Saturday, May 28, 2022

ڪوھستان ۾ سڱاوتي ريتن جا اصطلاح

ڪوھستان ۾ سڱاوتي ريتن جا اصطلاح

سنڌو سنڌي



سڱ وٺڻ ۽ ڏيڻ جا دنيا ۾ ڪيترا ئي رواج آھن. جتي خانداني نظام آھي، اتي سڱاوتي ڪرڻ جا مضبوط قانون ۽ رسمون آھن. قبيلائي نظام جي مرڪز سنڌ جي ڪوھستان ۾ سڱاوتين جي رواج بابت تمام دلچسپ ڳالھيون ملن ٿيون. ڪوھستان ۾ گھر جو گھر ۾ سڱ ڪرڻ کي ڌارين مان سڱاوتي ڪرڻ کان وڌيڪ ڪارائتو سمجھيو ويندو آھي، جنھن لاءِ ھيٺيان رواج ۽ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مخصوص محاورا يا اصطلاح پڻ استعمال ٿيندا آھن:

Wednesday, May 25, 2022

اھڙو رھزن جو لوڌين کي ئي لام لڪڻ ڏئي.

اھڙو رھزن جو لوڌين کي ئي لام لڪڻ ڏئي.

(تشبيھ)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



لوڌ؛ ڊنب (خاص طور تي ڪتن جو)

لوڌڻ (مصدر)؛ تڙڻ، ڊيڪائڻ، لٺ کڻي پويان پوڻ.

لوڌي؛ لوڌي ڪڍندڙ، تڙي ڪڍندڙ، لٺ کڻي ڊيڪائيندڙ، لٺ سان لوڌيندڙ.

لوڌي؛ آسماني نکٽ ٽيڙوءَ جي پويان ٻه تارا ايندا آھن. منجھانئن ھڪڙو نيرو، نيلي تيلي روءِ، جنھن کي سھل يا ائٿ پڻ سڏبو آھي. ان سان ٻيلھي يا ٻيو لال لُڌو آھي. اھي ٻئي ان پوري نکٽ يعني ان ٽه-تار واري ھرڻ جا، لوڌي پڻ سڏبا آھن.

لوڌي؛ ڪتن جي لوڌ ڪاھي ھلندڙ.

فارسي؛ کارسي يا گهوڙي چاڙهسي

فارسي؛ کارسي يا گهوڙي چاڙهسي.

(سنڌ، چوڻي)

ارباب نيڪ محمد



سنڌ ۾ فارسي ٻولي جيتوڻيڪ هن وقت سقيم حالت ۾ هلي ويئي آهي پر ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن رومي کان ويندي فردوسي تائين فارسي جا قدآور شاعر تمام گهڻا مقبول هئا. مثنوي، سليبس ۾ شامل رهي آهي. شاهنامي کي به ديس دوستي لاءِ ڪتب پيو آڻبو هو.

Saturday, May 7, 2022

اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري

اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪري.

(سنڌ، چوڻي)

امتياز احمد عرساڻي



اتم کيتي، وڌندڙ واپار ۽ نيچ نوڪريءَ جي چوڻي ته اسان سنڌ واسين کي برزبان ياد آھي، ان بيان تي ھر ھڪ متفق به آھي، مگر ان جي تفصيل ۾ وڃي وضاحت ڪرڻ واري روش ھميشه سرسري رھي آھي. کيتي کي اتم ڇو ٿو چيو وڃي، واپار وڌندڙ ڇو آھي ۽ نوڪري نيچ ڪيئن آھي؟ جھڙا سوال حل طلب ان ڪري به آھن جو نوڪريءَ کي گھٽ سمجھيو ويندو آھي، پر تڏھن به ڪيترا ئي نوجوان نوڪريءَ کي ئي پنھنجي مستقبل لاءِ چونڊيندا آھن. ”کيتيءَ کي اپنائڻ، واپار کي پنھنجو ڪرڻ يا وري نوڪريءَ سان نڀائڻ“ مان اسان جي اڪثريت جو نوڪريءَ کي پسند ڪرڻ پٺيان ڪھڙو منطق لڪل آھي؟ اچو ته ان جي کوج ڪري ڏسون ته کيتي اتم ڇو آھي؟ واپار وڌندڙ ڪيئن آھي ۽ نوڪري نيچ ھئڻ باوجود ھر آئيندي جي ضرورت ڇو بنجي پئي آھي؟

Tuesday, May 3, 2022

پهلا پهر سڀ ڪوئي جاڳي

پهلا پهر سڀ ڪوئي جاڳي، دوجا ڀوڳي هوءِ،

تيجا پهر تسڪر جاڳي، چوٿا روڳي هوءِ.

(ھندي، دوھو)

 


رات کي چئن حصن ۾ ورھايو ويو آھي. ھر حصو ٽن ڪلاڪن جو آھي ۽ ھر ھڪ کي پھر سڏيو ويو آھي. مٿئين دوھي ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پهرئين پهر ۾ هر ڪو ئي جاڳندو آهي. ٻئين پهر ۾ شهواني خواهشون رکندڙ جاڳن ٿا. ٽئين پهر ۾ چور ۽ ڪاٽڪو جاڳندا آهن ته جيئن واردات ڪري سگھن. جڏھن ته چوٿين پهر ۾ انھن جو آرام ڦٽل ھوندو آھي، جيڪي بيمار ھوندا آھن.

 

مطلب:

رات جي پوئين پھر ۾ بيمارن جي ئي ننڊ ڦٽل ھوندي آھي.


Sunday, May 1, 2022

دھل وڄي، دوسو بيھي.

دھل وڄي، دوسو بيھي. (ساھتي، پھاڪو)

(مشهور پھاڪي جو ڪردار؛ دوسو ماڇي)

انو سولنگي



دوست محمد دوسن/ دوسو، ذات جو ماڇي (سولنگي سردار به سڏائيندو ھو) اصل ڳوٺ کاھ جاگير، لڳ درٻيلو، ضلعو نوشھروفيروز جو ويٺل ھو. ٺاروشاھ ۾ گهڻو ڏسبو ھو. ظريف، خوش طبع، رلڻو ملڻو ۽ سھپ وارو انسان ھو. پنهنجي ڳوٺ کاھ جاگير لاءِ چوندو ھو؛

جيڪو وڃي کاھ، تنھنجو نالو ئي کڻي لاھ!

سندس شخصيت ضرب المثل بڻجي ويل آھي. اڄ به چوندا آھن؛ دھل وڄي، دوسو بيھي؛ کوڙو ئي نٿو لڳي.


مرڻ گھڙي تائين، دھل ۽ دوسو، لازم ملزوم رھيا. دھل جي ناتي سان زياده تر سڃاتو ويندو ھو. پاڻ ڪو دھل ڪو نه وڄائيندو ھو. دھل مان مراد، شاديءَ جو دھل جتي وڄندو، ٺڪ وڃي پڄندو ھو. پڇبو ھيس؛ ”دوسو! ڏي خبر! ڪيئن پھتين؟“ چوندو هو؛ ”دعوت پھتي ته دوسو به اچي پھتو! ڪاڄ ڌڻين کي جن نه ڪن.!! سو سوچيم سڏ ڀري اچان! ٻيو مڙئي خير!“

دوسوءَ جا ڪن ايڏا سرلا جو ڪوھن ۾ دھل جو آواز سڻي وٺندو ھو. ست راڄين ۾ ڪاڄ جو پھريون ڄاڃي دوسو ھوندو ھو. دوسو پھتو ته مٿس ميڙا ھوندا ھئا. ڪير سندس ٻٽاڪون ٻڌي! چوندو ھو؛ ”نيون جيپون ڊوڙائي ڊوڙائي مال جا آھورا ڪري ڇڏيا اٿم. ست راڄي جو سردار آھيان. پنجاھ مينھون ڏوڌ تي ڏنل اٿم. پرواھ آھي ڪو نه.“

دوسوءَ جون خبرون، پري پري پيون ھلنديون. مڙس مڙئي مڻيادار ھو. قداور، ڪڻڪ رنگو، ججھي سلوار تي پھراڻ، صدري يا ڪوٽ سان، مٿان پٽڪو يا ترڪي ٽوپي؛ سندس پسند جي پوشاڪ ھوندي ھئي.

اھڙا خوش طبع ۽ کلڻا ملڻا ڪردار، تاريخ ۾ مثال بڻجي ويندا آھن. سندس ذڪر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جي پي ايڇ ڊي واري ڇپيل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ طنز مزاح“ ۾ پڻ شامل آھي.

دوسو، پنجاھ واري ڏھاڪي ۾ رحلت ڪئي. جڏھن ته سندس ڪوڙ، ڊاڙون ٻٽاڪون ۽ پھاڪا اڄ به زنده آھن.

 

مطلب؛

۱. دھل وڄي ۽ دوسو نه نچي؛ اڻ ٿيڻي ڳالھ!

۲. دھل وڄي ۽ دوسو بيھي؛ کوڙو ئي نٿو لڳي.

۳. دھل جي وڄڻ سان، دوسوءَ جو نچڻ لازمي آھي.

۴. پاڻ ۾ ٻه لازم ملزوم شيون.

۵. دوسوءَ جي نچڻ سان دھل جو وڄڻ مشروط آھي.

۶. ھڪ شيءِ يا واقعي جي رونما ٿيڻ سان، ساڻس ٻئي واقعي جو وقوع ۾ اچڻ لازم ھجي ته ائين مثال ڏبو آھي.

 

(انو سولنگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)