Friday, March 19, 2021

ٻوليءَ جي سونهن - مٺل جسڪاڻي

ٻوليءَ جي سونهن

پهاڪا، چوڻيون، ورجيسيون، اصطلاح!

مٺل جسڪاڻي



لکڻ جي معاملي ۾ ٻوليءَ جو ماهر هجڻ نه، پر ٻوليءَ جي بنيادي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. شايد ۱۹۸۰ع کان ڪجهه سال اڳ، يا وري پوءِ جي ڳالهه آهي. مون کي پھاڪا گڏ ڪرڻ جو شوق ٿيو. مون جڏهن به، جتي به، ڪٿي پڙهيو يا ڪنهن جي واتان ٻُڌو، ته اهو پهاڪو لکي، ڄڻ ته هڪ ڪم شروع ڪيو ھو. ڪي ٿورا ڏينهن پوءِ، پھاڪن تي گهڻو ڪم ٿيل ھجڻ جو ٻُڌي، وري ڪنھن ٻيءَ ڪِرت ۾ وڃي مصروف ٿيو ھئس. مون جيڪي به پهاڪا لکيا هئا، اهي جيئن جو تيئن، پاڻ وٽ رکيل هئا.

Saturday, March 13, 2021

ساھتيءَ جي سنڌي ٻولي ۽ پھاڪا - نصير اعجاز

ساھتيءَ جي سنڌي ٻولي ۽ پھاڪا

نصير اعجاز



ڀرين جي ٻولي، انھيءَ جا لفظ، پھاڪا ۽ اصطلاح ساھتي پرڳڻي جي معياري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. ڇو ته ھيءَ قديم وسندي، ساھتيءَ جو اڻٽُٽُ حصو رھي آھي. جتان وڏا عالم ۽ اديب پيدا ٿيندا رھيا آھن. اھڙن عالمن منجھان ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي به ھڪ آھي. جنھن جي پنجاھي کن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ته آھي ئي سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ اصطلاحن متعلق. ڪنھن به انساني سماج ۾ جيئن عام زندگيءَ ۾ ڳالھائڻ يا لکڻ ۾ پھاڪن جو استعمال ٿئي ٿو، تيئن سنڌي سماج ۾ به ايئن ئي ٿئي ٿو. انھيءَ ڪري سنڌي ٻولي، پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ به شاھوڪار آھي. ڀرين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ اصطلاح مُروج رھيا آھن. ڪي پھاڪا ۽ اصطلاح ته عورتن جي عام ۽ گھريلو زندگيءَ واري نوعيت جا ھوندا آھن ۽ ڪي وري ھر مرد توڙي عورت ڳالھائڻ مھل استعمال ڪندا آھن.

Thursday, March 11, 2021

ڪهڙي اچي کٽراڳ ۾ پيو آهين؟

ڪهڙي اچي کٽراڳ ۾ پيو آهين؟ (اصطلاحي جملو)



کٽراڳ يا کٽ-راڳ، در اصل هڪ راڳ آهي، جنهن ۾ سڀ سُر جھڙوڪ؛ شڌ، ڪومل ۽ تيور وغيره لڳن ٿا. جنھنڪري اهو راڳ، بذات خود سکي، ڳائڻ هڪ وڏو جهنجهٽ آهي. جنھنجي ڪري کٽ-راڳ جي اصطلاحي معنيٰ ٿي؛ جهنجهٽ ۾ پوڻ.

راڳداريءَ جي ڄاڻن، کٽ-راڳ جي جهنجهٽ کان واقف هئڻ سبب، کٽراڳ وارو اصطلاح وضع ھيٺ آندو. جنھنڪري کٽراڳ، جنجھٽ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو.

مطلب: ۱. ڪهڙي جهنجهٽ ۾ اچي پيو آهين؟

۲. کٽراڳ ۾ پوڻ؛ جنجھٽ ۾ پوڻ.

۳. کٽراڳ؛ جنجھٽ.

 

(لطف علي شاھ منظور نقوي جي ڪتاب ’سنڌ جي مدنيت‘ تان کنيل)