Friday, June 24, 2022

ڪوھستانيءَ جا ڪجھ ٻولَ

ڪوھستانيءَ جا ڪجھ ٻولَ

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوھستاني لھجي جي مِٺي ٻوليءَ جا ٻولَ!

سنڌو سنڌي



سنڌي ٻوليءَ جو ڪوھستاني لَھجو لفظن جي ذخيري ۾ وڏو شاھوڪار لھجو آھي، جنھن ۾ مختلف لفظ ملن ٿا. جن ۾ رُکا، تِکا، ڪَڙا، کارا ۽ ڪَڙَڪ لفظ ملڻ سان گڏ ڪجھ پيارا مٺڙا لفظ به ملن ٿا، جن کي ھن پَٽ ۾ ”مِٺي ٻولي“ چون ٿا. اھو ئي سبب آھي ته ڪوھستاني ماروئڙن جي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ جي انداز ۽ لفظن جي مِٺاس ھن تَر ۾ ڏاڍي مشھور آھي. مونکي به مائٽن اھا سُتي ڏني، جنھن ڪري آئون سدائين سنڌ توڙي پنجاب گھمندي، سنڌي ٻولي ئي ڳالھائيندي آھيان، جنھن ۾ ٻين لھجن کان وڌيڪ سولو ۽ مٺو ڪوھستاني لھجو مونکي ڳالھائڻ ۾ بھتر لڳندو آھي، جنھن ڪري آئون ان ئي لھجي ۾ ڳالھائيندي آھيان. ان ڳالھ جو گواھ جسارت الياس جوکيو پڻ آھي، جيڪو پاڻ ڪوھستاني لھجي تي تحقيق ڪري رھيو آھي. ان ڏَس ۾ سندس ليک سنڌ توڙي ھند جي معياري رسالن توڙي اخبارن منجھ ڇپجندا رھن ٿا. جن تي ٻوليءَ جا وڏا وڏا ماھر به سندس ساراهه ڪندا آھن. مون ساڻس ڪچھريءَ ۾ گھڻو ڪجھ سِکيو آھي، سندس پاران ٻڌايل طريقي تي ھيءُ ليک لکان پئي، جنھن ۾ ڪوھستاني لھجي جي مٺن لفظن وارن اصطلاحن کي بيان ڪريان ٿي. ياد رھي ته ھن مضمون جي سٽاءُ جو طريقو منھنجي علمي ادبي استاد جسارت الياس جوکئي جو ٻڌايل آھي، پر ھي اصطلاح مون پاڻ ڪوھستاني عورتن سان ڪچھري ڪندي يا خود پنھنجي ڳالھائڻ دوران نوٽ ڪري لکيا آھن. اچو ته پاڻ انھن کي پڙھون.