Monday, January 31, 2011

حيدرآباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون -انجنيئر عبدالوھاب سھتو


حيدرآباد جا چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جڏهن سائين عبدالحسين نظاماڻي صاحب جي ذاتي ڊائريءَ تان کنيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت، مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيم، تڏهن کين هن فاني جھان مان لڏئي چار پنج مھينا گذري چڪا هيا.
سيپٽمبر 2002ع ڌاري، سندس فرزند ۽ اسان جي کاتي جي انجنيئر، سڪندر علي نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر فون ڪيم؛ “اوهان جي والد صاحب جي ڊائريءَ تان نوٽ ڪيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيو اٿم. هڪ ته کانئس ٻيھر ڊائري وٺي موڪل ۽ ٻيو ته سندس زندگيءَ جو حال احوال کپي، يا مون سان فون تي سائينءَ کي ڳالھراءِ يا کانئس لکرائي موڪل.”
“توهان کي خبر ناهي ڇا؟” ٻئي طرف کان آواز آيو.
“ڇو؟ ڇا جي؟”
“بابا سائين ته اپريل ڌاري وفات ڪري ويو آهي؟”
“اوهه! اِنا لله و انا اليه راجعون. الله سائين کين جنت ۾ جاءِ ڏئي. بھرحال مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي! اميد ته جلد تعزيت لاءِ تنھنجي ڳوٺ ايندم.”
“ڊائري وغيره جيڪا چئو سا اوهان ڏي ڏياري موڪليندم، باقي حال احوال مون لاءِ لکڻ ڏکيو آهي. ائين واتين ويڻين، يا فون تي چئو ته اوهان کي ٻڌايان .....”
“ڪن پھاڪن ۽ چوڻين بابت وضاحت به کپندي. سا ڪيئن ملندي؟”
“اهي لکي موڪلجو ته چاچا سائينءَ کان، انھن بابت وضاحت لکرائي موڪليندم.”
انھيءَ خط و ڪتابت ۽ فون واري رابطي کي ٻه چار مھينا گذري ويا. انھيءَ دوران مشڪل سان ڪن پھاڪن/ چوڻين بابت ٿوري گهڻي وضاحت ملي سگهي. جڏهن ته سائينءَ جي زندگيءَ بابت حال احوال، نه برابر ملي سگهيو.
سائين، ٽيھارو سال کن، اسڪول هيڊ ماستر رهيو. گهڻو ڪري لوئر سنڌ؛ جيئندو هاليپوٽو (چينل ڀرسان) عمرالدين پنجابيءَ جي ڳوٺ، تلھار وغيره ۾ رهيو. سٺ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ منصوره ۾ پڻ رهيو.
ڇھين درجي کان ڏهين درجي وارن لاءِ خاص ڪري ڇوڪرين واسطي، نوٽس تيار ڪري ڏيندو هيو. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيندو هيو.
شعر و شاعري پڻ ڪيائين. مزدورن جو خاص خيال ھيس. سندس چوڻ ۽ عمل ھيو ته؛ مزدور مزدوري گهرڻ لاءِ در تي نه اچي پر کيس بروقت، سڏي ڏجي. اصلاحي ۽ سماجي ڪم به ڪيائين. ڳوٺ ۾ ناليون جوڙائڻ، گهٽين ۽ نالين مان ڪچرو ڪڍرائي صفائي سٿرائي ڪرائڻ. ٻارن جو تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ، جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ، نياڻين جي تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ ۽ جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ. نياڻين جي تعليم ڏانھن خاص توجهه هين.


پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ، سندن ذاتي ڊائريءَ تان کنيل پھاڪا ۽ چوڻيون، وضاحتن سميت هيٺ ڏجن ٿا ته جيئن عام کي فائدو پوي.
1. آکئي جو عقل ۽ وِهائيءَ جي تَوڻ، پوري ڪانه ٿئي. (چوڻي)
آکئي جو عقل: ٻئي جي ٻڌايل ڏاهپ.
وِهائيءَ جي تَوڻ: کاڌي لاءِ روز جي کڻت.
· اڀري سڀري پنھنجي مت ڪم ايندي. ٻئي جي مت/ مڙسي ڪم نه ايندي. عمل ڪبو ته علم ۾ واڌارو ايندو. اهو ئي سبب آهي، عمل/ علم استاد آهي.
· حياتي صرفي سان آهي. صرفو، يڪمشت/سٻڌو سيڌو وٺي رکڻ ۾ آهي. روز روز اوڌر کڻڻ ۾، بچت ناهي. روز جي آڻڻ ۽ روز جي چاڙهڻ ۾ نه برڪت آهي ۽ نه سُڪون.
مطلب:
1.1 اهو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي.
1.2 صرفو ڪرين ته، پَٽُ هنڍائين.
2. اَڪُ ٻارڻ، جَوَ تَوڻ، ٽِمڻو گهر،
چُوچِي زال، ڪِرڪِرو ڀتار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
ٻارڻ: ٻارڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺيون/ ڇيڻا Fuel
تَوَڻِ: کاڌو، ڀت
ڪِرڪِرو: ڪروڌي، هوڏي، شڪي
ڀَتار: ڀوتار، ڀونءِ تار، ڀَوَ تار، ڀُئي تار، ڀتار، پرين، مڙس، ڪانڌ، دلبر، وَرُ.
ڀوتار: وڏيرو، رئيس، زميندار. جيئن چوڻي آھي: ڀوتار آهن، ڀونءِ جا ڪيرا.
ڀونءِ تار: زمين مان پار ڪندڙ. جيئن، ڀاڙيا ڀاڙين جا يار، هڪڙا ڀڙوا ٻيا ڀوتار.
ڀُئي تار: ڀُئي (مال جي چاراڻي) وغيره ڏيندڙ. جيئن چئبو آھي؛ ڀڳي تي ڀُئي ناھي.
ڀَوَ تار: ڀَوَار، ڏکيائيءَ مان ڪڍي پار ڪندڙ.
· اڪ جي ڪاٺي ٻرڻ وقت ڌپيارو دونھون ڪندي آهي. منجهنس ٽانڊو ۽ تؤ نه ٿيندو آهي. باهه پڻ جٽادار نه هوندي اٿس. مٿس تيار ڪيل کاڌو، بدمزي ۽ بد ذائقه هوندو آهي.
· جَوَ، توڻ جي طور تي استعمال ڪبا ته پيٽ ته ڀربو پر طاقت ۽ ٻَلُ نه ملندو. بک ڪين مرندي، ڍؤُ به خاص نه ٿيندو.
· ٽمڻو گهر، جھڙيءَ ڦڙيءَ ۾، رهڻ قابل نه هوندو آهي. منجهس رهڻ، خطري کان خالي نه هوندو آهي. مينھوڳيءَ ۾، اندر آيل چئاڪا، هر شيءِ اوسني ۽ ڌپياري ڪري ڇڏيندا آهن. جاءِ جون پاڙون ڀُتيون ڪري، ڪيري وجهندا اٿس. گهر هوندي، ماڻھو بي گهر ٿي ويندو آهي.
· اکين کان چُوچِي زال، من موهيندڙ نه ٿيندي آهي، نه وري ڪم جي سگهڙ/ سٽائتي هوندي آهي. گهر ۾ سامان به نظر ئي نه ايندس.
· ڀوتار ڪرڪرو ۽ ڪروڌي هوندو ته زندگي ئي زهر ٿي ويندي. جيڏانھن تيڏانھن جو سڪون ڦِٽي ويندو.
مطلب:
2.1 اڪ ٻارڻ طور، جو کاڌي طور استعمال ڪرڻ ۾ گھڻو فائدو ناھي.
2.2 ٽمڻو گھر، چُچي زال ۽ ڪروڌي وڏيرو، بيزار ڪندڙ ھوندا آھن.
3. اوڙا پِنيم، پاڙا پِنيم، پِنيم سڳا ڀائي،
کائڻ وارا کائي ويا، سر هيڪڙي آهي. (چوڻي/ پھاڪو)
· دنيا ۾ ماڻھو اولاد، زال ۽ مٽن لاءِ، اوڙا پاڙا، دوست احباب، واقف-اڻ واقف ڦُري ڦَٽي ٿو. جڏهن ته ڦُر-مار سان هٿ آيل ملڪيت، ڦوروءَ وٽ جمع به نه رهندي آهي. ٻيا کائي ويندا اٿس ۽ ٿورو به ڪين مڃيندا اٿس. جڏهن مرندو آهي ته لوڙيندو به اڪيلي سر آهي.
· ان جي برعڪس، حق حلال جي روزي روٽي تلاش ڪرڻ ۾ تڪليف/ ڏکيائي ضرور ٿئي ٿي پر آخر ۾ ندامت کڻڻي نه ٿي پوي.
مطلب:
3.1 کائي گلو، وڃي/ لوڙي هيڪلو
3.2 کائي گلو، لوڙ ي ڪـَلو.
3.3 سرڙي آئي، ڪونه ٿئي ڪو ڀائي.
4. بي ڏاڙهيي ڪٽڪ کان، پاسو ڀلو (چوڻي)
بي ڏاڙهيو ڪٽڪ: بنا ڏاڙهيءَ وارن جو ولر. ڏاڙهيءَ ڪوڙ نوجوانن جو لشڪر. عورتن جو راڄ.
· جتي فقط عورتازاد جو حڪم هلي، اهڙي ماحول کان ڀڄي پاسو ڪجي. عورت جي نه ڪُٺي حلال آهي ۽ نه سندس صلاح/ مشوري ۾ مصلحت آهي.
· جيڪو مرد، ديني يا دنيوي معاملن ۾، ڇوڪرن/ عورتن جي صلاح مصلحت تي هلي ٿو، سو چڱي سوڀ نه ٿو ماڻي. چنيسر لاءِ مشھور آهي ته پڳ ٻڌڻ لاءِ ماءُ کان صلاح وٺڻ ويو ته تخت کسجي ويس ۽ راڄَ، سندس ڀاءُ، دودي کي پڳ ٻڌائي ڇڏي. عورت سان مشورو ڪرڻ سبب، وراثت وارو تخت تاج به تاراج ٿي ويس.
مطلب:
4.1 نا سمجهه/ ڪم علم، ماڻھن کان پاسو ڪجي.
5. ڀِلُ هر ڪا ڀلي، ڪنڍي ڪا ڪا ڀلي. (چوڻي)
ڀِلُ ۽ ڪنڍي، مينھن جا قسم.
· ڀِلُ، کير ججهو ڏھائيندي آهي. سڱ هيٺ لڙڪيل هوندا اٿس. ڏسڻ جي سھڻي نه ٿيندي آھي. هرهڪ ڀِلُ کيرائيت ۽ گهڻي وقت تائين ڏهائيندڙ ۽ سدورڙي ٿيندي آهي. نه کٽر ٿيندي آھي ۽ نه ئي ڀاڙيت.
· ڪنڍي، سڱ وريل هوندا اٿس، ڏسڻ جي سھڻي ٿيندي آهي. ڪا ڪا کير جي ڀلي هوندي آهي. ڏوڀ جي اهنجي هوندي آهي. مِھر سان گهٽ مِڙندي آهي.
· مينھن جي پرک، ججهي ۽ ٿوري کان علاوه، کٽر ۽ مھر واريءَ جي حساب سان پڻ ٿيندي آهي. گهٽ کير واري يا کٽر جو مانُ، ڪاسائيءَ وٽ وڌيڪ ٿيندو آهي.
مطلب:
5.1 صورت نه ڏسو پر سيرت ڏسو.
6. ڀُولي جي علاج سان، مرض به سلامت ته مريض به سلامت. (پھاڪو)
ڀُولو؛ نيم حڪيم، اڻ ڄاڻ حڪيم.
اڻ ڄاڻ حڪيم کان علاج ڪرائبو ته نه مرض ڇڏيندو ۽ نه ماڻھو تندرست رهندو. بلڪ مرض به سلامت ۽ ماڻھو به مريض جو مريض رهندو.
مطلب:
6.1 ڏَسُ پتو، ڄاڻوءَ کان وٺجي.
6.2 فيصلو، ڄاڻ واري کان ڪرائجي، ڄٽ ته شنواين ۾ ماري ڇڏيندو.
6.3 نيم حڪيم خطره جان، نيم ملا خطره ايمان.
7. تـتـر ڪوڙي، سھڙ پُٺا،
هڪ گراه ته به هيڙھا مِٺا. (چوڻي)
تتر ۽ هيڙھو؛ جهنگ جي حلال پکين جا نالا.
سھڙ/ سيھڙ/ سھو/ خرگوش به جهنگ جو جانور آهي، ڪن وٽ کائڻ حلال ڪن وٽ مڪروهه.
· هر حلال پکي/ جانور جو گوشت، ڪنھن خاص سـَنڌَ جي لحاظ سان، کائڻ ۾ لذيذ ٿيندو آهي. جيئن ٻڪريءَ جي گوشت لاءِ چئبو آهي ته؛ جنھن وقت ٻڪري زمين تي ويھي، ان وقت جيڪو سندس سَنڌُ زمين سان نه ٿو لڳي، ان جو گوشت لذيذ هوندو آهي، جھڙوڪ، ڪمر، چانڀ، دستي ۽ ڪنڌو. ائين ته سمورن سنڌن/ عضون جو گوشت لذيذ ٿيندو آهي ۽ هرهڪ جي پنھنجي افاديت آھي. جيئن اوجهري، پيٽ واريءَ عورت لاءِ اڪسير آهي، مغز کائڻ سان مغز کي ۽ ڦڦڙ کائڻ سان ڦڦڙ کي طاقت ايندي آهي.
· هاڻي آنڊن کي جراحيءَ جي عمل ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي. ان کان اڳي منجهانئن آنڊي ويڙهيون ٺھنديون هيون ته ڏاڍيون لذيذ ٿينديون هيون. اڃا به ڪي ماهر، جوڙين ٿا.
· پلي جو پيٽارو مشھور آهي.
· مڇيءَ جو ڪنھڙ مشھور آهن وغيره وغيره.
· رڌڻ/ پچائڻ جي حساب سان به ڪي شيون مشھور آهن. جيئن ڄامشوري جي پل جو پلو. ٽنڊي آدم جون يا ڪوئيٽا ۾ لھڙيءَ وارن جون رانون، لاهور ۾ فجي جا پاوا، ڪراچيءَ ۾ McDonald يا K.F.C جا برگر وغيره.
· اهڙيءَ طرح تتر جي ڪوڙيءَ وارو گوشت ۽ سھڙ جا پٺا ذائقيدار ٿيندا آهن. انھن ٻنھي کان، هيڙھي جو گوشت، جيڪو سموري جو سمورو هڪ گرهه جيترو مس ٿيندو، ذائقي ۾ مزيدار ٿيندو آھي. هيڙھي جو گوشت هٿ اچي ته کيس ٻين طعامن تي ترجيح ڏجي.
مطلب:
7.1 جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا.
7.2 مڇي ته شاڪرين، پکي ته تترين، گوشت ته ٻاڪرين.
8. تَنَ اُجري کان، مَنُ اُجرو چڱو. (چوڻي)
تَنُ/ جسم/ بدن، اُجرو/ ڌوتل هوندو ته تمام چڱو ڪم آهي. جسم پرڪشش ۽ جاذب هوندو ته ٻين سان اٿڻ ويھڻ ۽ مطلب مرادون حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. جڏهن ته اصل جاذبيت اندر/ من اُجري ڪرڻ ۾ آهي. دشمن، دوست ٿيو وڃن. نه ٿيڻ جھڙا ڪم به، شخصيت جي سحر سبب ٿيو وڃن.
مطلب:
8.1 نيت نيڪ، مراد حاصل.
8.2 نيت بد، روٽي رد.
8.3 اندر اڇو ڪرڻ، ڌاڳا ڌوئڻ کان ڀلو آهي. (چوڻي)
8.4 اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا. (ورجيس)
9. پرائي پڙوهي تي نار نه چاڙهجي. (پھاڪو)
پڙوهو: کڏ، مالهه.
· بيراجي نظام کان اڳ، سدا واهن مٿان نار چاڙهي، زمين کي چرخيءَ ذريعي ريجايو ويندو هيو. واهن جي ڪڙن تي کڏا هڻي مٿانئن نار جا هالار جوڙيا ويندا هيا. ڏاندن يا اٺن ذريعي نار وهندو هيو. منجهس ٺڪر جون لوٽيون، مالهه جي مدد سان نارن مان ڀرجي، نيسر ۾ نائجي، هود کي ڀرينديون هيون. جنھن ذريعي، اڏن ۽ ڪسين ۾ وهندڙ پاڻي، ٻنين کي ملندو هيو.
· پنھنجيءَ کڏ وارو، بي فلڪو نار چاڙهي، ٻني ريجائيندو هيو. پرائيءَ کڏ مٿان چاڙهيل نار، ڪنھن ڪم جو نه هوندو هيو.
مطلب:
9.1 پنھنجيءَ ۾ هٿ، پرائيءَ ۾ اکيون.
9.2 نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽن تي.
9.3 هميشه پنھنجي عورت ڏانھن رجوع ڪجي.
9.4 پرائي عورت سان ناجائز تعلقات نه رکجن.
10. پوڙهو مڙس پي ڪجي، ويھي مَ وڃائجي وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، پوڙهو پوندو ٺھي. (چوڻي/ پھاڪو)
بيراجن پوڻ کان اڳ جو قصو آهي.
ٻھراڙيءَ جون ٻه غير شادي شده/ ڪنواريون عورتون پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيون هيون. هڪڙيءَ، ٻيءَ کان پڇيو؛ “ٻڌو اٿم، پوڙهي سان ٿا پرڻائني؟!!!”
“ها ادي!” ٻيءَ وراڻيس؛ “جيڪو ڀلا نصيب! جوان جو جُوءِ ۾ ڪونھن ته پوءِ ڇا ڪجي؟”
“پوءِ ڇا ارادو اٿئي؟” پھرينءَ پڇيس؛ “دل مَنُ جاچيو اٿئي. دل سان ڳالهه لڳئي ٿي؛ من جون مرادون پوريون ٿيندئي پوڙهي مان!”
“رک الله تي!”
“ڇا ٻڌو نه اٿئي ته؟” سھيليءَ سمجھائيندي چيس:
”پوڙهو مڙس پي مَ ڪجي، ويھي وڃائجي وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پيا، پوڙهو پوندو ڊهي!”
سندس مراد ھئي ته؛ پوڙهي/ ڪمزور مڙس سان شادي ڪرڻ کان، ويھي ڄمار وڃائڻ بھتر آهي. ڇو جو بوسي يا بنا پاڻيءَ جي پوکجندڙ ڪڻڪ کائڻ سان، پوڙهي کي پيٽ ۾ موڙهه/ سور پوندو، جنھن سبب بيمار ٿي مري ويندو.
انھيءَ تي اڳليءَ وراڻي ڏنس؛ “ادي ڪا ڳھيلي آهين!”
“ڇو؟”
“ٻڌو ئي غلط اٿئي!” جنھن جي شادي ٿيڻ واري هئي، تنھن دليل ڏيندي چيس.
“اهو وري ڪيئن؟”
“ائين ناهي جيئن تون چوين ٿي!”
“باقي ڪيئن آهي؟”
“ ھيئن آھي، ڪن کولي ٻڌ!” جنھن جي شادي ٿيڻ واري هئي، تنھن دليل ڏيندي ٻڌايس:
“پوڙهو مڙس پي ڪجي، ويھي مَ وڃائجي وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پيا، پوڙهو پوندو ٺھي.”
مطلب:
10.1 عورت کي غير شادي شده رهڻ کان، پوڙهو/ ڪمزور مڙس به ڪرڻ گهرجي. وهي وڃائڻ، ان کان به بدتر آهي. ڇو جو جڏهن بوسي ڪڻڪ لھندي، تڏهن منجهس گيھه وجهي ڪٽي ڀوري، پوڙهي کي کارائبي ته پوڙهو تيار ٿي ويندو ۽ باقاعدي ٺھي پوندو.
10.2 عورت کي، ڪنھن به حالت ۾، شادي ڪرڻ گهرجي.
11. جن جو نشي ۽ جوئا ڏي چاهُه،
تن جو آسرو ئي لاهِه. (چوڻي/ پھاڪو)
جوئا ۽ نشو، دماغ کي بيڪار بنائيندڙ ۽ دولت کي زيان ڪندڙ آهن. دولت ٻنھي ۾ اڏامي وڃي ۽ دماغ جا پردا خشڪ ٿي وڃن ٿا. ماڻھوءَ مان غيرت ۽ شناس نڪريو وڃن. نشو، مڙني بيمارين، براين جي جڙ آهي. جوئا وارو به ڪڏهن سئين لڱين نه هوندو آھي. ماڻھو کَٽڻ جي لالچ ۾، اُڪي موڙي گولي تي هڻي، سڄو گهر-ٻارُ، دُڦ ڪري ٿو ڇڏي. نصيحت ڪرڻ واري کي، نڀاڳو سمجهي ٿو ۽ مٿانئس چڙ نه ٿي لھيس. سونسي ۽ وسوسي جو گهر ٿي وڃي ٿو.
مطلب:
11.1 جوئا، ڪدي نه سوئا، سوئا ته موئا ئي موئا.
11.2 ڪئفي دي زال سدا سھاڳڻ، ڀنگي دي رووي،
چرسي دي ايوين آکي؛ موئا ھت نه ھووي.
موالي، نشي ۾ پُرِ ٿيڻ کانپوءِ، ھيٺ ٻڌايل گاريون ڏيندا آھن ۽ خوش ٿيندا آھن.
11.3 نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي، مُلو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون.
11.4 پيءُ ته پيءُ، نه ته بانبر ٿي بيھه، ته موالي لاهني سيءُ.
11.5 پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش.
11.6 ڀنگ ناهي گاهه آهي، مردود کي حرام، مواليءَ کي مُباح آهي.
11.7 ڀنگ ناهي ڏهي آ، اسانجي پيئڻ جي وهي آ، ڌڙ ڳري ويو، سسي رهي آ، سا به قبر ڏي هلي رهي آ.
12. جهل پير، پل دير. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو)
پل دير: جهٽ پٽ
· پير جهلڻ وارو، مڙس ماڻھو ٿيندو آهي. جيڪو پير کوڙي ڪم/ مقابلو ڪري ٿو، سو ضرور ڪامياب ٿئي. خدا تعالى جي طرفان به ان جي مدد ٿئي ٿي، جيڪو همت ٻڌي ٿو.
· جيڪو ناڪاميءَ جي ڀَوَ کان ميدان مان گيدي ٿي پٺي ڏئي ڀڄي ٿو، سو جتي ڪٿي بدنام ۽ ناڪام ٿئي ٿو. سندس ناڪامي اتان شروع ٿئي ٿي.
مطلب:
12.1 مڙس ٿي عمل ڪبو، ڪاميابي ستت ملندي.
12.2 ڀاڙيو/ گيدي ٿيڻ واري کي بدناموسي پلئه پوي ٿي.
12.3 همت بنده، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا.
13. جھل ڪلھو، ٿيءُ ٿُلھو. (زرعي، چوڻي/ پھاڪو)
· بنجر/ ساڻي/ سنڍ زمين به هَرَ ڏيڻ سان، سگهه واري ٿئي ٿي. منجهس سٺي فصل ٿيڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي.
· جيڪو هاري، محنت مزدوريءَ سان مٿا مونا ڏيندو ۽ هرَ کي پاڃاريءَ ذريعي ڪلھا ڏيندو، تنھنجي زمين جو فصل/ ميوو ٿلھو ٿيندو ۽ پاڻ به سکيو ستابو ٿيندو.
مطلب:
13.1 ٻين سان ڀيچي ٿيڻ سبب، پاڻ ۾ به سگهه وڌندي.
13.2 ٻه ته ٻارنھن.
14. جي سنجهي سمھن، سي سوير اٿن. (چوڻي/پھاڪو)
سوير سمھڻ ۽ سوير اٿڻ، صحت جي اصولن مان بنيادي اصول آهن. ائين ڪرڻ وارو، صحتمند رهي ٿو ۽ بيماري ويجهو نه ٿي اچيس. جنھن سبب حڪيمن/ طبيبن جي پڙ نه ٿو پوي. حڪمين حاڪمين، خدا دشمن کي به تات نه وجهي. دوا کان پرهيز ڀلي آهي. پرهيز، بيمار ماڻھو ڪندو آهي. صحتمند کي اُپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن بيمار ٿئي ئي نه. پھريون اپاءُ، سوير سمھڻ، سوير اٿڻ آهي. کاڌو مناسب، صحت بخش ۽ وقت تي بک آهر ۽ هَٺَ سھائيندو کائجي.
مطلب:
14.1 سوير سمجهي، سوير اٿجي، اول نالو ڌڻيءَ جو ڳنهجي.
14.2 Early to bed and early to rise, makes a man; healthy, wealthy & wise
15. درياءَ جي آر تي، ڌَنَ-پتي پيار تي،
مسڪين يار تي، ڪا ميار ڪانھي. (چوڻي)
· درياءَ جو آر/ رخ/ ليٽ، پاڻيءَ جي چاڙهَه ۽ لاهَه سبب ٿئي ٿو. پاڻي، چاڙهه سبب ۽ پنھنجي طاقت آهر، هر ڏِسُ ۽ رُخَ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جتي کيس ڪمزور جاءِ يا هنڌ ملندو آهي، اتان گس ٺاهيون، ٻوڙان ٻوڙ ڪندو ويندو آهي. پوءِ کيس روڪڻ، ماڻھوءَ جي وس جي بات ناهي.
· ڌن-پتيءَ/ پئسي واري سان پيار، پئسن جي هئڻ سبب هوندو آهي. پئسي وارو، پئسا ڏيکاري هِرکائيندو آهي. معشوق، حسن جو جادو هلائي، لالچ ۾ پئسا ڪڍڻ ۾ مگن هوندو آهي. ٻنھي ۾ جان فدا ڪرڻ وارو جذبو گهٽ هوندو آهي. لکن ۾ ڪو پئسي وارو، سچو پيار ڪندو آهي، نه ته هر ڪنھن جي ياري، ڪم ڪڍڻ ۽ ڀاڪر پائڻ تائين محدود هوندي آهي.
· مسڪين يار، پنھنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو هوندو آهي، سو دوستن تي ڇا قربان ڪري؟ هرڪو کانئس ڀڄندو آھي ته متان سوال نه ڪري. وقت تي ڪم اچڻ بجاءِ، پاڻَ پيو، پٽيندو ۽ ڦُريندو.
مطلب:
15.1 سڃا عاشق، ڀيٽو دي آچارِ.
15.2 زر بسيار، عشق ٺھه پھه، زر نيست، عشق ڦون ڦون.
15.3 مطلب هووي تو پيار به ڪرلي، نھين تو دنيا مطلب دي هو يار.
16. دولت کي باهه ۽ چور جو رهي ڊپ ڊاءُ،
علم کي نه ڪير لُٽي، نه لڳيس ڪو ڪوسو واءُ. (چوڻي)
· ڌن دولت، هڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين وڃي ته پوئين هٿ وٽان کُٽي ۽ اڳئين هَٿَ وٽ وڌي. اھا ڪير کڻي به سگهي، چورائي به سگهي، ڦري به سگهي، ساڙي به سگهي. دولت جو تعلق، بي بقا، ناپائدار ۽ بنا جٽاءَ جي آهي. ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ/ سر کپائڻ عبث آهي.
· علم وڏي دولت آهي. ورهائڻ سان وڌي، وٺڻ واري وٽ ته وڌي پر ورهائڻ/ ونڊڻ واري وٽ ٻيڻو ٿئي. علم واري کي جتي ڪٿي مانُ ملي. روزگار/ ذريعه معاش هٿ ڪرڻ، علم واري لاءِ، اڻ پڙهيي دولتمند جي ڀيٽ ۾، تمام آسان آهي. اهڙي جٽادار دولت هٿ ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ محنت ڪرڻ گهرجي.
مطلب:
16.1 کاڌي خرار کٽي وڃن.
16.2 چاهين ته پُٽ سکيو رهي ته کيس هٿ جو هنر سيکار.
16.3 اب جو ڏنو ڪم نه اچي، جاسين رب نه ڏئي.
17. رڍ ٿلھي متار، ته به پول ڍڪي پنھنجو. (پھاڪو)
رڍ، فطرتي طور تي ڪمزور دل جانور آهي. ويڙهاڪ به ناهي. ڪيڏو به کائي پي مچي، تڏهن به ٿلھي ٿيڻ کان سواءِ، کيس ڪوبه فائدو نه ٿيندو. سندس ٿلھو ٿيڻ، هڪ لحاظ کان، سندس لاءِ نقصانڪار آهي، جو ڪاسائي کيس ڪھڻ لاءِ پيو تاڙيندو. ٻي صورت ۾ ٿلھو متارو ٿيڻ سان، دُنب وڌندس، جنھن جو بار به کيس ئي کڻڻو پوندو. دُنب وڌڻ سان فقط پنھنجي پولھ کي ڍڪيندي، جنھن سببان سندس حامله ٿيڻ وارو معاملو به بگڙجي سگهي ٿو.
مطلب:
17.1 ڪمزور ماڻھوءَ لاءِ گهڻو مال ميڙڻ، بجاءِ نفعي ڏيڻ جي، گهاٽي جو سودو آهي. کيس گهرجي ته پنھنجي حال ۾ شاڪر ۽ پرسُڪون رهي.
18. ريشم ۾ بافتي جو ٽڪر نه لڳندو. (پھاڪو)
· ريشمي ڪپڙو ڦاٽي ته ان کي اڳڙي/ تُن/ چتي به ساڳئي ڪپڙي جي سونھندي. سادي يا سوٽي ڪپڙي جي چتي نه مٿس بيھندي نه سونھندي.
· جنس جنس سان گڏ گهمندي ڦرندي آهي.
· اهڙيءَ طرح ياري دوستي ۾ هم عمر، هم پله، هم پيشه، هم جنس، هم ذات سان سونھندي آهي. گڏهه ۽ گهوڙي جي ياري، عيب کان خالي ناهي. برابريءَ جي بنياد تي رکيل ياري/ سنگت، جٽادار ۽ سونھندڙ هوندي آهي.
مطلب:
18.1 ياري، پڳ مٽ سان رکجي.
18.2 پَٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو؟! (پھاڪو)
18.3 هم جنس باهم جنس ڪرد پرواز،
ڪبوتر با ڪبوتر، باز با باز. (فارسي)
19. ريءَ کٽيي، ريءَ وٽيي، پُٽ سيجڙي نه پسي. (چوڻي)
سيجڙي پسڻ؛ سيج تي چڙهڻ، عروسي رات ملھائڻ، ڪنوار ماڻڻ.
مائٽ به شادي ان پٽ جي ڪرائيندا آهن، جيڪو محنت ڪري ڪمائيندو آهي ۽ پاڻ کي شاديءَ لائق ثابت ڪندو آهي. جنھن ۾ ڪمائڻ جي لياقت/ سگهه/ فھم نه هوندو، سو گهر هلائڻ جي به قابل نه هوندو، ان کي ڌيءُ ڪير به نه ڏيندو. نه ئي مائٽ ان کي پڻائڻ لاءِ مٿا مونا ڏيندا آھن.
مطلب:
19.1 نه کٽڻ ۽ نه ڪمائڻ واري لاءِ، هر ڪم مشڪل آهي.
19.2 بنا محنت جي ڪاميابي حاصل نٿي ٿئي.
19.3 محنت جو ڦل مٺو آهي.
20. زال، ٻار ۽ غلام، سونٽي سان سڌا. (چوڻي)
· زال/ عورت، گهر ۾ بند هئڻ سبب، ٻاهرين گهڻن معاملن کي سمجهڻ لاءِ، ناقص العقل هوندي آهي. کيس کڙيءَ ۾ عقل ۽ مغز ۾ ضد ۾ ڀريل هوندو آهي. هوڏ سبب، کيس سمجهائڻيامت ڏسڻ، سولو ڪم ناهي. ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ سمجهائڻ لاءِ وقت وڃائڻ سبب، ڪيئي نقصان پوڻ جا انديشا هوندا آهن. جنھن ڪري بجاءِ کيس تقرير ۽ دليل سان سمجهائڻ جي، سڌي راند سونٽي جي ڪجي ته بھتر ٿيندو.
· ٻار، نو-آموز/ سيکڙاٽ هئڻ سبب، دنيا جي معاملن کي سمجھڻ ۾ گهٽ دلچسپي وٺندو آهي. نفعي نقصان جي کيس گهٽ خبر پوندي آهي. ڪم-علميءَ سبب مَن ماني ڪندو. کيس سمجهائڻ لاءِ وقت وڃائڻ سبب، ڪن معاملن ۾ سڌو سونٽي سان سيکارڻ وارو عمل جاري ڪرڻ بھتر هوندو آهي.
· غلام/ نوڪر/ ٻانھو/ ملازم، غير ذميوار هئڻ سبب، نفعي نقصان جو انديشو نه رکندو آهي. کيس پنھنجي پگهار/ پيٽ ڀرجڻ سان سروڪار هوندو آهي. پوءِ ڀلي مالڪ جي سڙي يا ٻڏي. کيس نصيحت ڪرڻ عبث آهي. ڇو جو کيس ڪم ڪرڻ جو شوق هجي ها ته پنھنجي گهر ۾ ئي گهڻو هئس، ٻيلي ڇا لاءِ بيٺو؟ ان ڪري کيس، جيستائين مولا بخش سان مھميز نه ڏبي تيستائين نه سڌرندو.
مطلب:
20.1 عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جيهڙا ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي، چوڻي)
20.2 مار، سنوار.
20.3 مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
20.4 سوٽي هجي ساڻ، گڏهه گوهي نه ڪري.
20.5 Spare the rod, spoil the child.
21. زال ڄَڻَ مان آڻجي، ڳئون ڌَڻَ مان آڻجي. (چوڻي/ پھاڪو)
· ڍڳي هميشه ڀاڳيي کان خريد ڪجي. اڪيلي چريل يا پڙيءَ تان ورتل، عيب کان خالي نه هوندي. ڍڳي، مينھن، ٻڪري وغيره، ڄاڻوءَ ماڻھوءَ جي معرفت، ڳولھا ڦولھا کان پوءِ، ڪنھن ڀاڳيي جي وٿاڻ تان، ڌڻ ۾ پليل وٺجي. اها ٽاهڙ نه هوندي، ڏچر نه هوندي، سچر ۽ سيبتي هوندي.
· شادي ڏسي وائسي ڪنھن خاندان مان وڏن جي معرفت ڪجي. نه ڀڳل کي ويھارجي ۽ نه ئي ڀڄائي وٺي اچجي. ڀڳل ٻانھن جا، نه ساهرا نه پيڪا ۽ نه وري ڪنھن هڪ گهر ۾ ٽڪي ئي سگهندي. چڱي نسل جو نه اولاد ڄڻي ڏئي سگهندي، نه ئي سندن چڱي پرورش ڪري سگهندي. اندر جي هُٽ-کُٽي سبب، مڙس جي به ڀرپور نموني وفاداريءَ سان خدمت نه ڪري سگهندي.
مطلب:
21.1 هر شيءِ ڏسي وائسي خريد ڪجي.
21.2 ٽڪي جي دانگي وٺجي ته به ٺڪي ٺڪائي وٺجي.
22. زال وڏين واتين، ڪھاڙي ڳاڙهي ڳنين،
راءِ پرائي ڪنين، ٽيئي نه ٿيا. (چوڻي)
وڏين واتين؛ واترادي، گاريال، جهيڙاڪار.
ڳاڙهي ڳنين، خون/ رت ۾ رڱيل، قتل ۾ ملوث
پرائي ڪنين: پراون ڪنن سان ٻڌندڙ، ڪنن جو ڪچو، گلا ٻڌڻ جو عادي.
· جهيڙاڪر، بد پيشه کان خراب. بد پيشه، مجبوريءَ تحت، خاص ماڻھوءَ آڏو ان جي خواهش مطابق ان وانگر پاڻ کي اگهاڙو ڪري ٿي. جڏهن ته گاريال، عام ماڻھن آڏو، پنھنجي وات جي زور تي، اڳلن جي خواهش خلاف پاڻ کي اگهاڙو ڪري ٿي. جنھن ڪري ائين به چئبو آهي ته، ڄنگهن ڏرائيءَ کان وات ڏرائي خراب.
· ڪھاڙي، اھا جيڪا تيز ڦر واري ھجي ۽ ڪاٺ ڪپڻ يا مال لاءِ ٽاريون ڇانگهڻ واسطي ڪم اچي. ماڻھن کي ڪھڻ لاءِ ڪتب آيل ڪھاڙي فائدي واري ناهي. ھتي ڪھاڙي کڻندڙ ڏانھن اشارو آهي. کيس نصيحت ڪيل آهي ته عام ڀلائيءَ جي ڪمن واسطي ڪھاڙي ڌارجي، انساني نسل کي ختم ڪرڻ لاءِ نه ڌارجي.
· راءِ/ حاڪم/ آفيسر به اهو ڀلو جيڪو پنھنجي دل دماغ سان فيصلا ڪري. ڪنن جو ڪچو يا ٻين جي صلاحن تي هلندڙ آفيسر/ حاڪم به ملازم/ رعيت لاءِ پويون ڏينھن هوندو آهي. انصاف نه ڪري سگهندو آهي. ٻين جي چوڻ تي هلي، فقط ظلم ئي ڪري سگهندو آهي.
مطلب:
22.1 زال اها جا ڪُرَ اُجاري، ڪھاڙي اُها جا ڪاٺ ڏاري، راءِ اهو جو پُڇي ماري.
23. سڀڪو سڀاوي سھڻو ڪونھي. (چوڻي/ پھاڪو)
اکر آهن ٽي؛ آوي، ڀاوي، سڀاوي. ٽنھي اکرن جو بنيادي محرڪ ساڳيو آهي.
آويءَ ۾ ڪنڀر ڪچا ٿانءَ وجهي، پڪا ڪري ڪڍندو آهي.
ڀاويءَ ۾ ڀوڳڙي ڀڳڙا ڀُڃندو آهي.
سڀاوي؛ ماءُ جي ڪک، جنھن ۾ ٻار سرجندو آهي.
دنيا جي تختي تي، هرڪو ماءُ جي ڪک ۾ سنجرڻ بعد جنم وٺي ٿو. انھيءَ سنجرڻ واري عمل مان سمورا سھڻا ٿي نه ٿا نڪرن.
دنيا ۾ هر شيءِ جا ٻه پھلو يا روپ آهن. ماڻھو صورت جي حساب سان يا سھڻو هوندو يا ڪوجهو ھوندو. اھڙيءَ طرح سيرت جي لحاظ کان پڻ يا خوش خلق هوندو يا بد-خلق، خوشبودار ھوندو يا بدبودار.
ماءُ جي ڪک، ڪنڀر جي آويءَ وانگر آهي. منجهانئس ڪي ڪچا ڪي وڌيڪ پڪل، ڪي سھڻا ته ڪي ڦڏا ٿانءَ نڪرن ٿا. سمورا انسان، ڪنھن به ڪارخاني مان، ساڳئي سانچي مان ٺھي نڪتل، ساڳئي ماڊل جي گاڏين وانگر هوبھو/ سودپود يا ھڪجھڙا نه هوندا آهن. ڀلي ساڳيءَ ڪک مان نڪرن پر دنيا ۾ اچڻ بعد، هرهڪ کي تربيت لاءِ، الڳ ماحول ملي ٿو. هر ڪنھن جي طبيعت پنھنجي حساب سان ٺھي ٿي ۽ نرالي ٿئي ٿي.
مطلب:
23.1 ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
24. سٺ پچي سٺڙيو، اسيءَ پچي جوئار،
جي هاري اڃا تڪڙو، ته ڏسي لاھ جي پاڙ. (زرعي، چوڻي)
سٺڙيو؛ ٻاجهريءَ جو قسم، جيڪو سٺ ڏينھن اندر پوکڻ پڄاڻان پچي راس ٿئي. جڏهن ته جوئر کي پوکڻ کان لڻڻ تائين، اسي ڏينھن درڪار آهن.
· هاريءَ کي پوک پوکڻ وقت، اهو وقفو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان حساب سان، وقت سر زمين جي تياري ڪرڻ گهرجيس ته جيئن مند جو فصل وقتائتو کڻي سگهي.
· جيڪڏهن هاريءَ کي اڃا آڳاٽو فصل کپي ۽ ٻين کان اڳ ٻار کڻڻ گهري ٿو ته کيس زمين ۾ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. زمين جي تياري آڳاٽي ڪري، منجهانئس لاهن جون پاڙون ٻاهر ڪڍي ڇڏي، ڇو جو لاهه، فصل لاءِ نقصانڪار آهي. منجھس هَرُ ڏکيو وهندو. هاريءَ کي زمين ۾، ڇٽ کيڙ وقت تڪليف ٿيندي ۽ لاھ سلي کي اسرڻ نه ڏيندو. ان ڪري هاريءَ کي پھرين لاهه ڪڍڻ گهرجن، ان کان پوءِ فصل پوکڻ گهرجي.
مطلب:
24.1 سٺ پچي سٺڙي، سو پچي جوار،
جتي تھان ٿئين تڪڙو ته لاهن پاڙون نھار. (ٿر، چوڻي)
25. سوڙهي جُتيءَ کان، پير اگهاڙا ڀلا،
گهر جي جهيڙي کان، جهنگ منھن ڀلو. (فارسي، پھاڪو)
· سوڙهي جُتي، پير ڦٽيندي ۽ هلڻ ۾ پڻ هلاڪ ڪندي. منزل تي پھچڻ کان اڳ، ارواح کڻائي ڇڏيندي.
· ان جي برعڪس، اگهاڙو پير، کليل رهي ٿو. گرمي سرديءَ سان عادي ٿي، جانورن جي پيرن/ کُرن وانگر، سخت ٿي وڃي ٿو. ماڻھو هلڻ ۾ وچڙي نه ٿو ۽ نه ئي تنگي محسوس ڪري ٿو.
· گهر جھڙو سک ڪٿي به ناهي. جنھن کي گهر ۾ سڪون ناهي، سو جيڪر ملڪ منھن ڪري ته به کيس ڪٿي سڪون نه ملي. ان ڪري گهر کي ڪس ڪسر کائي، سڪون وارو بنائڻ جي ڪوشش ڪجي.
مطلب:
25.1 گهر جو ڪروڌ، ٺڪرن جو پاڻي سڪائي.
25.2 جهنگ جو تتو گهر ۾ ٺري، گهر جو تتو ڪٿي نه ٺري.
25.3 ماحول موافق نه ملي ته ڀڄڻ ڪم وريام جو آهي.
25.4 جتي پڄي نه سگهجي، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
26. سونا سنج رکڻ سان، گڏهه گهوڙو نه ٿيندو،
ڦاٽل رلي رکڻ سان، گهوڙو گڏهه نه ٿيندو. (پھاڪو)
· صلاحيت جو انحصار، جبلت تي آهي. جبلت قدرتي طرح هرهڪ ۾ ڪمپيوٽر جي Rom وانگر، اندروني طرح جُڙيل (In-built) هوندي آهي. جنھن کي دنيا جو ڪوبه پروگرامر، پروگرامنگ ڪري ختم نه ٿو ڪري سگهي. البته رخ ڦيرائڻ لاءِ، جدوجھد ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڇو جو فارسي چوڻي آهي، جبل گرد ، جبلت نه گرد.
· ظاهري پوشاڪ سان، ظاهري بناوٽ به نه ڦرندي آهي.
· اهو ئي سبب آهي جو ٻاهرئين سينگار جو، اندرين جبلت تي ڪوبه اثر نه پوندو آهي. اوچي پوشاڪ پھرڻ سان جاھل، عالم نه ٿي پوندو. سادي پوشاڪ ڍڪڻ سان عالم، جاهل نه پوندو.
· پوشاڪ جو ماڻھوءَ جي ڪيفيت تي ته اثر ٿي سگهي ٿو، جلبت تي نه. ڪتاب جي ڀري مٿي تي کڻڻ، ڊگرين جي ڳوٿري ڪلھي تي رکڻ سان ڄٽ، عالم نه ٿيندو.
مطلب:
26.1 ظاهري بناوٽ سان، علم نه ايندو آهي.
26.2 خوشبو آتي نھين، ڪاغذ ڪي ڦولون سي.
27. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
ماڻھوءَ پرکجي جڏهن، هينئون هيئين سان لاههِ. (شاهه)
· هر شيءِ کي پرکڻ/ جانچڻ/ آزمائڻ/ سڃاڻڻ لاءِ، دنيا ۾ ڪسوٽيون (Parameters) مقرر ٿيل آهن.
· جانور تي بار رکي ڏسبو، ڍڳي/ مينھن کي ٻه چار ويلا ڏهي ڏسبو، ڏاند هر/گاڏيءَ ۾ جوٽي ڏسبو. گاڏيءَ جي ٽرائي وٺي ڏسبي. نوڪر کان ٻه چار ڏينھن آزمائش طور ڪم ڪرائي ڏسبو. سون ۽ چانديءَ کي باهه تي رکي ڏسبو. ٺڪر کي وڄائي ڏسبو.
· اهڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي پرک ساڻس سنگت يا دوستي رکڻ سان، ساڻس واپار ڪرڻ، گڏجي سفر ڪرڻ يا پاڙي ۾ گڏ رهڻ سان ڪري سگهجي ٿي.
مطلب:
27.1 سون پرکجي ڪسوٽيءَ، روپو پرکجي باهه،
ماڻھو پرکجي تڏهن، جڏهن پاڙو پاڙي سان آهه.
28. شاگردن جي دعا قبول پوي ته هڪ استاد نه بچي. (چوڻي/ پھاڪو)
استاد/ والدين جي سختي/ مار، ڪنھن ظلم/ تنگ ڪرڻ سببان نه هوندي آهي. بلڪ شاگرد/ ٻار جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ هوندي آهي. جيئن ڪنڀر، مٽيءَ کي مار ڏئي، گُڏي منجهائنس ڪچا ٿانءَ ٺاهي ٿو، پوءِ بٺيءَ/آويءَ ۾ باهه تي پچائي، پڪا ڪري، ٻاهر ڪڍي ٿو، تيئن استاد/ والدين وارو معاملو آهي. جيڪڏهن ٻار تي گھري نظر نه رکبي ته نه سندس اخلاق سڌرندا ۽ نه ئي وري ذهني طور اوسر کائيندو. گھري نظر رکڻ پڄاڻان، آهستي آهستي ترقي ڪري، پاڻ-ڀرو ٿي، پيرين سيرين ٿيندو.
اهو ئي سبب آهي جو والدين/ استاد جي ڪيل سختيءَ جي موٽ ۾، شاگرد جي پٽ يا پاراتو، بي اثر هوندو آهي.
مطلب:
28.1 عملن جو دارومدار نيت تي آهي ۽ هر ڪنھن کي پنھنجي نيت جو بھرو ملندو آهي.
29. شل چرندي کي وَرَ نه پوي. (چوڻي)
چرندي؛ کائيندڙ پيئندڙ، صحتمند.
ور پوڻ؛ بيمار ٿيڻ، موڙهه ٿيڻ.
هر ڳالهه صحت سان مزو ڏيندي آهي. بيمار کي ڪابه شيءِ مزو نه ڏيندي آهي. سندس هر مزو ڪرڪرو هوندو آهي. نتيجي ۾ هر ڪم ۾ رڪاوٽ پئي پوندي آهي. بجاءِ ترقيءَ جي، هر قدم تنزل/ تباهيءَ ڏانھن هوندو آهي. ٺھيل ڪم به بگڙجي پوندا آهن. اڻ ڏٺا آزار، اکين آڏو اچي بيھي رهندا آهن.
بيماريءَ کان، ڌڻي سڳورو سڀ کي بچائي. شل سڀ کي سنئين لڱين هلائي ۽ سڀ جي من جي مراد پوري ڪري.
مطلب:
29.1 شل چرندي ڪون ولا نه پوي.
29.2 شل ڪنھن جي مت نه منجهي.
29.3 شل ڪنھن جا ڄمي نه کرن، ڪنھن جا وڌي نه مرن.
30. ڪَنُ ۽ مَنُ، ڪنھن سڄڻ کي ڏجي. (چوڻي)
ڪَنُ؛ ٻڌل ڳالهه.
مَنُ؛ دل، اندر جو راز.
راز يا ٻڌل ڳالهه، ٻئي کي ٻڌائڻ کان پوءِ، پرايا ٿي وڃن ٿا ۽ قيامت تائين راز نه ٿا رهن. منجهانئن حاصل ٿيندڙ فائدو ملڻ بند ٿيو وڃي. وَسَ ويندي، سُر/ راز ڪنھن کي نه ڏجي.
ٻڌائڻ ضروري ٿي پوي ته پوءِ ڪنھن سڄڻ کي ٻڌائجي. جيڪو سمجهدار هجي ۽ ان جو غلط مطلب/ مفھوم نه وٺي، نه ئي غلط پرچار ڪري.
مطلب:
30.1 سِرُ ۽ سُرُ، ڪنھن سڄڻ کي ڏجي.
30.2 مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، اُپٽي ته واءُ،
پڌر پيئي ڳالھڙي، ڇڏي ويندي ساءُ.
31. ڪوري هر ڪا شيءِ ڀلي، پر ڀلي نه ذات. (چوڻي)
ڪورو: (ڪنڀارڪي محاوري ۾) آويءَ مان نڪتل نئون ٿانءُ، جنھنکي اُمايو نه ويو ھجي.
ڪورو: (ڪورڪي محاوري ۾) اهو ڪپڙو جيڪو اڃان ٿانَ جي صورت ۾ هجي ۽ ڪپي ڪوري، سبيو/ پاتو نه ويو هجي.
ڪورو: (لکڻ پڙهڻ جي محاوري ۾) اهو پنو، جنھن تي ڪجهه لکيو نه ويو آهي. ڪورو دستاويز(White Paper) .
مٿين ٽنھي وصفن کي يڪجاءِ ڪري، هيئن مطلب اخذ ٿو ٿئي.
ڪورو؛ غير مستعمل، اڻ آزمايل، نئين.
ڪوري؛ ڪپڙو اڻندڙ کي. جنھن پٺيان آڳاٽي دور کان، سنڌ جي ذات.
ڪوري، ڪورڪي ڌنڌي ۾ ايترو مگن هوندا آهن جو کين ٻئي ڪنھن معاملي جي ڄاڻ گهٽ پوندي آهي. جنھنڪري کين، سيکڙاٽ، اڻ آزمودگار، ڄٽ ۽ مت جو موڙهيل سمجهيو ويندو آهي. انھيءَ سببان سندن ذات کي ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ گھٽ اھميت حاصل آھي.
مطلب:
31.1 نئين ھرڪا شيءِ ڀلي آھي، سواءِ نو آموز جي.
31.2 ڪورڪي ذات، ڪاسبي ھئڻ سبب، عزت جي نگاھ سان گھٽ ڏٺي وڃي ٿي.
چٿر طور ڪورين لاءِ هيٺيون چوڻيون به رواج ۾ آهن.
31.3 ڪوري، مت ٿوري.
31.4 ڪوري چڙهيا شڪار، مولا خير گذار.
31.5 بخت کي ڄائي آهي ڀيڻ، تڏهن ڪوري ٿيا آهن ڪلارڪ.
31.6 هيڻو وڏيرو، ڪورين لاءِ قھار.
31.7 ڪورياڻيءَ ٽٽ ڪونه ڏنو، گڏهه ڪوڙو ڙي ڪوڙو.
32. ڪياڙيءَ جي بجي کان، منھن جو بجو ڀلو. (پھاڪو)
ڪياڙيءَ جو بجو: پرپٺ گلا/ غيبت/ عيب جوئي.
منھن جو بجو: منھن سامھون عيب ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ.
پرپُٺ ڪيل گلا سان، اڳلي وٽ اها ڳالهه الائي ڪھڙي رنگ ۾ وڃي پھچندي. ان کان علاوه پاڻ تي گناهه الڳ چڙهندو. اڳلو ان کي نصيحت نه سمجهندو، بلڪ خلق-خواري سمجهندو ۽ بجاءِ سڌرڻ/ احسان مڃڻ جي چڙ کائيندو.
ان جي برعڪس، سامھون ٻڌايل عيب کي، اڳلو بدناموسي گهٽ سمجهندو. مناسب لفظن ۾ ڪيل نصيحت کي، هٿائين هيئين سان هنڍائي، پاڻ ۾ اصلاح به آڻيندو ۽ ٿورو پڻ مڃيندو.
مطلب:
32.1 گلا/ غيبت کان پاسو ڪجي.
33. گابو ڪپڙ- چٻڻو، سوئا سينڌي، سُچر سواري،
اَلَڙ ڪتو، بندوق ڏوردار، پنج ئي بيڪار. (چوڻي)
ڪپڙ-چٻڻو: ڪپڙا چٻاڙڻ جو عادي.
سوئا: ويايل، ٻار واري.
سينڌي: يارِ، سنگتياڻي، جنھن سان ناجائز جنسي تعلقات واري سنگت هجي.
سُچر: گهڻ - کائڪ، پيٽ- هٿيو، پيٽوڙي.
اَلَڙ: نه وڙهندڙ.
ڏوردار؛ منھن مان ڀرجندڙ.
· گهر/ اوطاق ۾ پرائو پنھنجو رکيل ڪپڙو، ڪپڙ-چڻي گابي کان محفوظ نه هوندو.
· سوئا سينڌي/ اها سنگتياڻي، جنھن کي کير پياڪ ٻار ٿڻن تي هجي. ان مان وقت تي ڪم نه نڪرندو.
· سُچر/ گهڻ-کائڪ وهٽ به وقت تي کاڌي جي هٻڇ ڪري اٿندو ناهي ۽ ڪم جو نه رهندو آهي.
· الڙ ڪتو؛ جنھن کي شڪار جي ٽريننگ مليل نه هجي، شڪار ته وڃائيندو پر ڌڻيءَ کي به اوجهڙ ۾ رلائيندو.
· بندوق ڏوردار؛ اهڙي بندوق جيڪا منھن مان ڀرجي، سا دشمن سان مقابلو ڪرڻ وقت، شڪست جو سبب ئي بڻبي. ان جي برعڪس آٽوميٽڪ يا سيمي آٽوميٽڪ بندوق وري به ڪارائتي هوندي آهي. ان جي ڪارڪردگي تڪڙي، لاڀائتي ۽ وقتائتي هوندي آهي.
مطلب:
33.1 ٻه-چتيو ماڻھو، ڪارائتو نه ٿو رھي.
33.2 ماڇين جو ڪتو، گدڙ جو ساٿي.
33.3 ڄنگھان يارن وٽ، ھلي ٿي گنبٽ.
34. گاڏي آئي، چريا ڪونه ويا. (پھاڪو)
· ريل گاڏي، ملڪ جي هڪ طرف کان ٻئي طرف هلي ٿي. ائين وري موٽي ٿي. جيڪڏهن سمورا چريا، مزي وٺڻ خاطر منجهس بنا ٽڪيٽ قبضو ڪري ويھي رهن، جيڪر جُوءِ خالي ٿي وڃي. ڄيئن ته گاڏيون ھلن ئي ملڪ اندر ٿيون، تنھنڪري، چريا هوندا ته ملڪ ۾ ئي. جيڪڏهن گاڏي هڪ طرف کان وڃي ۽ ٻئي طرف کان موٽي ئي نه ته ان صورت ۾ چرين جي کٽڻ جو آسرو ڪري سگهجي.
· سياڻن جو چوڻ آهي؛ جيڪڏهن گاڏي نه به موٽي، ان صورت ۾ به چريا ڪونه کٽندا. ان جو سبب اهو آهي ته هڪ ته چريا کٽڻ کان گهڻا آهن ۽ ٻيو ايترا چريا به ناهن جو پنھنجي نفعي نقصان کي نه سمجهي سگهن. ڳوٺ ۽ ملڪ هر چريي کي به پيارو آهي.
مطلب:
34.1 جاجڪ چريو، ته به لٽا لاهي پنھنجن ڏانھن اڇلي.
34.2 سيوهاڻي چريو، ته به ڀتر گهر ڏانھن ڍوئي.
34.3 چانڊيا چريا، ته به ڳڙ جا ڀينڊ پنھنجن ڏانھن اڇلين.
34.4 چرين جي لوڌ گهڻي آهي، جنھن ۾ اڪثريت مطلبين جي آهي.
35. مرد کري بڪ ڪري، زال کري نَٽ ڪري،
گهوڙو کري ڊڪ ڪري، مڙس کري شڪ ڪري،
زمين کري اَڪ ڪري، موسم کري جهڪ ڪري. (چوڻي)
هن چوڻيءَ ۾ ڇھن شين جي کرڻ جون نشانيون ٻڌايون ويون آهن.
· مرد ماڻھوءَ کي شانائتو رهڻ گهرجي. گاريون ڏيڻ، ڏهڙڻ، جهيڙو ڪرڻ، زال ۽ گهر وارن کي تنگ ڪرڻ سندس شان ناهي.
· زال کي حياءَ سونھين ٿو. جيڪڏهن حياءَ جو زيور هٿان ڇڏي کرندي ته پوءِ رڳو نٽ نخرا هوندس ۽ گهر به ڪين ڪندي.
· گهوڙي جو ڪم آهي سڌو دڙڪي هلڻ، ان جي بجاءِ ڊَڪَ ۾ ڪاهي پوندو ته ڪنھن ڪم جو ناهي. ٽانگي/ بگيءَ ۾ جوٽڻ سان، سواريءَ کي بيزار ڪري وجهندو.
· مڙس ٻين زالن وٽ کرندو ته پنھنجيءَ زال ۽ پاڙيوارين کي شَڪ جي نگاهه سان ڏسندو ۽ ساڻن برو ورتاءُ هلندو.
· زمين سان محنت نه ڪبي ته منجهس پاڻمرادواڪ، ڪرڙ، ڪانڊيرا ٿيندا، جن ۾ نانگ بلائون رهنديون. اها زمين، بجاءِ فائدي ڏيڻ جي، جيءَ لاءِ جنجال ٿي پوندي.
· موسم کرندي آهي ته جهڪون لڳنديون آهن. مٽيءَ جي طوفانن ۾ انبن جو ٻور ته ڇڻندو آھي پر ڪچا پڪا انب به ڇڻي ويندا آھن ۽ باغائي ڀينگ ٿي ويندا آھن، ڇو جو وڻ به پاڙئون اکڙي ويندا آهن.
مطلب:
35.1 کرڻ يا فطرت جي قانون کان ھٽڻ سان وڏا نقصان ٿين ٿا.
36. مڙس جي ڦِٽي، جيل ۾ وڃي،
ڍڳي جي ڦِٽي، گهاڻي ۾ وڃي،
گهوڙي جي ڦِٽي، ٽانگي ۾ وڃي. (چوڻي)
ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڌنڌا ۽ ڪي رهڻ جون جايون، نحوست واريون به سمجهيون وينديون آهن. نڀاڳ کي انھن ڏانھن منسوب ڪيو ويندو آهي.
· مڙس ۽ شينھن، آزاد گهمڻ ۾ مزو ماڻيندا آهن ۽ ڀاڳ وارا سمجهيا ويندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته قيد/ پڃرا، ٺھيا به مردن/ شينھن لاءِ آهن، انھن کي ٽوڙيندا به مرد/ شينھن آهن.
· ڍڳو، بار ڍوئڻ ۽ هَرَ ڪاهڻ جي ڪم اچي ٿو. جڏهن ته گهاڻي ۾ وهڻ سندس هلڻي ڦيرائي ڇڏيندو آهي. جنھنڪري گهاڻي ۾ وهڻ، سندس قسمت ڦِٽڻ جي مترادف سمجهيو ويندو آهي.
· گهوڙو، آڳاٽي زماني ۾ سواريءَ لاءِ ڪم ايندو هيو. ڊڪڻ ۽ جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ، گهوڙي جھڙي ڪابه سواري ناهي. جابلو ۽ سنگلاخ زمينن ۾ گهوڙو ڪم ايندو هيو. جنھنڪري کيس، گهوڙيسوار ۽ سئيس، کيس ڪوٺيندا ئي بوراق هيا. ان جي ابتڙ ٽانگي ۾ وهڻ سبب، کيس پابند رستن تي هلڻو ٿو پوي. پابنديءَ جو مڙهجڻ به قسمت ڦٽڻ وانگر آهي.
مطلب:
36.1 گھوڙي جي ڦٽي، وهي ٽانگي ۾،
ڏاند جي ڦٽي، وهي گهاڻي ۾،
آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
37. مسافر کي ماني کارائڻ ۾، لائق نياڻي اٿارڻ ۾،
لاش دفنائڻ ۾، دير نه ڪجي. (چوڻي)
· مسافر، ٻاهران سفر جي سختين سبب هتوتتو ايندو آهي. نفسياتي ڪيفيت، ڪجهه ٻي هوندي اٿس. کانئس حال احوال وٺڻ کان پھرين، سندس آڏو پاڻي ماني رکڻ ضروري آهي ته جيئن سامت ۾ اچي ۽ ڪيفيت به ٺيڪ ٿئيس. ان بعد ئي ساڻس ڳالھائڻ گهرجي. ڇو جو ٻاهران آيل جو، ڳالھائڻ به اکڙيل اکڙيل هوندو آهي.
· لائق نياڻي، وقت سر اٿارجي ته اٿي به ويندي ۽ گهر به ڪندي. ٻارن ٻچن ڄڻڻ جي صلاحيت ۽ مڙس کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪري مٿس ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت به هوندس. ان جي برعڪس، وقت گذرڻ پڄاڻان، ويھجي وئي ته ويھجي ئي ويندي. پوءِ منجهس مٿيون خوبيون نه ٿيون رهن. يا موراڳو سندس لاءِ رشتا اچڻ به بند ٿي ويندا آهن.
· مئل جو، جسماني طرح، جيئرن سان تعلق منقطع ٿي وڃي ٿو. هاڻي پرائي امانت آهي. پرائي امانت رکڻ بجاءِ، جلد ڌڻين وٽ پھچائجي ته بھتر آھي.
مٿين ٽنھي ڪمن ۾ ڪيل دير، معاملي کي الجهائيندي ۽ مسئلا کڙا ڪندي.
مطلب:
37.1 اڀير اچي جهنگا، ٻولي بي ڍنگا. (ٿري، چوڻي)
37.2 ڌيئون ۽ مڇيون، ناهن رکڻ جون شيون.
37.3 ادي سھڻي، ته به نه ادي لائق نه ابي لائق.
38. مڱڻھار، ميراثي ۽ حجامڻ جو پيٽ، ڀرجڻ جو ڪونھي. (چوڻي)
· مڱڻھار، لنگهو، ميراثي ۽ حجم ڪاسبي آهن. اهي موٽ ۾ ڪا شيءِ (Commodity) نه ڏيندا آهن، البته خدمت ڪندا آهن. جيئن مڱڻھار دهل وڄائڻ واري، ميراثي راڳ چوڻ واري ۽ حجم حجامت واري. سندن، ماڻھن سان ڏيھاڙي جو واسطو آهي. ڳالھائڻ جا ڏاڍا تکڙ ٿيندا آهن. ماڻھو ماڻھوءَ کي سڃاڻندا آهن. مڱڻھار، منھن ڏسي مٺائي منگندا آهن. حجم/منگي منڍي ڏسي، ڪٽائي ڪندا آهن.
· جيئن ته کين ڏيھاڙيءَ جي (ريزڪي طور) حساب سان دان ملندو آهي، ان ڪري هميشه گهڻي جا تمنائي هوندا آهن.
· مڱڻھار ۽ لنگهي کي لالچ گهڻي هوندي آهي. ڪيڏو به مليس ته به پيو ڦيڪاريءَ وانگر ٻاڪاريندو ۽ ڍنڍورو پٽيندو. ڪين جو ڪينگر، ڪلھي تي هوندس. گهور وٺي به چوندو؛ گهور مھل ٽوڙو لڳو هئو، ڪونه هئس، تنھنڪري مان رھجي ويس.
· اهڙيءَ طرح حجم کي ڳالھائڻ جي پِٽَ پيل هوندي آهي. سندس زبان، سندس قئنچيءَ کان تيز هلندي آهي. چڱن ڀلن جو مٿو ڪوڙڻ جو، تمغو به کيس ئي حاصل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڳالھائڻ کان پيٽ نه ڀربو اٿس.
مطلب:
38.1 لنگهو، پيٽ ۽ لن، ڀرجي نه ڀرجن.
39. ملين جي خيرات، ڪانءَ جو لڳ، ڪنھن ڪونه ڏٺو آهي. (چوڻي)
· ڪانءُ، لڳ جي حساب سان ڏاڍو لڄارو پکي آهي. کلي عام، ماديءَ تي نه چڙهندو آهي. جڏهن ته گرم ايترو آهي جو ڪانيوليءَ کان علاوه ڪوئل جي ڪوڪڻ تي، ڪوئل تي به چڙهندو آهي.
· ملان ويچارو ٻين کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جي تلقين ڏاڍي ڪندو آهي. غريب هئڻ سبب مٿس عمل نه ڪري سگهندو آهي. جڏهن امير ٿي، زڪوات خيرات ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ته ملو نه رهندو آهي. بلڪ حاجي، صوفي يا زوار ٿي پوندو آهي.
مطلب:
39.1 پائي مار و چشم مور و خير ملا ڪس نه ديد (فارسي)
39.2 نانگ جو پير، ڪول جي اک، ملان جو دان، ڪنھن نه ڏٺا آهن. (ترجمو)
40. نئڙت کان سنوت ڀلي. (چوڻي)
نئڙت خدا آڏو ڪرڻي آهي، انسان آڏو جهڪڻو ناهي. انسان آڏو جهڪڻ سان، اڳلي کي تڪبر/ وڏائي ايندي. ٻين کي حقير ۽ غلام، نيچ ۽ بوٽ-چٽائو پيو سمجهندو. ساڻن ناروا سلوڪ پيو ڪندو.
ان جي برعڪس دوستي/ ڀائپي/ برادري قائم رکڻ لاءِ هڪجھڙائي/ برابريءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان سان عزت رهجي ايندي. هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ احترام به رهندو.
مطلب:
40.1 مون پرين مون سين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

No comments:

Post a Comment