Sunday, February 6, 2022

هير چيو رانجهن کي ته: تون وڃي ڪپڙي جي ڪر، مان راڳ جي ڪئي.

هير چيو رانجهن کي ته: تون وڃي ڪپڙي جي ڪر، مان راڳ جي ڪئي. (لوڪ داستان، ڳجھارت، چوڻي)

خادم حسين کنڊ



چوڻيءَ جو ننڍڙو ارٿ ۽ اشارو:

هير سيال جو سڱ، اصل کان چاچي ڪيدوءَ جي گھر ڏنل هو. جڏهن هير سيال جي اڳيان پنهنجو والد صاحب راضي ٿي ويو ته اتي وري چاچي ڪيدوءَ انڪار ڪيو ۽ ڏاڍو سخت نفرت مان ناراض ٿيو. هير ۽ رانجھي کي مئي مارائي کان سواءِ نه ڇڏڻ جو عهد ڪيائين. اڃا رانجھن جي مس ڳالھ طئي ٿي ته هير اتي تخت هزاري جي رانجھن بادشاه کي مخاطب ٿي چيو ته؛ ”هاڻي هيءَ جيڪو ڀڀڙ ڀڙڪيو آ، لڳي ٿو اها پاڻ کي جيئري ڪڏهن به هڪ ڪو نه ٿيڻ ڏيندو. ھاڻي جي ملياسين ته به مري پوءِ ملنداسين. ان ڪري ’تون وڃي ڪپڙي جي ڪر۽ مان وڃي ٿي راڳ جي ڪيان‘.

Tuesday, February 1, 2022

ڇڙي جي باھ - ابراھيم کرل

ڇڙي جي باھ 

(ورجيس)

ابراھيم کرل



ڇڙي کجيءَ جو پوٽن واري حصي کي چئبو آھي. جيئن وڻن ۾ لامون ٿين، اھا ڇڙي جڏھن ڇانگجي ٻارڻ جي ڪم ايندي آھي تہ سندس پوٽا، باھ ۾ جلدي سڙي وڃڻ جي صلاحيت رکندا آھن. ڇڙيءَ جي باھ گھڻو دير جٽاءُ نہ ڪندي آھي. جلد ڀڙڪندي آھي ۽ منٽن ۾ ڇار ٿي ويندي آھي. اھو جھٽ کن جو ڀڀڙ، نہ سيءُ لاھي سگھندو آھي ۽ نه مٿس ماني پچي سگھندي آھي. پر باھ مچائڻ ۾ واھ جو ڪم ڏيندو آھي.