Sunday, October 22, 2023

مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مَٿاڙِي/ مَٿاري/ مُنھن رکڻي/ مَٿي رکڻي/ مَٿي داڻِي/ ديڙو/ ديڙِي/ دِڪِي/ مُتُو/ مَرکڙِي/ مورکڙِي/ چُلهِه/ مارگهُه/ مُنارو/ مُنھن رکِي/ مَٿي رکِي/ مورکو/ مورکي هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا سنڌي سڀيتا سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ ڪٿي ساڳي شيءِ جا ٻه- ٽي نالا آهن، ته ڪٿي وري الڳ الڳ وٿُن جا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو ته جنھن ڪارڻ سنڌي ماڻهو ڪم آڻيندو رهيو آهي، ته ان ڪارڻ ٻين سماجن جا ماڻهو به ڪم آڻيندا هجن، پر ڪٿي ان جا اشارا ملن نه ٿا. جنھن کي مٿاڙي يا منھن رکِڻِي ڪوٺجي ٿو، سا گهڻي قدر چيڪي مٽِيءَ ۽ ٻن عام ڪاٺين/ ڪانن سان ٺاهي ويندي آهي. هيءَ وَٿُ هڪ ڍِڍ ۽ ٻن سِڱن سان سڃاتي ويندي آهي. يعني هيٺان هڪ گولائيءَ سان، چُلهه وانگر مٽيءَ جو ديڙو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ اڀيون ڪاٺيون/ ڪانا لڳايا ويندا آهن، جيڪا نئين ڄاول يا اٺن مھينن جي ٻار تائين سمهارڻ ۽ ٻنڌڻ سان ٻڌي سڌو رکڻ جي ڪم آندي ويندي آهي. جيئن ته هن جي ديڙي جي شڪل گولائيءَ مائل ٿيندي آهي، ان ڪري هن کي ’چُلهِه‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي مٿاڙي، جنھن کي چُلهه ٿا چون، سا ٺھندي به چُلهه وانگر آهي، ليڪن ان ۾ مٿئين ڍڪَ لاءِ ڪاٺيون نه پونديون آهن. ان کي هيٺان سڌي دِڪي ٺاهي، پويان ٿوري ٽيڪ رکي ويندي آهي ۽ اڳيان ٻه يا اڍائي انچن جا ٻه بونبا رکيا ويندا آهن، ته جيئن اهي ڪنڌ ۽ ڳچيءَ جي پاسن کان اچن ۽ ٻار ڪنڌ موڙي نه سگهي. ٻار جي ڪياڙي، ان سڌي دِڪيءَ تي، ڪو ڪپڙو وڇائي ۽ ڪنڌ کان ننڍڙي وهاڻي ڏيئي، رکي ويندي آهي. ڪي وري ان مٿاڙيءَ کي چُلهه جي مارنگ وانگر به بيھاري، پاسن ۾ ٻه ٽيڙيَل اڀيون ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا آهن، جنھنڪري هن کي مارگهُه يا مارنگُ به ڪوٺين. مٿاڙِيءَ جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ: ان جي مٿان ڪو سنهي ململ جو رئو يا ڪپڙو وجهي ڇڏبو ته جيئن ٻار مک يا  مڇر کان ڍڪيو رهي، ٻيو: ٻار جي مٿي جو چوٽُ ۽ لوٽِ اهڙي ويھي جو مٿو هڪ ڪَرو سھڻو لڳي ۽ لوڻا به نه مرن! ان لاءِ ٻار کي سڌي سمهارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.  

گهوٻاٽو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهوٻاٽو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گهوٻاٽو/ لَوَڙ، هڪ ڪاٺيءَ جو اهڙو اڇلائي هڻڻ جو هٿڻ آهي، جيڪو ڀاڳيو يا چور چڪار پنھنجي بچاءَ يا هلان ڪرڻ لاءِ کڻندو هئو. جديد هٿيارن سبب، هيءُ هٿڻ هاڻي ڪم نه ٿو آندو وڃي. جيڪڏهن ڪم آڻجي به، پر ان کي نشاني تي اڇلائڻ لاءِ به وڏي مھارت کپي، جيڪا هاڻي جي ماڻهوءَ وٽ ڪونهي. ڪو ڪاٺيءَ جو ٺھيل هٿڻ، اڇلائي هڻڻ وارو ڀير دنيا جي ٻين سڀيتائن ۾ به ملي ٿو، جيئن: war club. ان ’وار ڪلب‘ جا به الاهي نمونا آهن، ليڪن ڪم اهو ئي اٿس، ڪنھن دشمن يا جانور تي اڇلائي هڻڻ! ان جا به جيڪڏهن نمونا ۽ ڀير ڏسجن ته هڪ نه ملندو، بلڪ سڌريل شڪل تائين، کوڙ نمونا ۽ ڀير ملندا. سنڌ جي سڀيتا ۾ جيئن ته هڪ چوراڻو هٿڻ آهي، ان لاءِ ڪوبه چور سيڙجي، ڊکڻ يا ماهر وٽ گهوٻاٽي ٺھرائڻ لاءِ نه ويندو، بلڪ پاڻ کي وڻ مان ان لام جي چونڊ ڪندو، جنھن جي منھن ۾ ساڳي ڪاٺيءَ جو اهڙو ڳنڍ هجي، جيڪو ڪاٺيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿلهو ۽ ڳورو هجي. اهو نمونو ڪافي آڳاٽو آهي، جيڪو هاڻي به ساڳيو سمجهيو وڃي ٿو.

چِيڪلو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

چِيڪلو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي سڀيتا جي تاريخ تمام پراڻي آهي، جنھن پٽاندر ٺڪر، ڪاٺ، لوهه، کجيءَ جي ڦرهن، اَن جي تيلين وغيره  جون وٿون نراليون رهيون آهن، ان لحاظ کان راندين ۽ وندر ورونھن جا نمونا ۽ وٿون به نياريون رهيون آهن. ڪافي اصطلاح ۽ پھاڪا پڻ انهن سان سلهاڙيل ملندا. جتي ’زور ۽ انگ- اٽڪل‘ واريون رانديون ملهه، ڪٻٽي، ٻيلھاڙو، ونجهه وٽي، ڦر ڦر سونٽو، اٽي ڏڪر وغيره رهيون آهن، تِتي ويٺي ۽ گهر ۾ ئي ورونھن واريون رانديون به رهيون آهن، جيئن نوٽڻ، چوپڙ، ارچڪ مرچڪ، گولين راند، اِڪي ٻڌي، لانٽون ڦيرائڻ وغيره. ان کان علاوه ڇوڪرن ۽ ڇوڪريُن جون به الڳ الڳ رانديون رهيون آهن، جيئن، ڇوڪريُن جون رسيءَ ڪُڏ، چيڪلِي پائڻ، گڏيءَ راند، ڪوڏين سان چَنرِ وغيره، جڏهن ته ڇوڪرن جو کينھوڙي سان سٽ ڪُٽ، ڦر ڦر سونٽو وغيره. ڪن راندين يا وندر ورونھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا  آهن. ڪن راندين ۾ کَٽَ- هارَ ٿيندي آهي ۽ چٽاڀيٽيون به ٿينديون آهن؛ ته ڪي وري اهڙيون رانديون به آهن، جيڪي رڳو وندر ورونھن ڪاڻ هونديون آهن، ان ۾ پنھنجي واري جو اوسيئڙو ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي ورونھن ۾ ’چيڪلو ڦيرائڻ‘ به شامل آهي. چيڪلو جيئن ته ’پينگهه‘ جو قريبي آهي، ان ڪري هن کي ’چِينگهه/ چِنگهَه‘ به چئجي ٿو، جڏهن ته ٻنهي جي لوڏي ۾ فرق آهي.

ڪاتِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪاتِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڪاتي، سنڌي لوهر جو ٺھيل اهڙو تِکو سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي، جنھن جي هر گهَر کي گهرج رهي ٿي. هيءَ وٿُ، گهر ۾ ڪَچي ڀاڄي ڀُتي، گوشت مڇي يا ميوو وغيره ڪَٽڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. حلال جانور کي ڪُھڻ لاءِ به ڪاتيءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ان کان سواءِ به وَڍَ ٽُڪَ لاءِ اهڙو هٿَڻُ ڪم اچي. اهڙيءَ گهرُو وَٿ جا به الاهي نالا آهن، جيئن: ڪاتُ، ڪاتي، ڪَپُ، چاڪُون، ڇُرو، ڇُرِي، ڪِرچَ وغيره. وري هن ۾ جيڪو مُٺيو پئي، ان جا به نمونا الڳ الڳ ٿين ٿا. عام طور ڪاٺيءَ جو مُٺيو پئي، پر ڪي لوهر وري، لوهه يا ڪنھن ٻيءَ ڌات جو ڌاريو مُٺيو به وجهندا آهن.

ٽويو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٽويو (ماپو)

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌ جي هڪ نرالي ۽ الڳ ٿلڳ سڀيتا رهي آهي. ان لحاظ کان مختلف تور ماپن جا ماڻ به رهيا، جيڪي وقت گذرڻ سان ويا ڌنڌلا ٿيندا. ويجهي زماني ۾ ئي پاءَ، سيرَ، مڻَ ويا ته وري گرامن ۾ تور جو دور اچي ويو. فوٽ، وال، ميل ويا ته وري ميٽرن کي وارو ملي ويو. پاڻياٺ جي ماپ به سيرن ۽ گيلن ۾ ٿيندي هئي، سا به لٽر سان مٽجي ويئي. هاڻي گيلن بس، پلاسٽڪ جي دٻي يا گهگهيءَ کي ٿو چئجي. اڳتي هلي شايد گرام، ميٽر ۽ لٽر وارو دور به مٽجي وڃي ۽ ان بدران وري ڪو ٻيو ماپ تور جو نظام اچي. پنجن، ڏهن، ويھن ۽ سَوَن (جھڙي پنج ويھون، تھڙو سَو) واري ڳڻپ به ڏهائي سسٽم سان بدلجي ويئي. اڃا اڳتي ڇا ٿيڻو آهي، ان بابت ڪو پتو ناهي.

ڪڙٻ جا به ماپا هوندا هئا، مثال طور: پنج ڪانا (مُٺ)، پنج مُٺيون (سَٿري)، پنج سَٿريُون (بَندُ)، پنج بَند (ڀَري)، پوءِ پنجاهه يا سَو ڀريون گڏ ڪري، ان کي کرو چوندا هئا، جيڪو پوءِ هاري ۽ حقدار پاڻ ۾ ورهائيندو هئو.  ايئن گاهه  (ڀاڪر ۽ ڀري) وغيره جا ماڻ ماپا رکبا هئا. ڪڇڻ جا ماپا (آڱر، ڇاڙڪي، هٿ، والُ/ آڱر، ڇاڙڪي، ٻاڪَ، گرانٺ، هٿ ۽ وال) به هئا، پنڌ جا ماپا (رکَ، قدم، سَڏُ- ميل- ڪوهه، جرجن) بيھاريل هئا.

ڏوئِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏوئِي

سنڌي سڀِيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



باهه تي رکيل ديڳڙيءَ/ ڪُنِيءَ ۾ کاڌي کي گهمائڻ ۽ پوءِ ان مان پڪل ٻوڙ کي ڪڍڻ وارِي وَٿُ (شيءِ) جو نالو ’ڏوئِي‘ آهي. ڪيبچيءَ/ ڪيوِليءَ/ چمچي جو به ڪم ساڳيو آهي، پر هن کي ڪيبچي يا چمچو به نه چئبو. بس هيءَ ڏوئي آهي،  جيڪا سراسر ڪاٺ مان ٺھي ٿي. هيءُ لفظ، ونڊڻ ورهائڻ جي مراد ۾ پڻ ڪم ايندو آهي.

عام طور ڪنھن شيءَ کي سڌو وات پھچائڻ جو ڪم ڪندڙ کي ’چمچو‘ چئجي ٿو، ليڪن اسان جي گهر ۾ ’چمچو‘ ڪنھن ڌات جي ٺھيل ڏوئِيءَ کي چيو ويندو آهي ۽ ’چَمچِي‘ وري ننڍڙي وَٿُ کي چيو ويندو آهي. پراڻي وقت ۾ اهڙو چَمچِيءَ وارو ڪم ’سپِي‘ جي کوپي کان ورتو ويندو هئو. حڪيمن وٽ به دوا جي ماترا لاءِ سپِيءَ جو لفظ ڪم آڻيندا هئا. ان بعد اها وٿُ ڌات مان ٺھڻ لڳي. آسودا ماڻهو، اهڙيون چمچيُون وري سون چانديءَ مان ٺھرائيندا هئا. هاڻي ته اهڙيون عام ٿي ويون آهن، جو هر قسم جي ڌات، پلاسٽڪ وغيره مان ٺھي گهرن تائين پھچن ٿيون.

گهاڻو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهاڻو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو


گهاڻو، گهاڻِ، سنڌي سڀيتا ۾ ته ڳڻبو آهي، ليڪن هيءَ ڪَلَ (مشين) سڄي دنيا ۾ ان ڀيرَ سان رهي آهي. البت، الڳ الڳ ديس آهر، ان جا پرزا يا هنري ٽَپَڙ الڳ، انهن جا ماڻ ماپا الڳ، ڍور الڳ ٿين ٿا. سنڌ ۽ هند ۾ گهاڻي جا نمونا گهڻي ڀاڱي ملندڙ جلندڙ آهن.

گهاڻو، اهڙن ٻجن کي پيڙڻ جي ڪَل آهي، جنھن مان ڪو تيل نڪري سگهي. سنڌ ۾ سَرنھَن جي پوک جام ٿئي، ان لاءِ ان مان تيل ڪڍڻ عام جام آهي. باقي ته کوڙ ساٿريون اهڙيون پوکون آهن، جن جي ٻجن مان تيل ڪڍيو ويندو آهي. سنڌ ۾ سَرنھَن کان سواءِ، گاج سَرنھَن، ڄانڀو، تُوريو، رائِي، تِرَ، ڪَڪِڙا وغيره جا ٻج ٿين ٿا، جن مان تيل يا کاڄرُو تيل ڪڍيو ويندو آهي. ڄاڻو هاري ناري، ڄاڻايل ٻجن کي الڳ الڳ ڀائيندا آهن، پر عام ماڻهوءَ لاءِ ته سڀ برابر آهن. هاڻي ته سورج مُکي ۽ ڪينولا جي پوک به ٿئي ٿي، جنھن جو تيل بازار ۾ عام جام هلي پيو.

ٻُھارو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٻُھارو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ٻُھارو/ ڦَريو/ واسِيندو/ جهاڙُو ٻُھَر يا گند ڪچري کي ميڙڻ ۽ اُجرائي ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هيءَ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ پوري دنيا تي ڇانيل آهي. گهر گهر جي گهُرج هجڻ سبب، هرهنڌ هڪيو تڪيو هوندو. هر وَٿ جو اگهه نه ڏسبو آهي، بلڪ ان جو ڪم ڏسبو آهي، ان خيال کان هيءَ تمام ڪارائتي وٿُ آهي. جنھن گهر ۾ ٻھارو نه هوندو، ته سمجهو اهو گهر ئي ٻُھَر جو ڍير ڀانئبو. ٻھارو، رڳو گهَر جي گهُرج ناهي، پر اسڪول، آفيس، اسپتال، مذهبي/ ڌرمي جايون، روڊ، رستا، گهٽيون، ٽيشڻ، اسٽان، مطلب ته ڪھڙي جڳھه آهي، جتي ان جي گهرج نه هجي! هرهنڌ ان جي گهرج آهي ئي آهي.

ڇَڄُ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڇَڄُ

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڇَڄُ، ڇاڄڙو، ڇاڄڙِي (اسم تصغير)، ڇَڄِلِي (اسم تصغير)، سُپُ، سُپَڪُ (اسم تصغير)، گاگڙو، وارڙو، ۽ کُونڊو/ کُنڊو ڀانت ڀانت جي اَناج کي ڇنڊڻ ڦوڪڻ يا ڪجهه کڻڻ جو سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي. ڇڄ ۽ ڇاڄڙو ساڳي وَٿُ جا نالا آهن، ڇاڄڙي، ننڍڙي ڇڄ کي ٿو ڪوٺجي. البت، هڪ ڇڄ اهڙو آهي، جنھن کي سونھن سوڀيا آهر ’ڍوئڙو/ ڍوئڻو ڇڄ‘ ٿو چئجي. ڍوئڙو ڇڄ، ڪنھن ڀاءَ- دوست، نيڪ مرد، ڪنھن نياڻيءَ کي سوکڙي ڪري ڏبو آهي، جنھن ۾ ڳاڙها ڦندڻ، ٽَونر يا پشم جا گل، رنگين چِٽَ وغيره لڳايا ويا هجن. وهانءَ جي رسم ۾ به ’ڍوئڙو ڇڄ‘ ڪم آندو ويندو آهي. يعني جيڪو ڇڄ سوکڙي ڪري يا پنيءَ مراد سوکڙي ڪري ڏنو ويندو آهي، ان کي ’ڍوئِڙو ڇڄ‘ چيو ويندو آهي. باقي جنھن ۾ ڦندڻ وغيره نه هوندا آهن، صرف ضروري ڌاڳا ۽ چمائو تندا لڳل هوندا، ان کي ’ڇڄ‘ ئي چيو ويندو آهي. ڍوئڙي ڇڄ جي ڪا الڳ ماپ وغيره نه هوندي آهي، بس سونھن سوڀيا ۾ عام سادي ڇڄ کان سرس هوندو.

چُلهه جو مارنگ - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

چُلهه جو مارنگ

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



چُلهه جو تصور ته سڄي دنيا جي سڀيتائن ۾ رهيو آهي، پر سنڌي سڀيتا جي چُلهه جو رنگ روپ ٿورو الڳ آهي. اسان وٽ چُلهه به ٺھي ٿي، ته وري ٽن بونبن سان مارنگَ به ٿين ٿا، جن کي سيري پيري ديڳڙيءَ يا دانگيءَ/ ٿوٻيءَ/ تئي جي ماپ سان پورو بيھاري، باهه تي ڪو کاڌو پچائي سگهجي.

رڌ پچاءَ لاءِ ڪنھن هنڌ تي مٽيءَ سان ٽي پاسا بند رکي، هڪ پاسو کولي رکڻ، جتان ڪاٺيون وغيره رکي باهه ٻاري سگهجي ۽ مٿان ڪا ڪُنِي يا دانگي وغيره رکي، کاڌو پچائجي ته ان هنڌ جوڙيل وٿُ کي ’چُلهِه‘ ٿو چئجي. چلهه جو تصور گهڻو آڳاٽو آهي، جيڪو الڳ الڳ صورتن سان جيئرو رهندو پيو اچي. چلهِه سچ ته مارنگ جي سڌريل صورت لڳي ٿي. آڳاٽي سمي ۾ ٽي هڪڙا پٿر يا ڀتر جا ٽڪرا ايئن رکبا هئا، جو ان تي ڪو ٿانءُ رکي، کاڌو پچائي سگهجي. جيئن انساني زندگيءَ ۾ سڌارو ايندو ويو، تيئن شين يا وٿن ۾ به تبديلي ٿيندي رهي. پٿر يا ڀتر کان پوءِ سوڌي سنواري، گهڙي ٺاهي، ٽي هڪڙا بونبا ٺاهيا ويا، جن کي ’مارنگَ‘ جو نالو ڏنو ويو. انهن مارنگن ۾ اها سھولت رهي ته ڪھڙي به ماپ جو ٿانءُ رکڻ جي مھل ٿي پئي ويئي.