Thursday, April 13, 2017

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان؟
ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
چوڻيون، اصطلاح ۽ پهاڪا قومن جي تاريخ کانسواءِ، سندن نظرياتي بيهڪ ۽ رخن تي به روشني وجهندا آهن. چوندا آهيون ته ”رٺا ئي رهن، پر هجين حياتي.“ ڪيڏا نه سندر لفظ آهن ۽ اسان جي جذبن جي ڪيڏي نه سهڻي ترجماني ڪن ٿا. پر هنن لفظن ٻڌڻ سان نفسيات جي ماهرن جي اکين ۾ اوس ئي ڳوڙها اچي ويندا ۽ سمجهي ويندو ته هن قوم کي رسڻ کانسواءِ ٻيو ڪم اچي ئي ڪو نه ٿو. حقيقت به اها ئي آهي. رسامن اسان جي خوشين لاءِ رانوڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. مثال طور ٻارن جو طوهر ڪرايو يا شادي پر گهربل سامان وٺڻ کان اڳ رٺل مائٽ پرچائڻا پوندا. بس پٽڪي ميڙ هوندي، نياڻيون پيون رلائبيون. ڪو پرچندو ته ڪو رٺو ئي رهندو، ڀت ڪيو يا خيرات ڪريو، پوءِ ويهي ڏسو ته پاٽڙن مٿان پاٽڙا ڪيئن ٿا ڀڄن، ٽٽن. عيد ٿيندي ته اها همت ئي ڪا نه ٿيندي ته ڪنهن رٺل مائٽ يا يار جي در تي وڃي عيد مبارڪ ڏجي. ماڻهو منهن پٽائڻ بدران نماز پڙهي، چپ چاپ وڃي پنهنجي گهر پهچندو.