Monday, July 29, 2019

ڪٽيائون گھٽ، گھليائون گھڻو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڪٽيائون گھٽ، گھليائون گھڻو
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي اناڙي چور کي، چوري ڪندي، ڀاڳين سڳ سوڌو سوگھو ڪري وڌو. مال ڇڏائي وڌائونس. مار ڏيڻ بدران، ڪارو منھن ڪيائونس. گڏھ تي ويھاري ڊينڍو ڪيائونس. سڄي ڳوٺ ۾ گھمايائونس. ڪٿي گڏھ گھ پئي ڪيو ته لاھي پنڌ پئي ڪرايائونس. اگر ھن گيھ پئي ڪئي ته گھليائونس پئي. شام تائين ٺاھوڪو بڇڙو ڪري، ھٿ کڻي ڪڍيائونس.
اھا جٺ سھي، جڏھن ڳوٺ پھتو ته دوستن يارن، ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن، گم ھجڻ جو سبب پڇيس. تن کي ٻڌايائين؛ ”چوريءَ ۾ ڀاڳين وٽ جھلجي پيو ھيس.“

Wednesday, July 24, 2019

اٺ پکيءَ وارا بھانا


اٺ پکيءَ وارا بھانا
امر فياض ٻرڙو
Image result for ostrich is neither camel nor bird
”نالو ڇا اٿئي؟
”اٺ پکي!“
”اٺ آن؟ ته ھيءَ ٻوري کڻ؟
”مورک! پکي وزن کڻندا آھن ڇا؟
”پکي آن؟ ته اڏري ڏيکار!“
”چريا! اٺ به اڏرندا آھن ڇا؟!؟!“

مطلب؛ ۱. اٺ پکي؛ نه اٺ، نه پکي.
۲. لنوائڻ واري وٽ، سؤ عذر.

Image result for ostrich is neither camel nor bird
(امر فياض ٻرڙو جي فيسبڪ وال تان کنيل)