Friday, December 29, 2023

ڪنڀارڪو هنر ۽ درٻيلو جا ڪنڀر- مبين چنا

ڪنڀارڪو هنر ۽ درٻيلو جا ڪنڀر

مبين چنا



ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا آهن، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن، ۸ هزار سال مهر ڳڙھ ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجھ جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو.

Thursday, December 21, 2023

گهڙا منجي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهڙا منجي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گهڙا منجي، تڏهن جي گهرج آهي، جڏهن کان گهڙي/ دلي/ مٽڪي/ گهاگهر واري مٽيءَ جي ٿانوَ جو رواج هئو. هاڻي ته اها گهر گهر مان گم ٿي ويئي آهي، نه ته اهو گهر نه هوندو، جتي گهڙا منجي نه رهي هجي. گهڙا منجي، اهڙيءَ وٿُ کي چئبو آهي، جنھن تي گهڙو يا دلو بچاءَ سان رکي سگهجي. ان گهڙا منجيءَ ۾ هڪ کان وٺي ڇھن دلن جي رکڻ جي جاءِ هوندي آهي. هن کي هيٺان چار ٽيڙيل ٽنگون ٿينديون آهن، مٿان دلن رکڻ جو چَونڪُ ۽ پاسي ۾ گلاس يا ڪُپي اونڌي رکڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪِلي لڳل هوندي آهي. اها پَٽ کان ٽي فوٽ مٿي بيھندي آهي، ته جيئن ماڻهو سولائيءَ سان دلي/ گهڙي مان پاڻي اوتي سگهي. دلا يا گهڙا ته ڪنڀر ٺاهيندو، پر اهي ڪٿي رکجن، ان لاءِ هيءَ وٿُ اڳواٽ ڊکڻ  کان ٺھرائي ويندي آهي.

ڏاند گاڏي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏاند گاڏي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي سڀيتا ۾ ’ڏاند گاڏي‘ ڏاڍي دل لڀائيندڙ وَٿُ آهي. هن کي ڳوٺاڻو ته ڪم ڪارڻ چاهي ٿو، باقي شھري ماڻهو ڏسڻ جي حد تائين گهرندا آهن. اهڙيون وَٿُون هن وقت وڃن ٿيون گم ٿينديون، ان لاءِ سنڌ جي اهم عجائب گهرن ۾ ڏيکاءَ لاءِ رکيل آهن.  هن وَٿَ جا ڪاريگر به مشڪل سان، سنڌ جي ڪن علائقن ۾ هوندا، ان لاءِ ته ان جي گهرج گهٽجي ويئي. ماڻهوءَ، شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾، پاڻ کي کوهي وڌو آهي.

جهو جهو ماٽِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

جهو جهو ماٽِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



جتي کير هوندو، اتي ’جهو جهو ماٽي‘ جو پڙلاءُ هوندو ئي هوندو. کير اهڙِي وٿُ آهي، جنھن تي هر ماڻهوءَ جو گذران هوندو آهي. اڳي ته هر گهر ۾ مال رزق هوندو هئو، ته کير به جام هوندو هئو. سنڌي ماڻهوءَ وٽ اڄ به پير بزرگ لاءِ مانُ آهي، ان لاءِ کير کي ’پِير‘ سان به ڀيٽ ڏيندا آهن. هاڻي ته پِيرن سان گڏ کيرن ۾ به ملاوت ٿي ويئي آهي ۽ زماني پڄاڻان پيرن کيرن سان به لوڀ لالچ لاڳو ٿي ويئي. هاءِ هاءِ، مختلف سماجن جي پيوندڪاريءَ اسان سنڌي ماڻهن جي سادگي ۽ سچائيءَ جو ئي ٻُنڀو ڦيري ڇڏيو. شاهه لطيف به کير کي هيئن ياد ڪيو آهي:

لاٽُون – ڏور - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

لاٽُون – ڏور

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو





لاٽُون، لاٽونئڙو/ لاٽُوڻِي (اسم تصغير) لاٽمو يا چَڪرِي/ ڦرِڪِي هڪ گول ڦيرائڻ وارو اهڙو رانديڪو آهي، جنھن سان هر ماڻهوءَ جون يادون سلهاڙيل هونديون. ننڍي هوندي هر ماڻهوءَ لاٽونءَ سان راند ڪئي هوندي. ان لاءِ هيءَ ڏاڍي وڻندڙ وٿُ رهي آهي. پرائمريءَ جي درسي ڪتاب ۾ الطاف عباسيءَ جو هڪ نظم پڙهيو ويندو آهي:

پَنڌڻو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پَنڌڻو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



پنڌڻو/ گاڏيئڙو/ پنڌيئڙو يا پنڌ سکڻ جو گاڏڙو، هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا سال کن جي ٻار کي پنڌ سيکارڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. هيءَ ’ڊِيڪڻِي‘ به سڏجي ٿي. هن جي ڍانچي جي اوچائي ٻه فوٽ ۽ ويڪر ڏيڍ فوٽ کن ٿيندي آهي. هن ۾ ٽي ڪاٺيءَ جا ڦيٿڙا ٿيندا آهن، ٻه پويان ۽ هڪ اڳيان. هن جي بيھڪ ايئن هوندي آهي ته ٻه فوٽ کن اڀو ڪاٺ جو ڍانچو، ٻنهي پاسن کان ٻه ننڍڙا ڦيٿا ۽ اڳيان هڪ ڦٽي، ان جي اڳيان هڪ ڦيٿو لڳل، پوئين ڍانچي جي ڀاڱي ۽ اڳيان ڦيٿي واري پٽيءَ کي قابو رکڻ لاءِ 45 ڪنڊ تي هڪ ڦَٽِي لڳل. جڏهن هلائبس، ته اڀي ڍانچي واري پاسي کان ڪاٺي پڪڙي هلائبو ته هوريان هوريان هلندو. اها وٿ اهڙي آهي، جو ننڍڙي ٻار کي بيھاري، ان جا ٻئي هٿ گاڏيئڙي جي مٿين ڪاٺي ۾ وجهبس، ته ٻار جي نِويَل بيھڪ سبب، گاڏيئڙي کي اڳتي ڌڪو ايندو ۽ گاڏيئڙو هوريان هوريان ٿِڙَڻ جي ڪندو ۽ ان سان ٻار پنھنجي ڀَوَ ۾ گاڏيئڙي مان هٿ نه ڪڍندو. ايئن گاڏيئڙو به هلندو ۽ ٻار به پنھنجي بچاءَ ۾ پير اڳتي ويندو کڻندو.

ساهمي - تارازي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ساهمي - تارازي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ساهمي يا تارازي هڪ اهڙي وَٿُ آهي، جيڪا تور جي لاءِ هر قسم جي هٽَ تي رکيل هوندي هئي، وقت سان ڪمپيوٽرائزڊ اوزار اچي ويا، ته ساهميءَ جي جڳھه تي تُراڙو/ بيلنس/ ڪانٽو اچي ويو. نئين پوش کي ان جو پتو ئي ناهي ته ساهمي ڇا ٿيندي آهي!

ويھَڪڙِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ويھَڪڙِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ويھڪڙِي/ گهوڙِي/ دَدو، ڪنڀر جي بيھاريل هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا ڇھن مھينن جي ٻار کي ويھڻ ۾ ٽيڪ ڏيندي آهي. هاڻي ته جديد دور آهي، ننڍڙن ٻارن جي ويھڻ يا هلڻ جي سکيا لاءِ عجيب و غريب ۽ اچرج ۾ وجهڻ جھڙيون وَٿُون نڪري پيون آهن، پر سلام آهي ان آرٽ جي ابتدا ڪندڙ کي جنھن گهرج آهر، ويھڪڙِيءَ جو نقش ٺاهي، اهڙي وٿُ جي ڪرافٽ کي وجود ۾ آندو.

سُلفو - ڇَڄھري - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سُلفو - ڇَڄھري

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سودي سلف کي سلھٽ سان رکڻ لاءِ، ڀت ۾ جيڪو ڪاٺ جو تختو هنيو ويندو هئو، ان کي ’سلفو‘، ’ڇَڄھري‘، ’ڇاڄو‘ يا ’ڇَپٽي/ پَڇٽِي‘، ’پڇنڊِي‘ يا ڪٿي وري ’ٽَنگڙي‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. هن وَٿُ کي عربي ٻوليءَ جي نسبت، ’رَفع‘ (مٿانھين) به چئجي ٿو، جنھن جو سنڌي اچار ’رَڦُ‘ آهي. سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ اهو ’رَڦُ‘ لفظ به ٻُڌو ويو آهي. آهي ته ’سُلفو‘ به عربي لفظ ’سُلف‘ (سودو يا سامان) مان ورتل، ليڪن ان کي سنڌي بڻائڻ لاءِ آخري ’او‘ جو آواز شامل ڪيو ويو آهي. اتر سنڌ ۾ ’دِيوالگِير‘ يعني ’ديوار گير‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. هن جا ٿلهي ليکي ڇھه انگ ٿيندا آهن: ’هڪ وڏو ڦٽو، ٽي پاسن کان لڳندڙ ڪنگرين واريون پٽيون، ٻه گهوڙِيءَ جو پٽيون‘ اهي ملائي ٿيون ڇھه پٽيون، جنھنڪري هن کي ’ڇَپٽي‘ ڪوٺين.  ڪي وري ان کي ’ڪانَسِ‘ به ڪوٺين، حالانڪ ڪانَسِ ڇت وٽ ننڍڙي ٻنڙي کي به چئبو آهي، يا ڪٻٽن جي پاسي کان اوٽ لاءِ ڏنل پٽين کي به چئبو آهي. بھرحال، سنڌ جا جيترا طبعي ڀاڱا، تيترا لفظ، اها سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري آهي. دور مٽجڻ سان نيون وَٿُون اچن ٿيون ته پراڻين جي گهرج نه ٿي رهي. تنھن هوندي به ڪافي ڳوٺن ۾ اهڙيون وٿُون، ساڳي صورت ۾ ملن ٿيون.

سرميداڻي - آنڙو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سرميداڻي - آنڙو

سنڌي سڀيتا جا اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سرمو ته سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير! هيءُ پھاڪو تڏهن جي پيداوار آهي، جڏهن کان سرمي پائڻ جو گهڻو رواج هئو. جڏهن حڪمت جو زور ٽٽو ۽ ميڊيڪل سائنس پنھنجو ڌاڪ ڄمايو، ته سرمي کي اکين لاءِ هاڃيڪار ڄاڻايو ويو. حالانڪ اکين جون بيماريون اڳي به هئيون، هاڻي به ساڳيون آهن، رڳو علاج ۽ اپاءَ نرالا ٿين ٿا.

استري - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

استري

سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



هيءَ وَٿُ هونئن ته پوري دنيا ۾، ۽ خاص طور برصغير سنڌ ۽ هند جي گڏيل سڀيتا رهي آهي، پر جيئن ته سنڌ ۾ به رهي، ان لاءِ ان تي به ٿوري نظر ڌرڻ گهرجي. استري هڪ ڌات جو ٺھيل سنڊرُ آهي، جنھن سان ڌوتل ڪپڙن جي گهُنجن کي سڌو ۽ هموار ڪرڻ يا سَرَ ڪڍڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. ان وَٿُ جو ڪم ساڳيو رهيو، پر وقت سان ۽ سھولتن آهر، وٿُن جو ڀير مٽبو رهيو آهي.

گُندِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گُندِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گُندِي، گُندڙو/ گُندلو (اسم تصغير)، پَلو/ پَلُ، پَلِي (اسم تصغير)، اناج کي ڇھه- ماهيءَ کان وڌيڪ سنڀالي رکڻ جو هڪ سَنڊر آهي، جيڪو ڪنھن دور ۾ مِٽيءَ مان ٺاهيو ويندو هئو، هاڻي ان کي لوهي چادر مان ٺاهيو وڃي ٿو. هاڻي به ڳوٺن ۾ مِٽيءَ واري گندي تيار ڪئي ويندي آهي، پر گهڻي ڀاڱي رواج گهٽجي ويو آهي.

هيءُ سنڊرُ ٺھندو ته مِٽيءَ جو، ليڪن ڪنڀر جي هٿن جي گهرج نه پوندي آهي، بلڪ ڳوٺن ۾ زائفون يا کڻي مرد به ٺاهي وٺندا آهن. مون ته هڪ ٻن ڳوٺن ۾ زائفن کي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي. اهو ان لاءِ ته مرد ٻني ٻاري ۽ گاهه پٺي ۾ ايترو ته رڌل هوندو آهي جو گهرَ جي اندر ڪم ڪار کي پنھنجي سِرَ تي نه کڻندو. البت، ڪم ڪار ۾ هٿ ضرور ونڊائيندو. يعني هيءَ اناج سنڀالي رکڻ واري مِٽيءَ جي گُندِي، ٺاهيندِي زائفان!

سَڳِي - چوٽِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

سَڳِي – چوٽِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سَڳِي جمع سَڳيُون، اسم تصغير ’سَڳڙِي‘، زائفان جي ظاهري سونھن سينگار ۾ اهم وَٿُ رهي آهي. سَڳِيءَ کي چوٽِي يا ڪَڪِڙِي به ڪوٺيو ويندو آهي. چوٽو وري وارن/ ڇَتَن جي چوٽي ۽ سڳيءَ جي گڏيل روپ لاءِ ڪم ايندو آهي. سَڳِي زائفان پنھنجي وارن جي چوٽِيءَ کي ٻڌڻ لاءِ سُٽ يا پَٽَ جي سڳن سان ٺھيل اڻ وٽيل نوڙيءَ نما لڙهين لامُن کي ڪوٺيو ويندو آهي. سَڳِي زائفون ئي ٺاهينديون آهن، ايتري تائين جو ٺاهي، ان جو وڪرو به ڪنديون آهن. هڪٻئي کي سوکڙي ڪري ڏيڻ کي عزت سمجهنديون آهن. جيئن جيئن زائفان ذات تعليم جي ويجهو ٿيندي ويئي، ته اهڙي پراڻي ڀير واري ٺاهه ٺوهه مان نڪرندي ويئي ۽ هار سينگار جا معيار مٽجي ويا. هاڻي شادي مراديءَ ۾ ڪنوار جي هار سينگار لاءِ، بيوٽي پارلر تي ڀاڙيو وڃي ٿو ۽ ڳرا اجورا ڏيئي، جند ڇڏائڻي پوي ٿي. ماڻهو به شاديءَ وارن ڌارين رواجن جي چڪر ۾ پنھنجو مٿو ڪُوڙايون ويٺا هوندا آهن. اهڙن چڪرن ۾ هار سينگار ۽ مَلمن ڪِرِيمن جا ابتا اثر به ٿيندا رهيا آهن، پر رواج ماڻهن کي رولي وڌو آهي.

مُوڙو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مُوڙو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي سڀيتا ۾ سچي سَر ۽ ڪُوڙي سَر جي ڪانن/ تِيلن مان جيڪا ويھڪ لاءِ ڪرسي جوڙجي ٿي، ان کي ’مُوڙو‘ ٿو ڪوٺجي. هَئي هَئي موڙي تي ويھڻ جو شان پنھنجو! مُوڙو سَنهن ڪانن مان به ٺھندو آهي، ته ٿلهن ڪانن مان به! سنهو ڪانو سچي سَر جي ٻوڙي ۾ ٿيندو آهي، جيڪو ٿلهي ڪاني کان سھڻو، سيپڪڙو ٿيندو آهي. هن جو قدرتي رنگ بوسڪي يا پيلاڻ مائل ٿئي ٿو، جيڪو سڀني ماڻهوءَ جو وڻندڙ رهيو آهي. جڏهن سچي سَر جي ڪاني مان موڙو يا ڪا ٻِي وَٿُ ٺاهجي ٿي، ته ان ۾ ٿلهي ڪاني جي ڀيٽ ۾، سچي سَر جو ڪانو گهڻو ڪم اچي ٿو. ان ڪارڻ سنهي ڪاني وارو موڙو، ٿلهي ڪاني واري موڙي کان وڌيڪ پورهيو گهري ٿو ۽ ان جي وڪري جو اگهه به ڪَرڙو ٿئي ٿو.

Sunday, October 22, 2023

مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مَٿاڙِي/ مَٿاري/ مُنھن رکڻي/ مَٿي رکڻي/ مَٿي داڻِي/ ديڙو/ ديڙِي/ دِڪِي/ مُتُو/ مَرکڙِي/ مورکڙِي/ چُلهِه/ مارگهُه/ مُنارو/ مُنھن رکِي/ مَٿي رکِي/ مورکو/ مورکي هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا سنڌي سڀيتا سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ ڪٿي ساڳي شيءِ جا ٻه- ٽي نالا آهن، ته ڪٿي وري الڳ الڳ وٿُن جا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو ته جنھن ڪارڻ سنڌي ماڻهو ڪم آڻيندو رهيو آهي، ته ان ڪارڻ ٻين سماجن جا ماڻهو به ڪم آڻيندا هجن، پر ڪٿي ان جا اشارا ملن نه ٿا. جنھن کي مٿاڙي يا منھن رکِڻِي ڪوٺجي ٿو، سا گهڻي قدر چيڪي مٽِيءَ ۽ ٻن عام ڪاٺين/ ڪانن سان ٺاهي ويندي آهي. هيءَ وَٿُ هڪ ڍِڍ ۽ ٻن سِڱن سان سڃاتي ويندي آهي. يعني هيٺان هڪ گولائيءَ سان، چُلهه وانگر مٽيءَ جو ديڙو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ اڀيون ڪاٺيون/ ڪانا لڳايا ويندا آهن، جيڪا نئين ڄاول يا اٺن مھينن جي ٻار تائين سمهارڻ ۽ ٻنڌڻ سان ٻڌي سڌو رکڻ جي ڪم آندي ويندي آهي. جيئن ته هن جي ديڙي جي شڪل گولائيءَ مائل ٿيندي آهي، ان ڪري هن کي ’چُلهِه‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي مٿاڙي، جنھن کي چُلهه ٿا چون، سا ٺھندي به چُلهه وانگر آهي، ليڪن ان ۾ مٿئين ڍڪَ لاءِ ڪاٺيون نه پونديون آهن. ان کي هيٺان سڌي دِڪي ٺاهي، پويان ٿوري ٽيڪ رکي ويندي آهي ۽ اڳيان ٻه يا اڍائي انچن جا ٻه بونبا رکيا ويندا آهن، ته جيئن اهي ڪنڌ ۽ ڳچيءَ جي پاسن کان اچن ۽ ٻار ڪنڌ موڙي نه سگهي. ٻار جي ڪياڙي، ان سڌي دِڪيءَ تي، ڪو ڪپڙو وڇائي ۽ ڪنڌ کان ننڍڙي وهاڻي ڏيئي، رکي ويندي آهي. ڪي وري ان مٿاڙيءَ کي چُلهه جي مارنگ وانگر به بيھاري، پاسن ۾ ٻه ٽيڙيَل اڀيون ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا آهن، جنھنڪري هن کي مارگهُه يا مارنگُ به ڪوٺين. مٿاڙِيءَ جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ: ان جي مٿان ڪو سنهي ململ جو رئو يا ڪپڙو وجهي ڇڏبو ته جيئن ٻار مک يا  مڇر کان ڍڪيو رهي، ٻيو: ٻار جي مٿي جو چوٽُ ۽ لوٽِ اهڙي ويھي جو مٿو هڪ ڪَرو سھڻو لڳي ۽ لوڻا به نه مرن! ان لاءِ ٻار کي سڌي سمهارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.  

گهوٻاٽو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گهوٻاٽو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گهوٻاٽو/ لَوَڙ، هڪ ڪاٺيءَ جو اهڙو اڇلائي هڻڻ جو هٿڻ آهي، جيڪو ڀاڳيو يا چور چڪار پنھنجي بچاءَ يا هلان ڪرڻ لاءِ کڻندو هئو. جديد هٿيارن سبب، هيءُ هٿڻ هاڻي ڪم نه ٿو آندو وڃي. جيڪڏهن ڪم آڻجي به، پر ان کي نشاني تي اڇلائڻ لاءِ به وڏي مھارت کپي، جيڪا هاڻي جي ماڻهوءَ وٽ ڪونهي. ڪو ڪاٺيءَ جو ٺھيل هٿڻ، اڇلائي هڻڻ وارو ڀير دنيا جي ٻين سڀيتائن ۾ به ملي ٿو، جيئن: war club. ان ’وار ڪلب‘ جا به الاهي نمونا آهن، ليڪن ڪم اهو ئي اٿس، ڪنھن دشمن يا جانور تي اڇلائي هڻڻ! ان جا به جيڪڏهن نمونا ۽ ڀير ڏسجن ته هڪ نه ملندو، بلڪ سڌريل شڪل تائين، کوڙ نمونا ۽ ڀير ملندا. سنڌ جي سڀيتا ۾ جيئن ته هڪ چوراڻو هٿڻ آهي، ان لاءِ ڪوبه چور سيڙجي، ڊکڻ يا ماهر وٽ گهوٻاٽي ٺھرائڻ لاءِ نه ويندو، بلڪ پاڻ کي وڻ مان ان لام جي چونڊ ڪندو، جنھن جي منھن ۾ ساڳي ڪاٺيءَ جو اهڙو ڳنڍ هجي، جيڪو ڪاٺيءَ جي ڀيٽ ۾ ٿلهو ۽ ڳورو هجي. اهو نمونو ڪافي آڳاٽو آهي، جيڪو هاڻي به ساڳيو سمجهيو وڃي ٿو.