري اڪيلا اچو!“
ساڻُ آيل پٽ مير صوبدار، غلام محمد خان لغاري ۽ ٻيا نوڪر دروازي تي ڇڏي، هڪڙي ننڍي ڇوڪر سان جيڪو نوڪر هيس، مير صاحب اندر آيو. اڃا ويٺو ئي نه جو چئني طرفن کان مٿس تلوارن جا وار شروع ٿي ويا. بس رڳو ميار ڏيڻ لاءِ ميان کي ايترو چئي سگهيو؛ ”حيف اٿئي نامراد! دغا سان وڙهيو آهين.“
پويان مير صوبدار کي پڻ شڪ ٿيڻ پڄاڻان، نوڪر ڇوڪرو وٺي ٻاهر ڀڳو جو دروازي وٽ سپڙ کڻي کيس کنڀيو. مير صوبدار کانئس حقيقت پڇي. ڇوڪرو ڪڇي ئي ڪڇي، سپڙ کڻي ٻوٿ تي هٿ ڏنس پر هٿن جي اشارن سان ڳچيءَ تي هٿ ڦيري مير جي شھيد ٿيڻ بابت پيغام ڏيئي ويو.
مير صوبدار خان جي اکين آڏو آنڌاريون اچي ويون. يڪدم تلوار سنڀالي، سپڙ کي هڪل ڪيائين؛ ”متان چوين ته ڪنھن مرد ٻولايو ڪونه هيو!“
سپڙ ڇوڪري مان هٿ ڪڍي، جيئن ئي مير ڏانھن مڙيو ته مير تلوار اڀي ڪيس. سپڙ، سِپر آڏو ڏني پر تيستائين مير وار ڪري چڪو هيو. مير جي دو-دستي تلوار، سِپر ۽ سپڙ، ٻنھي مان ائين پار ٿي ويئي، جيئن پاڻيءَ مان وهي وئي. سپڙ جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي، ڪري ته مٿان بيٺل نوڪرن مير صوبدار جي بھادريءَ جي تعريف ۽ سپڙ جي موت تي بي اختيار چيو؛ ”سپڙ! هڪ نال بس!“
مطلب:
101.1 اهڙو بھادر جو سپڙ جھڙي پھلوان جو، هڪ ئي ڌڪ سان، قصو تمام ڪري ڇڏيائين.
102. سج، ٻه پاڇا. (سنڌ، پھاڪو)
سج
مطلب:
102.1 دد
103. سڄڻ، ٽُردي ڀلي (سرو، چوڻي)
هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ ۾ عزت ناهي (اڳلا بيزار ٿي وڃن ٿا. ان جي برعڪس هلندڙ/ روان رهندڙ جو هرڪو قدر ڪري ٿو. هڪ هنڌ بيھڻ وارو پاڻي به ڌپ ڪري ويندو آهي. ساڳين دوستن کي ڦٽڻ/ پٽڻ وارو به دوستن کي بيزار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندس نظرن ۾ ڪري پوندو آهي.
مطلب:
103.1 جوڳي رمتا ڀلا.
103.2 پاني بھتا ڀلا.
104. سِر سِر ڪلا (هندي، پھاڪو)
ڪلا؛ سياڻپ، ڏاھپ.
هر ماڻھو دنيا جي تختي تي زندگي گذارڻ لاءِ ڪا نه ڪا ڪلا؛ هنر يا حرفت ھلائي ڪو نه ڪو ڌندو اپنائي/ اختيار ڪري ٿو. جيڪو هنر جنھن جي طبيعت تي ٺھڪي اچي ٿو، اهو انھيءَ هنر ۽ حرفت ذريعي، پنھنجي ماحول مان معيشت ڪمائي ٿو. هر ماڻھوءَ لاءِ طبيعت ۽ ماحول، وقت ۽ جاگرافيءَ جي حساب سان، ڪو نه ڪو مقرر هنر يا ڌنڌو مقرر ھوندو آهي. اهو اختيار به اھو ئي ڌنڌو ڪندو آھي ۽ سڃاتو به انھيءَ ڌنڌي سببان ويندو آهي.
مطلب:
104.1 ڪاٺي ڪاٺي، لڇڻ. ڪلي ڪلي ڀاڳ.
104.2 ڄڻي ڄڻي جو پنھنجو ڀاڳ/ راڳ.
105. سرڪار، اونڌي ڪوپري . (چوڻي/ پهاڪو)
سرڪار، عام ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ، وڏا وڏا منصوبا جوڙي مٿن وڏا خرچ ڪندي آهي. اها ڳالهه ڪنهن امير ڪبير جي وس جي ناهي. وڏا منصوبا جوڙڻ ۽ مٿن خرچ ڪرڻ ڪنهن سر ڦرئي جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
مطلب:
105.1 سرڪار؛ اونڌي لوٽي.
105.2 سرڪار؛ فيل مست.
105.3 سرڪار؛ ماءِ باپ آھي.
105.4 سرڪار؛ ڪنهن جي چاچا ماما ناهي.
106. سرڪار، اونڌي لوٽي. (چوڻي/ پهاڪو)
سرڪار، عام ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ، وڏا وڏا منصوبا جوڙي مٿن وڏا خرچ ڪندي آهي. اها ڳالهه ڪنهن امير ڪبير جي وس جي ناهي. وڏا منصوبا جوڙڻ ۽ مٿن خرچ ڪرڻ ڪنهن سر ڦرئي جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
مطلب:
106.1 سرڪار؛ اونڌي لوٽي.
106.2 سرڪار؛ فيل مست.
106.3 سرڪار؛ ماءِ باپ آھي.
106.4 سرڪار؛ ڪنهن جي چاچا ماما ناهي.
107. سَرڪي، وڃي سُرڪي. (چوڻي)
سرڪي، سماٽ قوم جي ذات، راڻيپور ۽ ٺل ۾ رهن ٿا. ٻين سان ته ڀلا هلن ٿا پر الائي ڇو پاڻ ۾ سرچاءُ ڪونه اٿن. اها شڪايت ٻين ذاتين وارن کي به پنھنجي ذات وارن منجھان ھوندي آهي. ائين به چوندا آهن ته؛ پاڻ ۾ ٻه ٺڪر ٺهڪندا ئي آهن. بھرحال ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾، سرڪي وقت پوڻ تي وڌيڪ سُرڪي، ڪنڌ ڪڍائي ڀڄي ٿا وڃن. جنھن سببان سندن لاءِ ائين مشھور ٿيو آھي.
مطلب:
107.1 اعتبار نه ڪجي، اوڀر جي واءَ تي، ماٽيلي ماءُ تي، سرڪي سڳي ڀاءُ تي. (چوڻي)
108. سفر، آهي سقر (چوڻي)
سقر؛ دوزخ / جهنم ، تڪليف جي جاءِ آهي. اتي ڪوبه سک ناهي. سفر جي دوران به تڪليف ٿئي ٿي. اڻ ڏٺل ماڻهن جي وچ ۾ وڃڻو پوي ٿو. اتي پاڻ تي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ ٻين کان مدد وٺڻ به ڏکي هوندي آهي. سفر ڪرڻ پڄاڻان، البته روزي روزگار ۾ ڪشادگي حاصل ٿئي ٿي ۽ منجهانئس ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن. وقتي تڪليف، مگر گهڻن کي منجهائي ڇڏيندي آهي.
مطلب:
108.1 سفر ۾ سهولتون گهٽ، تڪليفون وڌيڪ هونديون آهن.
108.2 سفر، وسيله ظفر. (ضد)
109. سفر، وسيله ظفر (فارسي، چوڻي)
ظفر/نصيب/ڀاڳ/روزي/روزگار به سفر ڪرڻ جي مابدولت ميسر ٿئي ٿو. جيڪي ماڻھو جتي ڄاوا ۽ اتي مري ويا، تن ڪين جھڙي ترقي ڪئي. ان جي برعڪس، جن گهر ٻار ڇڏيو، تن جو ڀاڳ کليو. کين روزگار مليو. روزي ڪشادي ٿين. ڪشاده حال رهيا.
مطلب:
109.1 يا اجل ڊوڙائي ٿو يا رزق.
110. سنتوکي، براهمڻو سُکي (هندي، چوڻي)
هندن ۾ چار قومي تصور آهي. چار ئي قومون، چئن طبقن ۾ ورهايل آهن. 1. برهمڻ، 2.کتري، 3. وئش ۽ 4. شودر. مڙني مان مٿانھون درجو برهمڻ کي مليل آهي. جڏهن ته نيچ ۽ ڪريل درجو شودر کي مليل آهي. وڏي درجي ملڻ سبب برهمڻ اوچي ذات آهي. ايستائين جو سنتوکي/ سنت ٿيڻ/ بزرگ ٿيڻ/ مھراج ٿيڻ به کين ئي جڳائي. هندن جي عقيدي مطابق، مھراج ٿيڻ/ بزرگي حاصل ڪرڻ، برهمڻ کانسواءِ ڪنھن قوم واري کي نه جڳائي.
مطلب:
110.1 دد
111. سنپت، آهي برڪت. (هندي، ٿر، چوڻي)
سنپت؛ ٻڌي، ايڪتا.
ٻڌي ۽ ايڪتا سان ڪيل ڪم ۾ لاڳت گھٽ ۽ منافعو وڌيڪ ھوندو آھي. ڇو جو ٻڌيءَ سان ڪيل ڪم، نيڪ نيتيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪيل ھوندو آھي. منجھس ڪنھن جي به واڌاري لالچ نه ھوندي آھي. ھر ھڪ ھڪٻئي جي ڀلائيءَ لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو آھي. ان ڪري رب تعاليٰ پڻ ان ۾ برڪت وجھي ڇڏيندو آھي.
جيڪڏهن ڪنھن گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ سنپت/ مٺ محبت سان رهندا ته ان گهر ۾ تمام گهڻي برڪت پوندي. مٺ محبت واري گهر ۾ ڪٿان به کاٽ نه لڳندو آهي. جنھن ڪري ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت هوندي آهي.
مطلب:
111.1 ٻڌيءَ ۾ طاقت آھي.
111.2 جيڪي مڙي مٺ ٿين ٿا، تن جي قدرت وارو به مدد ڪري ٿو.
112. سَنڌيءَ سنڌو آهي. (ساهتي، چوڻي)
سؤٽ/ماسات/پڦاٽ/ ماروٽ وغيره، رت جا رشتيدار آهن. عزيز ۽ هڏ ڏوکي به ٿي سگهن ٿا. پر ڪڏهن به ملڪيت جا وارث نه ٿا ٿي سگهن. ملڪيت/ترڪو جڏهن ورهائبو ته شرعي حدن ۾ اندر رهندي، کين ڪجهه به نه ملندو. مال، وارثن کي ملندو. شرعي حدون/ سنڌا مقرر ٿيل آهن. ڪنھن کي به حد اورانگهڻ جي اجازت ناهي.
مطلب:
112.1 ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
113. سنسار، مھا ڄار. (هندي، چوڻي)
سنسار، هڪ وڏي ڄار مثل آهي، جنھن اندر ننڍي وڏي مڇي، پنھنجي حال سارو ڦاٿل آهي. اهڙيءَ طرح، هن سنسار جي تاڃي پيٽي اندر، انسان به زمان ۽ مڪان جي حساب سان قيد آهي. منجهن هڪ ٻئي سان خاص قسم جو ربط/تعلق اُڄيل آهي. جنھن تحت زندگي گهارين ٿا. هڪ ٻئي مان فائدا حاصل ڪن ٿا. هڪٻئي جي ڪم اچن ٿا. هڪٻئي وٽ ڪم ڪار جي حساب سان ڦاسن ٿا. هڪ ٻئي کي ڦاسائي، پنھنجا مطلب ماڻين ٿا.
مطلب:
113.1 سماج، مايا جال
114. سنگ جو پرسنگ. (هندي، چوڻي)
ماڻھو، ماحول مان متاثر ٿئي ٿو. متاثر ٿي، اٿڻ ويھن، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ کائڻ پيئڻ سکي ٿو. سٺي ماحول ۽ سٺي سنگت ۾ رهڻ وارو سٺا اخلاق/آداب سکي. ماڻھن ۾ مڃتا/ مان ماڻي ٿو. برن جي سنگت/صحبت ۾ رهڻ وارو، برا اخلاق، بريون عادتون ڌاري ٿو ۽ جڳ جھان ۾ بدناموسي ڪمائي ٿو.
مطلب:
114.1 ڪارو ٻڌجي ڪمري سان، رنگ نه مٽي عادت/اوساڻ ضرور مٽائي.
114.2 جھڙي صحبت، تھڙو اثر.
114.3 تخم تاثير، صحبت اثر.
115. سوال ويچارو آهي (سنڌ، چوڻي)
دل ۾ يا زبان سان ڪيل سوال، تمام برو آهي. ان سان چھري جي رونق مريو وڃي. ويچاري صورت بنائڻ کان سواءِ سوال نه ڪري سگهبو آهي. ان کان پوءِ به اڳلي جي مرض يآهي ته ڪم ڪري يا نه. ڪمُ ڪمَ جي ماڳ، ڇڙٻون متان ڏئي. هيٺانھين ي اويچاري صورت بنائي، ڪيل سوال سان، اندر جو انسان ۽ مانُ مريادا مريو وڃن ٿا.
مطلب:
115.1 دد
116. سوڀون، سر گهرن (سنڌ، پھاڪو)
سوڀ/ فتح، پاڻمرادو حاصل نه ٿيندي آهي، ان لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. جنگين سان منھن ڏيڻو پوندو آهي. مورچن ۾ ويھي، جان جوکم ۾ وجهڻي پوندي آهي. تمام گهڻين جانين جي قرباني به ڏيڻي پوندي آهي. تنھن کانپوءِ ئي وڃي سوڀ/ فتح ماڻبي آهي. گيدي/ ڪانئر/ سر جو سانگ رکڻ وارا ماڻھو، ڪڏهن به سوڀارا نه ٿيندا آهن.
مطلب:
116.1 دد
117. سوئا پالڪ، چوڪا. (لاڙ، چوڻي)
هڪ دفعي، وکري وڪڻن وارو گهورڙيون، سبزي کپائڻ جو هوڪو ڏيندو پئي ويو ؛ ”سوئا پالڪ چوڪا“، هڪڙي بزرگ سندس هوڪو ٻڌو ته اُٿي ويٺو ۽ مريدن کان پڇيائين، ”اوهان سمجهو ته اهو گهورڙيو، ڪھڙو پيغام ڏئي رهيو هيو“.
”سائين!“ مريدن مرشد کي ٻڌايو؛”اهو ته پالڪ، سوئا ۽ چوڪن کپائڻ جو هوڪو ڏئي رهيو هيو“.
”توهان صحيح ٿا چئو!“ مرشد کين سمجهائيندي چيو؛”دراصل اهو چئي رهيو هيو، گهڙي پلڪ جيڪو ستو، سو غلطيءَ تي آهي.“
مطلب:
117.1 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل وھڻ جي،
متان ٿئي اونداه، پير نه پھين پرينءَ جو.
118. سيڻ، آهن نيڻ. (سرو، چوڻي)
جنھن سان مٽي ڪئي وڃي، سو سيڻ آهي. ڌيءُ يا پٽ جو سس سھرو، سيڻ ٿين. اهي رشتي ۾، انھيءَ مِٽيءَ بعد اچن ٿا. ضروري ناهي ته رت جا رشتيدار به هجن. نه ئي وري پيٽ ڄڻيو اولاد آهن. بلڪ اکين سان ڏسي، پسند ڪري، ساڻن مٽي ڪجي ٿي. ان ڪري سندن حيثيت اکين جھڙي آهي. اکين اکين ۾ جاءِ ڏبي ته مٽي هلندي. ورنه جا جتي، سا تِتي.
مطلب:
118.1 پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون.
119. سيڻپو، ويڻپو، ويرپو (سنڌ، چوڻي)
سيڻ ٿيڻ سان ويڻ ملن ٿا. ويڻ ڏيڻ/ وٺڻ کانپوءِ، وير پيدا ٿئي ٿو. جنھن سان واقفيت ئي ناهي، تنھن سان نه دوستي آهي ۽ نه دشمني آهي. دشمني، پيدا ئي دوستيءَ/واقفيت/مٽيءَ/ لڳ لاڳاپي کان پوءِ ٿيندي آهي. جڏهن مٽيءَ مائٽيءَ جو تعلق پيدا ٿيندو آهي، تڏهن ئي وير/دشمنيون پيدا ٿيندا آهن.
مطلب:
119.1 ساهرا، آئرا، ٻاٻرا ڪنڊا، هر هر چُڀ چُڀ ڪندا.
120. شادي، خانه آبادي (فارسي، چوڻي)
مرد/ عورت جو گهر، شادي ڪرڻ کانپوءِ ئي آباد ٿئي ٿو. اولاد ٿئي ٿو. ان جي پالنا پولنا جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. شادين مرادين جھڙا منڊل ٿين ٿا. انھن مڙني ڪاڄن سان منھن ڏيڻ لاءِ زال مڙس کي مٿا کٿا ڏيڻا پون ٿا. ان جي برعڪس، غير شادي شده ماڻھوءَ جي زندگي غير فطري آهي. غير فطري زندگيءَ ۾ نه ذهني آسودگي آهي ۽ نه جسماني قرار. رڳو غير آبادي ۽ بربادي آهي .
مطلب:
120.1 وانڍا، ڪنھن نه سانڍيا.
120.2 ڇڙهن جو ڪوئي جھان ڪونھي.
121. شاهه واپاري، جوڳي. (واپاري، چوڻي)
واپار، پيٽ پالڻ لاءِ اختيار ڪيل ڌنڌن مان هڪ ڌنڌو آهي. جيڪو کيتي ٻاڙيءَ، نوڪري ڪرڻ ۽ پنڻ وارن ڌنڌن کان وڌيڪ وڌندڙ، ترقي ڪندڙ ۽ برڪت وارو آهي. پر اهو به حد اندر. حد کان ٻاهر واپار ڪندڙ ماڻھوءَ جا حال وري به پينو ماڻھن ۽ جوڳين جھڙا هوندا آهن. هوندي مال برا حال، ڪيو پيا ھلندا آهن. اهڙو واپاري قرض کڻي واپار وڌائيندو آهي ۽ وياجيرو ڏئي، پاڻ کي برن حالن ۾ اڇلائيندو آهي. قرض لاهي نه سگهندو آهي. گَرَي ڪتي وانگر بت پيو پٽيندو آهي. صبر ۽ شڪر نه هوندو اٿس.
مطلب:
121.1 دد
122. طمع، بڇڙائي ڪرائي. (سنڌ، چوڻي)
طمع؛ لالچ، لوڀ، حرص، هوس. ٻين ۾ آسرو رکڻ.
طمع اهڙي بيماري آهي، جيڪا ٻين آڏو بي-مانو ۽ بي-عزتو، ڀڙوو ۽ بيغرت ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿي. حالانڪ حياتي گذارڻ لاءِ، ماڻھوءَ جي پيٽ کي ويلي تي هڪ ڊڳڙي کپي، نه ڪ ڳوڻ اٽي جي. هڪ ئي وقت پائڻ لاءِ هڪ جوڙو کپي، نه ڪه ڏهه جوڙا. سمھڻ لاءِ هڪ ئي وقت، هڪ کٽ ۽ ھڪ ڪمرو گهرجي، نه ڪه ڏهه کٽون يا ڏھ ڪمرا. تنھن هوندي به جيڪو ميڙ ميڙان جي ڪڍ هجي، تنھن کي ڪير سمجهائي؟
مطلب:
122.1 طامع/ لالچي، ڪُڌي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي.
122.2 ڀيٽيو؛ ميڙيندڙ، مُٺا.
123. طمع، بڇڙو ٽول (سنڌ، چوڻي)
ٽول/ٿانءُ/ظرف، چڱو هوندو ته منجهس پوندڙ شيءِ به چڱيءَ حالت ۾ رهندي. خراب هوندو ته منجهس پوندڙ شيءِ به خراب ماهيت جي ٿي پوندي.
جنھن به ماڻھوءَ ۾ طمع/ لالچ گهر ڪري وڃي ٿي، ان جي حالت به گندي ٿانءَ وانگر آهي. ان مان نڪرندڙ هر فعل به بدبودار/ گندو ٿي نڪري ٿو. اهڙي ماڻھوءَ جي عبادت مان به رياءَ/ مڪاري/ عياريءَ/ ٻيائيءَ جي ڌپ پئي ايندي.
مطلب:
123.1 طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
123.2 طمع ۽ تڪڙ ڇا لڳي.
123.3 طامع، نه قانع.
124. عادت، عضوو آهي (سنڌ، چوڻي)
پيل عادت، مور نه نڪرندي آهي. جيئن عضوو، جان کان جدا ڪرڻ ڏکيو آهي، تيئن عادت جدا ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي آهي. ان ڪري بھتر آهي ته بريون عادتون پاڻ ۾ نه وجهجن. اهي اڳتي هلي، پاڻ کان جعدا، ڏاڍيون ڏکيون ٿينديون. جڏهن ته سٺين عادتن کي اپنائڻ وارو جتي ڪٿي عزت ۽ مانُ لھي ٿو ۽ برين عادتن وارو جتي ڪٿي بي مانو ٿئي ٿو.
مطلب:
124.1 وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
124.2 هير واري جي هير، ٽنگ ڀڳي به نه نڪري.
124.3 عادت نه ڇڏي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اٺ پئي ڪڻڪ ۾، جواسا چڻ چڻ کاءِ!
124.4 اڻ هيريا نه هير، متان هرني،
ڀڃ نه هير هرين جي، متان وڙهني.
125. عرض، آهي مرض (سرو، چوڻي)
عرض ڪرڻ واري جي مريادا مريو وڃي. خدا کان سواءِ، ٻئي جي آڏو سوال/ عرض نه ڪجي. نه ويچارو ٿجي، نه هٿ ٽنگجي. خدا کان سواءِ، ڪير ڏئي به نه سگهندو. هٿائين خوار خراب ڪندو. ان جي برعڪس خدا تعالى ڏيندڙ به آهي، ڏيئ نه پچاريندڙ به آهي ته ڍَڪَ ڍڪيندڙ به آهي.
جنھن ماڻھوءَ کي پنڻ/ عرض ڪرڻ جي عادت پئي، سا موذي/لاعلاج مرض وانگر کيس چنبڙي پوندي. ان جو ڪوبه علاج/ تدارڪ ڏکيو آهي. ان کان مـُھڙ ۾ ئي پرهيز ڪجي .
مطلب:
125.1 عرض، بي غرض.
126. عقل بنان، اوندهه (ساهتي، چوڻي)
عقل ۽ علم، روشنيءَ جي مثل آهن. جِھل ۽ بي علمي، اوندهه مثل آهن. جڏهن عقل/ روشني نه هوندي ته ماڻھو لاعلميءَ تحت اونڌا ڪم پيو ڪندو. پاڻ کي نقصان ڏئي به ڪونه سمجهندو ته نقصان ڪيو اٿم.
مطلب:
126.1 دد
127. عقل، کائي غم (سرو، پھاڪو)
عقل وارو ماڻھو، هر معاملي ۾ فڪرمند هوندو آهي. جنھن سبب هر وقت ڳڻتيءَ/پريشانيءَ/غم ۾ غرق هوندو آهي. عقل واري کي، پنھجي پاڻ کي پيل نقصان کان وڌيڪ، پرائو غم/ فڪر سحيهه چنبڙيل هوندو آهي.
مطلب:
127.1 عقلمند، سدا روئي.
127.2 بي عقل جي بلا دور.
128. علم، قوت آهي (سنڌ، چوڻي)
جيڪي ڪم ٻانھن جي ٻل تي به نه ٿي سگهن، سي عقل جي ذريءَ سان حل ٿيو وڃن. علم ۾ حڪمت/ دانائي آهي. جنھن سان ماڻھو، ڳالهه جا ڪمزور پاسا تاڙي وڃي ٿو ۽ پاڻ کي ان جي مقابلي ۾ مضبوط ڪندي، ان سان مھاڏو اٽڪائي ٿو.
مطلب:
128.1 علم، انسان جي ٽين اک آهي.
128.2 علم، روشني آهي.
129. غرض، گولي آهي (لاڙ، چوڻي)
جڏهن ٻئي ۾ غرض پوندي آهي ته منجهانئس اها پوري ٿيڻ لاءِ حيلا هلايا ويندا آهن .
اڳلي جي ٽنڊوالي/ آڳي پيڇي/ سنھي ڪرڻي پوندي آهي. اهي سمورا فعل گولي/ غلام/ٻانھي/نوڪر جا آهن. سمجهه ۾ آيو ته غرض، غلامي ڪرائي ٿي.
مطلب:
129.1 پنھنجي ٿوري، پؤ گڏهه کي پيري.
129.2 پنھنجي گتيءَ، گڏهه کي به بابو ڪوٺجي.
130. غلط العام، صحيح. (عربي، چوڻي)
جيڪا ڳالهه عوام ۾ پکڙجي عام ٿي وئي آهي، سا ڀلي غلط مفھوم سان پکڙي ھجي پر کيس صحيح تسليم ڪيو ويندو. جنھن شيءِ جو مفھوم عام ماڻھن ۾ جيئن مشھور آهي، تيئن صحيح سمجهبو، پوءِ ڀلي اهو ادبي طور تي غلط ڇو نه هجي.
”غلط العام“ علم ادب ۾ هڪ مشهور اصولي جملو آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن کي به معلوم آهي ۽ هو ڪنهن غلط لفظ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.
اھا ٻي ڳالھ آهي جو ”غلط العام“ جو مطلب اڪثر غلط سمجهيو وڃي ٿو. ”غلط العام“ جي معنيٰ هيءَ سمجهي وڃي ٿي: ”جيڪو لفظ عام لوڪ يعني اڻ پڙهيل يا ڳوٺاڻا اچارين، اهو صحيح آهي.“
حقيقت ۾ انهيءَ فقري جي اها معنيٰ غلط آهي. ”غلط العام“ لفظ اصل ۾ آهي ”الغلط العام“ جنهن جي معنيٰ اصل آهي: ”اهو لفظ، جو اڻ پڙهيل توڻي پڙهيل يعني عام طرح سڄي ملڪ جا سڀ رهاڪو هڪ جهڙو غلط اچارين“. يعني، نه فقط اڻ پڙهيل عام ماڻهو، بلڪ پڙهيل خاص ماڻهو به انهيءَ لفظ کي غلط اچارڻ تي هري ويل هجن. اهڙيءَ صورت ۾ اهڙو غلط لفظ به صحيح چئبو. جهڙيءَ طرح، عام طرح ”قفل“ کي ”قلف“ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته عام ۽ خاص، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، عام جام ”قفل“ کي ”قلف“ چوڻ تي هريل آهن. تڏهن اهو صحيح چئبو، غلط نه چئبو؛ پر همراهه کي هرماه، طفل کي طلف چوڻ بلڪل غلط آهي. ڇو جو همراه کي هرماه، طفل کي طلف فقط ”عام“ ۽ اڻ پڙهيل ئي چوندا آهن. پڙهيل ”هرماه“ ۽ ”طلف“ ڪڏهن به ڪين چوندا آهن.
جيڪي لفظ، عام لوڪ يعني اڻ پڙهيل غلط اچاريندا آهن، تن کي ”غلط العوام“ چئبو، نه ”غلط العام“. ”غلط العوام“ لفظ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ڪين چئبا ۽ انهن لاءِ علمي ۽ ادبي زبان ۾ ڪا به جاءِ ڪانهي. ”غلط العوام“ بازاري لفظ ٿي سگهن ٿا، علمي ۽ ادبي لفظ نٿا ٿي سگهن. ساڳيءَ طرح، جيڪي غلط لفظ فقط مسلمان غلط استعمال ڪن ۽ هندو نه، يا فقط هندو اچارين ۽ مسلمان نه، ته اهڙا لفظ به ”غلط العام“ ۾ داخل نه چئبا. ”غلط العام“ اهي لفظ چئبا، جن کي ملڪ جا سڀ باشندا ۽ سڀ فرقا هڪ جهڙو غلط اچارين ۽ غلط لکن، ته اهڙا لفظ غلط هوندي به صحيح چئبا. ڪيترا ئي سنسڪرت شبد جي سنڌي زبان جو سنئون سڌو جزو آهن، تن کي مسلمان غلط اچاريندا آهن ۽ هندو صحيح چوندا ۽ ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪيترا ئي عربي ۽ فارسي لفظ، جي سنڌي زبان جو سڌو سنئون جزو آهن، سي هندو غلط پڙهن ۽ غلط ڪم آڻين ٿا، ته اهڙا غلط اچاريل لفظ ”غلط العام“ چئي نه سگهبا. ادبي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ صحيح اچارن سان ئي ڪم آڻڻا آهن. مثال لاءِ ”وِ وَيڪ“ (پهرئين واو جي زبر ۽ ٻئي واو جي زير سان) ڪري، اچاريندا آهن. اهو اچار صفا غلط چئبو. ”اَشراف“ (پهرئين حرف جي زير سان) صحيح آهي، مگر ڏسڻا وائسڻا پڙهيل هندو ”اِشراف“ (پهرئين حرف جي زير سان) ڪري پڙهندا آهن، جو غلط اچار آهي. ادب ۽ ساهت ۾ اهڙا نقص روا نه آهن. البت عربيءَ جا اهڙا لفظ، جي عام ۽ خاص، هندو ۽ مسلمان ڪن اعرابن وغيره جي ڦيرڦار سان هڪ جهڙو غلط اچارين ته اهي ”غلط العام“ واري قاعدي ۾ اچي، صحيح سڏجي سگهجن ٿا. جهڙوڪ؛ ”مقابَلو“ (بي جي زبر سان) مان ”مُقابِلو“ (بي جي زير سان)، ”مُبالَغو“ مان ”مبالِغو“، ”مُعامَلو“ مان ”مُعامِلو“، ”مباحَثو“ مان مُباحِثُ“، ”مُشابَهت“ (بي جي زبر سان) مان ”مُشابِهت“ (بي جي زير سان). برخلاف ان جي، ”تَجمــُّل“ (ميم جي شد ۽ پيش سان) کي تُجۡمَلُ (جيم ساڪن ۽ ميم جي زير سان) ”تفافُل“ (في جي پيش سان) کي ”تفافِلُ“ (في جي زير سان)، ”اَشراف“ (الف جي زير سان) کي ”اِشراف“ (الف جي زير سان)، جَذبو (جيم جي زير سان) کي جُذبو (جيم جي پيش سان) پڙهڻ بلڪل غلط آهي. اهڙيون غلطيون ”غلط العام“ ۾ داخل نه آهن. (حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جي ڪتاب؛ آفتاب ادب عرف ساھت جو سج تان کنيل)
مطلب:
130.1 غلط العوام، صحيحٌ.
130.2 غلط العام، صحيح.
131. فڪر، آزاد آهي. (اشتراڪي، چوڻي)
ڪنھن جي فڪر/ سوچ تي، ڪڏهن به پھرو نه ٿو ويھاري سگهجي. فڪر تي، ماڻھوءَ جو پنھنجو وس به ڪين هلندو آهي. خيالات، ذهن جي پردي تي پاڻ مرادو ڊوڙندا رهندا آهن. انھن کي ڪا جَهلَ پَلَ نه هوندي آهي. جاڳ ۾ يا ننڊ ۾. ذهن ڪم ڪندو رهندو آهي. مٿس خيالن جا ريلا پيا هلندا آهن. جاڳ ۾ سوچن جا، ننڊ ۾ خواب جا.
مطلب:
131.1 دد
132. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (فارسي، پھاڪو)
جزئيات ملي، ڪُل ٺاهيندا آهن. قطرا ملي، ڍُڪ ٺاهيندا آهن. ڍُڪَ ملي دُٻو ٺاهيندا آهن. دُٻا ملي ڍنڍون/ ڍورا درياه/ سمنڊ ٺاهيندا آهن. جبلن تان رِجي، پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري درياهن جا مُنھن بنجندڙ برف، اصل ۾ قطرن جي صورت ۾ ڪڪرن مان وسندي آهي. اها ڄمي ڄمي، گليشيئر ٺھندا آهن. جڏهن گليشيئر گرميءَ سبب رجي يا وزن جي وڌڻ سبب ٽٽي هلندا آهن ته وڏا درياهي وهڪرا ڦٽي نڪرندا آهن. زمينن کي سيراب ڪندي، سيلاب آڻيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن .
ملڪيت به رپيو رپيو ٿي، ڪٺي ٿيندي آهي ۽ ڪروڙها/ اربھا رپيا ٿيندي آهي. بھتر آهي ته ٿوريءَ ڪمائيءَ تي چڱيءَ طرح ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مطلب:
132.1 دد
133. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇڻ (سرو، پھاڪو)
هر وڻ جي، هر ڪاٺيءَ جو پنھنجو رنگ ۽ روپ، ساءُ ۽ سواد آهي. اهڙيءَ طرح، هر ماڻھوءَ جو به پنھنجو پنھنجو سڀاءُ ۽ لڇڻ آهي. جھڙيءَ طرح ضروري ناهي ته سموري جهنگ جون ڪاٺيون هڪجھڙيون هجن، تھڙيءَ طرح اهو به ضروري ناهي ته هڪ ئي ذات ۽ قوم، ڪٽنب ۽ قبيلي جي ماڻھن جي طبيعت ۽ مزاج، اخلاق ۽ اٿڻي ويھڻي هڪجھڙي هجي. سمورا وڻ يا ماڻھو مٽيءَ مان جڙيا آهن. هنڌ هنڌ جي مٽي، هڪ ٻئي کان جداري ۽ مختلف، نرالي ۽ نياري آهي. ان جي ڪري منجهانئس پيدا ٿيندڙ ۽ جڙندڙ، هر شيءِ جي ماهيت ۽ ڪيفيت، طبيعت ۽ طور طريقو به مختلف آهي.
مطلب:
133.1 ڪلي ڪلي ڀاڳ، ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇڻ.
133.2 ڀونءِ ڀونءِ جا پنھنجا ڀاڳ.
134. ڪرسيءَ کي سلام. (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
ڪرسي؛ حڪمرانيءَ جي علامت آهي. جنھن کي حڪومت جون واڳون هٿ ۾ آهن، سو اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي. وڻيس ته فائدو ڏئي خوش ڪري يا وڻيس ته نقصان ڏئي ڇيھي ۾ وجهي. ان ڪري هرڪو ساڻس هيٺانھينءَ واري هلت هلندو آهي. اجايو سجايو پيو کيس سلام ڪندو آهي. خيري صلي به پيو خوشامد ڪندو اٿس.
مطلب:
134.1 ڏاڍي کي سڀڪو سائين ميان پيو ڪري.
135. ڪلام، ڪنڌ ڀر. (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
ڪلام ڪرڻ؛ مان ڪرڻ، وڏائي ڪرڻ، تڪبر ڪرڻ.
ڪي ماڻھو طبعًا اھڙا ھوندا آھن جو ڪري ٿورو ڪم به نه سگھندا آھن پر ڊاڙ ۽ ھام اھڙي ھڻندا آھن جو ڄڻ لھي اڀري مٿن ٿي پئي. اجايو فخر ۽ وڏائي ڏيکاري ماڻھن تي پيا پنھنجي شخصيت جو رعب وجھندا آھن. اھڙو وڏائي-خور يا متڪبر، سدائين نقصان ۾ پوي ٿو. کيس ايڏو ته نقصان پوي ٿو جو، ان جو ازالو ڪرڻ به ڏکيو ٿيو وڃي. ان ڪري وڏائي ڪرڻ، انسان کي نه جڳائي. ڇو جو وڏائي، خدا جي چادر آهي. ان ۾ جيڪو به ايندو، نيست و نابود ٿي ويندو.
مطلب:
135.1 فخر ۽ ڦوشر، رب کي پسند ناھي.
135.2 ڀيٽيو؛ تڪبر، ڪنڌ ڀر.
136. ڪلجڳ، ڪر جڳ (هندي، چوڻي)
ڪلجڳ، هيءَ دنيا، جنھن ۾ اسين هاڻي رهون ٿا. هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ڪجي ٿو، ان جو بدلو هتي ئي مليو وڃي. جيڪڏهن برا ڪم ڪبا ته هتي ئي سزا ملندي. نيڪ ڪم ڪبا ته هتي ئي سک ملندو. انسان پنھنجي ڪرمن جو ڪيتو هتي لوڙي ٿو. اهو آهي هندن جو عقيدو. مسلمانن جي عقيدي مطابق؛ ڏهن دنيا، ستر آخرت آهي. ڪيل ڪم جي سزا ته ساڳي پر جزا، دنيا ۾ ڏهوڻي ۽ آخرت ۾ ستر دفعا آهي. ان کان وڌي به سگهي ٿي.
هر مذهب جي عقيد مطابق، انسان کي اعمالن جي جزا/ سزا ملڻي ضرور آهي. بھتر آهي ته عمل چڱا ڪجن. ٻين کي نه رنجائجي. رنج کڻڻ چڱو ڪم ناهي. رنجايل واتان نڪتل آهه، عرش، ڏڪائي وجهي ٿي. جڏهن ته مظلوم تي ڪيل رح، ٻئي جھان سنواري ٿو .
مطلب:
136.1 هتي ڪر، هتي لوڙ.
136.2 ڪلجڳ، هٿ جڳ.
137. ڪماليت کي زواليت (فارسي ، چوڻي)
هر شيءِ کي اوج ملڻو آهي. ڌنڌي/ ڪمائيءَ/عھدي/حڪومت/جوانيءَ کي ڪمال ميسر ٿيڻو آهي. ان بعد اها شيءِ وري اصل ڏانھن موٽ کائيندي آهي. ترقيءَ مان تنزل/پستيءَ ڏانھن ڊوڙ پائيندي آهي. انھيءَ موت کي زوال سڏبو آهي. جيڪو هر شيءَ تي اچڻو آهي .
مطلب:
137.1 ڪمال را زوال است.
137.2 As you go higher, so higher you slip
138. ڪنڊيارو، ويٺو رو. (ساهتي، چوڻي)
ڪنڊيارو، ساهتي پرڳڻي جو، درياءِ سنڌ جي کاٻي ڪناري تي، ڳائي ڀاڻ ۽ چيڪي مٽيءَ جي وڏي دڙي تي مٿي، ڪنڊين واري علائقي ۾ اڏيل شھر. نوشھرو فيروز ضلعي جي واپاري اهميت واري هن شھر بابت، اتان جي رهاڪن جو اهو رايو آهي .
مطلب:
138.1 ڪنڊيارو، دل ڏيئي، ويٺو رو.
138.2 بٺورو، بيٺو رو.
138.3 بٺورو، دل ڏيئي، بيٺو رو.
138.4 ٺل، دل ڏيئي، ويٺو رل.
139. ڪوري، مت ٿوري. (ساهتي، چوڻي)
آڳاٽي دور ۾ آڏاڻن تي ڪپڙو اڻندڙ، ڪوري سڏبا هيا. سندن عقل/ مت، دنيا جي ٻين معاملن ۾ گهٽ هوندي هئي. هڪ دفعي ڪورين جي هڪ ڇوڪري منھن جي ٿوڻيءَ کي ڀاڪر پايون بيٺي هئي جو کيس سندس ڀاءُ ڦلن جو ٻڪ هٿن ۾ اچي ڏنو. هاڻي ڇوڪري اتان ڦلا وات ۾ نه پئي وجهي سگهي. ڇو جو هٿ کولڻ سان ڦلا پئي هاريس. ڇوڪريءَ دانھون ڪرڻ شروع ڪيون. مڙئي ڪوري اچي مڙيا ۽ ڇوڪريءَ کي آجو ڪرڻ لاءِ مٿو ٽيڪي سوچڻ لڳا. آخر صلاح اها بيھاريائون ته منھن جي ڇت نڪري ۽ اتان ٿوڻي اڀي کڄي نڪر يوڃي ته پوءِ ڇوڪري آزاد ٿي ويندي. جڏهن منھه ڊاهڻ بيٺا ته رونشي تي هڪڙو پاڙيسري به آيو. پڇڻ تي کيس سڄي ماجرا معلوم ٿي. تنھن تي ڇوڪريءَ جي آڏو آيو ۽ جهول جهلي کانئس ڦلا ورتائين. جنھن تي ڇوڪريءَ جا هٿ آزاد ٿيا ۽ پاڻ به آزاد ٿي وئي.
ٻيو قصو وري ھيئن به مشھور آھي:
هڪڙي ڪوريءَ، ڪنھن زميندار کان قرض کنيو هو پر لاهي نٿي سگهيو. زميندار هن کي وٺي پنھنجي ٻنيءَ ۾ قرض ۾ وھايو. ڀلا ڪوريءَ کي کيتيءَ جي ڪھڙي سڌ. تنھن ٻيو ڪم ڪون ڪيو، رڳو جيڪي سلا هڪ ٻئي ۾ اٽڪيا پيا هئا، سي هٿ سان ڇڏائي ڌار پئي ڪيائين. هن جي ليکي ته؛ هتي به ڪو منجهيل سٽ هو جو سلجهايائين ٿي.
زميندار هن کي ائين وقت وڃائيندو ڏسي، اهو پھاڪو چيو.
مطلب:
139.1 ڪوري ماڻھو بيعقل آهن.
139.2 ڪوري ڇا ڄاڻي ڪباب مان.
139.3 ڇا ڪوري ڇا ترارون.
139.4 بخت کي ڄائي آھي ڀيڻ جو ڪوري به ٿيا آھن ڪلارڪ.
140. کٽائو پٽ، پيارو. (چوڻي)
هر ماڻهوءَ کي ڪاميابي پسند هوندي آهي. دنيا جي ڪاميابي، ڌن دولت ۾ نظر ايندي آهي. هر ڪنهن جي ڪوشش ڌن ميڙڻ يا ڌن واري سان تعلق قائم ڪرڻ ۾ هوندي آهي.
پٽن منجهان به اهو وڻندو آهي، جيڪو کي کارائي. نڪمو پٽ به ڪنهن کي ڪين وڻندو آهي. کيس اٽي تي چٽي سمجهيو ويندو آهي.
مطلب:
140.1 اولاد به فائدي وارو وڻي ٿو.
140.2 پٽ کٽيءَ وارو، ننهن لڌي واري.
140.3 پٽ ڪاڻو، ته به کاٽو ڀلو.
141. کلو، پنجون پير. (چوڻي)
دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي، دين ۾ رکيل آهي. دين تي صحيح نموني هلڻ لاءِ ڪامل مرشد يا پير جي هٿ تي بيعت ڪرڻ ضروري آهي. پير جو چيو يا حڪم، هر ڪو مڃيندو آهي.
ڪير جيڪڏھن ڪو ڪم نه ڪندو آهي يا جهيڙو نه ڇڏيندو آهي ته کيس چئبو آهي؛ “اٿئي ڪو پير مرشد ڪن نه!؟”
اهڙيءَ طرح چئني طرفن ڏانهن ڪونه ڪو مرشد مڃي، گهٽ ۾ گهٽ چار پير سمجهيا ويندا آهن.
پير کان پوءِ وڌ ۾ وڌ حڪم ڏنڊي جو هلندو آهي. ان کي به پنجين پير جي حيثيت حاصل آهي.
مطلب:
141.1 مار به هدايت جو سبب ٿئي ٿي.
141.2 مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
141.3 مار، ڏاتار آهي.
141.4 عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوھ نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا.
142. کلندڙ تان خير (ساهتي، چوڻي)
ٻين جي مٿان کلڻ نه گهرجي. اهڙي آزمائش پنھنجي مٿان به اچي سگهي ٿي. جيڪو ٻين جي مٿان کلندو يا ٺٺوليون ڪندو، هڪ ڏينھن ٻيا به مٿس کلندا ۽ چٿرون ڪندا. ٻين کي تڪليف ۾ ڏسي صبر ڪجي ۽ انھن لاءِ خير گهرجي ته جيئن تڪليف وقت، پاڻ لاءِ به خير گهريو وڃي .
مطلب:
142.1 کل مذاق، چڱي شيءِ ناھي. کانئس وس ويندو پاسو ڪجي.
143. کيتي، سر سيتي. (زرعي، پھاڪو)
محنت کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي. خاص طور تي پوکي راهي، محنت کان سواءِ يا پاڻ ارپڻ کان سواءِ نه ٿا ٿين. اڪٿر ڏٺو ويو آهي ته جنھن زميندار جُوءِ ڇڏي آهي، تنھن کي به زمين مان اَنَ-لَپَ نصيب نه ٿي آهي. ٻاهران ويھي، نه زمين جي سنڀال ٿي سگهندي آهي ۽ نه دڪان وغيره جي. نوڪر ڪمائي ڪين کارائيندا آهن. زمين ۽ دڪان ۾، ڌنڌي ۽ واپار ۾، جيستائين ماڻھو پنھنجي سر پاڻ نه سيڙبو، تيستائين منجهانئس تيلو يا ڌيلو به نه ملندو.
مطلب:
143.1 کيتي، ڌڻيءَ-سيتي. (راجسٿاني)
143.2 جو کيڙي، سو کائي.
144. گولاڙو، ڳُيان پچي. (پهاڪو)
گولاڙو: ٿر ۾ پاڻمرادو ول مان ٿيندڙ ڦل/ ميوو.
گولاڙو: غلام، ٻانهو، نوڪر.
گولاڙو: وونئڻن ۾ ٿيندڙ ڏينو، جن مان ڪپهه ڦوٽهڙو کائي نڪري.
۱. گولاڙو، ٿر ۾ برسات جي موسم ۾ ٿيندڙ هڪڙي پاڻمرادو ول مان ٿيندڙ ميوو آهي، جيڪو ڪرڙ جي ڏيلهي يا ٻير جيترو ٿيندو آهي. اها ول اڪثر ڪنڊيدار وڻن تي ٿيندي آهي. جڏهن گولُو پچندا آهن، تڏهن ٻين ميون جي ڀيٽ ۾ پيٽ وٽان، بول يا ڳئيءَ وٽان پچندا آهن. مٿين بونڊ پڪي هوندي اٿن، جنهن ڪري ڇڻندا گهٽ آهن. کائڻ ۾ سوادي هوندا آهن، تنهنڪري ماڻهن کان اڳي، پکي مٿن مارو ڪندا آهن. پڪلُ پڪلُ وچُ، کائيندا ويندا اٿن، باقي وڃي ڏانڊيءَ ۾ کل ڇڏيندا آهن. گولُوءَ جو اهو ڳئيءَ وٽان پچڻ، مارو ماڻهن کي سِڪايو ڇڏي.
۲. گولاڙو، غلام يا گولو پڻ انهيءَ وَلِ جي ميوي وانگر آهي. جيڪا ڳالهه ٻڌي سا پيٽ ۾ نه ٽِڪيس. جيستائين ٻين سان ٻاڦي نه تيستائين بول پيو ڦاٽندس.
۳. وونئڻن جا گولاڙا، پڻ بول وٽان ٽڙندا آهن، جن منجهان ڪپهه يا ڦُٽي نڪرندي آهي.
مطلب:
144.1 انسان به ٻانهو/ گولو آهي. مٿس جيڪي ڪم سونپيا ويا آهن، سي کانئس واجبي طرح ادا ٿيڻ بجاءِ ابتي نموني ٿي ٿا وڃن. کيس هر ڪم ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
144.2 پرستار زاده نيايد بِکار، گر چه بود زادهِ شهرِ يار. (فارسي)
144.3 ٻانهيءَ منجهان ڄاول ڪم نه اچي، پوءِ ڀلي راجا جو تخم ڇو نه هجي. (ترجمو)
145. گوني، سدا اونھي (لاڙ، چوڻي)
ڦليلي ڦاٽ، درياءِ سنڌ مان حيدرآباد وٽان نڪرندو آهي. ڳاهيجا واه کان مٿي، ڦليلي ۽ هيٺ گوني سڏبو آهي. ٽنڊي سب ڊويزن کي سيراب ڪندو آهي. اونھي هلڻ سبب، منجهس ٻيڙيون هلنديون هيون. هاڻي ته زماني جي گردش سبب، ڪافي ڦير-ڦار آئي اٿس.
مطلب:
145.1 دد
146. لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)
لاڙڪاڻو، آبھوا/ واپار جي لحاظ کان تمام چڱو شھر آهي. درياءِ سنڌ کي ويجهو هئڻ سبب جر جو پاڻي مٺو اٿس. تاريخي لحاظ کان به ممتاز حيثيت رکي ٿو. گهاڙ واه جي مٿان اڏيل هن شھر جو ، درياءَ رستي واپار هلندڙ هيو ۽ پاڻ مشھور درياهي بندر هيو. ان کان علاوه موهن جي دڙي جي ڪري به کيس اهميت حاصل آهي.
لاڙڪاڻي جي اھڙي تعريف امير بخش نالي ھڪڙي شاعر پڻ ھيٺين لفظن ۾ ڪئي آھي.
لاڙڪاڻو ساه سيباڻو معشوقن جو مڪان آهه،
عاشقن لاءِ برهه جو بستان آهه.
کليون بازاريون حسن واريون، بندر بي بيان آهه.
محب موچارا وتن سينگاريا، شاهي ته جن جو شان آهه.
باغ بهاري چمن چوڌاري، گلن جو گلستان آهه.
عندليبن عاشقن سائين، نينهن جو نيشان آهه.
اهڙو شهر برهه بحر، ڪاٿئين ڪو نه عيان آهه.
صورت سيرت هلڻ چلڻ، صفت ۾ سلطان آهه.
امير بخش جائي ملڪ خدائي، جوڙيو ته جوڙ جوان آهه.
ڪل نفس ذائقة الموت جو پر جهان آهه.
مطلب:
146.1 هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.
147. لالچ، بري بلا (سنڌي، چوڻي)
هڪڙو درويش واٽ وٺيو پئي ويو. هڪ دڪاندار سڏ ڪري، پنھنجي دڪان تي ويھاريس. سرڌا وچان، ماکيءَ جو هڪ پيالو ڀري، شربت ٺاهي ٿي پياريائينس. جيستائين دڪاندار پاڻي ڀري، تيستائين ڪيتريون مکيون اچي ماکيءَ تي مڙيون. ڪي ته پيالي ۾ پئجي مري ويئون. تنھن تي هن درويش چيو ته؛
مکي بئٺي شھد پر، پنک گئي لپٽاءِ،
ھاٿ ملي اور سر ڌوني؛ لالچ بري بلاءِ.
لالچي ماڻھوءَ جو اندر وارو انسان مريو وڃي. شرم/ حياءَ نالي ڪا به شيءِ وٽس ڪين ٿي رهي. عزت غيرت جو تقدس، کانئس ڇڏايو وڃي. سندس وات ۽ پيٽ، سندس نڪ جي مٿان ٿيو وڃن. هر وقت پيٽ سان سوچيندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس حيثيت، پيٽ ۾ پيل پرائي بلا يا غلاظت جھڙي ٿيو وڃي.
مطلب:
147.1 لالچ، لعنت آهي.
147.2 لالچ، بڇڙي شيءِ آهي
148. لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي (هندي، چوڻي)
لڇميءَ/ دولت سان الائي ڪيترا عيب ڍڪجيو وڃن. اهي ڪم، جيڪي سڃو ماڻھو ڪري ٿو، تن کي نفرت جي نگاهه کان ڏٺو وڃي ٿو. ان جي برعڪس، ساڳيا ڪم امير ماڻھو ڪري ته انھن ڪمن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو ڪمال انھيءَ دولت جو آهي، جيڪا سندس عيبن تي پردو چاڙهيو بيٺي آهي.
مطلب:
148.1 لڇمي ماتا! نمسڪار.
148.2 مايا کي نمسڪار.
148.3 او ڀلامانس ڪيسا، جدي ڪول نئين پيسا. (پنجابي)
148.4 اٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنا نر به ويڳاڻو.
149. لنب، مکڻ چنب (ٿر، زرعي، چوڻي)
لنب ؛ ٿري گاه جو قسم، جيڪو طاقت وارو ٿئي. مال ڀٽارو کائي ته کير جام ٿئيس. کير به اهڙو گهاٽو جو ڪلي کير منجهان پاءُ مکڻ نڪري. اهو ئي سبب آهي جو ٿري ڌراڙ، مال کي اُها جوءِ ڳولي ڳولي چاريندا آهن، جتي لنب جام هجي.
مطلب:
149.1 دد
150. مار، آهي ڏاتار (لاڙ، چوڻي)
اولاد/ زيردست کي جيستائين مھميز نه ڏبي، تيستائين سڌرندو نه. جيڪڏهن پاسخاطري ڪبي، مار موچڙو نه ڏبو ته ٻار کري، ارن مان نڪري ويندو ۽ کيس ڌَتِ ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان لءِ ضروري آهي ته ٻار کي اک ۾ رکجي ته جيئن اڌرڻ کان بچي پوي. جڏهن ٻار سڌرندو ته لامحاله زندگي به سندس سڌرندي. ٻين لاءِ به فائديمند ٿيندو. زندگيءَ جو سنوارجڻ ۽ سڌرڻ، ڏيھن جي ڏاتار طرفان آهي .
مطلب:
150.1 مار، سنوار آهي.
150.2 عرشان چار ڪتابان لٿيان، پنجوا لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جھڙا ڪيتا ڏنڊا.
151. مانجهاڻي: منجهند تائين. (چوڻي)
مانجهي خان کوسي جي نالي پويان اڏيل شهر؛ مانجهي پور جا کوسا مانجهاڻي سڏائيندا آهن. طبعًا ڏاڍا سادا ۽ ويسارا آھن. صبح جو سنگت رکي، منجهند تائين وساري ڇڏيندا آهن.
مطلب:
151.1 مانجھڻين جي سنگت بابت گمان آهي ته ٿوري عرصي لاءِ هلندي آهي.
152. مانگهه، ڇوڙا ڏاگهه (هندي، چوڻي)
مانگهه ؛ هندي يارهون مھينو، جيڪو 15 جنوريءَ کان 15 فيبروريءَ تائين هلندو آهي. منجهس سخت پارا پون. اٺ به مست ٿين ۽ مستيءَ ۾ ڇوڙايون وتن/ وڃن.
مطلب:
152.1 دد
153. مائٽي، آهي رت (سنڌي، چوڻي)
اصل مائٽي آهي، رت جي رشتيداري. شاديءَ وغيره کانپوءِ جڙيل مائٽي به مائٽي ئي آهي پر ان ۾ ايترو جُهٻو نه ايندو آهي، جيترو رت واري رشتيداريءَ ۾ ايندو آهي. مائٽ/ ماءُ پيءُ ڪاوڙبا ته ڪُھندا ڪونه. جڏهن ته رشتيداريءَ واريءَ مٽيءَ ۾ ايڏو ڪھڪاءُ نه ايندو آهي.
مطلب:
153.1 رت، دانگيءَ تي وريو پوي.
153.2 رت کي باهه لڳندي آهي.
153.3 پنھنجو ماري، ڇانءَ ۾ اڇلي،
ڌاريو ماري، اس ۾ اڇلي.
154. مايا آهي، ڇلڻي. (هندي، چوڻي)
مايا؛ ڌن، دولت.
ڇلڻي؛ ڇلني، ڇاڻي، پرڻ.
مايا ۽ ملڪيت، ڌن ۽ دولت، پرڻ وانگر زماني جي وٿين مان جانين کي ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ آھي. مٽن ۽ سنگتين کئ ھڪ ٻئي کان ڀنڀلائيندڙ ۽ راه کان هٽائيندڙ آهي. ان جي محبت، ٻئي جھان وڃائي ٿي. مٽ مائٽ ڇڏيو وڃن. آخر ۾ پاڻ به ساٿ ڇڏيو وڃي. ڪنھن سان به وفا نه ٿي ڪري. اچي به تيزيءَ سان، وڃي به تيزيءَ سان. ڪٿي به ٽڪاءُ نه اٿس. بي ڀروسي شيءِ آهي. کانئس ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ گهرجي.
مطلب:
154.1 دولت اچي ته ڪنڌ ڀڃي، وڃي ته چيلهه ڀڃي.
154.2 دولت اچي ته انڌو ڪري، وڃي ته چيلهه چٻي ڪري.
154.3 پئسو آھي ڌوڙ، ڌوڙ پئسي جي منھن ۾.
154.4 مايا، ڇلڻي آھي.
154.5 مايا، ڌوتي آهي.
154.6 مايا، ڏائڻ آهي.
154.7 دولت نھن کان ماس وڇوڙي.
154.8 شاھوڪار جا سالا به گھڻا، غريب جو ڀيڻيويو به ڪو نه.
155. مڙس ته رتي (سنڌ، چوڻي)
مڙس ماڻھو اهو آهي، جنھن ۾ غريت هجي. سير نه هجيس ته رتي هجيس. غيرت/رڏي/ارڏائپ، مڙس جي نشاني آهي. جنھن مرد ۾ اهي خوبيون ناهن، اهو گيدي/ ڀاڙيو/ ڇسو ۽ بيڪار آهي.
مطلب:
155.1 مڙس ته ضد/رڏي/وير/همت.
155.2 مڙس ته ڦـڏو، نه ته جڏي جو جڏو.
156. مڪو، آ پڪو (سرو، چوڻي)
مڪي شريف جا رهواسي، عقيدي ۾ ڏاڍا پڪا هيا/آهن. جڏهن شرڪ/ڪفر تي هيا ته به پڪا هيا. منجهن منافقي يا ٽيڙي ويڙي نه هئي. جڏهن ايمان آندائون، ته به پڪا هيا، منجھهن منافقي يا ٽيڙي ويڙي ڪانه هئي. اڄ به مڪي کان موٽندڙ حاجين کان پڇبو ته ٻڌائيندا؛ مڪي ۾ جلال آهي. مديني ۾ جمال آهي. مڪي جا ماڻھو مزاج ۾ سخت ۽ مديني جا ماڻھو مزاج ۾ منٺڙا آهن .
مطلب:
156.1 دد
157. ململ ته سنڌڻ (سنڌ، چوڻي)
آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ملڪ جي ٺھيل ململ (ڪپڙي جو قسم)، جڳ مشھور هئي. سڄي دنيا ۾ وڪامندي هئي ۽ شوق سان زيب تن ڪئي ويندي هئي. يوناني ته ململ کي چوندا ئي Sindon هئا. عرب کيس سُندس سڏيندا هئا.
مطلب:
158. مِني، ڪوڀ ڪني (هندي، پھاڪو)
مِني ؛ نڪ ويٺل ۽ ننڍي قد واري ڇوڪري. عيب ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا صورت جا ٻيا سيرت جا. عيب ڪھڙو به هجي، مڙئي خراب آهي. جڏهن ته سيرت جو عيب مڙني عيبن کان خراب آهي. صورت جو عيب، ڌن دولت سان لڪيو وڃي. جڏهن ته ڪنواري ڇوڪريءَ جو بيني نڪ ۽ هلڪي قد وارو عيب، ڌندولت سان به نه لڪي سگهندو آهي. ڪنيءَ مڇيءَ وانگر پئي ٿـڏبي آهي.
مطلب:
159. ميوو، مندائتو ڀلو (سنڌ، پھاڪو)
ميوو/ ڦل/ نتيجو/ موٽ وقتائتي وڻندي آهي. ڪنھن ساه چڱائي ڪجي ۽ اهو ڪم پئي/ وقت سر موٽ ڏئي ته وڻندو. جيڪڏهن ويلي وئي کان پوءِ پيو ورنائيندو ۽ وهلور ويندو ته ڪونه وڻندو. اهڙيءَ طرح ميويدار وڻ جو ڦل به تازو ۽ پنھنجي مند وارو، وڻندڙ، خوشبودار، فرحت بخش ۽ قوت بخش هوندو آهي. جڏهن ته ارهاڙيءَ وارو ميوو بي مزي، بي طاقت، ڪينئارو، ڪوڙو، ڪسارو، ڪمزور ۽ غير فرحت بخش رهندو آهي. اولاد به ائين آهي. جوانيءَ ۾ ڄاول اولاد طاقت وارو ۽ پيريءَ ۾ ڪم ايندڙ هوندو آهي. پيريءَ ۾ ڄاول اولاد ڪمزور ۽ ڪم نه ايندڙ ٿيندو آهي.
مطلب:
160. ناداني، وڏي مفلسي. (چوڻي)
مفلس اهو ناهي، جيڪو سڃو / نادار آهي. حقيقت ۾ مفلس اهو آهي، جيڪو پئسي کي صحيح طرح سنڀالي / استعمال نه ٿو ڪري سگهي. بيوقوف ۽ نادان، آيل پئسو رکي نه کائيندو آهي. ائين ئي زيان / دُڦُ ڪري ڇڏيندو آهي. مٿان وري ڪمائڻ جي صلاحيت به نه هوندي اٿس، جنهنڪري جلد مفلس ٿي ويندو آهي. نادانيءَ / ذهني ناداريءَ سبب، ٻين جون همدرديون به وڃائي ويهندوآهي.
مطلب:
160.1 عقل کان سواءِ، دولت هوندي به سڃ آهي.
160.2 سڃي ۾ سڃو ماڻهو اهو آهي، جنهن وٽ عقل ناهي.
161. ناڻو، بڻائي راڻو (هندي، چوڻي)
ناڻي سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. غلط ڪم به صحيح ٿي سگهي ٿو. ڪاوڙيل ماڻھو پرچائي سگهجن ٿا. پئسي سان سونھن/صحت/آسائش آهي. ماڻھو ٻين جي محتاجيءَ کان بچيو پوي. ٻيا سندس ڳيجهو ٿيو پون.
مطلب:
162. ناڻو، رتا وڇوڙي (سنڌي، چوڻي)
ڌن/ دولت ۾ چمڪو آهي. هر ڪنھن جي خواهش هوندي آهي ته دولت کيس ملي رات اچي. جڏهن هڪ شيءِ جا اميدوار گهڻا ٿيندا آهن ته پاڻ ۾ وڙهندا آهن. اها شيءِ به نخرا الڳ ڪندي آهي. اميدوار، ڀلي پاڻ ۾ جگري دوست هجن يا رت جا ڀئر هجن، پر وڙهندا ضرور .
دولت مان جتي گهڻا فائدا آهن، اتي وڏا نقصان به آهن. جاني جدا ٿيو وڃن، ڀائر به کنا کيڙا ٿيو وڃن.
ناڻي جي اچڻ سان وڏائي اچي ٿي. ماڻھو آسائش پسند/سھل پسند ۽ سست ٿئي ٿو. ٻئي ڪنھن جي نه غرض ڪڍي ٿو نه مٿس فلڪ آڻي ٿو. نتيجي طور ٻين جي اک جو ڪنڊو ٿيو پوي. دنيا ۾ سڃا/ محتاج گهڻا آهن. لالچ ۾ اچي سندس ڪم لاهيو ڇڏين.
ان ڪري ضروري آهي ته ڌن/دولت جمع ڪري نه رکجي. غريبن/ محتاجن ۾ ونڊ يورهائي کائجي. ونڊ يورهائي کائڻ ۾ سک آهي. ناڻي مٿان نانگ بڻجي ويھڻ ۾ وڏا نقصان آهن. ماڻھو دوستن کان ڪٽجي وڃي ٿو. رت جي رشتيدارن کان به ٽُٽيو وڃي .
مطلب:
162.1 ناڻو، نينھن ٽوڙي.
163. نـٿان، سدائين پرباش (سرو، پھاڪو)
نـٿان؛ بدقماش عورت، پنھنجي بدچاليءَ سبب آل جال ڪمائيندي آهي ۽ الائي ڪيترن وڏن گهراڻن جي ماڻھن سان سندس تعلقات هوندا آهن. جنھن ڪري سندس گهڻي آؤ ڀڳت ٿيندي آهي. مفت جي مليل مال تي، هر وقت پرباش گذاريندي آهي.
مطلب:
164. نِمي، سو ڳورو (سنڌ، پھاڪو)
جھڙيءَ طرح تارازيءَ جو نِميل پـُڙ ڳورو هوندو آهي، اهڙيءَ طرح هيٺانھين/ نوڙت ڪرڻ وارو ماڻھو به وزندار ٿيندو آهي. وڏائي ڪرڻ وارو ماڻھو، هلڪڙو/ٽرڙو/ڇسو ٿيندو آهي. مصلحتاً ٻيا سندس عزت ڪندا آهن. دلي طرح سمورا کانئس خائف/ متنفر هوندا آهن. ڪنھن ڪچھريءَ ۾ نانگ گهڙي اچي ته اٿي بيھبو آهي. ائين سندس اچڻ تي به هرڪو اٿي بيھندو آهي. نانگ خاطر اٿڻ، عزت وٽان ناهي، ڊپ سبب آهي. اهڙيءَ طرح ظالم ماڻھوءَ لاءِ اٿڻ، دل سان نه پر ڊپ کان آهي .
مطلب:
165. نياڻي؛ ست قرآن. (سنڌ، چوڻي)
نياڻي، نماڻائپ جي نشاني آهي. نماڻائپ، نه ڪڇڻ جي علامت آهي. جنھن نه ڪڇيو، تنھن گهڻو ڪڇيو. نياڻي، در لنگهي اچي ته کيس نه موٽائبو آهي. جنھن در آيل نياڻي موٽائي، تنھن ست دفعا قرآن کي موٽايو. سنڌ ۾ نياڻي موٽائڻ کي ايڏو وڏو عيب سمجهيو ويندو آهي.
مطلب:
165.1 نياڻي، آهي نماڻي.
166. وات؛ اڌ حڪيم. (سنڌ، چوڻي)
نياڻي آهي.
مطلب:
166.1 وات ته مئي، نه ته پئي.
167. ويائي، آهي ڪھائي. (ساهتي، چوڻي)
ويامڻ واري عورت جو مثال ڪٺل وانگر آهي. ويم ۾ به عورت کان جگر جو ٽڪرو جسماني طرح الڳ ٿئي ٿو. کانئس نفاس جو وڏو رت اڙهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٿانئس وڏو بار هلڪو ٿيو وڃي ۽ فرحت اچيو وڃيس. ويم جي سورن جي نافت به نافت هوندي آهي. اها ماءُ کي شاباس آهي جا برداشت ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ويم ۾ فوت ٿيل عورت کي شھيدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، بنا پڇا جنت ۾ ويندي .
مطلب:
168. ويري، وڍيا ڀلا. (سرو، چوڻي)
دشمني/ وير، ڪک جو به خراب آهي. ان ۾ ماڻھو سڄو ڏينھن پيو ڪُڙهندو/ڳرندو/ پسرندو/ جُهرندو آهي. اندر ۾ پوندڙ وڍ، ظاهري ڌڪن/ موچڙن کان تمام وڏا آهنب. سياڻا ماڻھو، هميشه وير/ڪروڌ/ ڪر ڪر کان ونءُ پيا ويندا آهن. ڇو جو ڪروڌ ٺڪرن جو پاڻي سڪايو ڇڏي .
مطلب:
168.1 باهه جو بَــرَ ڏي منھن.
168.2 ويري ۽ پنڌ، وڍيا ڀلا.
168.3 سڄڻ سؤ به گهٽ، دشمن هڪ به گهڻو.
169. هٺ، مارائيندڙ آهي (سرو، چوڻي)
هٺ/ وڏائي ڪرڻ وارو، ٻين جي نظرن ۾ آخر ڪري پوي ٿو. گهڻن جي دل آزاري ڪرڻ سبب مڙيئي سندس مخالف ٿيو پون. گڏجي سندس خلاف محاذ کڙو ڪرڻ بعد، کيس ڍيري ڪري رکن ٿا. جنھن به دنيا جي تختي تي وڏائي/ تڪبر/ آڪڙ ڏيکاري، سو نيٺ فنا ٿي ويو. فرعون ۽ نمرود جھڙا متڪبر، جن جو قرآن شريف ۾ به ذڪر آهي، تن جو اڄ دنيا ۾ نالو نشان ئي ڪونھي .
مطلب:
169.1 ڀيٽيو؛ ڪلام، ڪنڌ ڀر.
170. هر ميران رعيت (فارسي، پھاڪو)
هر ماڻھو، امير/سردار وانگر آهي. وٽس، هر امير/سردار وانگر رعيت آهي. هر امير کي پنھنجي رعيت سان تعلق آهي. هر رعيت کي پنھنجي امير جي ماتحت هلڻو آهي. پيءُ گهر جو وڏو يا امير آهي. سندس اولاد ۽ گهر واريون، سندس رعيت مثل آهن. کانئس سندس رعيت بابت پڇا ٿيندي. انھن جو ذمو سندس ڪلھن تي آهي .
مطلب:
171. هستيءَ کي مستي (سرو، چوڻي)
هستي/ وجود/طاقت سان ڪيترا ڪم سرانجام ڏيئي سگهجن ٿا. وڏي ۾ وڏا ڪارناما، حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ حاڪمن ئي ڏنا آهن. فقط پاور ۽ طاقت جي هستيءَ سبب. جيڪڏهن کين حڪمراني هٿ هيٺ نه هجي ها ته شايد اهڙا ڪارناما سرانجام نه ڏيئي سگهن ها. پنھنجي هستي برقرار رکڻ لاءِ، اهڙو اقتدار يا هستي هٿ ڪرڻ ضروري آهي. جيڪا مسلسل محنت/ جدوجھد کان پوءِ هٿ ايندي آهي. جڏهن هٿ ايندي آهي ته ماڻھو ان جي نشي ۾ مست ٿي پوندو آهي .
مطلب:
171.1 وجود کي حيثيت آهي.
171.2 دستيءَ کي مستي.
171.3 ٽيڪ کي بيک.
172. هنر، نر آهي (سنڌي، چوڻي)
نر، ڪيترين مادين کي ڦرائڻ لاءِ هوندو آهي. جيڪڏهن نر نه هجي ته ماديون ڍُڪيون نه ٿين. نر سان نسل جي افزائش آهي. اهڙيءَ طرح هنر سان به ڪيترن جو پيٽ پلجي ٿو. هنر ذريعي آيل پئسن سنا ڪيترائي معاشي ۽ معاشرتي، ثقافتي ۽ تمدني مسئلا حل ٿين ٿا. زندگيءَ ۾ آسائش حاصل ٿئي ٿي.
مطلب:
173. هير، ڇني پير. (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)
عادت، عضوي مثل آهي. جيڪا نه نڪري، نه نڪرندي آهي. ڀلي کڻي ڪاٺ ۾ وڃڻو پوي يا ٿاڻي ۾ سچُو کائڻا پون، پر ڪرڻو ائين آهي جيئن عادت يا هير پيل آهي. ڀلي مٽ مائٽ مائٽي ڇني وڃن، دوست احباب تعلقات ٽوڙي ڇڏين پر عادت کان مـُڙڻو ناهي.
مطلب:
173.1 هير، ڪٽائي پير.
173.2 عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
174. يارن ڪھڙا ليکا. (لاڙ، چوڻي)
هڪ لڱا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪنھن گوشائتي هنڌ ويٺي تسبيح پڙهي. اوچتو، اتان ٻه زالون اچي لانگهائو ٿيون. جن مان هڪڙيءَ ٻيءَ کان پڇيو ته؛ ”تنھنجي آشنا تو کي ڇا موڪليو ۽ تو ڇا موڪليس؟“
زال وراڻي ڏني ته؛ ”يارن سان ڪھڙا ليکا؟“
شاهه لطيف هي جواب ٻڌي چيو ته؛ ”افسوس! جو مونکي هنن زالن جيترو به عقل ڪونھي. جو آءٌ الله سائين جو ذڪر ڪندو هڪ هڪ داڻو ڦيريندو وتان. اهو به ٿيو هڪڙو ليکو.“
هن پوءِ تسبيح ڪري ڦٽي ڪئي.
مطلب:
174.1 جن سان هينئون گڏيل هجي، تن سان ليکو نه رکجي.
174.2 جيڪي گھرا دوست هجن، تن سان تٿا مدا نه پائجن.
174.3 حسابِ دوستان، در دل.
ڏسڻي
1. آپگهات، مھا پاپ (هندي، چوڻي)
2. آمون، ڏهه گامون (لاڙ، زرعي، چوڻي)
3. آنڊي ۾ ٽانڊو (هندي، پھاڪو)
4. اُٺا، مڙيئي ڀلا. (ٿر، چوڻي)
5. اُٺي، بُھه چُٽي. (هندي، پھاڪو)
6. اسي، مت کسي (ساهتي، چوڻي)
7. اصفھان، نصف جھان (فارسي، چوڻي)
8. اڳي، سو تڳي (سرو، چوڻي/ پھاڪو)
9. انڌي، ملتان لڌو (سنڌ پھاڪو)
10. انسان، اکر بس (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
11. انسان، اونڌي کوپري (ساهتي، چوڻي)
12. ايمان، آهي مھمان (سنڌ، چوڻي)
13. بڊو، اکين ڪڍو (هندي، چوڻي)
14. بڊو، بکن ڪڍو (هوندي، چوڻي)
15. بڊو، ڏيڻين ڍڍو (هندي، ٿر، چوڻي)
16. بيٺل پاڻي، ٻوڙي (سرو، پھاڪو)
17. بيک کي ٽيڪ (ساهتي، پھاڪو)
18. بي وڙو، لوڪ تڙيو (سرو، چوڻي)
19. ٻار، ٻاڪرو ڦر (ساهتي، چوڻي)
20. ٻه ته ٻارنھن (سنڌ، پھاڪو)
21. ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو (هندي، چوڻي)
22. ڀاڻ، سدا جواڻ (زرعي، چوڻي)
23. ڀائرن ڀاڱا لھڻا (ساهتي، چوڻي)
24. ڀڳين، ڪھڙا سيڻ؟ (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
25. تڪبر، ڪنڌ ڀر (نصيحت، چوڻي)
26. تندرستي، هزار نعمت (فارسي، پھاڪو)
27. ٿورو سڃاڻڻ گهرجي (ساهتي، چوڻي)
28. پڇن، سي پسن (سرو، چوڻي)
29. پڇن، سي وير (سرو، چوڻي)
30. پدرم، سلطان بود (فارسي، پھاڪو)
31. پنجن ۾ پرميشور (هندي، پھاڪو)
32. پوهه، کلن کوهه (هندي، چوڻي)
33. پوهه، لاڻا لوهه (ٿر، چوڻي)
34. پھريون ملھه، کستوري (واپاري، چوڻي/پھاڪو)
35. پسئو، پرين آهي (ساهتي، چوڻي)
36. پيءُ پٽ، ليکو (ساهتي، چوڻي)
37. جاڳ، لڳئي ڀاڳ (سرو، چوڻي)
38. جان ته جھان (طبي، چوڻي)
39. جان ته جوان (طبي، چوڻي)
40. جاڻ ته جواڻ (طبي، چوڻي)
41. جڙيءَ کي جس (سنڌي، پھاڪو)
42. جگر، نيٺ جگر (سرو، چوڻي)
43. جماعت ۾ ڪرامت (لاڙ، چوڻي)
44. جواريءَ، ميٺي هار (سرو، پھاڪو)
45. جواهر پرکي جوهري (سنڌ، پھاڪو)
46. جوڳي رمتا ڀلا (هندي، پھاڪو)
47. جيسوءَ کي تيسو (هندي، چوڻي/ پھاڪو)
48. جيءَ ته جھان (طبي، چوڻي)
49. ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (سنڌ، چوڻي)
50. ڄاٽو، ڌونئرو مٺو (سنڌ، چوڻي)
51. ڄايا، کلڻ آيا (سرو، پھاڪو)
52. ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)
53. جهنگ، آهي ننگ (هندي، چوڻي)
54. جهنگ، پنھنجا رنگ (هندي، پھاڪو)
55. چِٽ، ڪڍي ٽِٽ (ساهتي، چوڻي)
56. چيٽ، لڱن ميٺ (هندي، ٿر، چوڻي)
57. ڇورو، پاڻ زورو (ساهتي، چوڻي)
58. حال، پريان نال (سنڌ، چوڻي)
59. حرڪت ۾ برڪت (سنڌ، پھاڪو)
60. حڪومت، فيل مست (سنڌ، چوڻي)
61. خفي سان نفعو (سرو، چوڻي)
62. خوشخطي، اڌ علم (فارسي، چوڻي)
63. دال، ٻچڙي پال (سنڌ، پھاڪو)
64. دام، ڪري ڪام (هندي، پھاڪو)
65. دستيءَ کي مستي (سرو، پھاڪو)
66. ڌاري، وجهي گهاري (سنڌ، چوڻي)
67. ڌرمي، ٿيا ڀرمي (هندي، پھاڪو)
68. ڌن بسيار، واپار (هندي، واپاري، چوڻي)
69. ڌيئون، آهن ڊڀوريون (ساهتي، چوڻي)
70. ڏاڍو، سو گابو (سنڌ، پھاڪو)
71. ڏٺا، منھن مٺا (ساهتي، چوڻي)
72. ڏنو، ٻنو آهي (سنڌي، چوڻي)
73. ڏنو، پنڌ ڇنو (ساهتي، چوڻي)
74. ڊڄي، سو مري (سرو، چوڻي)
75. ڏينھن، آهي شينھن (سنڌ، چوڻي)
76. ڍڳو، آرڙو ڀلو (لاڙ، چوڻي)
77. رات، پنھنجي تات (سنڌ، چوڻي)
78. رت، راڻو آ (سنڌ، چوڻي)
79. رڌي پڪي، يا نصيب (سنڌ، پھاڪو)
80. رڙهندي، روان باشد (سرو، چوڻي)
81. رکڻ، آهي رک (واپاري، چوڻي)
82. زن، جهيڙي جوڀن (سنڌ، چوڻي)
83. زندگي بي بندگي، شرمندگي (فارسي، چوڻي)
84. زور آڏو زاري (ساهتي، چوڻي)
85. سار، پاڻيءَ تار (لاڙ، زرعي، چوڻي)
86. ساري، ست مڙسي (زرعي، چوڻي)
87. سڄڻ، ٽُردي ڀلي (سرو، چوڻي)
88. سِر سِر ڪلا (هندي، پھاڪو)
89. سرڪار، اونڌي ڪوپري (سرو، چوڻي)
90. سفر، آهي سقر (سرو، چوڻي)
91. سفر، وسيله ظفر (فارسي، چوڻي)
92. سنتوکي، براهمڻو سُکي (هندي، چوڻي)
93. سنپت، آهي برڪت (هندي، ٿر، چوڻي)
94. سنڌيءَ سنڌو آهي (ساهتي، چوڻي)
95. سنسار، مھا ڄار (هندي، چوڻي)
96. سنگ جو پرسنگ (هندي، چوڻي)
97. سوال ويچارو آهي (سنڌ، چوڻي)
98. سوڀون، سر گهرن (سنڌ، پھاڪو)
99. سوئا پالڪ، چوڪا (لاڙ، چوڻي)
100. سيڻ، آهن نيڻ (سرو، چوڻي)
101. سيڻپو، ويڻپو، ويرپو (سنڌ، چوڻي)
102. شادي، خانه آبادي (فارسي، چوڻي)
103. شاهه واپاري، جوڳي (واپاري، چوڻي)
104. طمع، بڇڙائي ڪرائي (سنڌ، چوڻي)
105. طمع، بڇڙو ٽول (سنڌ، چوڻي)
106. عادت، عضوو آهي (سنڌ، چوڻي)
107. عرض، آهي مرض (سرو، چوڻي)
108. عقل بنان اوندهه (ساهتي، چوڻي)
109. عقل، کائي غم (سرو، پھاڪو)
110. علم، قوت آهي (سنڌ، چوڻي)
111. غرض، گولي آهي (لاڙ، چوڻي)
112. غلط العام، صحيح (عربي، چوڻي)
113. فڪر، آزاد آهي (اشتراڪي، چوڻي)
114. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ (فارسي، پھاڪو)
115. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇڻ (سرو، پھاڪو)
116. ڪرسيءَ کي سلام (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
117. ڪلام، ڪنڌ ڀر (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
118. ڪلجڳ، ڪر جڳ (هندي، چوڻي)
119. ڪماليت کي زواليت (فارسي ، چوڻي)
120. ڪنڊيارو، ويٺو رو (ساهتي، چوڻي)
121. ڪوري، مت ٿوري (ساهتي، چوڻي)
122. کلندڙ تان خير (ساهتي، چوڻي)
123. کيتي، سر سيتي (زرعي، پھاڪو)
124. گوني، سدا اونھي (لاڙ، چوڻي)
125. لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)
126. لالچ، بري بلا (سنڌي، چوڻي)
127. لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي (هندي، چوڻي)
128. لنب، مکڻ چنب (ٿر، زرعي، چوڻي)
129. مار، آهي ڏاتار (لاڙ، چوڻي)
130. مانگهه، ڇوڙا ڏاگهه (هندي، چوڻي)
131. مائٽي، آهي رت (سنڌي، چوڻي)
132. مايا، آهي ڇلڻي (هندي، چوڻي)
133. مڙس ته رتي (سنڌ، چوڻي)
134. مڪو، آ پڪو (سرو، چوڻي)
135. ململ ته سنڌڻ (سنڌ، چوڻي)
136. مِني، ڪوڀ ڪني (هندي، پھاڪو)
137. ميوو، مندائتو ڀلو (سنڌ، پھاڪو)
138. ناڻو، بڻائي راڻو (هندي، چوڻي)
139. ناڻو، رتا وڇوڙي (سنڌي، چوڻي)
140. نـٿان، سدائين پرباش (سرو، پھاڪو)
141. نِمي، سو ڳورو (سنڌ، پھاڪو)
142. نياڻي، ست قرآن (سنڌ، چوڻي)
143. ويائي، آهي ڪھائي (ساهتي، چوڻي)
144. ويري، وڍيا ڀلا (سرو، چوڻي)
145. هٺ، مارائيندڙ آهي (سرو، چوڻي)
146. هر ميران رعيت (فارسي، پھاڪو)
147. هستيءَ کي مستي (سرو، چوڻي)
148. هنر، نر آهي (سنڌي، چوڻي)
149. هير، ڇني پير (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)
زبردست بھترين واھ واھ لاجواب سائين مھرباني
ReplyDelete