Saturday, August 30, 2014

عقل وڏو يا مينهن؟ - مٺل جسڪاڻي

عقل وڏو يا مينهن؟

مٺل جسڪاڻي



اوهان وانگر آئون به ننڍي هوندي کان اهو سوال ٻڌندو پيو اچان ته ”عقل وڏو يا مينهن؟“.

اوهان وانگر ئي، آئون به ڪڏهن سوال جي جواب ۾ مُرڪي ٽارڻ جو منظر ڏسندو اچان، ته ڪڏهن وري عقل، يا ڪڏهن جواب ۾ مينهن ٻڌندو اچان. جيڪي جواب ۾ عقل چون، انهن تي به پڇندڙ ۽ ٻيا ٻڌندڙ کلندي نظر ايندا رهيا آهن، ته جن جواب ۾ مينهن چيو، انهن تي به ساڳئي ٽوڪ مسخري مون به پئي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي.

Tuesday, August 26, 2014

چوڻين جو استعمال - مٺل جسڪاڻي

چوڻين جو استعمال...

مٺل جسڪاڻي

چوڻين، اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن جو استعمال صحيح ٿيڻ گهرجي، نه ته انهن جي اهميت گهٽجي ۽ نيٺ ته ختم ٿي ويندي. مون کي سائين عبدالله جروار ڪجهه محاورا، اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا ياد ڏياريا، انهن تي مون طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان ڏسو، پڙهو، پنهنجي راءِ ڏيو، چوڻين جو ڪٿي غلط استعمال ته نه ٿيو آهي؟!
***
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
ٻڪر ٻوساٽ“ ٿا ڪن،
اڻ پڙهيل ڀي،
لکيل پڙهيل ڀي،
پنهنجا ڀي،
پراوا ڀي،
جي ٿا ڪڇون،
ڳالهايون ٿا سچ،
ٻڪر ٻوساٽ ٿا ڪن!
***