Sunday, June 24, 2018

محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار


محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڳي سياڻا چئي ويا؛ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. سياڻن جا قول، قوم جي صدين جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ ۽ وقت خواهه حالتن جو عڪس ٿيندا آهن. سندن انهيءَ چوڻي جو اولين مقصد هيو؛ عوام جي سوچن ۽ لوچن، نظرين ۽ قدرن جو قبلو درست ڪرڻ. ماڻهو جڏهن ملازمت وٺڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿو ته ان مان سمجهڻ گهرجي ته آزادي ۽ خودمختياري جي خوبيءَ جو گل هن جي ذهن جي زمين تي ڦٽي نه ٿو سگهي.

Monday, June 18, 2018

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري - مٺل جسڪاڻي


ٻاهر ٻاڦ نه نڪري!
مٺل جسڪاڻي
”لکي لکانو، پڙهي الهانو“، دل ۾ ڪير به نه ڪري، پوءِ لکڻ وارو سائين حيات علي شاهه بخاري هجي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر هجي، نُور سنڌي هجي، مٺل جسڪاڻي هجي، يا چاهي ڪير به لکي، ڇا به لکي، لکت سمجهه ۾ اچي، يا نه به اچي، پر ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“، ڪُڇندا ته ٻيو ڪو ڪم گهڻو ٿئي يا نه ٿئي، ايندڙ ڪالم تشبيهن ۽ استعارن سان ئي نه، اشارن سان پڻ ڀرپور هوندو، ڪُڇڻ واري سان گهٽ نه ٿيندي! صرف لکڻ پڙهڻ واري حوالي سان ئي ڇو؟ هر حوالي سان ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“، جيڪڏهن ٻاهر ٻاڦ نڪتي، ته پوءِ پاڻهي خبر پوندي ۽ اهڙي ته خبر پوندي، جو اوهان جي فائدي يا نقصان ۾ ڇو نه هجي، اوهان جي ئي معرفت، اها خبر نه صرف کاڌن کي پوندي، پر راڄن تائين پهچي، ڏيهن ۾ به مشهور ٿي ويندي!

Saturday, June 16, 2018

پھاڪن جي پروڙ جو تاريخي ۽ تجزياتي اڀياس -انجنيئر عبدالوھاب سھتو


پھاڪن جي پروڙ جو تاريخي ۽ تجزياتي اڀياس
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

شمس الدين تونيو لاڙڪاڻوي صاحب جو، ھيءُ رسالو ڪتابي صورت ۾، ايڇ احمد اينڊ سنس بڪ سيلرس ۽ پبلشرس شاھي بازار حيدرآباد سنڌ طرفان ڪرائون سائيز جي ۲۶ صفحن تي ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ڇپائيءَ جو سال ڪتاب ۾ ڏنل نه آھي. اندازو اھو آھي ته ھيءُ ڪتاب اوڻويھ سؤ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل آھي.
اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد ۴۵۲ آھي. ٽي داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ کان تعداد ۴۴۹ بيھي ٿو. در اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمپازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي. جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۳ وڃي بيھي ٿو.

Tuesday, June 12, 2018

گهاگهر منجهه ساگر - حسيب ناياب منگي


گهاگهر منجهه ساگر
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪرڻ واري روايت ته تمام گهڻي پراڻي آهي پر وچين دور ۾ ان حوالي سان ايترو خاص ڪم ئي نه ٿيو. ڇو جو پاڻ وٽ ته سوناري جو هيري سان رويي جهڙو مظاهرو رهي ٿو. اهڙي ماٺار کي محسوس ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ برجستي ڪهاڻيڪار انجنيئر عبدالوهاب سهتي اهو ارادو ڪيو ته پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪندس! اهو فيصلو نه صرف سندس سڃاڻپ جو سگهارو حوالو بڻيو، پر سنڌي ادب جي جهولي به سندس مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ جدوجهد سان سائي ٿي پئي آهي.

Monday, June 11, 2018

پل ۾ پاءُ، پل ۾ ماسو

پل ۾ پاءُ، پل ۾ ماسو
مٺل جسڪاڻي
پھاڪا ۽ چوڻيون، جُڙيون ته کن پل ۾، پر جيئريون آھن، ڄم کان ۽ سدا حيات به رھنديون.
”پل ۾ پاءُ پل ۾ ماسو“ به پُراڻي چوڻي آھي. پاءُ توڙي ماسو بابت نه ڄاڻندڙ به، اھا چوڻي سمجھن به ٿا، استعمال به ڪن ٿا. ان ھوندي به، ڪيڏي نه حيرت جھڙي حقيقت آھي، ته ڪيترا ئي ماڻھو پل جي نه، ڏينھن جي، رات جي، ڏينھن رات جي، ھفتي جي، مھيني جي، سال جي، صدي جي ڳالھه ڪندا آھن!
”ڪا نه گھڙي ڪھڙي“، ”ڪو نه پل ڪھڙو“، ”ڪا نه ويل ڪھڙي“، پوءِ به ڳالھه ڪندا ته صديءَ تائين جي به ڪري گذرندا آھن.

Sunday, June 3, 2018

پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو فرق سمجهڻ گهرجي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو


پهاڪي ۽ چوڻيءَ جو فرق سمجهڻ گهرجي
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
تازو هڪ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي هڪ ايم فل شاگردياڻيءَ ’پهاڪن جو سماجي ڪارج‘ تي سيمينار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. تياري نه هجڻ سبب سيمينار رد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت ڪندڙ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس، هلندڙ سيمينار جي وچ ۾ سوال ڪيو ته ”اوهان جو موضوع پهاڪن جي سماجي ڪارج تي آهي، ٻڌايو ته پهاڪي ’ٻه ته ٻارهن‘ جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟“ جواب مليو ته ”ٻه ته ٻارهن.“ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس وراڻيو ته ”ائين نه ٿيندو، تياري ڪري پوءِ اچو.“