Saturday, October 20, 2018

چُونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


چُونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 
پهاڪي، اصطلاح، ورجيس، چوڻيءَ ۽ محاوري سان جملو خوبصورت ۽ پُر معنيٰ بنجي ٿو. سمجهڻ ۾ نه رڳو آساني ٿئي ٿي، بلڪ عبارت وڻندڙ لڳي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تحرير يا گفتگو ۾ ڪو به پهاڪو يا اصطلاح نه هوندو ته اُها ٻُسي ڦِڪي ۽ ڪوجهي لڳندي. اِن لاءِ هي ٻه جملا ڀيٽي ڏسبا ته ڳالهه واضح ٿي ويندي:
۱.      آنڊن جا واهي گدڙ.
۲.     فلاڻو بي ايمان آهي.


جملي نمبر ٻئي ۾ اُهو ئي چيو ويو آهي، جو پهرئين ۾ چيل آهي، جو پهرئين ۾ چيل آهي. يعني آنڊن جي حفاظت لاءِ گدڙ چوڪيدار ڪو نه ويهاربو، هُو کائي ويندو. ٻيو جملو به اُها ئي معنيٰ ڏي ٿو يعني بي ايمان تي ڀروسو ڪو نه ڪبو.
چوڻين، پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻوليءَ جو حسن وڌي ٿو ۽ معنيٰ مطلب چِٽو ٿئي ٿو. دنيا جي شاهوڪار زبانن وانگر سنڌي عالمن، هنن موتين کي ميڙڻ ۾ ڪو نه گهٽايو آهي. هن موضوع تي چڱو چوکو بنيادي ڪم ٿيو آهي. اُن لاءِ ايئن چوڻ صحيح نه ٿيندو ته: ”ورجيسن، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن يا محاورن تي سنڌيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪم نه ٿيو آهي. هيءَ ڳالهه ڪتاب ورجيسون ۾ ’سدا اکر‘ نالي مهاڳ لکندڙ جناب نذير سومري ڪئي آهي (ص ۱۱). هڪ ته هي جملو به غلط آهي. چئبو هيئن ته: ”سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ٿيو آهي.“ ٻيو ته ليکڪ جناب عبدالوهاب سهتي سڀني صنفن کي ورجيس ڄاتو آهي. ايئن نه آهي. هن سلسلي ۾ جناب سنتداس پنهون مل ڪشناڻي جي ڪوش (ڊڪشنري) ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ جو مقدمو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکيو آهي جو هند ۽ هاڻي سنڌ ۾ جدا ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي پهاڪن، محاورن يا اصطلاحن ۽ ورجيسن جي باري ۾ انهن جي هيئت ۽ استعمال ۽ باهمي فرق بابت کولي سمجهايو آهي. انهن جا ٽي قسم آهن: ۱. ٻٽا لفظ: جئن، ڏٽو مُٽو، ڇوڪر ٻاڪر، اچ وڃ وغيره ۲. ڀيٽ ڏيکاريندڙ لفظ: جئن، مٺو ماکيءَ جهڙو، سانڊي وانگر رنگ بدلائڻ وغيره ۳. اڳياڙين ۽ پڇاڙين ذريعي جڙيل لفظ يا فقرا، جئن: غير ضروري، هر روز وغيره.
ايئن چوڻ هن حد تائين صحيح آهي ته هن علمي خزاني تي ترتيب ۽ سهيڙ کان ڪم اڳتي نه وڌيو آهي. اُن ڪري ڪي ماڻهو هر مصدر کي اصطلاح سڏين ٿا. کائڻ پيئڻ اُٿڻ ويهڻ هرگز اصطلاح نه آهن. اگر ڪو فقرو معنوي لحاظ کان ورتل معنيٰ ڏي ته اُهو اصطلاح آهي. جيئن ”باغ باغ ٿيڻ“، سهيڙ ترتيب جي لحاظ کان ۽ ڪٿي سمجهاڻي ڏيڻ جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب آهن: ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي (۱۸۴۴ع – ۱۹۱۶ع) اُهو پهريون وڌوان هو جنهن ”سنڌي پهاڪا“ ڪتاب ۱۸۸۹ع ۾ ڇپايو. اُن کان پوءِ ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ پهاڪن جو ڪتاب گل شڪر تيار ته ۱۸۶۹ع ۾ ڪيو هو پر ڇپيو ۱۹۰۵ع ۾، پوءِ ان جا ٻيا ست ڇاپا نڪتا. روچيرام گجومل ڪرپالاڻي انگريزيءَ ۾ ۱۸۹۲ع ۾ سنڌي پهاڪن جو ڪتاب ڪڍيو. ديوان ڪيولرام پهاڪن جي سمجهاڻي ڏيندي فارسي شعر به ڏنا آهن. ۵۷۰ پهاڪا گڏ ڪيا اٿس.
سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر: هي ڪتاب غلام اصغر ۵۵ – ۱۹۵۶ع، آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد ذريعي ڇپايو. ۵۷۴ صفحن جي هن ضخيم ڪتاب ۾ اصطلاحن جي سمجهاڻي ڏنل آهي ۽ اُن ۾ اڪثر اصطلاحن جي داخلا غلط ڪيل آهي. ’جئن وري اچڻ‘، جي معنيٰ   ”فوت ٿيڻ“ ڪيل آهي (ص ۵۲۰). معنيٰ ته صحيح آهي پر اصطلاح ’مري وڃڻ‘ آهي ۽ خاص طور ننڍي ٻار جي وفات تي ’وري وڃڻ‘ چئبو آهي. اڪثر مصدرن کي اصطلاح سڏيو ويو آهي. جيئن اک اُٿڻ (ص ۳۹). هن ۾ ڪا ئي اصطلاحي معنيٰ نه آهي. هر فعل اصطلاح نه ٿيندو آهي. ڪي ليکڪ به مصدرن کي اصطلاح سڏي پنهنجن اهڙن مضمونن ۾ اڻ ڄاڻ ماڻهن کي گمراهه ڪن پيا. اصطلاح ۾ ٻي ورتل ۽ خوبصورت معنيٰ بنبي. اُن کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا ٻه ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۽ ”اصطلاحن جي اصليت“ هنن صنفن جي بهترين سمجهاڻي ڏين ٿا. پهاڪو ۽ اصطلاح پنهنجي هيئت ۽ معنيٰ ۾ پڌرو آهي.
پهاڪو:   انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
اصطلاح: اَڪن کان انب گهُرڻ.
پهاڪن ۽ اصطلاحن تي ٻيا هي ڪتاب به شايع ٿيا:
۱.      قليچ بيگ – پهاڪن جي حڪمت
۲.     ڀيرومل – پهاڪن جي پيڙهه ۽ گلقند
۳.     گهنشامداس – سنڌي ٻوليءَ جي سونهن
۴.     موهن لال شهاڻي – سنڌي اڊيمس
۵.     تيرٿ داس پيسومل – پهاڪن جي پاٻوهه
۶.     سترامداس جُڙيا سنگهاڻي – دُرن جي دٻلي، ماڻڪ موتي
۷.     ليکراج عزيز – سنڌي اصطلاح
۸.     وشوناٿ دنڪر – ڀارتيه ڪهاوت ڪوش (سنڌي پهاڪا به شامل)
۹.     سنتداس پنهون ملڪ ڪشناڻي – سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح (هن ڪتاب ۾ ۱۲ هزار سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح آهن)
ڊاڪٽر جيٽلي جي تحقيق ۾ هنن مڙني ڪتابن مان چونڊ پهاڪا ۽ اصطلاح هن هيٺ ڏجن ٿا.
پهاڪا
۱.                          اُڀ ۾ جو ٿڪ اُڇلائي، سو پنهنجي منهن ۾ پائي.
۲.                         اُٺ ڀريو به ڪرڪي، سکڻو به ڪرڪي.
۳.                         اُٺ ٻڏندو، پڇ ڏانهن تري.
۴.                         اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏانهن ڀڄي، تنهن جو اڌ به وڃي.
۵.                          آزمائي کي آزمائي، سو ڌوڙ منهن ۾ پائي.
۶.                         اُستاد جي مار، ٻار-سنوار.
۷.                         اُکرين ۾ مٿا وجهن، سي مُهرين ڀر ڇو ڊڄن.
۸.                         اَڳياڙي تن جي سُرهي، جن جي پڇاڙي سُرهي.
۹.                         اَگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
۱۰.                     اَلله سڃاڻي سِڱَ ٿو ڏي.
۱۱.                      انڌن وڃي ملتان لڌو.
۱۲.                     انسان خطا جو گهر آهي.
۱۳.                     اَنَ جو منهن جَنڊَ ڏانهن.
۱۴.                     اَنڌو ۽ اڻ سونهون، هڪڙي آچار.
۱۵.                      اَنڌو گهري اَلله کان ٻه اکيون.
۱۶.                     اَڻ گهريو ماءُ به ٿڃ نه ڏي.
۱۷.                     اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
۱۸.                     اهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.
۱۹.                     اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
۲۰.                    اُهو وڻ ئي ڪونهي، جو واءُ نه لوڏيو.
۲۱.                     آهه غريبان قهر خدائي.
۲۲.                    آئي ٽانڊي ڪاڻ، بورچياڻي ٿي ويٺي.
۲۳.                    اُڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين ساڌ جي.
۲۴.                    اندر ڪاري کان، ٻاهر جو ڪارو چڱو.
۲۵.                     اندر راضي، ٻاهر قاضي.
۲۶.                    اکئين لونگ لڳا، جافر ويا وسري.
۲۷.                    ان آهي ته ايمان آهي.
۲۸.                    بک ۾ بصر به مٺا لڳن.
۲۹.                    بيٺي جو هر ڪو يار.
۳۰.                    بيڪار کان بيگار چڱي.
۳۱.                     بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
۳۲.                    ٻه ته ٻارهن.
۳۳.                    ٻه گدرا مٺ ۾ نه ايندا.
۳۴.                    ٻڏي ٻيڙيءَ جو لوهه به چڱو.
۳۵.                     ٻري تيل کامي وٽ، واهه ڙي ڏيا واهه.
۳۶.                    ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
۳۷.                    ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
۳۸.                    ڀلو ڪر ته ڀلو ٿئي.
۳۹.                    ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو – ڀاڳ ڏي دٻ ته سيري مان رٻ.
۴۰.                    تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄي.
۴۱.                     تلوار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇُٽي.
۴۲.                    تِرَ جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
۴۳.                    تڪڙ ڪم شيطان جو.
۴۴.                    تُرهو به ٻڏجي ته پاتڻيءَ کي به سڏجي.
۴۵.                     ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
۴۶.                    ٿوري کٽئي گهڻي برڪت.
۴۷.                    ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو.
۴۸.                    ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
۴۹.                    پنڌ کان ڪتي جي وات ۾ چڱو.
۵۰.                     ٺلهو گهڙو وڄي گهڻو.
۵۱.                      پاپ جو گهڙو ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
۵۲.                     پڇڻا نه منجهڻا. (جي پڇن سي وير، جو لکڻ منجهه ماڻهئين، سو مکڻ منجهه کير).
۵۳.                     پنج آڱريون برابر نه آهن. (نه هر زن زن است، نه هر مرد مرد، خدا پنج انگشت يڪسان نه ڪرد).
۵۴.                     پرائي پُلاهه کان، پنهنجي پيڄ چڱي.
۵۵.                     پرائي دهلين احمق نچي.
۵۶.                     پنهنجي گهر ٻلي به شينهن.
۵۷.                     پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
۵۸.                     پرايون ماڙيون ڏسي، پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي.
۵۹.                     پيٽ ۾ بک اُرهه ۾ آڪڙ.
۶۰.                    ڦڙي ڦڙيءَ تلاءُ.
۶۱.                     جيڪو ڏاڍو، سو گابو.
۶۲.                    جت باهه ٻري، اُت سيڪ اچي.
۶۳.                    جُڙيءَ کي جس آهي.
۶۴.                    جتي ماکي، تِتي مک، جتي گنج، تِتي رنج.
۶۵.                     جو اڳي، سو تڳي.
۶۶.                    جنهن جو بڻ بڇڙو، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.
۶۷.                    جيئن دير، تيئن خير.
۶۸.                    جنهن کي باهه، تنهن جو آسرو لاهه.
۶۹.                    جنهن جي تُرهي ترجي، تنهن جو ڀلو گهرجي.
۷۰.                    جيڪو مُڙيو، سو جُڙيو.
۷۱.                     جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.
۷۲.                    جو نه ڪڇي، سو گھڻو ڪڇي.
۷۳.                    جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون.
۷۴.                    جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
۷۵.                     جهڙو گڏهه، تهڙا آٿر.
۷۶.                    جهڙي نيت، تهڙي مراد.
۷۷.                    جهڙي ڇالي، تهڙي پِني، جهڙو گهوٽ، تهڙي وني، جهڙو ٻج، ته تهڙي ٻني.
۷۸.                    جهڙو راجا، تهڙي پرجا.
۷۹.                    جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.
۸۰.                    جهڙا مِير، تهڙيون مزمانيون.
۸۱.                     جهڙا روح، تهڙا ختما.
۸۲.                    جهڙو مُنهن، تهڙو موچڙو.
۸۳.                    جهڙو ديس، تهڙو ويس.
۸۴.                    جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
۸۵.                     جيڪي چلهه تي، سي دل تي، جي اُسريا، سي وسريا.
۸۶.                    جي ڄڻين، سي نپائين.
۸۷.                    جيترا وات، اوتريون ڳالهيون.
۸۸.                    جيڏا  اُٺ، تيڏا لوڏا.
۸۹.                    جيڪي ڪُنيءَ ۾ هوندو، سو ئي پاٽ ۾ پوندو.
۹۰.                    جيءُ خوش، ته جهان خوش.
۹۱.                     جتي وڻ نه هوندو، اُتي ڪانڊيرو به درخت.
۹۲.                    چور نه ته چاڪي ئي سهي.
۹۳.                    چمڙن جي گهر ويا مهمان، چي اسين پيا لڙڪون، اوهين اچي لٿا.
۹۴.                    چَڪِرَ کي پُڄي لتر.
۹۵.                     چري ڀونڊي ۾ خوش.
۹۶.                    چري ڪيئن؟ چي ويران وير وڌ.
۹۷.                    چرين جا پُور، مٿي جا سورَ.
۹۸.                    چريءَ جو پُٽ، چُمين سان چَٽ.
۹۹.                    چرين ڪهڙا چِتَ، مُئن ڪهڙا مامرا.
۱۰۰.                چڱا سي، جن جا پويان چڱا.
۱۰۱.                 خان مان خاني، مانيءَ مان معلوم.
۱۰۲.                خون کٿوري ڳجها ڪين رهن.
۱۰۳.                ڏک سکن جي سونهن.
۱۰۴.                ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽياڻيءَ کي.
۱۰۵.                 ڏاهو ڪانءُ، ٻه ٽنگون ڦاسي.
۱۰۶.                ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
۱۰۷.                ڏٻرو وهٽ، سوير پلاڻجي.
۱۰۸.                دل جي ڪاراڻ کان، منهن جي ڪاراڻ چڱي.
۱۰۹.                دل کوٽي، عذر گهڻا.
۱۱۰.                 ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
۱۱۱.                  ڊڄجي تنهن جي ڊاءِ، جنهن جي وائيءَ کي ور گهڻا.
۱۱۲.                 رت دانگيءَ تي به وري پئي.
۱۱۳.                 راجا کي وڻي سا راڻي، تنهن کي ڪير چوي ڪاڻي.
۱۱۴.                 رڌي پڪي به يانصيب.
۱۱۵.                  رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان، جنهن جي ٻولي ٻي.
۱۱۶.                 رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهه ٿيا.
۱۱۷.                 جيڪو ڏاڍو، سو گابو
۱۱۸.                 روزن پٺيان عيدون.
۱۱۹.                 سڀاڳو پُٽ، پينگهي ۾ پڌرو.
۱۲۰.                سڀڪا ٻڪري، پنهنجي پائي ٽنگبي.
۱۲۱.                 سُتن جا پاڏا، ويٺن جون وڇون.
۱۲۲.                سڄن پيٽان وڍيا.
۱۲۳.                سائي کي سهي ڪو نه، بکئي کي ڏي ڪو نه.
۱۲۴.                سائو کنهي پيٽ، بکئي جو وڃي ساهه.
۱۲۵.                 سڄڻ سَڄي ٻانهن ڏي، ته سڄي نه ڳڙڪائجي.
۱۲۶.                سُرمو سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير.
۱۲۷.                سوناري جا سؤ ڌڪ، لوهار جو هڪ ڌڪ.
۱۲۸.                سچ ته بيٺو نچ.
۱۲۹.                سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن نه ٻڏي.
۱۳۰.                سُڪن گڏ آلا به ٻريو وڃن.
۱۳۱.                 سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏانهن سيري.
۱۳۲.                ستين لنگهڻين، ڪتو حلال.
۱۳۳.                سکڻي ڪُني، گهڻو اُڀامي.
۱۳۴.                سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
۱۳۵.                 سونٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوئي نه ڪري.
۱۳۶.                عقل ري عذاب، گهڻا سهندئين جندڙي.
۱۳۷.                غريب جي زال، هر ڪنهن جي ڀاڄائي.
۱۳۸.                قلندرن پويان ڪيئي ڪُتا ڀؤنڪن.
۱۳۹.                ڪاتيءَ گدري وارو ڪم.
۱۴۰.                ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو.
۱۴۱.                 ڪاڻي کي به ڪاڻو نه چئجي.
۱۴۲.                ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
۱۴۳.                ڪُتي جو پُڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پيو هجي ته به ڏنگي جو ڏنگو.
۱۴۴.                ڪَکَ جو چور، سو لَکَ جو چور.
۱۴۵.                 ڪَکَ سان به وير نه وجهجي.
۱۴۶.                ڪم پئي تي ڪَل پوي.
۱۴۷.                ڪن جو کٽيو ڪير کائين.
۱۴۸.                ڪِنُ ڪِنَ سان نه ڌوپي.
۱۴۹.                ڪٿي چور سُڃا، ته ڪٿي ڍور سُڃا.
۱۵۰.                 ڪِني آڱر، وڍي چڱي.
۱۵۱.                  کاڌي ڪاڻ کَرو، ڪم ڪاڻ ٻَرو.
۱۵۲.                 کاڌي کُوهه به کٽيو وڃن.
۱۵۳.                 کُوهن جا وات بند ٿي وڃن، ماڻهن جا وات بند نه ٿين.
۱۵۴.                 کُٽل واڻيو، پُراڻيون وهيون سنڀالي.
۱۵۵.                 گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا.
۱۵۶.                 گگر گگر پنڊا اڙيا.
۱۵۷.                 ڳڙ ڄاڻي، ڳُڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
۱۵۸.                 گهڻي کاڌي، گهڻي بُک.
۱۵۹.                 گهڻن کنئي، ڇپر به کڄي وڃي.
۱۶۰.                گهڻين زالن گهر نه هلي، گهڻن هارين هر نه هلي.
۱۶۱.                 لٺ به ڏيکارجي، چٺ به ڏيکارجي.
۱۶۲.                لٺ کڻجي ڀاءُ پاران، جواب ڏجي خدا ڪارڻ.
۱۶۳.                مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.
۱۶۴.                من ۽ موتي، ڀڳو ته سڄو نه ٿئي.
۱۶۵.                 ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
۱۶۶.                مرض اچي گهوڙي وانگر، وڃي جُون وانگر.
۱۶۷.                مروان موت، ملوڪان شڪار.
۱۶۸.                مُنهن ڪونئرو، ڳٽا پٽائي.
۱۶۹.                مُئا پَرِ، پٽجن هيل.
۱۷۰.                مور چڱو، پير ڏنگا.
۱۷۱.                 ميڙو متو ئي ڇڏجي..
۱۷۲.                ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ.
۱۷۳.                موچيءَ جا گهڙيا، موچيءَ جي منهن ۾.
۱۷۴.                مينهن ويامي اڍائي گهر پاري، زال ويامي اڍائي گهر کاري.
۱۷۵.                 نه ڪتو ڏسندو، نه ڀؤنڪندو.
۱۷۶.                نه ڪنهن جي کٿيءَ کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پَٽ پُڻائجي.
۱۷۷.                نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي، نالي چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي.
۱۷۸.                ننڍڙو ٻار، مُڇَ جو وار، جيڏانهن وار، تيڏانهن وري.
۱۷۹.                ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو هڻي.
۱۸۰.                نِيرَ جو ٽڪو لهي وڃي، گِلا جو ٽڪو نه لهي.
۱۸۱.                 نڀاڳن جا نار، واڍن چڙهيا واٽ تي.
۱۸۲.                وات کائي، مُنهن لڄائي.
۱۸۳.                وڏن ۾ وڏي ڪَلا.
۱۸۴.                وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا.
۱۸۵.                 هٿ جي وڍئي جو، نڪو ويڄ، نڪو طبيب.
۱۸۶.                هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
۱۸۷.                همت مردان، مدد خدا.
۱۸۸.                هاٿيءَ جا ڏند؛ کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
۱۸۹.                هرڻي اڳ ئي نچڻي، ويتر جو پيس گهنڊڻي.
۱۹۰.                هڪڙي اَڻھوند، ٻيو افعال بڇڙا.
۱۹۱.                 هڪڙو اَڻ دعوتيل، ٻيو ڪِرياتو.
۱۹۲.                هنر واري جو هنر، بي هُنرَ جي وڃي جند.
۱۹۳.                هِرئي جي هير، ٽنگ ڀڄي ته به نه وڃي.
۱۹۴.                يار اُهو، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
پهاڪن ۽ چوڻين وانگر اصطلاح به زبان جو حسن وڌائين ٿا. اصطلاح جي بنيادي صورت لازمي طور مصدر وانگر ٿئي ٿي. جئن اک ميري ڪرڻ وغيره. اِن ريت مطلب وڌيڪ آسانيءَ ۽ سونهن سان ادا ٿئي ٿو. جيڪڏهن اصطلاح ”هٿ هڻڻ“ جو مطلب جملي ۾ آڻجي ته چئبو ته پهرين اک نه پٽيائين هاڻي پيو هَٿَ هڻي. هن جملي ۾ هڪ سان گڏ ٻيو به اصطلاح اچي ويو ”اک پٽڻ“. چونڊ اصطلاح هي آهن:
۱.                          اُبتا ٽوپا ڏيڻ.
۲.                         اُبتا پير کڻڻ.
۳.                         آبرو وٺڻ.
۴.                         اُڀ ۾ تراريون هڻڻ.
۵.                          اُڀ ڦاڙڻ.
۶.                         اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ.
۷.                         اُس ۾ وار اڇا ڪرڻ.
۸.                         ادر گدر ڪرڻ.
۹.                         آڏو اچڻ.
۱۰.                     اَڍ ڇڪڻ.
۱۱.                      آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ.
۱۲.                     آسمان مان تارا لاهڻ.
۱۳.                     آسمان ڏانهن ٿُڪ اُڇلائڻ.
۱۴.                     اَڪ ڪارا ڪرڻ.
۱۵.                      اَڪن ڇَڪن ٿيڻ.
۱۶.                     اک ٻُوٽَ ڪرڻ.
۱۷.                     اک ڀڃڻ.
۱۸.                     اک ٽيٽ ڪرڻ.
۱۹.                     اک پٽڻ.
۲۰.                    اک ڏيکارڻ.
۲۱.                     اکيون ڦيرائڻ.
۲۲.                    اکيون ڪڍڻ.
۲۳.                    اکيون کولڻ.
۲۴.                    اک ميري ڪرڻ.
۲۵.                     اک ۾ رکڻ.
۲۶.                    اکيون چرخ ٿيڻ.
۲۷.                    اکين تي رکڻ.
۲۸.                    اکين ۾ وهارڻ.
۲۹.                    اکين تي پردا چڙهڻ.
۳۰.                    اکين ۾ جوسب هئڻ.
۳۱.                     اکين اڳيان ڦڙڻ.
۳۲.                    اک ۾ ٿيڻ.
۳۳.                    اک نه ٻڏڻ.
۳۴.                    اکين کان وڏو ٿيڻ.
۳۵.                     اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ.
۳۶.                    اکين تي رات ڪاٽڻ.
۳۷.                    اکين پُورَ ڪرڻ.
۳۸.                    اکين جو رت ڪرڻ.
۳۹.                    اکيون جاءِ ڪرڻ.
۴۰.                    اکيون ڪاپار ۾ هجڻ.
۴۱.                     اکيون ٿڌيون ٿيڻ.
۴۲.                    اکو ڦلو ڪرڻ.
۴۳.                    آگ لاهڻ.
۴۴.                    اگر تگر چٽ ڪرڻ.
۴۵.                     اڳ وٺڻ.
۴۶.                    اڳو پيڇو ڳڻڻ.
۴۷.                    آڱرين تي نچائڻ.
۴۸.                    اندر ۾ چُريون هجڻ.
۴۹.                    انڌ جي گهوڙي تي هجڻ.
۵۰.                     اَڻ سوئيل تي چڙهڻ.
۵۱.                      آهو لاهڻ.
۵۲.                     باغ باغ ٿيڻ.
۵۳.                     باهه ٿي وڃڻ.
۵۴.                     بر ميچڻ.
۵۵.                     بيٺ ٻڌڻ.
۵۶.                     ٻه گهر ٻارڻ.
۵۷.                     ٻاهترجڻ.
۵۸.                     ٻاهريون پنو رکڻ.
۵۹.                     ٻٻرن کان ٻير گهُرڻ.
۶۰.                    ٻُڏ تر ۾ هجڻ.
۶۱.                     ٻُوٽو ٻارڻ.
۶۲.                    ٻُوهي ۾ ڏيڻ.
۶۳.                    ٻيٽَ پوڻ.
۶۴.                    ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ.
۶۵.                     ٻيگهي مچڻ.
۶۶.                    ڀَت گهاٽو ڪرڻ.
۶۷.                    ڀَتَ مان ڪڍڻ.
۶۸.                    ڀَتَ ۾ ڪَٻَرَ وجهڻ.
۶۹.                    ڀِتِ سان منهن لڳڻ.
۷۰.                    ڀري ٻير هيٺ بُکَ مرڻ.
۷۱.                     ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻڻ.
۷۲.                    ڀنگ ڀڳڙو ڪرڻ.
۷۳.                    ڀيٽ تي پوڻ.
۷۴.                    ڀيڏي هڻڻ.
۷۵.                     ڀيرو ڪرڻ.
۷۶.                    ڀيرو ڀڃڻ.
۷۷.                    تارا ڳڻڻ.
۷۸.                    تتي تاءُ ڪرڻ.
۷۹.                    تريءَ تي بهشت گهرڻ.
۸۰.                    تريءَ تيل نه لڳڻ.
۸۱.                     تيليءَ مان ٿنڀ ڪرڻ.
۸۲.                    ٿالهئين لاهڻ.
۸۳.                    ٿڌيون ڪوسيون ڏيڻ.
۸۴.                    ٽاڪوڙو پوڻ.
۸۵.                     ڦاٽ ڦاٽڻ.
۸۶.                    ڦڦڙي لڳڻ.
۸۷.                    ڦلهيار ۾ ڦوڪون ڏيڻ.
۸۸.                    جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ.
۸۹.                    چانڊيا مگسي هئڻ.
۹۰.                    چٽ ٻڌڻ.
۹۱.                     چپن کي چُونو لائڻ.
۹۲.                    ڇيڪ ڇڏڻ.
۹۳.                    ڇنڇري لاهڻ.
۹۴.                    ڇنڊا پوڻ.
۹۵.                     ڇوهه ڇنڊڻ.
۹۶.                    دڦ ڪرڻ.
۹۷.                    دل وٺڻ.
۹۸.                    دل ۾ ڪرڻ.
۹۹.                    دل کٽي ٿيڻ.
۱۰۰.                دم جهلڻ.
۱۰۱.                 ڌڌڙ ۾ پير هڻڻ.
۱۰۲.                ڏاڙهي ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ.
۱۰۳.                ڏندين آڱريون اچڻ.
۱۰۴.                ڍينگو ڍيري ٿيڻ.
۱۰۵.                 زبان ڏيڻ.
۱۰۶.                زبان کولڻ.
۱۰۷.                سبق سيکارڻ.
۱۰۸.                ست سارڻ.
۱۰۹.                سُٽ منجهڻ.
۱۱۰.                 سُر ملائڻ.
۱۱۱.                  سُتي سرمو پائڻ.
۱۱۲.                 سرخرو ٿيڻ.
۱۱۳.                 سُڪيءَ ۾ ٽٻي هڻڻ.
۱۱۴.                 سندرو ٻڌڻ.
۱۱۵.                  سَوَڙ ۾ چهنڊريون پائڻ.
۱۱۶.                 سوڙهو گهٽڻ.
۱۱۷.                 سيخ ٿيڻ.
۱۱۸.                 شَبَ ۾ رکڻ.
۱۱۹.                 شش و پنج ۾ هجڻ.
۱۲۰.                شير شڪر ٿيڻ.
۱۲۱.                 شينهن ڪلهي چڙهڻ.
۱۲۲.                ڪافور ٿي وڃڻ.
۱۲۳.                ڪپڙن ۾ نه ماپڻ.
۱۲۴.                ڪن ڏيڻ.
۱۲۵.                 ڪن کائڻ.
۱۲۶.                ڪن کڻائڻ.
۱۲۷.                ڪن هڻڻ.
۱۲۸.                ڪن ۾ ڦوڪ ڏيڻ.
۱۲۹.                ڪنڌ ۾ ڪِلي هئڻ، ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻڻ
۱۳۰.                ڪنڊا پوکڻ.
۱۳۱.                 ڪنڊا ڪڍڻ.
۱۳۲.                ڪيتو لوڙڻ.
۱۳۳.                کڏون کوٽڻ.
۱۳۴.                کڙ تيل نڪرڻ.
۱۳۵.                 کيپ کٽڻ.
۱۳۶.                ڳنر تي لت اچڻ.
۱۳۷.                نڙيءَ تي نَنهنُ ڏيڻ
۱۳۸.                لاک لاهڻ.
۱۳۹.                لٻو ٿٻو ڪرڻ.
۱۴۰.                لڙهه لڳڻ.
۱۴۱.                 ليڪو لنگهڻ.
۱۴۲.                مٿو ڪوڙڻ.
۱۴۳.                مٿو وڃائڻ.
۱۴۴.                مٿو ڦرڻ.
۱۴۵.                 مٽي پليت ڪرڻ.
۱۴۶.                مُٺ ۾ هجڻ.
۱۴۷.                مڇي مانيءَ مان ڪڍڻ.
۱۴۸.                مڪو مچڻ.
۱۴۹.                مکڻ جي ماڙي اَڏڻ.
۱۵۰.                 مکڻ مان وار ڪڍڻ.
۱۵۱.                  ممڻ مچائڻ.
۱۵۲.                 نڪ وڍڻ.
۱۵۳.                 نوڙيءَ مان نانگ ڪرڻ.
۱۵۴.                 وات وڪيل هئڻ.
۱۵۵.                 وات هڻڻ / ڪرڻ.
۱۵۶.                 واجهه وجهڻ.
۱۵۷.                 وار وڇائڻ.
۱۵۸.                 ور تي رسو ڀڃڻ.
۱۵۹.                 وڻ گهوڙو نه ٻڌڻ.
۱۶۰.                حقو پاڻي بند ڪرڻ
۱۶۱.                 هٿ هڻڻ.
۱۶۲.                هٿ ڌوئي پٺيان پوڻ.

(زنبيل؛ عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، ۲۰۱۰ع، ص ۳۴۰ کان ص ۳۵۲)


No comments:

Post a Comment