انجنيئر عبدالوهاب سھتو
دهليءَ جي عورتن جون چوڻيون ۽ ورجيسيون
اڃا ان دور کي گذرئي گهڻو وقت نه ٿيو آهي، جڏهن ڌياڻيون بنا ڪنھن چوڻيءَ يا پھاڪي جي ڪا ڳالهه نه ڪنديون هيون. اهي ئي ٻوليءَ جو ساهه هيون. ساڻن ئي اهو لطف ۽ چاشني پيدا ٿيندي هئي، جنھن سان ٻڌندڙ کي مزو ايندو هيو.
چوڻيءَ وارو هڪڙو جملو، زمانن جي تجربن جو نچوڙ هوندو هيو ۽ اهڙيءَ طرح عقيدي ۽ تجربي جون هزارين ڳالھيون، ذهن نشين ڪرايون وينديون هيون. دنيا جون هيٺِ-مٿانھيون ۽ فائدا-نقصان سمجهايا ويندا هيا. گهاگهر ۾ ساگر سمائڻ وارو مثال، چوڻيءَ تي پوريءَ طرح صادق ايندو هيو.
چوڻين ۽ اصلطلاحن ۾ طعنن تنڪن (ٽوڪن) جو حصو تمام گهڻو ملي ٿو ۽ ان زماني جي عورتن جو اهو مرڪ/ عادت هئي، ڇو جو اندر جو اوڳر ڪڍڻ لاءِ اهو ئي هڪڙو اڪيلو ذريعو هيو. طعنو ۽ تشنيع ٻئي عربي لفظ آهن. طعني جي معنى ڇري هڻڻ يا زخم ڪرڻ آھي ۽ تشنيع، اهو داڳ جيڪو زخم کان پوءِ به رهجي وڃي. حقيقت آهي ته طعني جي زخم جو داڳ/ لسڻ به ڪڏهن مٽجي نٿو.
طعني ۽ طنز جو نشانو، گهڻو ڪري نُھر هونديون هيون يا نڻان، ڏيرياڻي ۽ پھاڄ. ڌيئرن کي به نصيحت طور چوڻين/ پھاڪن ذريعي بُري ڀلي جو فرق سمجهايو ويندو هيو. وري ويچاريون نوڪرياڻيون، جيڪي انھيءَ لاءِ مشق جي تختي وانگر هيون، سي به اندر-سڙئي جا ڦونگارا، چوڻين ذريعي اوڳاڇينديون هيون.
چوڻيون انھيءَ زماني جي معاشرت جون آئينه دار به آهن، جنھن زماني ۾ انھن جو رواج شروع ٿيو. منجهائن ان زماني جي قدرن جو اندازو به چڱيءَ طرح ٿي سگهي ٿو. اردو زبان جي ارتقا جو زمانو، مغليه حڪومت جي زوال جو زمانو آهي. خانداني امير ۽ پيڙهين کان رئيس، زماني جي گردش جو شڪار ٿي، تخت کان تختي تي پئي آيا. حسب نسب جو قدر بلڪل نه رهيو هيو. بي-علم، بي-هنر ۽ ڪم-ظرف ماڻھڻ کي وارو ملي ويو هيو. اهڙيءَ حالت ۾ سواءِ بندگيءَ ۽ ويچارگيءَ جي ڪھڙو رستو هيو. ها! طعني ۽ چٿر ذريعي، دل جو اوٻر اوڳاڇي، ٿورو جيءَ کي هلڪو ڪيو ويندو هيو. انھيءَ ڪري گهڻين چوڻين جو نشانو، پوءِ-ڍاوا يعني ٻن ڏينھن لاءِ ٿيل امير هوندا هيا، جن وٽ پئسا ڏوڪڙ ته اچي ويا پر پئسن خرچڻ جو ڍنگ ۽ ان سان گڏ هئڻ وارو شان شوڪت نه آيو هيو. تنھنڪري سندن هر ڳالهه تي ٺٺول ڪئي ويندي هئي.
جيڪڏهن اهڙا ماڻھو، ڪوڙو شان ڏيکارين يا بيجا مطالبا ڪن ته تن لاءِ چيو ويندو هيو؛ “اڙي ڏسو! ڏيڏري به ٿي چوي ته کيس زڪام ٿيو آهي.” يا “دال جو ڇاڻ به چوي ٿو ته مونکي گيھه سان گڏي کائو!” سندن عورتون جيڪڏهن نزاڪت جو اظھار ڪن ته طنزيه کين، نازڪ بيگم يا مھين خان جو خطاب ڏنو ويندو هيو يا وري چيو ويندو هيو ته مٿن ته هيءَ ڪھاوت سچ ثابت ٿئي ٿي.
“ڀول گئي چوني، ڀول گئي ٽاٽ،
کاني لگي گيھون ڪي روٽي، سوني لگي کاٽ”.
وسري ويس دال جو ڇاڻ، وسري ويس سوٽي ڪپڙو، کائڻ لڳي ڪڻڪ جي ماني، سمھڻ لڳي کٽ تي. ترجمو
انھن ماڻھن کي هاڻ، اهڙيون شيون هٿ آيون هيون جيڪي اڳ ڪڏهن ڏٺيون به نه هئائون ۽ نه ئي انھن جي هنڍائڻ جو ڪو ڍنگ يا ڏانءُ هين ته انھيءَ تي چيو ويندو هيو، “هيءُ وات ۽ مسوري دال”
ڪريل طبقي جي عورت يا ٻانھيءَ/ نوڪرياڻيءَ تي ڪنھن نواب صاحب يا اميرزادي جي نظر پوي ته اهو کيس گهر ۾ رکيل ڪري رکي ته ان کي ڏاڍيءَ حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هيو، “موريز جي سر، ماڙيءَ تي لڳي.” وري جيڪڏهن ائين سخت نه چيائونس ته هيئن چوڻ کان نه مڙنديون هيون، “ريشم ۾ سوٽي ڪپڙي جي چتي/ تُنِ.”
وري زماني جو رنگ ڏسي گهڻيئي سندس خوشامند ۾ لڳيو وڃن. ڪي ته دل کي آٿت ڏيڻ جي ڪن ته “هائو ٺيڪ آ” تڏهن ته چوندا آهن، “راجه وٽ آئي، تڏهن راڻي سڏائي.” مگر انھيءَ حقيقت کي مڃيندي به طعني جو نشتر لڪيو پيو آهي ته “هائو راجه وٽ آئي تڏهن ته راڻي سڏائي، ورنه سندس ڪھڙي مجال آ.”
انھيءَ زماني ۾، جيڪڏهن مرد اڳينءَ خانداني زال کي ڇڏي ٻي شادي ڪندو هيو ته انھيءَ صورت ۾ ڪو اڳينءَ زال سان همدرديءَ جو اظھار ڪندو يا چوندو ته هُن ۽ تنھنجو ڪھڙو مقابلو ته اها سندس جواب ۾ چوندي هئي، “جنھن کي مڙس چاهي، سا ئي سھاڳڻ سڏائي.”
ڪنھن، سادي صورت ڇوڪريءَ کي سندس مڙس ڏاڍي قدر جي نگاه سان ڏسي ۽ هڪ ٻي سھڻي صورت ڇوڪري جيڪا انھيءَ کان خوبصورت هجي ليڪن ان کي خوشيءَ جي زندگي نصيب نه هجي ته ان لاءِ چيو ويندو هيو ته “روپ روئي، ڪرم کائي.” يا چوندا هئا، “لنڊيون ٿيون لاڏَ ڪن، سھڻيون ٿيون سيڏائن.”
جيئن اڳي ٻڌايو ويو ته نئينءَ مان ٿيل اميرن کي گهڻي حقارت واري نظر سان ڏٺو ويندو هيو. انھيءَ جي جواز ۾ چيو ويندو هيو، “اميري غريبيءَ جي ڌَپَ، ستن پيڙهين تائين نه ويندي آهي.” ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪري، اصليت جي خبر پئجي ويندي آهي ۽ ان جي ثبوت ۾ چوڻيون ۽ قصا گهڙيا ويندا آهن. گلن جي سيج تي سمھڻ واري شھزادي ۽ جاري کان گرهُه-مانيءَ جو گهرڻ وارين ڇوڪرين جون ڪھاڻيون ورجايون وينديون آهن.
گلن جي سيج تي سمھڻ واري شھزاديءَ جو قصو هيءُ هيو ته هڪ شھزادي جيڪا ڏاڍي لاڏ-ڪوڏ سان پلي هئي، گلن جي سيج تي سمھندي هئي. اها ڪنھن به قسم جي تڪليف يا سختيءَ کان واقف ڪين هئي. اڳتي هلي سندس بادشاهه پيءُ تي ڏاڍو ڏکيو وقت آيو. ان جي بادشاهي کسجي وئي ۽ پاڻ به جنگ ۾ مارجي ويو. ويچاري شھزادي جان بچائڻ لاءِ جهنگ-منھن ڪري ڀڳي. اتي اتفاق سان هڪڙو ٻئي ملڪ جو شھزادو شڪار لاءِ آيل هيو سو مٿس عاشق ٿي پيو ۽ پنھنجي محل ۾ وٺي وڃي ساڻس شادي ڪيائين. جيتوڻيڪ ڇوڪريءَ ٻڌايو هيس ته پاڻ شھزادي آهي مگر جيئن ته چمڙا-پوش ڪري ڀڳي هئي ۽ وٽس ڪو به زيور-ذرو نه هيو، تنھنڪري شھزادي کي منجهس شڪ هيو. هڪڙي ڏينھن کيس آزمائڻ لاءِ، سندس بستري تي ستن نرم پٿراڻين جي هيٺان، هڪڙي پٿري رکي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن صبح جو شھزاديءَ جو منھن لٿل هيو. شھزادي پڇيس ته طبيعت ڪيئن آهي ته شھزاديءَ جواب ڏنس، “مون کي رات ننڊ مزي جي نه آئي آهي، ڪنھن شيءِ جي چڀڻ سبب.” تڏهن شھزادي کي يقين ٿيو ته ڇوڪري واقعي شھزادي آهي. تڏهن ته ستن پٿراڻين هيٺان رکيل پٿريءَ جي تڪليف محسوس ڪئي اٿائين.
“جارا ڏيوڻا ته مين کاوڻا” جو قصو هيئن آهي ته هڪڙي انتھائي غريب ڇوڪرڙيءَ تي هڪڙو شھزادو يا اميرزادو عاشق ٿي پيو. ساڻس شادي ڪيائين ۽ کيس هر طرح جي آرام ۽ آسائش سان ٽڪائڻ لڳو. پر اها ڇوڪري کاڌو کائيندي نه هئي ان ڪري ڏاڍي ڪمزور ٿيندي پئي وئي. ڇوڪري کي ڳڻتي ٿي پئي. تنھنڪري علاج لاءِ ڏاڍا حڪيم گهرايائين. ھڪڙو حڪيم صاحب زماني جو ماڻھو هيو. ڇوڪريءَ جي کاڌي نه کائڻ واري سبب کي سمجهي ويو. علاج اهو تجويز ڪيائين ته هن جي ڪمري جي چؤطرف جارا ٺھرايا وڃن ۽ منجهن هر طرح جا کاڌا سينگاري رکيا وڃن ۽ کيس چئجي ته جنھن کاڌي لاءِ دل چويس، سو خود کڻي کائي. ائين ڪيو ويو ۽ ڏٺو ويو ته ڇوڪري ڪمري جي چئني ڏِسائن ڏانھن هلي ڪري هر جاري هيٺان اچي بيٺي پئي ۽ چيائين پئي ته “جارا گرهه ذرو ڏي” ۽ پوءِ کاڌو کڻي کائي ڇڏيائين پئي. ڇو جو ان غريب کي گُهري کائڻ جي عادت پيل هئي. هيءُ قصو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اميريءَ/ غريبيءَ جي ڌپ ستن پيڙهين تائين پھچندي آهي.
“مئل هاٿي، سوا لک جو” يا “وڏي ديڳ جي کرڙ به گهڻي هوندي آهي.” اهي ڪھاوتون به اميريءَ غريبيءَ تي ٺھيون. “مئل هاٿي، سو الک جو” جي معنى هيءَ ٿي ته جيئن هاٿي مري وڃي تڏهن به سندس ڏندن جي قيمت لکن ۾ هوندي آهي. اهڙيءَ طرح پيڙهيائتو امير چاهي ڪيڏو به هيٺ ٿئي، پوءِ به سندس گهر ۾ اميريءَ جون نشانيون ٿوريون گهڻيون باقي ضرور هونديون آهن. جيئن قيمتي تلوار، نوادرات، زيور، چانديءَ ۽ سون جا ٿانءَ، اُچا ڪپڙا وغيره. “وڏي ديڳ جي کرڙ به گهڻي ئي ٿيندي آهي” به اهڙن ئي موقعن تي چيو ويندو آهي. يعني اڻ هوند تي به اُڌريل رئيسن جي حالت، انھن ماڻھڻ کان بھتر هوندي آهي جن کي ڪڏهن ڪجهه هٿ نه آيو هجي. انھن ماڻھن کي جيڪڏهن ويتر فضول خرچيءَ کان روڪجي (خاص ڪري اهي نئين مان ٿيل امير کين منع ڪن) ته اهي ماڻھو چڙي چوندا آهن، “وڏي ديڳ جي کرڙ به گهڻي هوندي آهي.”
هنر ۽ سليقو، عورت جو زيور سمجهيو ويندو هيو. انھيءَ ڪري قدم قدم تي سندس ساراهه ڪئي ويندي هئي ۽ بي شعاريءَ ۽ بدسليقي تي ڪروڌ جو اظھار ڪيو ويندو هيو. ڇوڪرين جي عادت تڪڙي هلڻ جي آهي ۽ اهڙيءَ طرح اٻھرائپ ۾ ٿيڙ اچي وڃي يا ٿاٻو کائڻ سان ڪا شيءِ هٿ مان ڪري ڀڄي پوي ته ان تي ماءُ يا ماسي ٽوڪ طور چوندي ته “سگهڙ زال هلي، ستر گهر هلن.”
ٽوپو چڱيءَ طرح نه اچي ته ان کي “ٽاڪو هڻڻ به نه آيئي” چئبو هيو.
مراة العروس ۾ اڪبريءَ جي ماسي، اڪبريءَ جو ٽوپو ڏسي، مٿس هنن لفظن ۾ ڪروڌ ظاهر ڪندي آهي، “مردار! ڀڳل دوڏن سان ڏس ته سھي، ابتيون پنکڙيون هنيون اٿئي.” ڪنواريون ڇوڪريون، جيڪڏهن وڏڙين جي وچ ۾ ٽنگ اڙائي ڳالھائين يا ڳالهه اڌ ۾ ڪٽين ته فورًا جهڻڪ پوندي هين ۽ چئبو هين ته “زبان جو ٽاڪو ٽٽي پيو اٿئي ڇا؟” اکين سان اکيون ملائي ڳالھائڻ تي چئبو هيو ته “اک جي ديد ئي مري وئي اٿس”. تيز زبان ڇوڪريءَ کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڪين ڏٺو ويندو هيو. بلڪ واتوڙي، پڪي ۽ وات-ڏارائي چورائيندي هئي ۽ اهو به چيو ويندو هيو ته “مائي ڏسو ته! ٽِنگ جيتري ڇوري، ڪھڙي نه ديده-دليريءَ سان پئي ڳالھائي.” انھيءَ موقعي تي مون کي پنھنجي نڻان جو هڪڙو فقرو ياد آيو آهي. جڏهن اها پنھنجي پٽ لاءِ ڪنوار ڳولھي رهي هئي ته مون کيس هڪڙي ڇوڪري ڏيکاري، اها ڇوڪري ڳالھائيندي گهڻو هئي. آپا کيس وڏي غور سان ڏسي پوءِ چيو ته “هيءَ نون جي ناني، مان ڏهن جي ڏاڏي، پوءِ به هيءَ ڪنواري آهي.”
ويچارين ڇوڪرين جو جيڪڏهن ٿورو وڌيڪ ڳالھائڻ عيبدار هيو ته زالن جو وري ڳالهه ڳالهه تي چٿر ٽوڪ به عام رستو هيو. ٽوڪ وارين چوڻين ۽ ورجيسن جي ججهائيءَ مان پتو پوي ٿو ته زالون ته شايد سڌي نموني سان ڳالھائينديون ئي ڪين هيون. ليڪن ٽوڪ ۽ چٿر ۾ به لحاظ داري رکي ويندي هئي. پاڻان وڏي آڏو ٽوڪ ۽ ٺٺول جي ڳالهه ته ڇا، انھن جي اجازت کان بغير زبان چورڻ به عيب سمجهيو ويندو هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته نڻان، ڀاڄايون، ڏيرياڻيون، ڄيٺاڻيون مذاق جي پردي ۽ پڌري پٽ به هڪ ٻئي تي لھڻا لاهينديون هيون. مثال طور جيڪڏهن ڪا گهڻي وقت کان ملڻ نه آئي ته چورائي موڪليبو هوس ته “ائي! ايترو پنڌڙو ڪري اچڻ ۾ ڇا پيرن تان ميندي لھي ويندئي؟” يعني ڪھڙو حرج ٿي پوندو. وري انھيءَ ۾ هڪ ٻي ٽوڪ به لڪيل هوندي هئي جنھن کي نياپو مڪو ويو آهي سا شايد ٺھڻ، تيار ٿيڻ ۽ هار سينگار جي شوقين آهي ۽ مٿس اها ٽوڪ ڏني ويندي ھئي ته هار سينگار کان ايتري واندڪائي به نه ٿي ملئي جو ٻيو ڪم ڪري سگهين.
ڪا مھمانِ، ٿوري دير اچڻ کانپوءِ جهٽ وڃڻ لاءِ اٿي کڙي ٿئي ته چيو ويندو هيو، “اڙي ڇو؟ رستو ڪڇڻ آئي هئينءَ ڇا؟” پنھنجيءَ عمر جي لحاظ کان وڌيڪ هار سينگار ڪرڻ واريءَ کي “ٻڍي گهوڙي، لال لغام” جو خطاب ڏنو ويندو هيو. يا چيو ويندو ھيو، “رن ڪراڙي، ملي مساڳ”. يا وري، “ڪراڙيءَ جي منھن تي موهيڙا، دنيا پڙهي دوهيڙا” جي ٺٺول ڪئي ويندي هئي.
سج چڙهئي تائين، بنا ڦڻيءَ ۽ ڪپڙي مٽڻ وارين ڇوڪرين تي هڪل هوڙ ٿيندي هئي ته “ڪھڙو نه مٿو جهنگ ۽ ٻوٿ پھاڙ ڪيون پئي ڦرين.” ڏينھن وڏي ٿيڻ تائين سمھڻ وارين کي هيءُ چئي جاڳايو ويندو هيو ته “اٿ به مردار! اڄ ڀلا مُردن سان شرط پڄائي ستي آهين ڇا؟” سانجهيءَ-منھن سمھڻ وارين تي ٽوڪ ڪئي ويندي هئي ته، “انھن لاءِ ڇا چئجي، ڏيئي ۾ وَٽِ پئي، منھنجي لاڏلي تخت تي پئي.”
ڪنھن خاص ڏِڻ جي موقعي تي يا ڪو مھمان اچڻو هجي ۽ ڪا ڇوڪري يا ڇوڪرو بنا ڪپڙن بدلڻ جي بڇڙا حال ڪيون پيو ڦري ته مخاطب ٿي ڪري کانئس پڇبو هيو ته “سڀ ڏينھن ڍڪيل، عيد ڏينھن اگهاڙو! ڇو؟” ڇو جو سندن حليو ڏسي، گمان ڪري سگهبو هو ته ماءُ ڄٽي اٿن.
ان کان علاوه اڃا به ڪيتريون ئي چوڻيون آهن جن مان دورانديشي، ڪنھن نصيحت ۽ عقلمنديءَ جون ڳالھيون ٻڌايون ويون آهن. مثال طور “نانگ به مري، لٺ به بچي” يعني ڪو ڏکيو ڪم، جنھن ۾ غلط فھميءَ جو انديشو هجي، اهڙي خوبيءَ سان ڪيو وڃي جو ڪم به ٿي وڃي ۽ بدمزگي به نه ٿئي. “جان آهي ته جھان آهي”، “پاڻ مئي کانپوءِ، مري وئي سڄي دنيا” هيءُ ڪنھن عزيز کي سمجهائڻ خاطر چئبيون آهن جيڪي اجايو ڪنھن ڪم ۾ خفي ٿيندو هجي ۽ وري سندس قدر به نه ٿيندو هجي. “جھڙو آ تنھنجو ڳائڻ، تھڙو آ منھنجو وڄائڻ.” جو مطلب هيءُ آهي ته بي-رخائپ يا کنڊائپ جو جواب به چِٻي ٻوٿ سان ئي ڏيڻ گهرجي. انھيءَ کي “ڏي جواب، وٺ جواب” به چئبو آهي.
“سير کي سوا سير ملي ويو.” يعني ڪنھن بدتميز يا بدزبان کي کانئس زياده بدتميز سان واسطو پئجي وڃي ته ائين چئبو آهي. “ڪنھن جي اوڌر نه رکجي” جو مطلب به ساڳيو ئي آهي يعني هوبھو جواب ڏيڻ يا “منھن-ٽوڙ جواب ڏيڻ. بولتي بند ڪري ڇڏڻ، هڪ جون ڏهه ٻڌائڻ، ستَ-سُريون ٻڌائڻ.” هي سمورا فقرا يا ورجيسون، ساڳيءَ معنى وارا ۽ ساڳي طرح جي موقعن تي چيا ويندا آهن.
“تازيءَ کي اشارو ڪافي آهي” يا “اڏامندڙ جهرڪيءَ جا پر ڳڻي وٺڻ” يا “ڳيريءَ هيٺان آنا ڪڍي وٺڻ” ڪنھنجي ذهانت يا عقل مندي جي ساراهه آهي. اڏامندڙ جهرڪيءَ جا پَرَ ڳڻڻ ۾ پنھنجي مفاد سڃاڻڻ وارو پھلو پڻ نڪري سگهي ٿو. “جيئري مک ڪير ڳھي؟” ڪير به ڏٺو وائٺو پنھنجو نقصان برداشت نه ڪندو آهي. “ڪا ته کوٽي اٿس” ساڙولن جو فقرو آهي. ڪنھن کي هر طرح جو آرام ۽ عيش ميسر هجي مگر ڪو لاعلاج غم کيس گُهڻي وانگر چھٽيل هجي ته ساڻس ساڙ ڪرڻ واريءَ کي ٿوري گهڻي فرحت ايندي آهي ۽ اها چوندي آهي، “ٺيڪ آهي! ڪا ته ڪمي اٿس!”
ٻه بلڪ موزون ڪھاوتون، مون ليڊي سري واستوا جي واتان ٻڌيون آهن. سندس ڌيءُ شيلا، مان ۽ هڪ ٻه ٻيون ڇوڪريون، سيسل هوٽل شملا ۾ ويٺيون ڪچھري ڪري رهيون هيونسين. اسان سڀني جو چوڻ اهو ته، “اسان کي ڪنھن جي چوڻ- آکڻ جي ڪا پرواهه ناهي. جڏهن اسان ڪا غلط ڳالهه نٿا ڪيون ته پوءِ ڊڄڻ ڇا جو؟” انھيءَ تي ليڊي سري واستوا، سُرٻاٽ واري لھجي ۾ چيو، “ڌيءُ! بد ڀلو، بدنام برو” سندس چيو ڪيڏو نه صحيح هيو. هاڻي عمر ۽ تجربي کانپوءِ، احساس ٿيو آهي ته ماڻھو ڏاڍا ڪم ڪري به پار ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنھن کي ان جي لکا به نه ٿي پوي. نه وري ڪو کيس بد يا برو به سڏي ٿو. وري ٻيا ننڍڙي غلطي ڪري، لاپرواهيءَ سببان بدنام ٿي وڃن ٿا ۽ وڏو نقصان پرائين ٿا. انھيءَ ڏينھن، سندس واتان هڪ ٻي خوبصورت چوڻي ٻڌي هئم، “جيڪو پوئجي ويو سو موتي، رهجي ويو سو پٿر”. انھيءَ ڪھاوت جي معنى هيءَ آهي، جيڪو جوڙ-جس نه هيو مگر جنھن ڳالهه کي اڄ گهڻا ڏينھن گذري چڪا آهن ۽ ماڻھو ان کي وساري ويٺا آهن ته پوءِ ان جي هچر پچر ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو. مثال مان مطلب هيءُ آهي ته جيئن سچن موتين جي لڙهيءَ ۾ هڪڙو ڪُوڙو موتي/ مڻيو به کپي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح سان اهو رشتو به سيبائجي ويو.
ليڊي سري واستوا، لکنوءَ جي هندو ڪائسٿ گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي. ڪائسٿ کي پنھنجي اردو-دانيءَ تي ناز هيو. انھيءَ جو به هڪڙو مثال ٻڌي ڇڏيو. منھنجي مڙس جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. سندس هڪڙو ڪائسٿ دوست، طبيعت پڇڻ لاءِ آيو. منھنجي مڙس جو گلو خراب هيو. ايشور ديال صاحب چيو، “مان هڪڙو گهريلو نسخو ٻڌايان ٿو، استعمال ڪري ڏسو، جلدي فائدو ٿيندو”. پنھنجي پٽ کي چيائين ته لک! مون ڪاغذ ۽ پينسل ڏنيمانس. پٽس لکڻ شروع ڪيو. ايشور ديال صاحب سمورين شين جو وزن، مقدار لکرايس ۽ ٺاهڻ جي ترڪيب ۽ استعمال پڻ لکرايائينس. جڏهن نسخو لکرائجي ختم ڪيو ته پٽس پڇيو، “اوهان هو الشافي جو وزن نه لکرايو!” پڻس ڪاوڙجي تپي ويو ته، “تون ڪائسٿ ٻار آهين ۽ تون هوالشافي جو وزن ٿو پڇين! توکي خبر آهي ته الله تعالى جي نالي جي هيءَ صفت نسخي جي برڪت لاءِ لکي ويندي آهي.”
اها شرم جي ڳالهه آهي، اڄڪلهه هندو ڪائسٿ ٻار ته ڇا دهليءَ ۽ لکنؤ جي رهندڙ مسلمان ماءُ پيءُ جي ٻارن کي به اها ڄاڻ نه هوندي ته “هوالشافي” جي لکڻ جو مفھوم ڪھڙو آهي ۽ ڇو ٿو لکيو وڃي. منھنجو پيءُ چوندو هيو ته، اهو زمانو اچي پيو جو ڪنھن کي “نجيب الطرفين” (پيءُ ماءُ، ٻئي شريف، خانداني هئڻ) جي معنى جي خبر نه هوندي. اهو زمانو سندن گذاري وڃڻ (1946ع) جي ٿورن ڏينھن پڄاڻان اچي ويو. ورهاڱي، خاندانن جون پاڙون پٽي ڦٽي ڪيون ۽ اها خبر ئي نه رهي ته ڪير ڇا هيو. جنھن وٽ ڌن هيو سو ئي شريف سڏجڻ لڳو. ماڻھو نجيب الطرفين ۽ شرافت جي معنى ئي وساري ويٺا. اڳئين زماني ۾ رشتي-ناتي ڪرڻ وقت، خاص طور تي، انھن شين جو خيال رکيو ويندو هيو ۽ انھن جي گهڻي کوٽ-کوٽان ٿيندي هئي. هاڻي جيڪڏهن پڇو ته “شريف آهن” ته جواب ملي ٿو، “جي هائو مڇي ماني وارا آهن.” شرافت جو معيار ئي نه رهيو سواءِ دولت جي.
ليڪن مان خيالن جي وهڪري ۾ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھتس. ڳالهه پئي هلي چوڻين ۽ پھاڪن جي.
ها ته ان زماني ۾ جڏهن چوڻين/ پھاڪن جو رواج هيو. ٽوڪ ڪرڻ ۽ صدقي ٿيڻ جو هر وقت گمان لڳو رهندو هيو. خاص طور تي ته ٻارن جي هر وقت الله آمين هوندي هئي. سندن متعلق جيڪي به تعريفي جملا چيا ويندا هيا سي ماشاءَ الله ۽ چشمِ بد دور چئي پوءِ چيا ويندا هيا. انھيءَ کان علاوه ٻيا به نظرِبد کان بچڻ ۽ صدقي ٿيڻ وارا جملا هر موقعي محفل لاءِ زبان تي هوندا هيا. پٽ جي تعليم ۾ ڪاميابيءَ جي ڳالهه ٿيندي هئي ته ماشاءَ الله ۽ چشم بددور سان گڏ گڏ “شيطان جا ڪن ٻوڙا” يا “ڪنھن جي نظر نه لڳي” جھڙا هڪ اڌ جملا پڻ ڳنڍيا ويندا هيا.
ڪنھن جي بيماري يا تڪليف جي ڳالهه ڇڙي ته هيئن چئي ڪبي ته، “اڄ کان گهڻو اڳي جڏهن تون بيمار هئين” يا جيڪڏهن نينگريءَ جي شڪل ڪنھن وڏڙي سان ملندي هجي، جيڪو گذاري ويو هجي ته چئبو هيو، “ست قرآن گڏ، هن جي صورت فلاڻي (مرحوم) سان ڪيڏو نه ملي ٿي.”
ننڍڙا، وڏڙن کي ڏاڍو ادب سان سلام ڪندا هيا. وڏڙا به کين دعائيه جملن سان جواب ڏيندا هيا. آداب عرض، تسليم بجا آڻيان ٿو. تسليمات عرض آهي. ڪورنش بجا آڻيان ٿو. بزرگن آڏو، ادب جي اظھار جا الفاظ هيا. بندي کي عرض آهي! به چوڻ جو رواج هيو. مگر هاڻي وقت ٿيو جو اهي متروڪ ٿي توبة النصوح واري ڪليم چواڻي، بس اسلام عليڪم جي جنب اڇلي ٿا هڻن. مسز ڇتاري چوندي هئي ته، ڪنڌ جهڪي ٿو ۽ نه هٿ کڄي ٿو. سمورو اسلام “اسلام عليڪم” ۾ ئي اچي ويو.
جڏهن لحاظ داريءَ جو زمانو هيو تڏهن دعائيه الفاظ هي هيا، “شل جيئين، شل سلامت رهين، ست پيڙهيو ٿئين. هزاري عمر ٿيئي.” ٻڌو آهي ته شاهي زماني ۾ هي به چيو ويندو هيو ته، خدا ست-هزاري ڪرئي. عورتون ٻارن کي دعا ڏينديون هيون چونديون هيون ته، “جيئين بچين، زنده رهين، ڪوسو واءُ نه لڳئي، ڏکيو ڏينھن نه ڏسين. ماءُ پيءُ جو سايو سر تي هجئي.” ڪنوارين ڇوڪرين کي دعا ڏني ويندي هئي ته، “خدا قسمت ڀلي ڪرئي، شينھن ڪلھي تي چڙهين.” پرڻيلن جي لاءِ دعائيه ڪلما هيا ته، “سھاڳ قائم هجئي، پٽيتي ٿئين، وريتي هجين. ڪُکِ سدائين سائي هجئي، ستن پٽن جي ماءُ ٿئين. پٽ پوٽا کڻين نپائين. گهر سدا آباد هجئي.” هاڻي اهي سموري جا سمورا متروڪ ٿي چڪا آهن. انيس جي مرثين ۾ اسان جي انھيءَ گذري ويل تھذيب جي تصوير ملي ٿي، جڏهن انھن ڳالھين جو رواج هيو. هونئن ته انيس جا سمورا مرثيا، اسان جي اڳوڻي تھذيب جا آئينه-دار آهن. ليڪن هتي صرف هڪ بند جي وضاحت ٿي ڪيان، جنھن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته اهو انيس نه پر سندس زال چيو هيو يا پورو ڪيو هيو. سج لٿي جي نماز جو وقت ٿي رهيو هيو. انيس اڃا تائين غور فڪر ۾ ٻڏل هيو. جوڻس دٻيل لفظن ۾ چيس ته، “نماز جو وقت نڪتو ٿو وڃي”. انيس جواب ڏنس، “هائو! ليڪن هڪڙي مصرع ٿي وئي آهي. ٻي موزون نه ٿي ٿئيس ۽ ائين چئي پھرين مصرع پڙهيائين:
“يا رب! رسول پاڪ ڪي کيتي هري رهي”
سندس زال في البديه (Extempore) هي مصرع چوندي،
“صندل سي مانگ، بچون سي گود ڀري رهي”
وضوءَ جو ڪؤنرو اڳيان وڌايس.
ٻوليءَ جا هزارين گردان هيا. موقعي کي مھل ڏسي، هيٺ-مٿانھينءَ کي سمجهي ڳالهه ڪرڻ، تھذيب ۽ شائستگيءَ جو دليل هئي. زبان چورڻ سان ئي خبر پئجي ويندي هئي ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. لھجو ۽ انداز ئي ٻڌائي ڇڏيندو هيو ته ڳالھائيندڙ ڪھڙي علائقي جي رهڻ وارو آهي. ڪھڙي شھر سان تعلق اٿس، ڪھڙي طبقي جو فرد آهي، پڙهيل لکيل آهي يا ڄٽ آهي. غرض سمورا پول، هڪ ئي ٻول سان پڌرا ٿي ويندا هيا.
چوڻين ۽ ايامن کان جاري فقرن کان علاوه، عورتون خود به تيز ۽ زبرا فقرا ٺاهي وقت تي ڦھڪائينديون هيون. جنھن سان اعتراض ڪرڻ وارو به لاجواب ٿي ويندو هيو.
ان ماحول کي گم ٿئي به سال گذري ويا ۽ جن سان اهو ماحول قائم هيو، جيڪي ان جي جان هيون سي به ڪئين سال ٿيو جو الله کي پياريون ٿي ويون. سندن ڳالھيون/ ڳُڻ ياد ڪري اڄ به لطف پيو اچي.
منھنجي شاديءَ کي اڃا ٿورا ڏينھن ئي ٿيا هيا جو هڪڙي بيگم صاحبه، آپا سان يعني منھنجي نڻان سان ملڻ آئي. انھيءَ عجب ۽ ٽوڪ گاڏڙ لھجي ۾ پڇيس ته منھنجي شادي ڪيئن ٿي. اوهان جون رسمون الڳ، انھن جون رسمون الڳ، اوهان ٻيءَ جڳھه جي رهڻ وارا ۽ هو ٻئي هنڌ جا باسي. آپا ته هڪ دفعو کيس سڌي سڀاءَ سان جواب ڏنو ته ٻنھي خاندانن کي سڃاڻڻ واري هڪ دوست خاتون هئي، ان جي ذريعي سان اها نسبت جڙي آهي.
مگر انھيءَ بيگم صاحبه کي اطمينان نه ٿيو. ورجائي ورجائي اهو چوندي رهي ته آخر ڪيئن ٿي شادي؟ ساڳيا فقرا ورجائيندي پئي رهي ته اوهان جون ۽ هنن جون رسمون الڳ ۽ هو الڳ هنڌ تي رهڻ وارا. پوءِ ته آپا کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ٺھي ٺڪي ويٺي ۽ چيائين، “ڏس! صاحبه! فضول رسمون ته هاڻي ڪٿي به ڪونه ٿيون ٿين. باقي رهيو نڪاح سو اهو اڃا تائين انھن وٽ به ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ به. ائين ئي ٿي وئي شادي.” ٽوڪ اھا ھئي ته شايد اوھان وٽ نه ٿيندو هوندو. جيئن ان جي وري وري هي چوڻ جو مطلب هيو ته شادي پسند سان ٿي هوندي، جيئن ان زماني ۾ (1933ع) ۾ اسان پارن خاندانن ۾ سخت معيوب هيو. سندس چوڻ جي اها معنى، آپا مون کي گهڻو پوءِ سمجهائي هئي.
شادي مراديءَ جي موقعي تي اهڙي نوڪ جهونڪ خاص طور تي ٿيندي هئي. منھنجي ڀائٽيءَ جي شادي جڏهن هڪ اعلى خاندان جي، هر لحاظ کان قابل، ڇوڪري سان ٿي ته گهڻين انھيءَ رشتي کي ساڙ جي نظر سان ڏٺو ۽ سندس سس کي چيائون ته توهان کي انھيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ننھن ملي پئي سگهي. گهڻا دفعا ساڳيءَ چٿر وارا جملا ٻڌڻ بعد، منھنجي نڻان وانگر، انھيءَ به جواب ڏنن ته، “مان ته ننھن، گهر آباد ڪرڻ لاءِ وٺي ٿي وڃان! چونڪ تي ويھارڻ لاءِ نه. جو مونکي سندس صورت جي پرواهه هجي.” اعتراض ڪرڻ واري، ڀيلو ٻوٿ ڪري ويھي رهي.
منھنجي پڙ-ناناڻن ۾ هڪڙي ٻانھي هئي جنھن کي ڇھن سالن جي عمر ۾ قحط ساليءَ جي زماني ۾ سندس پيءُ ٻن مانين جي عيوض ڇڏي ويو هيو. اها منھنجي پڙ-ناناڻن وٽ ئي پلي ۽ وڏي ٿي ۽ جڏهن اسان وڃي هوش سنڀاليو تڏهن ان جي حيثيت خاندان جي فرد جھڙي ٿي چڪي هئي. سواءِ منھنجي وڏي ماسيءَ جي، ڪير به سندس نالو نه وٺندو هيو. اها ننڍي بوئا سڏرائيندي هئي. اسان جي ماءُ ۽ ماسي امان به سندس لحاظ ڪنديون هيون ۽ ننڍي بوئا مٿن به ڊونگل اڇلڻ ۾ باز نه ايندي هئي. منھنجي ناناڻن ۾، عورتن جو خاندان کان ٻاهر اچڻ وڃڻ جو رواج نه هيو. ليڪن ان وقت اسان جي ننڍي ناني ۽ ماسي امان ڪڏهن ڪڏهن عورتاڻي جلسي ۾ هليون وينديون هيون. ننڍي بوئا انھيءَ شيءِ کي به ناپسنديدگيءَ جي نظر سان ڏسندي هئي ۽ ٽوڪ واري لھجي ۾ چوندي هئي، “هاڻي ڇا چئجي! ترقيءَ جو زمانو آهي، هاڻي ته نواب عبداللطيف جي ڌيءُ ۽ ڏوهٽين جي ڏولي، ھر ڏيوڍي تي ٿي ڦري.”
ننڍي مامي ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ سا به اسان جي خاندان جي مقابلي ۾ هڪڙي نيچ خاندان جي عورت سان. اتفاق سان ننڍي بوئا جي، ماسي امان جي پھاڄ سان ملاقات ٿي وئي. سا ڀلا ڪيئن ٿي رک رکاءُ ڪريس. سندس حقارت ڀريي رويي تي چڙي هن چيس، “ها مونکي خبر آهي تون آهين نه نواب عبداللطيف جي نوڪرياڻي”. ننڍي بوئا جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي. جواب ڏنائينس، “هائو ٻانھي آهيان، نوڪرياڻي آهيان، ٻار جي آپا آهيان. جيڪو ڪجهه به چؤ سا آهيان، مگر خدا جي فضل سان (فضل جي “ض” تي زور ڏيندي) ڪنھن جي ويھاريل ناهيان.” پھاڄ جو ٻوٿ ئي ڦري ويو.
ننڍي بوئا جو شين قاف بلڪل درست هيو. رعب وجهڻ لاءِ هلڪن لفظن تي زور ڏئي ڳالھائيندي هئي. فضل جو “ض” ڏاڍو وزني هيو. ٻانھين جي زبان به ٺيٺ اردو ھئي ۽ پنھنجي جاءِ تي سند سمجهي ويندي هئي. مون خواجه شفيع دهلوي (ساڳيو مٽيا محل دهليءَ جو خواجه شفيع جن وٽ هر هفتي اردو مجلس ٿيندي هئي) کان ٻڌو آهي ته ڪنھن لفظ جي صحت تي بحث هجي ته اهو چيو ويندو هيو ته “اسان جي گهر جي ٻانھي انھيءَ لفظ کي اهڙي موقعي تي هيئن چوندي هئي.”
ٻانھين جي زبان ۾ هڪ خاص لذت هوندي هئي. خاص طور تي ته جڏهن اهي پاڻ ۾ وڙهنديون هيون ۽ هڪ ٻئي کي گاريون يا پاراتا ڏينديون هيون. منجهن گهڻيون ٻڌيل هونديون هيون، جنھن ڪري خود پنھنجي لاءِ جنم جلي يا نصيبن کٽل چونديون هيون.
لڪڙي جل ڪوئله ڀئي، ڪوئله جل ڀيو راک،
مين اڀاگن ايسي جلي، نه ڪوئله نه راک.
بيگم صاحبه جي ڪنجوسائپ تي چونديون هيون، “توبه آهي امڙ! جو فقير به ڪو ڪوڙ ۾ هٿ ڀريل وڃي.” يا بي جا ڪفايت شاعريءَ تي چونديون هيون، “اهو ته ساڳيو مثال آهي. نه توکي سھڻ نه مونکي سھڻ، چلهه ۾ ساڙي رَکَ ڪرڻ.”
اسان جي ماسي امان به ڏاڍي ڊونگلڻ هئي. کيس ٻڌي اسان کي ڏاڍو مزو ايندو هو. ڇو جو ٻڌڻ واري کي، جيڪڏهن اهو خود ملامت جو نشانو نه ھجي ته ڏاڍو مزو ايندو آهي. ڊونگل سان گڏ، ظرافت جي چاشني به هوندي هئي. افسوس جو هاڻي اها پاڻ ناهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو باقي بچيو آهي، جنھن کي ياد هجي ۽ کانئس پڇي سگهان. حالانڪ سندس زبان وضاحت جو سمنڊ هئي جنھن جي اندران الفاظ موتين وانگر نڪرندا هيا.
هڪ دفعي، حسبِ معمول اڄڪلهه جي عورتن جي بي پردگيءَ، بي حيائيءَ وغيره تي ڪروڌ جو اظھار ڪري رهي هئي. ٻڌڻ وارين مان ڪنھن پڇيس، “مگر عورتن جي پردي ڇڏڻ جو هڪڙو فائدو ته ٿيو جو هاڻي مردن جي رنڊي بازي گهڻي گهٽ ٿي وئي آهي.”
ماسي-امان جک کائيندي چيس، “هائو ٺيڪ آهي، شريف عورتون ئي رنڊيون ٿي ويون ته پوءِ انھن جي ضرورت باقي ڪھڙي رهي. ويچارين جو ته پيشو ئي ٺَپ ٿي ويو.”
منھنجي پردي ڇڏڻ تي ڏاڍي ناراض ٿي هئي ۽ سالن تائين ناراض رهي ۽ ان جو اظھار لفظن جي مينھن سان ٿيندو هو جيڪو منھنجو ڏيوڍيءَ تي لھڻ سان شروع ٿيندو هو ۽ جيستائين مان اتي ترسندي هيس تيستائين پيو هلندو هيو.
هڪ دفعي منھنجي ماسات، منھنجو پاسو کنيو ته “هيءَ ڇا ڪري؟ مڙسس جي مرضي آ”. ماسي-امان اڃان تيز ٿيندي موٽ ۾ چيس، “وڏي ويچارڙي مڙس جي تابعدار، ڪري نه پنھنجي مرضيءَ جي خلاف ڳالهه، مڙس جي حڪم سان!” ڳالهه اُگري ته لڳي، پر هئي سچ. اهڙيءَ طرح سندس ڪروڌ، جيتوڻيڪ اُگرن لفظن ۾ هوندو هيو مگر ان جو مقصد خانداني قدر ۽ اصليت، ياد ڏيارڻ هوندو هيو. گھٽ ۾ گهٽ مون تي ته اهو اثر ٿيو. منھنجي امڙ پِٽَ پاراتي جي خلاف هئي. اسان جي گهر اندر ڪنھن ٻانھي/ نوڪرياڻي کي گار ڪڍڻ جي اجازت نه هئي. امڙ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ڪنھن کي پٽي ٿو ته اها بد-دعا چويھه ڪلاڪن تائين آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڦرندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن حق تي آهي ته جنھن کي پٽيو ويو آهي ان تي، ور نه پٽڻ واري تي، اچي پوي ٿي. انھيءَ ڪري پٽڻ ئي نه گهرجي، ڇو جو غصي ۾ حق-ناحق جي سڃاڻ نه رهندي آهي.
جيتوڻيڪ پٽڻ معيوب هيو. ليڪن پوءِ به شريف گهرن ۾ اڻ پڙهيون بد مزاج عورتون ۽ ڇوڪريون پٽينديون هيون. مراة العروس ۾ اڪبري پنھنجي مڙس محمد عاقل سان جهيڙو ڪري پاڻ کي پنھنجي پيءُ ماءُ سميت هيئن پٽيندي هئي، “اي الله مان مري وڃان، منھنجو جنازو کڄي، الله ڀلو ڪري ابي امڙ جو جن مونکي هتي پرڻائي ڇڏيو آهي.” وغيره
گار ڏيڻ، شريفن جو شيوو نه هيو. اڃا مان صفا ننڍڙي هيس تڏهن منھنجي پيءُ مونکي ٻڌايو ته منھنجو ڏاڏو جيڪڏهن ڏاڍو ناراض به هوندو هو ته چوندو هيو، “فلاڻو شخص نامعقول آهي.”
عورت جي ڪروڌ جي اظھار جا لفظ به ٺھيل ٺڪيل هيا. ڪمبخت، نامراد، ناشدني، جھنم ۾ وڃ، چلھه ۾ پؤ، منھنجي اکين آڏو ٽري وڃ، جيڏانھن اچئي تيڏانھن وڃ وغيره. زالون ته زالون، ان زماني جون ٻانھيون يا ڪسبياڻيون به ڊونگل اڇلڻ جون ماهر هونديون هيون. ٻانھيون گهڻو ڪري سخت الفاظ استعمال ڪنديون هيون، ڄڻ ٻھاري گهمي وئي. زالن ۽ ٻانھين جي زبان ۾ ئي رڳو فرق نه هيو، بلڪ عورتن جي زبان زياده سليس، صاف ۽ بامحاوره هوندي هئي. پھاڪا سندن زبان جي خاصيت هيا. مرد چوڻين/ پھاڪن جو استعمال تمام گهٽ ڪندا هئا، سواءِ مولانا نذير احمد جي. هن پنھنجي ڪتابن ۾ انھن جو تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. نه فقط انھن ڪتابن ۾ جيڪي عورتن لاءِ لکيا اٿائين بلڪ ٻين ڪتابن، مضمونن، ايستائين جو قرآن شريف جي ترجمي تائين به ڪھاوتن جي ذريعي معنى جي وضاحت ڪئي اٿائين.
ڪي ڪھاوتون ۽ فقرا ته هن جا زنانه هيا ۽ انھن جي زبان جي خصوصيت ۾ شامل هوندا هيا. مرد ڪڏهن به اهي استعمال نه ڪندا هيا. جيئن؛ خدا جي سنوار، الله نه ڪري، پروان چڙهڻ نصيب نه ٿيئي. تنھنجي وات ۾ مٽي، نھن چوٽيءَ تان صدقو، شيطان جا ڪن ٻوڙا، جان کان پري، چنڊ سج جي جوڙي، چندي آفتاب چندي مھتاب، ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ، وغيره.
وري سندن ڳالهه ڪرڻ جو طريقو به مختلف هيو. جيئن سوال جي جواب ۾ ته اوهان کي فلاڻي جي متعلق فلاڻي ڳالهه جي سڻس آهي. جواب ڏينديون هيون، “اي مون کي ڪيئن سڻس پوندي! ڪي ته مون سندس ڇٺيءَ جا لڏون کاڌا هوندا.” ڪنھن ڪم لاءِ پڇبن ته جواب ڏينديون. “ائي توبه ڪر! مان ڇو ٿي ڪيان!” ڪو ڪم ڪري پڇتائڻ ۽ واعدو ڪرڻ ته وري نه ڪنديس ته چونديون، “الله منھنجي توبه جو مان ايڏانھن رخ به ڪيان.” ڪنھڻ ڀاڻيجي/ ڀائٽيءَ ڏانھن، جنھن سان دل هجين، چورائي موڪلينديون، “چنڊ جو چھرو ته ڏيکاري وڃ” ڪنھن تي ڇوهه ڇنڊڻا هجنن ته چونديون، “تنھنجي وات ۾ مٽي.” يا اهو ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ته پنھنجي وات سان ايڏي وڏائي نه ٿي ڪيان ته چونديون، “مٽي چٽي ٿي چوان” يا “زمين تي گيس ڪري ٿي چوان.” ڪنھن ڪا چڱي ڳالهه چين ته جواب ۾ چيو ويندو هيو ته، “تنھنجي وات ۾ گيھه شڪر”. نباهي ڇڏيڻ، اهو هڪ فقرو اسان جي تھذيب جي قدرن جو آئينه دار آهي. نباهي ڇڏڻ مڙس ۽ ساھرن جي ظلم ۽ زيادتيءَ کي صبر سان سھڻ جو نالو آهي. ڏک ڏوراپي کان بغير زندگي گذاري ڇڏڻ چوندا آهن، مگر نباهي ڇڏڻ صرف ۽ صرف سھپ کي ئي نه چئبو آهي. نباهڻ ۾ هڪڙو وقار هوندو آهي، هڪڙي خوبصورتي هوندي آهي. نباهڻ سان گڏ هڪ ٻيو جملو زالون استعمال ڪنديون هيون، چونديون هيون، “نيڪ ڪُک مان نڪتل نياڻي آهي، ان نباهي ڇڏيو.” اهو صرف عورتن جي وتان ئي ٻڌو ويندو هيو. نينگريءَ جي رخصتيءَ وقت، ماءُ يا ناني کيس هيءَ نصيحت ڪندي ھئي ته “ڌيءُ ياد رک! ڇوڪريءَ جي اچي ڏولي، نڪري کٽولي.” عورتن جي زبان جون بھترين چوڻيون ۽ مثال، مراة العروس، بنات النعش ۽ توبة النصوح ۾ ملن ٿيون.
حسن آرا ۽ محموده بيگم جي گفتگو ڪيڏي نه مزيدار آهي. حسن آرا نئين مان اسڪول ۾ آئي آهي. ٿورو گهٻرايل، ٿورو پنھنجي دولت جي گهمنڊ جو رعب ويھارڻ چاهي ٿي، چوي ٿي؛ “ٻڌاءِ ته محموده بيگم! اها سامھون ماتا جي سينئرن واري ڇوڪري جيڪا تبارڪ جي مانيءَ جھڙو وات بڻايو ويٺي آهي، سا ڪير آهي؟” اهو چئي حسن آرا پاڻ مرادو کلي ڏنو. انھيءَ اميد سان ته محموده به اهڙو ڊونگل ٻڌي ٽپو ڏيندي ۽ محموده جي وات ڏانھن تڪڻ لڳي. هيڏي محموده تي انھيءَ جو بلڪ الٽو اثر ٿيو. واتان ته نه ڪڇي، مگر حسن آرا جي ڳالهه کي اهڙو ته حقارت سان ٻڌائين جو سندس چھري مان ئي اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي. جڏهن زنانا رسالا نڪرڻ لڳا ۽ عورتن به مضمون نگاري شروع ڪئي ته سندن زبان جو انوکو رنگ اڏامي ويو. انھيءَ جا منھنجي خيال ۾ ٻه سبب آهن. هڪڙو هيءُ ته جڏهن عورتن پھريون دفعو مضمون نگاري شروع ڪئي ته پنھنجو نالو به نه لکنديون هيون، ڇو جو عورتن جي نالي جو به پردو هوندو هيو. پيءُ، ڀاءُ يا مڙس جي نالي جي حوالي سان سندن مضمون ڇپبا هيا. نذر سجاد حيدر صاحبه جا مضمون بنت نذر الباقر جي نالي سان ڇپبا هيا. سندس پڦيءَ جا مضمون، پھرين وڏي ڀيڻس نذرالباقر ۽ پوءِ والده افضل عليءَ جي نالي سان ڇپيا.
اها ان زماني جي صفِ اولين جي مضمون نگار هئي. “تھذيب” ۽ “عصمت” جي ممتاز مضمون نگار بلقيس جھان بيگم”و. ا” جي نالي سان شھرت حاصل ڪئي. اردوءَ جي مايه ناز شاعره زاهد خاتون شيرواني، ڌيءُ نواب سر مزمل الله خان جي چوٽيءَ جا نظم ز خ ش جي حرفن جي پس پرده پويان ڇپبا هئا. سندس وفات کان پوءِ سندس ڪلام جو جموعو “فردوس تخيل” جي نالي سان ڇپيو ۽ سندس طويل نظم “آئينه حرم” جي نالي سان ڇپيو هيو. هي ٻئي ڪتاب دارلاشاعت پنجاب ڇاپيا هيا. هاڻي اڻ لڀ آهن. هي اهي زالون آهن جن جي متعلق اردوءَ جي هڪ ٻي نامور شاعره خورشيد آرا بيگم ئي چيو هيو، “چشم فلک ني نه ديکها تها جس کي دامن کو.” جڏهن نالي تائين به پردو هجي ته لکڻ جي طرز ۾ به اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته لکا ئي نه پوي. هي عورت جي هٿ جو لکيل مضمون آهي. مضمون نگاريءَ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم جو سلسلو شروع ٿيو ته غير شعوري طور تي عورتن ۽ مردن جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ لکڻ ۾ جيڪو فرق هيو سو به ختم ٿيڻ لڳو. فارسيءَ جا جملا ۽ مشھور شعر، عورتن جي واهپي ۾ پڻ اچڻ لڳا. گهرن جي عورتن جي فارسيءَ جي صلاحيت پڻ چڱي خاصي هوندي هئي ۽ اهي فارسيءَ جا جملا ۽ فقرا مثال طور “چشم ما روشن ۽ دل ما شاد”، “قھرِ درويش، بر جانِ درويش”، “مالِ مفت، دل بي رحم”، “نه پائي رفتن، نه جائي ماندن”، “خود ڪردني را علاجي نيست” وغيره بنا هٻڪ جي ايئن استعمال ڪنديون هيون جيئن اردو جون چوڻيون ۽ پھاڪا “چندي آفتاب چندي مھتاب”، “دندان شکن جواب” ۽ “پا به رکاب” سندن تڪيا ڪلام هئا.
جيئن ته شعر ۽ شاعري، اسان جي تھذيب جي جان آهن ۽ مشاعرا ۽ بيت بازي اسان جا محبوب مشغلا. تنھنڪري هزارين شعر هرهڪ جي زبان تي چڙهيل هيا.
جھڙيءَ طرح مطلب ادا ڪرڻ لاءِ عورتون چوڻي/ پھاڪي جو سھارو وٺنديون آهن، اهڙيءَ طرح مرد وري شعر جو سھارو وٺندا هيا. ليڪن عورتون شاعريءَ کان وانجهيل ڪين هيون. صرف ز.خ.ش ۽ خورشيد آرا بيگم ئي نه بلڪ رابعه سلطان، نگھت شيرواني، بغدادي بيگم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عورتون “تھذيب نسوان” ۽ “عصمت” جي صفحن جي رونق وڌائيندي نظر اچن ٿيون.
هاڻي تعليم عام آهي ۽ هي ترقيءَ جو زمانو سڏائجي ٿو. سائنس جي ايجادن، انسان کي اهڙين طاقتن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي جو هو انھن جي مدد سان دنيا جي هر چيز حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ اها ئي طاقت سندس نيست ۽ نابود ٿيڻ جو ذريعو پڻ ٿيڻ لڳي آهي.
هن دنيا ۽ انھيءَ ماحول کان هوءَ دنيا گهڻو ڏور ڏيکاري ڏئي ٿي، جتي چانڊوڪي رات جو، اڱڻ جي ٿلھي تي ويھي ڪري شعر شاعري ۽ بيت بازي ڪئي ويندي هئي. قصا ڪھاڻيون کنيا ۽ ٻڌا ويندا هيا. بيت بازين ۽ پھيلين (ڏور ۽ ڳجهارتن) سان حافظي ۽ عقل جا جوهر ڏيکاريا ويندا هيا. پھاڪا به انھيءَ زماني جو حصو آهن.
انھن جي ڪٺي ڪرڻ ۾ معنائون لکڻ ۾ اهو ٻڌائڻ ۾ ته اهي ڪھڙي موقعي تي ۽ ڪھڙي طرح استعمال ٿيندا هيا، ڏاڍيون جهونيون ڳالهيون ياد اچي ويون. وکريل خيالن جو هيءُ مجموعو شايد ڪنھن جي دل جي تار کي ڇيڙي ڇڏي.
(آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي ڪتاب: “دهلي ڪي عورتون ڪي ڪھاوتين اور محاوري” تان ٿوري سان کنيل)
No comments:
Post a Comment