Wednesday, March 27, 2013

سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه


سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا
نور افروز خواجه


هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن. پر حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان، الڳ شيون آهن. جيئن ته حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي، تنهنڪري سماجي سچائي هر طرح، اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن ٿيون؛ سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن، ۽ ڪن خاص مقرر ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال، هڪ واقعي جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سماج اندر ٻولي به پاڻ منجھ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي/ وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري، جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾ جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري هر دور ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري حقيقت ۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن، حقيقتن، سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.

Friday, March 22, 2013

ساھتي پرڳڻي جا اصطلاح ۽ پھاڪا - ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

ساھتي پرڳڻي جا اصطلاح ۽ پھاڪا
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي

ساهتيءَ جا خاص اصطلاح ۽ ورجيسون

(الف) ‘ڊڀري جو ڪمي’ معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ’ڊڀرو‘ جنهن کي ’درٻيلو‘ به چون، سو ڪنڊيارو تعلقي ۾ آهي.
(ب) ‘پنجوءَ جي پَڻ ساڻ هڻڻ’ معنيٰ “واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ”. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو) هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.
 (ج) ‘پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي پيا آهن’، يعني ‘ٻارهوئي کوٽ اٿس (پئسو کپيس)’.

Thursday, March 21, 2013

گڏهه بطور انتخابي نشان - نويد اڄڻ


گڏهه بطور انتخابي نشان!
نويد اڄڻ - کهڙا (گمبٽ)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوھي ئي نه ڪري“. ظاهري طور گڏهه هڪ سادو سودو ۽ عام جانور آهي. اسان روزانو زندگيءَ ۾ گڏهن کان ڪيئي ڪم وٺندا آهيون. گڏهه ماڻهن جي ايترو ته چوڻ ۾ هوندا آهن، جو هو انهن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائيندا آهن. اگر ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڏهن گڏهن کي هلائي مٽي ڍوئي ٿو ته ڀلي هو آخري گڏهه تي ويٺل ڇو نه هجي پر پوءِ به مجال آهي جو پهريان ۹ گڏهه، ان جي حڪم کانسواءِ رستي تان ٿِڙن. ان کان علاوه ڪافي ماڻهو پنهنجي پيٽ گذر لاءِ گڏهه گاڏو هلائيندا آهن، هو انهن کي گاڏين طور استعمال ڪندا آهن. بهرحال گڏهن جي اسان جي زندگي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، ڪجهه ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪا نه ڪا مشابهت ضرور هوندي آهي. ڪجهه ماڻهو ايترا ته سادا هوندا آهن، جو ڀلي ڪير انهن تي ڪيترو به تشدد ڪري، پر مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍن. بلڪل گڏهه وانگر خاموش رهي، تشدد برداشت ڪندا رهندا آهن. ارسطو به شايد تڏهن ئي چيو هوندو ته، ”انسان هڪ سماجي جانور آهي“. گذريل چند سال پهريان گڏهه جي ايتري ته عزت ٿي هئي جو آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ ۾ گڏهه اليڪشن جي نشان طور استعمال ٿيڻ لڳو.