Monday, January 31, 2011

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سال 1996ع ڌاري، رهبر ادبي سوسائٽي (راس) حيدرآباد پاران، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڪستان نيشنل سينٽر ۾، تقسيمِ اسناد لاءِ سيمينار ڪرايو هيو، جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت نامو ته ڏنائين پر پروگرام ۾ ساڻ وٺي به هليو. ان دعوت ۾ ڳالھائڻ لاءِ ادبي ميدان جي وڏين ۽ معزز شخصيتن کي ڪوٺ ڏنل هئي، جنھنڪري اتي وڃڻ پاڻ تي ضروري سمجهيم.
پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ، گڏ ٿيڻ دوران، اڳينءَ قطار ۾ ويٺو هئس. منھنجي ڀر ۾ اڌڙوٽ عمر جو، سونھاريءَ سان هڪڙو بزرگ شخص ويٺو هيو. ان تعارف ڪرائڻ واري ارادي سان، پاڻمرادو پڇيو؛ “اوهان جو به لکڻ سان تعلق آهي؟!”
“مڙيئي ٿورو گهڻو!” کيس جواب ڏنم.
“ڇا تي ٿا لکو؟”
“هونئن ته ڪھاڻيون لکندو هئس. هاڻي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.”
“ان ۾ ڇا ٿا ڪريو؟”
“في الحال ته لغت جي تياريءَ ۾ لڳل آهيان”.
“لغت ۾ ڪٿان ڪٿان جا پھاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا اٿو؟”
“سڄيءَ سنڌ جا ۽ سنڌي ادب ۾ مروج ٻين ٻولين جا پڻ!”
“هر علائقي جي حساب سان به پھاڪا آندا اٿو يا نه!؟”
“آندا ته سمورا اٿم پر علائقي جي نشاندهي آخر ۾ ڪئي اٿم. علائقي وار لغت تيار نه ڪئي اٿم، پر هاڻي لڳي ٿو ته شايد ائين ڪم مڪمل مشڪل ٿئي.”
“ڇو؟” حيرت مان پڇيائين؛ “ڇونه مڪمل ٿيندو؟”
“دراصل پنج هزار پھاڪن ۽ چوڻين تي مبني لغت تيار ڪري ڇڏي هيم. هاڻي هڪڙو ڪتاب، “ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي” هٿ آيو، تنھن ته منھنجي محنت تي ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.”
“اهو ڪيئن؟”
“ان ۾ پنج ڇھه سؤ اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن، جيڪي منھنجي مسودي ۾ آيل ئي ناهن. اهو ڪتاب لکيو آهي حافظ حبيب سنڌيءَ، ان صاحب وري انھن جي معنى به نه ڏني آهي”.
“ها اها ڳالهه ته صحيح آهي.” انتھائي ڪسر نفسيءَ ۽ حجاب مان ڪنڌ جهڪائيندي تبسم سان جواب ڏنائين؛ “حافظ حبيب مان آهيان، ڪتاب مون لکيو آهي. ان ۾ الاهي شيون ڇپائيءَ هيٺ نه آيون آهن. ڪجهه اداري جي پاليسيءَ سبب، ڪجهه جلدي هئڻ ڪري.”
“جيڪڏهن توهان اھو ڪتاب لکيو آھي ته پوءِ اوھان جي مدد جي ضرورت پوندي.”
“بلڪل جيڪا چوندؤ، سا اکين سان ڪبي!”
“مون کي ايڊريس ڏئي وڃو! توهان کي خط ذريعي لکي موڪليندس!”
حافظ حبيب سنڌيءَ سان، زندگيءَ ۾ اها پھرين روبرو ملاقا ت هئي، جنھن ۾ ساڻس براه راست، بلا ڪنھن توسط جي، تعارف ٿيو هيو. پاڻ انتھائي اشراف ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو آهي.
ٺٽي ضلعي جي، سجاول سب-ڊويزن جي ٽنھي علائقن، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي پھاڪن بابت، روبرو يا خطن ذريعي، معلومات خنده پيشانيءَ ۽ کليءَ دل سان پھچائيندو رهيو آهي.
وٽانئس، مٿين علائقن بابت، لاڙي ۽ جتڪي محاوري/ لھجي وارن پھاڪن ۽ چوڻين بابت چڱا تفصيل مليا آهن، جيڪي مذڪوره ڪتاب ۾ آيل ناهن. علم دوستن لاءِ هتي ڏجن ٿا ته جيئن هرڪو فائدو وٺي سگهي.

1. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهمو چوهڙ جمالي (چوڻي)
جاتيءَ ۾ غريب، مسڪين ۽ فقيري لڏي جا ماڻھو جام رهن ٿا. روزگار جا ذريعا گهٽ آهن، جنھنڪري نکمڻن ۽ واندن ماڻھن کي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
1.1 چوھڙ جمالي، کيسا خالي مڙس موالي.
1.2 اڇا ڪپڙا کيسا خالي، هلي گهم دالي (ساهتي)
1.3 اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والي (ساهتي)
2. ايءُ جي ڀونتريا ڀونءَ ته گهُنا به گهوڙي چڙهيا (جتڪي، پھاڪو)
ڀونتريو؛ ٻٽيرو، ڳُٽو، تتر جھڙو ميرانجھڙو پکي.
گهُنو؛ ماڻھوءَ جو نالو.
ڀونءِ؛ زمين، مٽي، ٻني.
گهُنو، ملاح قوم/ ذات جو فرد، نئينءَ مان گهوڙي وٺيو مٿس چڙهيو پئي آيو. رستي ۾ زمين جي رنگ جو ڀونتريو به ڇَپِ ھنيو ويٺو ھيو، جيڪو گهوڙيءَ جي سنبن جي آواز تي، ڀڙڪو کائي اوچتو اڏاڻو. سندس اوچتي اڏام تي، گهوڙيءَ ٽاهه کاڌو ۽ سئس وڃي پَٽِ پيو.
ڪِرڻ بعد، سوار پاڻ سنڀاليو. لٽا ڪپڙا ڇنڊي، پٽڪو ٻيھر ٻڌائين. گهوڙيءَ کي واڳ کان جهلي، پٺي ٺپريائين ۽ پنھنجي منھن سھڪندي چوڻ لڳو؛ “ايءُ جي ڀونتريا ڀونءِ ۾ ته گهنُا به گهوڙي چڙهيا”.
مطلب:
2.1 نئين ڪم ۾، اچانڪ تڪليف اچي ته سڌڙيا شوق ڇڏي وڃن.
2.2 خراب حالتون، مُھم-جوئيءَ تان ارواح کڻائي ڇڏينديون آهن.
2.3 جي ڀونتريا ڀونءِ ۾ ته گهنُا به گهوڙي نه چڙهيا.
3. بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سور (جتڪي، چوڻي).
تڙبا؛ تڙجندا،
سور؛ سوئر.
هڪ جلباڻي فقير، شاهه بندر جي ماڻھن جي ناروا سلوڪ کان ڪاوڙجي کين پاراتو ڏيندي چيو؛ “بندر جي بازار ۾، سوين تڙبا سور.”
انھيءَ کان پوءِ، ستت ئي شھر تباهه ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو. جنھن تان اھا چوڻي مشھور ٿي.
مطلب:
3.1 فقيرن سان ڦٽائبو ته پاڻ به ڦٽي وڃبو.
3.2 فقيرن سان ڦٽائڻ وارا پاڻ به ڦٽي ويندا آھن.
4. بندر ڦٽو، سوکي وٺي (پھاڪو).
شاهه بندر جي تباهيءَ بعد، کاري ڇاڻ جي ڪاڇيل طرف واقع سوکي بندر آباد ٿي ويو. شھرن جي آباد ۽ ڦٽڻ واري تاريخ ائين آھي ته ھڪڙن جي تباھيءَ پڄاڻان، ويجھي ڇڪ وارا شھر وڌيا ۽ ويجھيا.
مطلب:
4.1 هڪ جي تباهيءَ سان ٻئي جي آبادي ٿئي ٿي.
4.2 گهر جو وڏو لاڏاڻو ڪري ته پڳ ننڍن تي اچي.
4.3 ٽيڙهو اڀرن، ڪتي لھي وڃي.
4.4 اسو اڀري، لڌڙا لھي وڃن.
5. ٻتڙ ٻاجهه ڀريو، دولھه درٻار ٻارا (پھاڪو)
ٻتڙ، بزرگ جو نالو. قاضي محمد سليمان، تاريخ سميجا ۾ ص 47 تي سندس شجرو هيئن ڏنو آهي؛ ٻتڙ بن ڇڇر بن منھيا بن ڀاڻون بن ڏيرو بن ٿيٻو بن انڙ بن سمون راءِ رائيڌن.
ٻاجهه ڀريو؛ وڌيڪ پيارو.
دولھه؛ بزرگ جو نالو.
ٻارا؛ ٻاهر آهي.
ٻتڙ سميجو، پنھنجي دور جو پھتل ۽ الله لوڪ فقير هيو. ٽنڊي الھيار ۾ سندس مزار آهي. غوث بھاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جو مريد ۽ سنڌ ۾ خليفو هيو. مرشد کي مڙني مريدن ۽ خليفن کان وڌيڪ پيارو هيو. کيس خلوت ۾ به ملڻ کان منع نه هئي.
دولھه نالي به هڪڙو بزرگ هيو، جيڪو سندس همعصر ۽ پير ڀائي هيو. کيس خلوت ۾ وڃڻ جي کلي اجازت نه هئي. قاصد ذريعي اجازت وٺي، اندر ويندو هيو. جتي ٻتڙ پھچندو هيو، اتي دولھه درٻار کان ٻاھر بيٺو هوندو هيو.
مطلب:
5.1 جيڪو درٻار ۾ اجازت کانسواءِ وڃي سگهي، تنھنکي ٻتڙ سان ۽ جيڪو نه وڃي سگهي، تنھنکي دولھه سان ڀيٽ ڏني ويندي آهي.
6. ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير (پھاڪو)
تعلقي شاهه بندر جي جلباڻي قوم ۾، فوجو يا فوجدار خان نالي همراهه هيو، جنھن جو سارو خاندان ۽ مال مڏي هڪ باهه جي واقعي ۾ سڙي رک ٿي ويو. جنھن سبب پاڻ چريو ٿي پيو ۽ فقيراڻا حال ڪيو گهمندو هيو. سندس زبان تي سدائين اهي لفظ هوندا هيا؛ “ٻيا سڀ مري ويا، تڏهن فوجو ٿيو فقير”
ٻي روايت مطابق سندس لفظ هوندا هيا؛ “ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏهن فوجو ٿيو فقير”.
مطلب:
6.1 واهرو سڀ هليا ويا، تڏهن حال هيڻا ٿيا.
6.2 جتي وڻ ناھي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
6.3 ڀيٽيو؛ ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏھن ٿيون وانڍيون وس چرن.
7. ڀلي رڙي بادام، جنھن جو ڦَرُ آهي ڦُٽرو. (جتڪي، پھاڪو)
ڀلي؛ ڀلين، سدا.
رڙي؛ راڙ ڪري، رنڀي، دانھن ڪري.
بادام؛ ڏاچي، اُٺڻ، اُٺڙي.
ڦر؛ گورڙو، توڏو، ٻچو.
ڦٽرو؛ سٺو.
اها اُٺڙي ڀلي دانھون/ ڪوڪون ڪري، جنھن زبرو ڦَرُ ڄڻيو آهي. انھيءَ جو رنڀڻ ھر ڪنھنکي وڻندو آھي. ان جي بر عڪس، ڪمزور ۽ مئل ڦر ڏيڻ واري ڏاچيءَ جي رنڀ يا ڪِڻڪ، ڪنھن کي به ڪا نه وڻندي آھي.
مطلب:
7.1 پنھنجي اولاد لاءِ دانھن ڪوڪ ڪرڻ جو ان کي حق آهي، جنھن جو ڄـَڻُ سٺو آهي.
7.2 کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون ھر ڪو سھندو آھي.
8. ڀولڙو پوڙهو ٿي ويندو ته به گيلاٽيون ڪونه وسرندس. (پھاڪو)
ڀولڙو؛ ڀولو، باندر.
گيلاٽيون؛ بولاٽيون، قلابازيون، پٽ تي ليٽڻ.
باندر يا ڀولڙو، کک پوڙهو ٿيڻ بعد به پنھنجي فطري عادت کان ڪين مڙندو، بولاٽيون ضرور ڏيندو. عادت عضوو آھي. ھڪ دفعو پوڻ کان پوءِ مشڪل نڪرندي آھي. عمر جي خاص حد کان پوءِ ته مرڻ تائين ساڻ ھلندي آھي.
مطلب:
8.1 وڏڙن کان ورثي ۾ مليل عادت، ڪير به نه ڇڏي سگهندو آهي.
8.2 ننڍي هوندي جي پيل عادت، پيريءَ ۾ نه ويندي آهي.
8.3 پڪي گهڙي کي، ڪنا ڪين ورندا آهن.
9. ڀينءَ جي بازار ۾، ٻيائي نه ڪجي (چوڻي)
بزرگ شيخ سلامت عرف مغلڀين جي ميلي جي بازار ۾ ٻيائي، ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪنھن جي ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو تفاوت نظر ايندو آهي ته کانئس پڪائيءَ خاطر پڇيو ويندو آهي، “ٻيلي هيءَ ڀينءَ جي بازار آهي، ان ۾ ٻيائي نه ڪر!”
ٻي روايت ۾ آهي ته کيس چئبو آهي ؛ “قھر نه ڪر! ڀينءَ جي بازار آهي!”
مطلب:
9.1 بزرگن جي آستانن تي، علط ڪمن کان پاسو ڪجي.
10. ڀينءَ جي بازار ۾ پيو گهم. (چوڻي)
جاتي شھر ۾ واقع درگاهه مغلڀين جي بازار، ميلي جي وقت، تمام ڊگهي ٿي ويندي آهي. منجهس نه ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي جهل پل هوندي آهي ۽ نه ئي بازار کٽڻ جي هوندي آهي. گهمڻ ۾ ٿڪ محسوس ڪرڻ واري کي چئبو آهي؛ “ڀينءَ جي بازار آهي، پيو گهم!”
مطلب :
10.1 گهمڻ لاءِ گهڻو ميدان آهي.
11. ٺٽي جا ٺاٺ هيا، تڏهن ملتان ٿي اَڏيو (چوڻي)
ننگر ٺٽو، ملتان شھر کان اڳي جو آباد ۽ قديمي آهي. جڏهن ٺٽو تعميرات ۽ جلوي جي حساب سان پُور-جوانيءَ ۾ هيو ۽ ٺاٺ باٺ هيس، تڏهن ملتان اڃا مس اَڏيو/ ٺھيو پئي.
مطلب:
11.1 علم ۽ عالم، ملتان کان اڳي، ٺٽي ۾ هيا.
12. جاتي، قرب جي ڪاتي (چوڻي)
ڪاتي، ڪھڻ جي ڪم ايندي آھي. جنھن سان اڳلي جو سر کڄندو آھي ۽ ٻئي جو پيٽ ڀربو آھي. ڪڏھن ڪي ڪاتي ڦيرائڻ وارا اھڙو ته مٺڙي نموني سان ڪاتي ڦيري ويندا آھن جو ڪسڻ واري کي ڪسجي وڃڻ تائين لک ئي نه پوندي آھي. اھڙن ڪھڻن کي، مٺي ڇريءَ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي.
جاتي شھر جي رهاڪن منجھ جيڪا محبت، قرب ۽ پاٻوهه آھي، تنھن بابت اشارتًا ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
12.1 چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊڙي به پائڻ.
13. جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل ميھ (چوڻي)
ميھ؛ ملاح، مھاڻا
جاتيءَ جو سمورو علائقو، جت قوم جو آهي ۽ منجهس اها ئي قوم آباد آهي. جڏهن ته ماڃر واري علائقي ۾ سمورا ملاح قوم جا ماڻھو رهن ٿا.
مطلب:
13.1 ھر علائقي ۾، جاگرافيائي لحاظ کان مانوس، ڪا نه ڪا قوم يا ذات آباد آھي.
14. جاتيءَ جا جت، پيرن اگهاڙا (چوڻي)
جاتيءَ جا ماڻھو، جن ۾ اڪثريت جت قوم جي آهي، مغلڀين اولياءَ (شيخ سلامت متوفي 610 هه) جي ادب واري لحاظ کان جُتي پيرن ۾ ڪونه پائين. ڀينءَ جي بازار ۾، اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندا آهن.
مطلب:
14.1 ھر قوم پنھنجي لباس ۽ اطوار مان سڃاتي ويندي آھي.
14.2 ھر قوم جي ڪا نه ڪا نشاني ضرور ھوندي آھي.
15. جت سي جيندي، سسئي سرهوڻي نه ڏني (جتڪي، چوڻي)
سي؛ اهي.
جيندي؛ جن
سرهوڻي؛ آرام
جت اهي هيا، جن سسئي کي آرام سان ويھڻ نه ڏنو. سسئيءَ جا ڏير، ذات جا جت هيا. سسئيءَ جي وَر، پنھونءَ کي دوکي سان کڻي ويا ۽ سسئيءَ جون ننڊون حرام ڪري ويا. جنھن سببان سسئيءَ کي جبل جهاڳڻا پيا ۽ پنھل کي پسڻ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙڻو پيو. جتن کي طعني طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
15.1 جَتُ ذات مان چڱائيءَ جي اميد نه رکجي.
15.2 جَتُ، بي پَتِ، مارِ گھَت يا اڳون لاتي وت.
16. جنھن جو گر صدر، تنھن جا چيلا ڀلين چاڳ ڪن (پھاڪو)
گر؛ گرو، مرشد.
صدر؛ بنيادو، بڻيائتو، ڀلو، اصلي.
چيلا؛ پوءِ لڳ، مريد.
چاڳ؛ مستي.
جنھن مريد، سچي مرشد جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي، سو ڀلي لاڏ ڪري. کيس لاڏ ڪرڻ جو جواز آهي. سچو مرشد/ شيخ يا رھبر کيس ٿڙڻ نه ڏيندو. ڪڏھن به کيس غلط ڪم لاءِ مشورو نه ڏيندو. کيس غلط ڪم ڪندي ڏسندو ته به تنبيھ ضرور ڪندس.
مطلب:
16.1 اصلي شيخ، مريد کي غلط راھ تي ھلڻ جي تلقين نه ڪندو.
16.2 ڪامل مرشد جي مريدن کي، شيطان گھٽ ورغلائي سگھندو آھي.
16.3 سو ڀلي نخرا ڪري، جنھن جو ڪيرو قائم آهي.
16.4 وَڇ ڪُڏي، ڪيري آهر.
17. جوکيي مان جُوکو، ننڍي ۾ ننڍو تڏهن به اُٺ جيترو. (چوڻي)
جُوکو؛ نقصان.
جوکيا قوم، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني علائقي ۾ جهمپير، جنگشاهي ۽ مال واڙي طرف رهي ٿي. جابلو قوم هئڻ ڪري سخت دل آهي. کانئن پھتل ننڍڙي ۾ ننڍڙو نقصان به اٺ جيترو وڏو هوندو آهي. ان انديشي سببان، کانئن ٽارو ڪرڻ گهرجي.
مطلب:
17.1 جوکيا قوم مان چڱائيءَ جي اميد گھٽ رکجي.
18. جي اکين ۾ آنڃڻ هئا ته بوترڪيون ڪيھان ڀويون. (جتڪي، پھاڪو).
آنڃڻ؛ سرمو.
بوترڪيون؛ آنڙيون.
ڪيھان؛ ڪيئن.
ڀويون؛ ٿيون.
سرمي جي استعمال سان، اکين ۾ آنڙيون نه ٿينديون آهن. جيڪو ماڻھو، ھر رات جو سمھڻ کان اڳي، سرمي پائڻ جو عادي آھي، ان جي اکين ۾ آنڙيون وغيرھ نه نڪرنديون آھن. جيڪڏهن سرما پائڻ جي باوجود اکين ۾ آنڙيون نڪرن ته پوءِ انھن تي سواليه نشان ضرور ھوندو ته اھي ڪيئن ٿيون؟
مطلب:
18.1 جيڪڏھن اکين ۾ سرما ھيا ته پوءِ آنڙيون ڪيئن ٿيون؟
18.2 هڪ ٻئي وٽ نيڪ نيتيءَ سان اچبو وڃبو ته تعلقات قائم رهندا، ويڇا نه پوندا.
18.3 هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ هجي ته پوءِ تعلقات ڪيئن ٽُٽَندا!؟
19. ڇڇ مڙيو ئي ڇوڪريون، جاتي مڙيئي جوءِ. (چوڻي)
ڇڇ؛ ڇڇ جھان خان وارو علائقو.
ڇڇ جھان خان ۾، ملاح قوم اندر ڇوڪرين جي گهڻائي هئي. انھن نياڻين جا مائٽ، جاتيءَ وارن سان سڱابنديون ڪري، نياڻين جا گهر آباد ڪندا هيا. جڏهن جاتيءَ جي رهندڙ ڪنھن زال کان پڇبو هيو؛ “تون اصل ڪاٿان جي آهين؟”
“ڇڇ جي!” موٽ ۾ چوندي هئي؛ “ڇو جو ڇوڪريون اتي جام هيون!”
مطلب:
19.1 جاتيءَ جي ڀيٽ ۾، ڇڇ اندر ڇوڪريون جام ڄمنديون ھيون.
20. دڙو، گيھه جو گهڙو، پر بي وڙو (چوڻي)
تعلقي ميرپور بٺوري جو شھر دڙو، سٺي زرعي زمين هئڻ سبب، شاهوڪاريءَ ۽ حسن ۾ مشھور هيو. پئسي ۽ حسن جي گهڻائيءَ سبب، جڏهن بيھودگي وڌندي آهي ته مڪاري به ڪـَرُ کڻندي آهي. اھا مڪاري ڪنھن کي به نه وڻندي آهي ۽ بي وڙائپ ۾ شمار ٿيندي آهي. دڙو به انھن حالتن کان اثر پذير ضرور رھيو آھي.
مطلب:
20.1 دڙو، بي وڙو.
20.2 ٺل، دل ڏيئي، ويٺو رل.
20.3 بٺورو، دل ڏيئي، بيٺو رو.
21. ديرو، ڦِٽو، اورنگا وُٺو. (پھاڪو)
تعلقي شاهبندر جي ڪڪرالي واري علائقي ۾، ديرو ڪيھرن جي گاديءَ جو هنڌ هئو. ان جي ڦٽڻ بعد، اورنگزيب عالمگير، اورنگا بندر تعمير ڪرايو. اورنگا کي ڪڪراله به چوندا آهن.
مطلب:
21.1 ھڪڙو شھر ڦٽي ته ٻيو آباد ٿي وڃي.
22. رڙي، ٽڪن ۾ پڙي، جَتن کي مليو جواب. (چوڻي)
رڙي؛ جاتيءَ جي اوڀر طرف، مائي رڙيءَ جي نالي پويان هڪ پراڻو ۽ مشھور شھر آهي.
مائي رڙي پنھنجي وقت جي حسين عورت هئي. ملڪ حمر خان جَتُ، مٿس عاشق ٿي پيو. ڌُوتيءَ هٿارائون کيس شاديءَ جا نياپا موڪليائين.
موٽ ۾ رڙيءَ چورايس؛ “ملڪ صاحب! تون جت قوم جو ملڪ آهين. جيڪڏهن مون سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو ته مھرباني ڪري، ڪاري گونگڙي کان وٺي منھنجي ڳوٺ تائين، رات پيٽ ۾، پاڻي پھچائڻ لاءِ واهه کوٽرائي ڏي ته توکي مڃيندس”.
ملڪ حمر کيس راتو واه، واه کوٽرائي ڏنو، جيڪو اڄ به حمر واهه نالي سان مشھور آهي. جنھن سببان سندن شادي ٿي ۽ جت قوم سان تعلق ھئڻ جي باوجود، رڙيءَ جي سڱ کان کين جواب مليو.
مطلب:
22.1 سڱ آھن، سھيندن جا.
22.2 جيڪي ھڻن، سي کڻن.
22.3 پِرمان تڏھن پسندين، جڏھن ڳِٺي جا وڻ ڏسندين.
22.4 مومل سو ماڻيندو، جيڪو ڪاڪ تي چڙھندو.
23. رن هڪڙن جي مري، ٻين کي لگن سؤڻ. (پھاڪو)
رن مرڻ؛ زال مرڻ، گهر ڊهڻ، نقصان پوڻ.
لگن سؤڻ؛ خوشي ٿيڻ.
انساني فطرت آھي ته ڪو به پنھنجو نقصان نه برداشت ڪري سگھندو آھي. ان جي بر عڪس ساڳيو نقصان، ٻئي کي رسندو آھي ته ڳجھيءَ طرح فرحت ضرور محسوس ڪندو آھي. ڪي ته وري ٻئي کي پيل نقصان تي خوشيون پڻ ملھائيندا آھن.
مطلب:
23.1 ٻئي جي خوشيءَ ۾، ڪو ڪو خوش ھوندو آھي.
23.2 مروان موت، ملوڪان شڪار.
23.3 ڪاسائيءَ کي ماهه جي، ڇيلي کي ساهه جي.
23.4 هڪڙن کي نقصان پوي، ٻيا خوشيون ڪن.
24. سانوڻ جو سُتو، ڪُتي جو ڪتو. (چوڻي)
سانوڻ؛ هندي مھيني جو نالو، جنھن ۾ وسڪارو ٿئي، گاهه وغيره جام ٿين.
جيڪو ماڻھو وسڪاري يا گاهه جي مند ۾ مال کي نه ٿو چاري ۽ سستي ڪري سمھي ٿو پوي، سو تڪليف ڏسندو. آخر ۾ رڳو ڏهڙ-ڏهڙان ۽ رڙيون ڪوڪون هوندس. تنھنڪري مالدار کي، سانوڻ جي مھيني ۾ سمھڻ نه گهرجي.
مطلب:
24.1 ويل وقت وري ھٿ نه ايندو آھي.
24.2 وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ گھرجن.
25. سَپَ مٿي گاهه، سَپَ ٻيٽو نه وسري،
چِت وڻيسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ (جتڪي، پھاڪو)
سَپ؛ سانپ، نانگ.
گاههُ؛ ڀاڙِ، کير پيارڻ وارو ٿورو.
ٻيٽو؛ بيٽو، ٻچو، پٽ.
چِت؛ دل، نيت.
وڻيسي؛ ٽُٽي پوڻ، کَٽِي ٿي پوڻ.
ڪاءُ؛ ڪھڙو
ساءُ؛ سواد
هڪڙو جوڳي نانگ کي کير پياريندو هيو. هڪ ڏينھن، نانگ جو ٻچو سندس هٿان مري پيو، جنھن تي نانگ کي ڏاڍي خار آئي ۽ چيائينس؛ “مون کي کير نه پيارج، ڇو جو تو منھنجو ٻچو ماريو آهي، اهو سور مون کان نه وسرندو. تنھنجي کير پيارڻ واري ٿوري تان دل کٽي ٿي وئي آهي، ان سان مون کي سواد به نه ملندو.”
مطلب:
25.1 دوستي، جڏهن دشمنيءَ ۾ بدلبي آهي ته ڪيل چڱايون به وسري وينديون آهن.
25.2 دوستي ڦٽڻ کانپوءِ، سنھيون سنھيون ڳالھيون به وڏيون نظر اينديون آھن.
26. سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (پھاڪو/ چوڻي)
جاتي شھر جي ڏکڻ طرف، ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي سنڊو بندر هيو. 1819ع ڌاري سامونڊي وير چڙهڻ سبب تباهه ٿي ويو. جاتي، ان وقت ننڍڙو واهڻ هئي. سنڊي جي ڦٽڻ بعد، ماڻھن جاتيءَ ڏانھن لڏ پلاڻ ڪئي. آبادي وڌڻ لڳي ۽ شھر وسي ويو.
مطلب:
26.1 ھڪڙي وسندي ڦٽائي، ٻي وسائڻ اللھ آڏو ڏکيو ڪم ناھي.
27. سوکي ڦٽي، کارو وٺو. (پھاڪو/ چوڻي)
اورنگا بندر ڦٽڻ بعد، شاهبندر آباد ٿيو. شاهبندر ڦٽو ته ڪيٽي بندر وسيو. ڪيٽي بندر جي تباهيءَ کان پوءِ، کاري جي علائقي ۾ سوکي بندر گاهه ٺھيو. سؤ سالن کان پوءِ، اهو به سامونڊي طوفانن سبب ويران ٿي ويو. جنھن کانپوءِ کارو ڇاڻ بندر وسي ويو. جيڪو اڄ به آباد آهي ۽ تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.
مطلب:
27.1 ھڪڙيون لٽي، ٻيون پٽڻ، اللھ لاءِ تمام آسان آھي.
28. شاهبندر ڦٽو، چوهڙ وٺو (پھاڪو/ چوڻي)
شاهبندر جي شھر ڦٽڻ بعد، تعلقي جو مک شھر چوهڙ جمالي، ورسي ويو. جيڪو اڄ به آباد آهي ۽ تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.
مطلب:
28.1 اللھ ڪيئي آباديون ويران ته ڪيئي ويرانيون آباد ڪري ڇڏيون.
29. ڦُلان ڀري ٽارڙي، ڀوران ڀڳلي جاءِ (پھاڪو)
ڦُلان ڀري؛ ڦلن يا گلن سان ڀريل.
ٽارڙي؛ ٽاريءَ جو اسم تصغير.
ڀوران؛ ڀورڙي يا بيعقل عورت.
ڀڳلي جاءِ؛ ڀڄي وڃي ٿي.
بيوقوف عورت، گلن ڦلن جي ننڍڙي ٽارڙيءَ کان به ونءُ ويندي آهي. انھيءَ شڪ سان ته متان اڳتي هلي، اها جنجل جو سبب بڻجي.
مطلب:
29.1 کير جو کاڻيل، ڇاڇ به ڦوڪي پيئندو آهي.
29.2 ڪُتيءَ کي ٻرندڙ چُوانتي لڳي ته تارا ڏسي به پئي رُوڙي.
30. ڪارو بوٽ هٿ ۾، جَتُ جاتيءَ ٿو وڃي. (چوڻي)
جڏهن به ٻھراڙيءَ جو جَتُ، شھر ۾ ايندو هيو ته ڳوٺان بوٽ هٿ ۾ کڻي ايندو هيو. شھر ۾ گهڙڻ کان اڳ، پير ڌوئي بوٽ پائيندو هيو ۽ پوءِ شھر ۾ داخل ٿيندو هيو. ائين ڪرڻ سان کيس نه بوٽ ڇنڊڻو پوندو هيو ۽ نه ئي جهنگ مان لنگهڻ سبب بوٽ کُسندو هيس. جھنگ مان ھلڻ دوران، بوٽ سان واريءَ يا ڊسڙ وارو ميدان پار ڪرڻ اھنجو ھوندو آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته پير اگھاڙا ھجن.
مطلب:
30.1 جتن کي بوٽ سان پنڌ ڪرڻ اھنجو لڳندو آھي. بوٽ ھٿ ۾ کڻڻ سندن نشاني آھي.
31. ڪانھن نسريا، ڪانڀرو نسريا. (زرعي، چوڻي)
ڪانھن؛ هڪ قسم جو سَرَ جو ٻوڙو، جنھن جي سرن مان ٽوئا ٺھندا آهن ۽ جاين ۾ ڪم ايندا آهن.
ڪانڀرو؛ ڳاڙهن چانورن جو قسم، جيڪو لاڙ طرف ٿئي، ڪامرو به سڏبو اٿن.
جڏهن ڪنھن نسرندو آهي، تڏهن ڪانڀرو چانور جون ساريون به نسرنديون آهن. اها چوڻي ٻيءَ طرح به مشھور آهي؛ “سر نسريا، موتيا نسريا.”
موتيو: لاڙي چانور جو قسم آهي. سر نسرندا آهن ته گڏوگڏ، موتيي چانور جون ساريون به نسرنديون آهن. آڳاٽي دؤر ۾ موسمن بابت، خود-رو ٻوٽن مان ڄاڻ حاصل ڪبي ھئي يا نکٽن وغيرھن مان ته جيئن فصل وغيرھ وقتائتا پوکي سگھجن. سر جي نسرڻ مان، آڳاٽا ماڻھو، سارين جي نسرڻ جو اندازو لڳائي وٺندا ھيا.
مطلب:
31.1 ڀيٽيو؛ ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.
32. ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.[1] (زرعي، چوڻي)
ڪانھن؛ سانوڻ جي مند ۾ خود-رو ڄاپندڙ سر.
ساريون بن طريقن سان پوکيون وينديون آھن؛ ھڪڙو ٻجارڻ ۽ ٻيو ڪورڙ.
1. ٻجارڻ؛ ھن طريقي ۾ پھرين ٻج پوکبو آھي، بعد ۾ سلا ڪڍي ٻئي ھنڌ ٺھيل زمين ۾ھڻبا آھن. ھن جا به ٻه طريقا آھن. ھڪ ڪڪر ٻج ۽ ٻيو ناڙي ٻج.
1.1 ڪڪر ٻج؛ ديسي ڀاڻ يا سارين جو سڙيل پلال، ننڍين ٻارين ۾ وجھي، ان کي باھ ڏئي، ساڙي رک ڪري، پاڻي ڏيئي ٻج ڇٽبو آھي. ڪڪر ٻج پاڻيءَ کانسواءِ نه ٿيندو آھي.
1.2 ناڙي ٻج؛ ھن طريقي ۾ ٻيجارو ناڙي طريقي سان ڪيو ويندو آھي. جتي پاڻيءَ جي کوٽ ھجي يا زمين ڪلر/ سيڪ واري ھجي، اتي ناڙي ٻج ڪبو آھي.
مٿي ڄاڻايل، ٻنھي طريقن سان ٻج مھيني اندر تيار ٿي ويندو آھي. جنھن کانپوءِ، ٻجارڻ کي پاڻي ڏئي، ٻج پاڙئون لوڙھي، سارين جي ٻنيءَ ۾ پوکبو آھي. جنھن کي رونبو/ رونبي يا ويھر/ ويھراج/ ويراج سڏبو آھي.
2. ڪورڙ؛ ھن طريقي اندر زمين ٺاھي، ان کي پاڻي ڏيئي، بيٺل پاڻيءَ اندر ٻج ڇٽبو آھي.
آڳاٽي دؤر ۾ جڏھن، گھڙيون ۽ ڪيلينڊر ڪين ھئا، تڏھن ھاري ناري، نکٽ ڏسي يا خود-رو ٻوٽن جي اوڀڙ مان مندن جو اندازو لڳائيندا ھيا ۽ پوءِ زرعي پيداوار يا فصلن جي تياري ڪندا ھئا.
اھڙيءَ طرح سارين جي رونبي جو وقت جيڪو، ڪانھن جي نسرڻ سان ختم ٿئي ٿو، ان جو اندازو لڳائيندا ھيا. ڪانھن نسرڻ پڄاڻان، رونبيءَ جي مند پوري ٿي وڃي ٿي. ھاڻي ٻيجارو ڪڍي رونبو ڪرڻ مان فائدو نه پوندو. ڇو جو ھاڻي رونبيل ساريون، نه سٺيون ڄاپنديون ۽ نه ئي منجھن ان/ چانور ٿيندو.
مطلب:
32.1 ڪانھن جي نسرڻ کان اڳ، سارين جو رونبو ڪجي.
32.2 ڪانھن نسريو، ويھراج جي مند پوري ٿي وئي.
32.3 ھاريءَ کي اڳواٽ محنت ڪرڻ گھرجي.
33. ڪرمي هٿ ڪار، ويلي هٿ وڃڻي. (چوڻي)
ڪرمي؛ ڪرمن وارو، سڀاڳو.
ويلو؛ واندو، پالھو، نڪمو.
هٿ ۾ وڃڻي؛ نکمڻائپ وارو ڪم.
سڀاڳو ماڻھو، ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ مشغول هوندو آهي. جڏهن ته واندو ماڻھو، پاڻ کي وڃڻو ويٺو هڻندو آهي. کيس ڪم جو چئبو آهي ته ٽيئڙ تپ چڙهي ويندو اٿس.
مطلب:
33.1 ٽوٽي ماڻھوءَ کي ڪم نه ڪرڻ لاءِ بھانا ھزار ھوندا آھن.
33.2 ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، ٻانھن ڀڳو ڪم ڪري پر دل ڀڳو ڪم نه ڪري.
34. ڪرهيي جي ميلي کان پوءِ، ڪپڙن کي باهه ڏبي ڇا؟ (پھاڪو)
ڏيھاڙي جي ڪم ڪار وارو ماڻھو، عام رواجي ڪپڙا پائيندو آھي. جڏھن ته ڪنھن وڏي ڏيھاڙي تي جھڙوڪ؛ شادي مرادي، عيد براد، ميلي ملاکڙي يا ميٽنگ وغيرھ ۾ ڀلو وڳو پائيندو آھي ته جيئن عام ڏيھاڙن کان مختلف نظر اچي ۽ سندس شخصيت جو اثر ماڻھن تي چڱو پوي.
بدين طرف، ڪرهيي ڀانڊاري بزرگ جي مزار آهي، مٿس وڏو ميلو لڳندو آهي. جنھن تي ماڻھو ڀلا لٽا پائي گهمڻ ايندا آهن. جيڪڏهن اهڙي ڀلاري موقعي تي به سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ نه ملن ته پوءِ ڪپڙن کي ساڙبو ڇا؟
مطلب:
34.1 عيد کانپوءِ ڪپڙا ساڙبا ڇا؟
34.2 ڪم نڪرڻ کان پوءِ، ڪاغذ کي چٽبو ڇا؟
34.3 سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
35. ڪوچار پن ٻوڙيا، راهينءَ ڀر ويھي،
راهينءَ چيس؛ “ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻڏاسين ٻئي.” (پھاڪو/ زرعي)
ڪوچار؛ تعلقي جاتي جي ديھه جو نالو،
راهين؛ ديھه جو نالو، اصل نالو ڊگرائين اٿس.
ڀرِ ويھي؛ پاسي ۾ ويھي.
اهو پھاڪو هيئن به چيو ويندو آهي.
“ويڪيءَ پن ٻوڙيا، جرڙي ڀر ويھي،
جرڙي چيس؛ ڀڄ ته ڀڄون نه ته ٻڏاسين ٻئي.”
هڪڙي زمين، پاڻيءَ سان تارئون تار ڀربي ته ٻيءَ کي به سيڪ ڏئي ساڙيندي. ٻنھي ۾ ڪو به فصل نه ڄاپي سگھندو. جيڪڏھن ٻئي پاڻيءَ سان تارئون تار ڀربيون ته پاڻ کي ته تباھ ڪنديون پر اوسي پاسي کي به سيڪي ساڙي وجھنديون. انھن جي بچڻ جو اھو حل آھي ته منجھن بيٺل پاڻي ٿڏي تي ڪڍي ڇڏجي يا ھيٺانھين زمين ڏانھن نيڪال ڪري ڇڏجي.
اھو سبب آھي جو ٻڏندڙ ٻنھي ٻنين منجھان ھڪڙيءَ، ٻيءَ کي چيو؛ “ٻنن/ ڪنن وٽان تون به ڀڄي پؤ ۽ مان به ڀڄي پوان ته جيئن ٻئي ٻڏڻ واري نقصان کان بچي پئون.”
مطلب:
35.1 جيڪو ماڻھو ڀُڏو ڪم ڪري، يا اڌ ۾ ڪم ڇڏي وڃي، تنھن کي باز رهڻ لاءِ ائين چئبو آهي.
36. ڪونجن ڪُرڪ، پاڻيءَ سُرڪ. (زرعي، چوڻي)
ڪونج: پکيءَ جو نالو
ڪُرڪ: دانھن
جڏهن يا جنھن وقت ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن، ان وقت پاڻيءَ جي قلت ٿي ويندي آهي ۽ درياءَ جي تري ۾ پاڻي وهندو آهي.
مطلب:
36.1 ڪونجن جي دانھن ڪرڻ وقت، پاڻي ٿورڙو ٿي ويندو آهي.
36.2 درياهه ۾ پاڻي لھي وڃي ته ڪونجون ڪُرڪ ڪنديون آهن.
37. ڪونجن ڪُرڪ، کير چُرڪ (زرعي، چوڻي)
کير جو تعلق مينھن سان آهي. جڏهن ڪونجون ڪرڪ ڪنديون آهن تڏهن درياه ۾ پاڻي ته لاٿ ڪري ويندو آهي پر تر جون مينھون به ويھڪي وينديون آهن ۽ کير ڏيڻ گهٽجي ويندو اٿن.
مطلب:
37.1 ڪونجن جي دانھن ڪرڻ وقت، مينھون به کير گھٽائي وينديون آھن.
38. ڪونھي مڙس ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانڍيون وس چرن. (پھاڪو)
وانڍيون؛ ڇڙيون، اڪيليون، بنا مڙس واريون.
جڏهن مڙس/ مرد گهر ۾ نه هوندا آهن ته عورتون آزاد ٿي پونديون آهن ۽ پاڻ-هُرتڙيون ٿي بي-راهه-روي اختيار ڪنديون آهن.
مطلب:
38.1 مڙس ڪمزور، زال زور.
38.2 ڪونھي مير علي مراد خان ملڪ ۾، تڏهن ٿيون وانديون وس چرن.
39. کارو ڦٽو، ڳاڙهو وٺو (چوڻي/ پھاڪو)
کاري ڇاڻ جو شھر ڦٽي وڃڻ کان پوءِ، ان جي ويجهي وارو شھر ڳاڙهو، وسي ويو. اڄ اهو ئي ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ جو مرڪز بنيل آهي.
مطلب:
39.1 اللھ، ھڪڙيون لٽي ٿو ته سھسين پٽي ٿو.
40. کاري جي ڍوري، ماڃر جي ڇوري،
ٻاهر سوڙهي، هيٺ اوڙي (چوڻي)
کاري جي علائقي جي ڍوري، ٻاهران ڀلي سوڙهي نظر اچي، پر عُمق ۾ اونھي هوندي آهي. منجهس پاڻي گھرو هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح ماڃر جي ڇوڪري، ڀلي عمر ۾ ڪيتري به ننڍي هجي پر عقل ۽ سگهڙائپ ۾ ڀڙ هوندي آهي. دَمَ خَمَ جي لحاظ کان به گَهري هوندي آهي. ڪنھن کي به اندر جو راز نه ڏيندي آهي.
مطلب:
40.1 جنھن جو انت لھڻ ڏکيو ھجي، تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آھي.
41. کر بند، هينئون هنڌ (پھاڪو)
کر؛ گڏهه.
بند؛ ٻڌل.
هينئون؛ دل دماغ،
هنڌ؛ جائتو، سڪون.
گڏهه، ڪڙهه/ وٿاڻ ۾ ٻڌل هوندو ته مالڪ جي دل کي قرار هوندو. ڇڙيل صورت ۾ مالڪ کي گڏهه وڃائجڻ جي ڳڻتي هوندي ۽ ننڊ آرام ڦٽل هوندس.
مطلب:
41.1 جڏهن بڇڙي عادت واري کي، جيل ۾ يا ڪم ۾ ڦاسائي قيد ڪبو آهي ته ان لاءِ ائين چئبو آهي.
42. کر کي کستوري، کنڌي ٻڌي چار،
اچيس پسوري، ليٽي پوي لڏ ۾. (پھاڪو)
کستوري؛ کٿوري، خوشبودار گاهه.
کنڌي؛ ڪلي تي.
پسور ي؛ پورُ، مڪني.
گڏهن کي ڪلي تي ٻڌي کٿوري کارائبي تڏهن به ڇڙڻ کانپوءِ وڃي وري به لڏ ۾ ليٽندو. يا واڙيءَ مان سڪل ڪرڦٽي ڪرٽي کائيندو.
مطلب:
42.1 خراب نسل واري/ بي اصل ماڻھوءَ سان، ڪيڏيون به چڱايون ڪجن، وقت پوڻ تي تريون ئي ٻه هڻندو.
43. کيڙيندي کُتين ۾، اکيون جاءِ ڪجن،
چونيءَ ڀڳي هڪڙي، ٽيئي ٽول کرن،
هارين هَرُ ڪلھي تي، ڇڙيا ڏاند چرن. (زرعي پھاڪو)
کيڙيندي؛ هر ڪاهيندي.
کُتين؛ اها زمين جنھن مان وڻ ته وڍجن پر اڃا لاھَ هجنس.
کُتون؛ چنھنب دار پاڙون، لاھَ.
چُوني؛ گهوٻو، لوهه جي ڦار.
لاهن واري زمين مان پھرين لاھَ ڪڍجن، پوءِ هر ڏجي. ٻيءَ صورت ۾ هر ڏيڻ وقت، اکيون کولي هر ڏجي. ائين نه ٿئي جو لاھ جي پاڙ ۾ اٽڪي، گهوٻو ئي ڀڄي پوي. احري صورت ۾ هَرُ، هاري ۽ ڏاندَ ڪم کان کري پون.
مطلب:
43.1 هر ڪم سنڀالي ڪجي، متان ٿورڙيءَ غلطيءَ سبب وڏو ٽوٽو پئجي وڃي.
43.2 تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
44. گيدوڙا نڪتا، ويھر جي مند پوري. (زرعي چوڻي)
ويھر؛ ٻجارڻ کي پاڻي ڏئي، ٻج پاڙئون لوڙھي، سارين جي ٻنيءَ ۾ پوکبو آھي. جنھن کي رونبو/ رونبي يا ويھر/ ويھراج/ ويراج سڏبو آھي.
جڏهن ننڍ- گيدوڙي، گيدوڙا جهلي ته اها مند، ويھراج جي آهي. ھاڻي ساريون رونبڻ بند ڪجن. ڇو جو ان وقت زمين تي محنت ڪرڻ فضول آھي.
مطلب:
44.1 ڀيٽيو؛ ڪانھن نسريا، ويھر جي مند پوري.
45. گهاٽا گهر بندر جا، پڙيءَ تي بيٺو پن. (چوڻي)
شاهبندر شھر ۾ تمام گهڻا ۽ گهاٽا گهر هيا. بازار تمام وڏي ۽ چلتي واري هوندي هيس. هڪڙو فقير هڪ ئي جاءِ تي بيٺو پنندو هيو ته به تمام گهڻو ملي ويندو هيس. کيس دَرَ دَرَ تي ڀٽڪڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي.
مطلب:
45.1 وڏي وسنديءَ مان ھر ھڪ کي نصيب آھر روزي روٽي مليو وڃي.
45.2 وڏيءَ ديڳ جي کرڙ ئي گھڻي ٿيندي آھي.
46. لوڙهيءَ ڏور، سارين کرو. (زرعي، چوڻي)
لوڙهي؛ لوڙهه، جيڪا ڍنڍن ۾ ٿئي.
ڏرو؛ پچڻ، رسڻ.
کرو؛ جتي لاباري بعد وَلِ رکجي.
جڏهن لوڙهه، پنھنجي ڄُنڊي (منھن وارو حصو) اندر ڪري وڃي ۽ پچي رسي وڃي ته ان وقت ساريون به کرن ۾ پھچي وينديون آهن.
مطلب:
46.1 لوڙھ ۽ سارين جي پچڻ جو وقت ساڳيو آھي.
47. لوءِ وڙھجي، اَلوءِ نه وڙهجي. (چوڻي)
لوءِ؛ ڳوٺ ۾.
اَلوءِ؛ پرائي ڳوٺ ۾، پرديس ۾.
پنھنجي ڳوٺ ۾ وڙهجي، ٻئي جي ڳوٺ ۾ وڃي نه وڙهجي. پنھنجي گهر ۾ هرڪو شينھن هوندو آهي ۽ دفاعي حيثيت مضبوط هوندي اٿس. پرديس ۾ دفاعي حالت ڪمزور هوندي آهي.
مطلب:
47.1 ڏر تي گدڙ به شينھن ھوندو آھي.
47.2 وطن خاطر وڙھندڙ لاءِ، جيڏانھن ڪيڏانھن مدد پھچي ٿي.
48. ماگهه، ڇوڙا ڏاگهه (چوڻي)
ماگهه؛ مانگهه، سياري جو هندي مھينو.
مانگهه جي مھيني ۾ لُريون لڳنديون آهن ۽ سياري جا چوٽ وارا سيءَ ۽ پارا پوندا آهن. گهڻي سيءَ سبب، ڏاگهه يا اٺ به دلي ڪڍي، مست ٿي، رسا ڇنائي، ڇڙواڳ پيا گهمندا وتندا آهن.
ان مھيني لاءِ ٻي به چوڻي آهي؛
مانگهه، سياري ڏني تانگهه.
مطلب:
48.1 مانگھ مھيني ۾ ھر ھڪ ساھدارکي مستي ٿيندي آھي.
49. مانگهه اڌين، ڪمر ڪڌين، وريا اتر پاند،
رنڙيون سي مُٺيون، جن ويھاريا نوان ڪانڌ. (چوڻي)
مانگهه؛ هندي مھيني جو نالو.
ڪمر؛ چيلھه.
ڪڌين؛ ڇڪي ٻڌ.
وريا؛ لڳا.
اتر پاند؛ اتريان واءَ، ٿڌي هوا آڻيندڙ واءُ.
مُٺيون؛ هچاريون ٿيون، مصيبت ۾ پيون.
ڪانڌ؛ مڙس.
هڪ دفعي مانگهه جي مھيني ۾، موسم سارو مينھن ڦڙيون پيون ۽ سيءُ به ڪڙڪي پيو. جهنگ ۾ ڪن ڌراڙن (ڌنارن) مال پئي چاريو، تن کي اوچتو سيءُ لڳو ته ڏڪڻ لڳا. انھيءَ آتُر ويلا هڪ عورت اچي لنگهي، جنھن پھرئين مڙس جي مرڻ پڄاڻان، ٻيو مڙس ڪيو هيو. انھيءَ عورت ڌنارن کي ڏڪندو ڏسي، ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا. موٽ ۾ ڌنارن وري کيس اھا وراڻي ڏني.
مطلب:
49.1 ٻيا ته سيءَ سان جيئن تيئن منھن ڏئي ويندا، اها ڏچي ۾ پوندي جنھن نئون مڙس ڪيو آهي.
50. مرون چُوٽ کائي، پنھنجو مٿو وڃائي. (پھاڪو)
مرون؛ خنزير، سوئر.
چُوٽ کائڻ؛ ڌڪ لڳڻ.
مٿو وڃائڻ؛ موت اچڻ.
سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، پاسي ڏي نه ورندو اٿس. ڌڪ لڳڻ سبب، ڇتو ۽ انڌو ٿي سڌَ ۾ آءُ ڪندو آهي. جهنگ ڇڏي جڏهن شھرن يا ڳوٺن ڏانھن منھن ڪندو آهي ته شڪاري/ ڏڦير کيس ڏڦي رکندا آهن.
مطلب:
50.1 ڇتو ٿيڻ کان پوءِ ھر ڪو سر وڃائيندو آھي.
51. مزي جو مزو، پئنچن تي ٿورو. (پھاڪو)
هڪڙي هٽ-واڻيي کي، پئنچائتي فيصلي ۾ چڱو فائدو پيو. جنھن تي پئنچن جشن جي فرمائش ڪيس؛ “ڀائي خوشيءَ ۾ اهڙو جشن ڪراءِ جو منجهس ٽشن به هجي!”
پئنچن جي دعوت ڪيائين. مٿان ڀنگ به گهوٽرايائين، جنھن ۾ ڌاتورو به گڏيائين.
مانيءَ کان پوءِ، پئنچن کي سائڙيءَ جو سوايو پيالو پياري، پاڻ پاسڙو ڏئي تماشو ڏسڻ ويٺو. پئنچ پُر-باش ٿيڻ کانپوءِ، خمارن ۾ وائي توائي بڪڻ لڳا. تنھن تي هڪڙي پاڙيسريءَ ميزبان کان پڇيو؛ “ڀائي! هي پئنچن سان ڪھڙي ويڌن ڪئي اٿئي؟”
“ڌڻي! پاڻ فرمائش ڪيائون، مون عمل ڪيو” ميزبان وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ “مزي جو مزو به ٿيو، پئنچن تي ٿورو به ٿيو”.
مطلب:
51.1 دوائي ڪي دوائي، مٺائي ڪي مٺائي.
52. مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽ پير پٺو،
جنھن نه ڏٺو، تنھن ڪجهه نه ڏٺو (چوڻي)
مڪليءَ جو قبرستان، پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو. منجهس لکين اولياءَ دفن ٿيل آهن. ٺٽو شھر به قديمي شھرت رکي ٿو. پير پٺي جو مقبرو به وڏو مقام رکي ٿو. سندس قبرستان کي مڪلي ثاني به سڏيو ويندو آھي. سنڌ جي تاريخ جا مٿيان ٽيئي ماڳ جنھن گھمي نه ڏٺا، سو ڄڻ ڄائو ئي نه.
مطلب:
52.1 جس ني لاھور نھين ويکيا، اس ني ڪڇ نھين ويکيا.
52.2 جس ني لاھور ديان بتيان نھين ويکيان، اوه جميا ئي نھين.
52.3 جنھن لاھور جون بتيون نه ڏٺيون، سو ڄڻ ڄائو ئي نه.
53. مڪلي، عاشقن جو مقام. (چوڻي)
دنيا جي وڏي ۾ وڏي مقام/ قبرستان مڪليءَ ۾، اللھ جا سچا عاشق ۽ برگزيده اولياءَ، لکن جي تعداد ۾ دفن ٿيل آھن. جنھن سبب ائين مشھور ٿيو آھي.
ڪن ماڻھن جو خيال آھي ته ھر جمعي رات، مڪلي جي اسٿان تي، عبداللھ شاھ غازي يا شاھ مراد شيرازي جي مقبرن تي ماڻھن جا ميڙاڪا ٿيندا آھن. جتي زائرين سان گڏ، دنياوي عاشق به اچي مڙندا آھن. جنھنڪري اتي، نه ڪرڻ جھڙيون حرڪتون به ڪرڻ ۾ اينديون آھن. جنھن سببان ائين مشھور ٿيو آھي.
مطلب:
53.1 مڪليءَ جي مقام ۾ دفن ٿيلن منجھ اڪثريت ٻاھران آيل عاشقن جي آھي.
54. مني، ڪوڀ ڪني. (چوڻي)
مني؛ چٻي يا مني نڪ واري عورت.
ڪوڀ ڪني؛ ڪک جي خراب، چڱو اولاد نه ڄڻيندڙ.
جيڪا عورت منھن مھانڊي ۾ موچاري ناھي، تنھن جو اولاد به شڪل شبيھ ۾ موچارو نه ٿيندو آھي.
مطلب:
54.1 ڪانءَ جو اولاد ڪانءُ ئي ٿيندو.
54.2 جنھن جي ظاھري شڪل/ صورت سھڻي ناھي، سو گڻن/ لڇڻن ۾ به چڱو نه ھوندو.
55. مينھن پنجين، وٺي ڪر ھنجين. (چوڻي)
مينھن پنجين؛ اھا مينھن جيڪا پنجون پيٽ ويايل ھجي.
وٺي ڪر ھنجين؛ ڀلي وٺي ڌارجي.
مينھن جلد ڪراڙي نه ٿيندي آھي. جيڪڏھن پنج پيٽ به ويايل آھي، تڏھن به وٺي ڌارجي. منجھانئس فائدو پوندو. ٻه يا ٽي پيٽ ويايي ته مُور ته موٽائيندي پر منافعو به ڏيندي.
مطلب:
55.1 گھر ۾ حلال مال ڌارڻ سان فائدو آھي.
56. نام پِٺي جو، گام ڏاتار جو. (چوڻي)
نام؛ نالو.
گام؛ گان، گائون، ڳوٺ.
پير پٺي جو نالو سلطان شاھ عالم آھي ۽ ڏاتار جو نالو جميعل شاھ ڏاتار آھي. ٻنھي بزرگن، ھڪ ئي ماڳ تي رھڻ جو معاھدو ڪيو ھيو. جنھن ۾ پير پٺي ڄام ڏاتار کي چيو؛ “نام ھمارا، گام تمھارا”.
ھاڻي درگاھ ۽ مقام جي مشھوري، پير پٺي جي نالي جي پٺيان آھي، جڏھن ته ڳوٺ جو نالو ڏاتار پٺيان آھي.
مطلب:
56.1 کوھي کنگھار جي، نالو نارائڻ جو.
57. نر ننگر، نار نصرپور، نرت نورائي،
ھلي ڏسو جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار آ جائي (چوڻي)
نر؛ مرد
نار؛ عورت
نرت؛ چڱي نيت
ننگر؛ ٺٽي جو اصلي ۽ قديم نالو
نصرپور؛ اڳي حيدرآباد ضلعي جو شھر ھيو ۽ ھاڻي ضلعي ٽنڊو الھيار جو شھر آھي.
نورائي؛ ٽنڊو محمد خان تعلقي جو ڳوٺ نورائي شريف
جُوڻ؛ بدين طرف واقع پراڻو شھر.
ٺٽو شھر، مردن جي علم ۽ سونھن سببان، نصرپور عورتن جي سگھڙائپ سببان، نورائي شريف چڱي نيت وارن جي ۽ جوڻ شھر ڪپھ جي وڏي ۾ وڏي واپاري مرڪز ھئڻ ڪري مشھور ھيا.
مطلب:
57.1 ڪي شيون، ڪن شھرن جي شھرت جو سبب به بنبيون آھن.
58. نيات آھي، گت گنگا. (چوڻي)
نيات؛ پنھنجي قوم.
گت؛ عادت، روش، رسم.
گنگا؛ ھندوستان جي ھڪ درياھ جو نالو. جنھن جي جل کي ھندو مذھب وارا پاڪ ۽ پويتر سمجھي، منجھس سنان ڪندا آھن ۽ پاپن کان پاڪ ٿيندا آھن.
پنھنجي قوم جي ماڻھن جي ھر اوڻائي برداشت ڪرڻ يا سھڻ گھرجي. سندن لاءِ گنگا نديءَ وانگر لاڀائتو ٿيڻ واري عادت ڌارجي. جيڪڏھن قوم جون اگلايون يا اوڻايون برداشت نه ٿي سگھن ته ماڻھوءَ کي برادريءَ مان نڪري وڃڻ گھرجي.
مطلب:
58.1 قوم جو دشمن نه ٿيڻ گھرجي.
59. واھ ڙي ٻاٻرا، تنھن جي ڀت ۾ گيھ (چوڻي)
ٺٽي ضلعي اندر، تعلقي شاھ بندر، تعلقي سجاول ۽ تعلقي ميرپور ساڪري جي ديھ ٻاٻڙڪي ۾ ٻاٻڙن جا وڏا ڳوٺ آھن.
شاھ بندر جي ٻاٻڙن واري ھڪ ڳوٺ جي ٻاٻڙي، سنگتين جي دعوت ڪئي، ڀت ۾ گيھ گھڻو وڌائين، جنھن تي سندس ڏاڍي تعريف ٿي، جيڪا ضرب المثل ٿي وئي.
ٻي روايت مطابق؛ ڀت ۾ موراڳو گيھ ئي نه وڌائين، جنھن تان ساڏين/ دعوتين ٽوڪيندي ائين چيس.
مطلب:
59.1 جيڪڏھن ڪنھن شاديءَ وغيره جي ڀت ۾ گيھ گھڻو استعمال ٿيل ھوندو آھي ته ان جي تعريف لاءِ اھي لفظ ڪتب آندا ويندا آھن.
60. واڻيو پنج نه سھي، پنجاھ سھي. (چوڻي/ پھاڪو)
پڪو دڪاندار پنج روپيا گھٽ ڪري، نقد تي وڪڻڻ کان، پنج روپيا چاڙھي اوڌر تي ڏيڻ لاءِ تيار ھوندو آھي. جنھن سبب سندس پنجاھ روپيا اوڌرن ۾ کاڄي ويندا آھن ۽ پوءِ کيس برداشت ڪرڻا پوندا آھن. جڏھن ته نقد سودي وارا پنج روپيا کانئس برداشت نه ٿيندا آھن.
مطلب:
60.1 واڻيو مال رکي ڪٺو ڪري، پنجاھ جو نقصان ڪندو، پنج روپيا ڪس کائي نيڪال نه ڪندو.
60.2 رکي پڇتائڻ کان، وڪڻي پڇتائڻ چڱو آھي.
61. وياھ وياڻي، پيرا پاڻي. (چوڻي)
وياھ؛ ويساک، ھندي ٻئي مھيني جو نالو.
وياڻي؛ ٽاڻي، صبح صادق يا پرھ-ڦٽيءَ جي مھل.
پيرا پاڻي؛ پير پسڻ جيترو پاڻي.
کاري جي طرف مشھور آھي ته ويساک جي مھيني ۾ صبح صادق يا پرھ-ڦٽيءَ مھل، درياھ مان پاڻي لاٿ ڪري ويندو آھي ۽ پيرن پسڻ جيترو مس وڃي بچندو آھي.
مطلب:
61.1 ويساک ۾، لاڙ طرف، پاڻيءَ جي کوٽ رھي ٿي.
62. وندر مٽي وانت، پوءِ ويري به مان جها ڀاءُ. (جتڪي، پھاڪو)
وندر؛ هنڌ يا ماڳ جو نالو، بلوچستان جو علائقو.
مٽي؛ لنگهي.
وانت؛ اُلھندي.
ويري؛ دشمن.
مان جها؛ منھنجا.
ڀاءُ؛ سڄڻ.
وندر جي علائقي کان اولھه طرف ٽپڻ بعد، دشمن به منھنجا ڀائر آهن. سسئيءَ جا ڏير، جيڪي سندس پنھل جا ڀائر هيا ۽ ساڻس دوکو/ دشمني ڪري ويا، سي وندر کان اولھه طرف جا رهاڪو هيا. وندر ٽپي وٽن پھچڻ کي ڀائرن وٽ پھچڻ پئي سمجهيائين.
مطلب:
62.1 اڻ ڏٺي ڏيھه تي وڃجي ته اتي جي رهاڪن کي ڀائرن وانگر سمجهجي، پوءِ ڀلي هو برايون ئي ڪن.
63. ويڄنئون وئي، ٿي وهيڻي سڄڻين (پھاڪو)
جڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي ۽ حڪيمن وٽان لادعوى ٿبو آهي، تڏهن سڄڻ ڏانھن رجوع ڪبو آھي. ائين ڪرڻ به ڄڻ پيش نه پوڻ برابر آهي. سڄڻن يا اصلي مالڪن کي، حڪيمن ۽ طبيبن وٽ تات پوڻ کان اڳي سارجي.
مطلب:
63.1 ٻيا در ڀيٽڻ کان اڳ، سڄڻ جو در ڀيٽجي.
64. وير مَ لاهي ويھُه، مٿي اَر اوڙاهه. (پھاڪو)
وير؛ دير، ويسلو.
مَ ؛ نه.
لاهي؛ ڪري.
اَر؛ درياهه جو وَيرُ.
اوڙاهه؛ اونھو، اٿاهه.
اڳيان درياهه جو اونھو وير پيو اچي، ويسلو نه ٿيءُ، متان ٻيڙو ڦاسائي بيھين.
مطلب:
64.1 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهجي، سستي ڪري ٽاڻو نه ٽارجي.
65. هورن هاڙهو لنگهيو، ڳؤرون پاسي ڳوٺ. (جتي، پھاڪو)
هورن؛ سورن، تڪليفن.
هاڙهو؛ جبل جو نالو.
ڳؤرون؛ نانگ بلائون.
سورن ۽ تڪليفن وارا، سسئي وانگر هاڙها جبل ۽ نانگ بلائون اورانگهڻ کان ڪين گهٻرائيندا آهن. سر تريءَ تي رکي، اوڙاهه ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ وڃي منزل مقصود تي پھچندا آهن.
مطلب:
65.1 هر حال ۾ محنت ڪرڻ گهرجي. هٿ هٿ تي رکي ويھي رهڻ نه گهرجي.


اميد علي سٺيو، ادا قيمت سنڌي اناج منڊي، ٽنڊو محمد خان. ھن پوري پھاڪي جي وضاحت کانئس خطن ذريعي ملي آھي. [1]

No comments:

Post a Comment