Saturday, April 14, 2012

ٻرڙا ذات بابت ڪجهه پھاڪا - شمن شمس ٻرڙو


ٻرڙا ذات بابت ڪجهه پھاڪا
شمن شمس ٻرڙو
اهڙا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو؛ ڪهڙا ۽ ڪير آهن. جھڙيءَ طرح ڪن ذاتين بابت پھاڪا ۽ چوڻيون مشھور آهن. جن مان تن ذاتين بابت معلوم ٿئي ٿو ته اهي اصل ۾ ڪير ھيا. ٻرڙن بابت، اسان جي مورخن ۽ ليکڪن کي، تاريخ جي ڪنھن به ڪتاب ۾ ڪو مضمون ڏسڻ يا مطالعي مان نه گذريو آهي. البت سنڌي ادب ۾ جهاتي پائڻ سان، ٻرڙا ذات بابت ڪجھ مواد ملي ٿو. سنڌ جي اصلوڪي ذات هئڻ ڪري، ٻرڙن بابت به ڪيترا ئي سنڌي پهاڪا مشهور آهن. جن منجھان ڪن جو تفصيل، زباني حوالن يا قلمبند ڪيل روايتن ذريعي ھيٺ ڏجي ٿو.



۱ - جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.
ھن چوڻيءَ يا مثال بابت، مختلف روايتون آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿيون.
۱-۱ ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ”جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان“ منسوب ڪيل ڳالهه هن ريت آندي آهي. ٻرڙا ذات جا ماڻهو، هالا ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ رهندڙ ھيا، جيڪي ڪنھن سانگ سانگي، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ هليا ويا. پويان ٻار، هڪ پوڙهي ۽ بيمار ماڻهوءَ جي حوالي ڪري ويا. پٺيان ان پوڙهي کي ٻارن گوڙ شوڙ ڪري گهڻو تنگ ڪيو. نتيجي ۾ پوڙهي کين گنديءَ ۾ واڙي ڇڏيو. موٽي اچڻ تي مالڪن کي ٻڌايائين؛ “پنھنجا ٻار پاڻ سنڀاليو، مون کان سنڀاليا نه ٿا ٿين.” مائٽن اچي ڏٺو ته سڀئي ٻار مئا پيا ھيا.
۱-۲ نيم تاريخي روايت موجب؛ سمن ۽ سومرن جي وچ ۾، دودي سومري جي تاجپوشيءَ واري موقعي کان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. ڪنھن جي پاڏي وڃي ڪنھن جو فصل ڀيليو. ان تان جيڪا رنجش پيدا ٿي، تنھن وڃي جنگ جي صورت اختيار ڪئي. سمن، پنهنجي سمورين شاخن يعني ”سماٽ“ کان، جاني ۽ مالي مدد گهري. جيئن ته ٻرڙا به سماٽ ۾ شامل هئا، تنھنڪري ٻرڙن کي به جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو. جيئن ته فاتح قوم کي حق حاصل هوندو آهي ته هارايل قوم جا سمورا ٻار ٻچا ۽ ضروري سامان، قبضي ھيٺ آڻين. ٻرڙن اهو خيال ڪيو ته؛ اگر اسان جنگ هارائي ته پوءِ اهي شيون، ٻارن سميت، فاتحن جي قبضي ھيٺ ھليون وينديون. تنھن ڪري غيرت وچان، پنھنجا ٻار ۽ عورتون، رات جو ئي ختم ڪري ڇڏيائون. ان کان پوءِ چوڻ ۾ آيو ته؛ ”ٻرڙي ڪئي ٻارن سان.“
۱-۳ پروفيسر محمد خان ٻرڙو کان مليل روايت مطابق؛ ان وقت ٻارهن ذات جا ماڻهو هوندا هئا. ٻرڙن جي ساڻن ڪنھن ڳالهه تي ناسازي ٿي پئي ۽ جهڳڙو شروع ٿي ويو. جهيڙي هلندي، ٻارهن کي ٻرڙن ختم ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مشھور ٿيو ته ”ٻرڙي ڪئي ٻارهن سان.“ ٿوري وقت کان پوءِ ”ٻارهن“ مان ڦري ”ٻارن“ مٿي پيو. جملي جي هڪڙي اکر ڦيرائڻ سان ان جي معنى بدلجي ويندي آهي.

۲ - ڀر ۾ مري ڀاءُ ته ٻاجهه نه پوي ٻرڙي کي.
شڪارپور شھر جي اولهه ۾، ٻرڙن جا چڱا خاصا ڳوٺ موجود آهن. ڪرن جي ڀر ۾ رھندڙ، ڪريمداد نالي ٻرڙي کان زباني قلمبند ٿيل روايت آهي. اها ڳالهه مرحوم دائم خان ٻرڙو کان ملي. ان چيو ته؛ ڳوٺ جي ڀر ۾ کوهه هو. ان کوهه ۾ اوچتو هڪ ٻرڙو، نالي علي بخش، ڪِري پيو. سندس دانهن تي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي کان ماڻهو ته آيا پر کيس ڪنھن کوهه مان ڪڍيو ڪو نه. ويچارو دانهون ڪندي، ٻڏي مري ويو. ان ڪري مشهور ٿيو ته ”ڀر ۾ مري ڀاءُ، ٻاجهه نه پوي ٻرڙي کي.“

۳ - ٻرڙن جا ٻار، هڪڙا هاري ٻيا ڌنار.
ٻيڙي فقير ڪنڀار کان، استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي ذريعي، زباني قلمبند ڪيل آهي. موري تعلقي جا ٻرڙا تمام گهڻا ان پڙهيل هئا. ٻيڙي فقير ڪنڀار جو، ان وقت وليداد ٻرڙي جي اوطاق تي وڃڻ ٿيو. ڪچھري ڪندي هن کي ڪو ٻرڙو پڙهيل نظر نه آيو. اتي ئي چيائين؛ ”ٻرڙي جا ٻار، هڪڙا هاري ٻيا ڌنار.“

۴ - هڪڙي لنڊيءَ، ست ٻرڙا کاڌا.
هي قصو گڏ گهاري جو آهي، جڏھن منجھس تمام گهڻا ٻرڙا رهندا هئا ۽ اڄ به آهن. رات جو گھاريءَ جي ٻرڙن جو پاڻيءَ جو وارو هو. ست ٻرڙا گڏجي، رات جو نڪتا. اڳتي جو هليا ته ھڪ کي رستي ۾ ويٺل لنڊيءَ ڌڪ هنيو. ان دانهن نه ڪئي. اهڙيءَ طرح جڏهن ستين همراهه کي ڌڪ به هنيائين. نيٺ ان دانھن ڪئي. پوءِ سڀني چيو؛ اسان کي کاڌو اٿس. اهڙيءَ طرح ست ئي ٻرڙا، ٿڏي تي مري ويا. تنھن کان پوءِ مشهور ٿيو؛ ”هڪڙي لنڊيءَ، ست ٻرڙا کاڌا.“

۵ - ٻرڙو ۽ ڪرڙو، ٻئي پنھنجن جا ويري.
هن ڪھاوت جو واسطو تعلقي ٺل سان آهي. ربن فقير گولي جي زباني قلمند ٿيل آهي، جيڪا راقم جي چاچي بختيار علي جي اوطاق تي، ڪري ٻڌائي ھيائين. پوءِ اھا ڏند ڪٿا آھي يا حقيقت. ڳوٺ اوڍاڻو جي ڀرسان، ٻرڙن جو ڳوٺ آھي. منجھس وسايي نالي ٻرڙو رهندو هو، جيڪو ڀاءُ جي مرڻ پڄاڻان، ڀائٽين جي ملڪيت کائي هضم ڪري ويو. سندس اھا حرڪت، ڪرڙي سان ڀيٽي وئي آهي. ڪرڙي جي معنى آهي؛ وڏي مڇي. وڏي مڇي، ننڍي مڇي کي کائي ويندي آهي. جڏھن وڏو ٻرڙو، ننڍي ٻرڙي جي ملڪيت کائي ويو، تڏھن سندس ڀيٽ ڪرڙي سان ڏني وئي ۽ چوڻ ۾ آيو؛ ”ٻرڙو ۽ ڪرڙو، ٻئي پنھنجن جا ويري.“

۶ - ٻرڙي جو شوق؛ ٻه سال.
هن چوڻيءَ جو واسطو، خيرپورميرس اندر ڄاڃي ٻرڙن جو ڳوٺ سان آھي. اتان جي رھاڪو ٻرڙي صوفي محڪم الدين، جيڪو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ آفيسر آهي، جي زباني روايت آهي. دادو ٻرڙو نالي ھمراھ هوندو هو، جنھن جو شوق فقط ٻه سال هلندو هو. هڪ دفعي انبن جو باغ رکيائين. باغ سان سندس شوق ٻه سال هليو. ڦر ئي نه ورتائين جو شوق ڦٽي ويس. وڻ پنھنجي ليکي سڪي ويا. سندس ان شوق تان مشهور ٿيو؛ ”ٻرڙي جو شوق؛ ٻه سال.“

۷ - ٻرڙن جو ضد؛ جيئن الف کي مَدُ.
ٻرڙن جو ضد، رٻڙ جي ڌاڳي وانگر آھي. رٻڙ کي ڇڪي، وري ڇڏبو ته تمام گهڻو پري وڃي ڪرندو. اهڙيءَ طرح، الف جي مٿان مد ڏبي ته اھو ٿيندو ‘آ’. جڏھن ته ‘آ’ نشاني آھي، سور کان رڙ ڪرڻ جي. آڳاٽي دور ۾ ٻرڙا شايد ايڏا ضدي ھيا جو ٻين کان معاملات اندر رڙيون ڪڍرائي ڇڏيندا ھيا، جنھن ڪري الف جي مٿان ڇڪيل مد سان سندن ڀيٽ ڏني وئي آھي. البته ھاڻي مھذب-پڻي اندر رھن ٿا.

9 comments:

  1. ڄاڻ وارو ليک آهي، جنهن مان انهن روايتي جملن ۽ پهاڪن جي مقصد جي خبر پئي

    ReplyDelete
  2. سائين منھنجا. سليمان وساڻ صاحب. ليک کي پسند ڪرڻ جي وڏي مھرباني. اھڙو اظھار لکيت ۾ ڪرڻ تي اڃا وڏي مھرباني.

    ReplyDelete
  3. A very admmitable addition in knowledge , great thoughts great tribe

    ReplyDelete
  4. سائین زبردست پر , هي پهاڪو تہ ٻانڀڻ تي بہ آھي تہ ڀر ۾ مري ڀاء تہ ٻاجهه نہ پئي ٻانڀڻ کي

    ReplyDelete
  5. سائين شمن ٻرڙا صاحب جيئن تہ ٻرڙا قوم ۾ ڪجه عظيم هستيون بہ ٿي گذريون جيئن ڪامريڊ عبدالعزيز ٻرڙو انهن بابت بہ تہ ڪجه لکو سائين
    ۽ وڏيرو الهڏنو خان ٻرڙو ۽ سردار گنج بخش خان ٻرڙو

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين خميسو خان! اوھان جن به شخصيتن جا نالا، ليکڪ سميت لکيا آھن. منھنجي ناقص ڄاڻ مطابق، اھي ھن دنيا مان پنھنجو وارو وڄائي چڪا آھن.


      انجنيئر عبدالوھاب سھتو

      Delete