Friday, January 31, 2020

بيوقوف قلابازين ۾ خوش


بيوقوف قلابازين ۾ خوش
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Image result for the monkey jumping on the shoots of trees"
ھڪڙي ٻڪرار کي، شھر وڃڻو ھيو. سوچيائين؛ ”شھر وڃان ته سھي پر ٻڪريون ڪنھن جي حوالي ڪري وڃان؟“ ان ٻڏ تر ۾، ھيڏي ھوڏي پئي واجھايائين ته ھڪڙي لنگور جي مٿس نظر پئجي وئي، جنھن کانئس پڇيو؛ ”اڙي يار! ڪنھن کي ٿو ڳولين پيو؟“
”يار! مون کي بازار وڃڻو آھي. اچانڪ ھڪڙو ڪم ياد پيو اٿم.“ ٻڪرار کيس دل جي مدعا ٻڌائيندي چيو؛ ”ڏسان پيو ٿو ته ڪو ھمراھ ملي وڃي، جيڪو شام تائين ڌڻ جنھگ ۾ چاري ته مان شھر جو ڪم لاھي ستت موٽ ڪيان.“

Tuesday, January 14, 2020

ڪجھ ادبي اصطلاحن جون آسان سمجھاڻيون - ظھير لغاري


ڪجھ ادبي اصطلاحن جون آسان سمجھاڻيون
ظھير لغاري
هر فيلڊ جي پنهنجي هڪ مخصوص لغت هوندي آهي، جيڪا پروفيشنل يا انهي فيلڊ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ئي سمجهندا آهن. ادب جي به هڪ دنيا آهي، جنهن جي پنهنجي زبان آهي. سو حاضر آهن، ادبي ٻوليءَ جا ڪجهه اصطلاح ۽ انهن جي آسان سمجهاڻي.
پبلشر جو نوٽ:
ڪتاب جي پهرين پني تي هڪ اهڙي تحرير پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن ۾ اڪثر اهو تاثر ڏنل هوندو آهي ته ادارو هي ڪتاب ڇپائڻ ۾ سرهائي محسوس ڪري رهيو آهي. پوءِ ڀلي پبلشر “نوٽ” وٺي اهو ڪتاب شايع ڪري، ان جي خبر ته مطالعي کان پوءِ پوندي ته، هائو ٻيلي! پبلشر کي واقعي به اھڙو ڪتاب شايع ڪندي سرهائي محسوس ٿي هوندي.

Sunday, January 12, 2020

پھاڪن پچار - غلام علي چنا


پھاڪن پچار
(پھاڪي ۽ اصطلاح منجھ فرق)
غلام علي چنا
دنيا جي ٻولين ۾ پھاڪا، چوڻيون يا ضرب المثل ملن ٿا. پھاڪن جي وقت سر استعمال ڪرڻ سان نه رڳو لکڻ يا ڳالھائڻ ۾ زور پيدا ٿئي ٿو پر پھاڪا، لکڻ يا ڳالھائڻ کي دلڪش ۽ دلچسپ بڻائڻ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا.
ٻين زبانن وانگر، سنڌيءَ ۾ به پھاڪن جو وافر ذخيرو موجود آھي. سنڌي ھڪ مخلوط زبان آھي. تنھنڪري منجھس عربي، پارسي، ھندي ۽ سرائيڪي پھاڪا به مروج آھن، جي بي ڌڙڪ استعمال ۾ پيا اچن. پھاڪا، دراصل اسان جي وڏڙن جي تجربن جو نچوڙ آھن. جيئن جنھن کي تجربو ٿيو، تيئن تنھن ان جي روشنيءَ ۾ جا پنھنجي راءِ ڏني، سا مشھور ٿي وئي. ماڻھو ان کي استعمال ڪرڻ لڳا ۽ اھو پھاڪو چوايو.