Monday, January 31, 2011

ٻن لفظن تي مشتمل چوڻيون ۽ پھاڪا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ٻن لفظن تي مشتمل چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت آهن. انهن جو سٽاءُ اهڙو ته پرڪشش ۽ دلپذير ٿئي ٿو جو جملي کي زيبائتي ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. موقعي جي نسبت سان استعمال ٿيل پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪدم دل تي تمام گهڻو اثرانداز ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ کي جهٽ ياد ٿيو وڃن. دل کي عجيب قسم جو سرور بخشڻ سان گڏوگڏ، مٿس عجيب ڪيفيت اڪيري ٿا وڃن. ڇاڪاڻ ته اهي چوڻيءَ جي چوڻي ۽ نصيحت جي نصيحت هوندا آهن.
اهو عام مروج گفتو، جملو يا ٽوڻو، جيڪو عوام ۾ مقبول ۽ مروج هجي، عوام جو پنهنجو هجي. عوام جي زبان ۾ هجي، جنهن ۾ ڪنهن شاعر، ٻهڳڻ يا سگهڙ جو نالو نه هجي ۽ نه تخلص هجي ۽ جيڪو زماني کان وٺي عوام ۾ سيني به سيني هلندو آيو هجي، تنهن کي پهاڪو يا چوڻي چئبو آهي. اهو پنهنجي هيٺين خاصيتن جي ڪري، ڪوزي ۾ بند درياهه جي مثل هوندو آهي.
* ٿورَ-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
* وِيچارن جي گهرائي.
* لوڪَ/ عوام ۾ انهيءَ جو پرچار.
دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن جو گهڻو ڪري ننڍڙو روپ هوندو آهي. اهي ڪنهن لساني سماج ۾ مروج استعمال هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن پهاڪو وڏو هوندو ته اهو ڪنهن مقرر روپ ۾ ماڻهن کي ياد نه رهندو. ان ڪري انهيءَ جي ڦهلاءَ ۽ پرچار ۾ به رڪاوٽ پوندي رهندي. انهيءَ ڪري ٿور-اکرائي يا اختصار، پهاڪي جي هڪ مکيه وصف آهي. سنڌيءَ ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙا جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ، ٻه لفظ ضرور استعمال ٿيل آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ تي مشتمل پهاڪو نظر نه ٿو اچي. اهي جملا ضرور آهن پر اهي پهاڪا نه آهن. مثال طور اچ! کاءُ! واهه! شاباس! هيڏانهن وغيره. اهي پنهنجي مفهوم مان مڪمل جملا آهن. نموني طور هتي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل آهن. وضاحت لاءِ هم معنى پهاڪا به ڀراء طور هيٺان ڏنا ويا آهن.

متن
1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(
اتاولو؛ اٻھرو، تڪڙو
باولو؛ پاڳل، چريو
اٻھري ۽ تڪڙباز ماڻھوءَ کي پنھنجي مطلب کانسوا ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي آھي. ٻين جي غرضن جو خيال نه ڪندو آھي. پنھنجي غرص کي ھر شي ۽ معاملي تي مقدم رکندو آھي. جنھن سبب ٻين جي نظرن ۾ حقير ۽ چريو ٿي پوندو آھي.
مطلب:
1.1 تڪڙي ڪتي، انڌا گلر
1.2 تڪڙ ڪم شيطان جو.
1.3 تڪڙو ماڻھو ٻه ڀيرا ھنگي.
2. اٺو، مٺو. )ھندي، چوڻي(
اَٺو: اٺون مھينو پيٽ.
مَٺو: ڏکيو، اھنجو، نڀاڳو
ھندن منجھ، ڪنوار جو پھريون سوانجو يا ويم ھميشھ پيڪا ڪرائيندا آھن. سندس کاڌِ خوراڪ جو خرچ ڀريندا آھن. باقي ٻيو خرچ ساھرا ڀريندا آھن.
ٿري ھندن ۾، ھريجنن وٽ به ڪنوار کي پھرئين پيٽ تي مائٽ گھر وٺي ايندا آھن. جڏھن ستون مھينو ھلندو آھي، تڏھن ڪنوار جو ڀا، ساھرن کان موڪل وٺي، کيس گھر وٺي ايندو آھي. اٺين )۽ ڪن جاين تي ڇھين( ۾ ڪونه ڪوٺين. ڇو ته اٺون )۽ ڇھون( مھينو نڀاڳو سمجھن ۽ چون؛ “اٺو، مٺو” يا چون؛ “اٺو ۽ ڇٺو، آھن مٺو.” پو وري نائين مھيني ۾ وٺي ويندا آھن. جيڪڏھن گھڻو وقت ٽڪائڻو ھوندو اٿن ته پنجين مھيني تي به وٺي ويندا آھن.
)ڏسو؛ بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ، ص ٩، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، سال ٢٠٠٣ ڇاپو ٻيو.(
مطلب:
2.1 ويم واري عورت لا ڇھون مھينو ۽ اٺون مھينو ٻاھر نڪرڻ لا نڀاڳا سمجھيا ويندا آھن.
3. ان، ايمان (چوڻي، سنڌ)
ان يا ماني کائڻ سان قرار جي ننڊ اچي ٿي. ان ۾ نشو به آھي ته طاقت به. دماغ به صحيح ڪم ڪري ٿو ته ماڻهو ماڻهپي ۾ به رهي ٿو. سڪون ۾ رهڻ ئي ايمان ۾ رهڻ جي علامت آهي.
مطلب:
3.1 انّهٰ، ايمانهٰ
3.2 ان ته ايمان، بک ته بي ايمان.
4. انب، ڏنڀ )لاڙي، چوڻي(
انب تيستائين کائڻ ۾ سوادي نه ٿيندو جيستائين، پال ۾ گرم نه ڪجيس. پال جي گرمي يا ڏنڀ، کيس سوادي ڪري ٿي.
مطلب:
4.1 تڪليف ئي ماڻھوءَ کي سڌاري ٿي.
5. انڌو، انوماني. (سرو، چوڻي)
اکين جو انڌو هجي يا اندر جو انڌو هجي. ان جو مثال، انومانيءَ/ گمانيءَ جهڙو آهي. سندس دل ۾ جيڪو به انومان ويٺو، ان تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهندو، پوءِ نتيجو، ڀلي ڇا به نڪري.
مطلب:
5.1 انڌو اکين سان نه ڏسڻ سبب ھر معاملي ۾ شڪ، گمان يا انومان ڪندو آھي.
5.2 انڌو دوزخي، ٻوڙو بھشتي.
5.3 اسي گڻ انڌي ۾، سؤ ستر ڪاڻو، مُلھ ڏيئي ناڻو، مارائجي منڊي کي.
5.4 ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو جي ساماڻو ته مڙني ماٺ ڪئي.
5.5 شيرو ٻلو شاھ جو، ڇا ساھ آھي گنجي جي ماءُ جو.
6. انڌو، اونڌو (سرو، چوڻي)
انڌ جي گهوڙي تي سوار ماڻهوءَ جا ڪم، سدائين اونڌا هوندا آهن. جيڪو به ڪم ڪندو، اونڌو ڪندو. يا سندس ڪيل ڪم مان نتيجا ابتا/ اونڌا پيا نڪرندا آهن. اکين جي انڌائپ ته هڪ معذوري آهي پر اندر جي انڌائپ کي، علم جي روشنائيءَ سان دور ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي.
مطلب:
6.1 جيئن اونڌو ماڻھو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگھي تيئن انڌو پڻ نه ٿو ڪري سگھي.
7. انسان، نسيان (چوڻي، پنجابي)
نسيان، ڀل ڪندڙ. نسئ عربيءَ ۾ وساري ڇڏڻ کي، پنجابيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ کي چئبو آهي. انسان خاڪ جو پتلو آهي، کانئس ڀل چُڪ ۽ خطا اوس ٿيڻي آهي.
مطلب:
7.1 انسان ته نسيان.
7.2 انسان، اونڌي کوپڙي.
7.3 انسان خاڪ، پاڻي پاڪ.
7.4 انسان، ڪاري مٿي جو مالڪ آهي.
8. انُ، نور (چوڻي، سنڌ)
انَّ يا روزيءَ کي به اڄ ڏينهن تائين، نور ڀٽاري جي حيثيت آهي. اڄ به ٻهراڙيءَ جا سادا ماڻهو، ماني کائيندي ڪنهن ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ قسم کڻندا آهن ته مانيءَ تي هٿ رکي وري اکين تي رکندا آهن ۽ چوندا آهن، “هيءَ روزي آهي ۽ نور ڀٽارو آهي، ان جو قسم ته .........”
مطلب:
8.1 ان سان ايمان جي روشني نصيب ٿئي ٿي.
8.2 ڀيٽيو؛ ان، ايمان.
9. بسياري، خواري (چوڻي، فارسي)
گهڻو کائڻ يا هٻڇ ڪرڻ، بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا. گهڻي کائڻ سان بي برڪتائي ٿئي ٿي. هوش و حواس گم ٿين ٿا ۽ ماڻهو وڦلڻ لڳي ٿو. صحت به خراب ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڊاڪٽرن وٽ گهڻو ڌن لٽائڻو پوندو آهي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪنگلو ٿيندو ويندو آهي.
مطلب:
9.1 گهڻي هٻچ، گهڻو فساد.
10. بکيو، ڏکيو. )لاڙي، پھاڪو/ چوڻي(
بکيو ماڻھو، پنھنجي پيٽ کان مٿي ڪنھن ڳالھ لا نه سوچيندو آھي ۽ نه ئي وري کيس ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ئي ايندي آھي. جنھنڪري ٻين لا معاملي فھميءَ ۾ ڏکيو ھوندو آھي.
مطلب:
10.1 بکيو گدڙ، شينھن سان گڏ کائي.
10.2 بکيو، ڏکيو ھوندو آھي.
10.3 بکيو ماڻھو، سرڪار کان به ڏاڍو.
11. بندرو، شيطان (عربي، چوڻي)
بندرو ماڻهو جيترو مٿي هوندو آهي، اوترو هيٺ هوندو آهي. ان جو جسم ايترو نه هلندو آهي جيترو دماغ هلندو اٿس.
مطلب:
11.1 بندرو ٻڌي سندرو، ڪير به نه پڄيس.
11.2 بندرو ٻڌي سندرو، شيطان به نه پڄيس.
11.3 کل قصير شيطان الا علي (عربي، قول)
11.4 حضرت علي رضه کان علاوه، هڙ بندرا شيطان آهن (عربي، چوڻي)
11.5 Shortest is devilish
11.6 ڀيٽيو؛ ڊگھو، بي وقوف.
12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)
انسان، مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي. مٽي به کڙڪندڙ ۽ ڪني ٿيل. ان ڪري سندس هرعمل ۾ رياءَ، ڪوتاهيءَ ۽ سستيءَ جي آميزش رهڻ، فطري مجبوري آهي. چڱو ڀلو وڳو پائڻ کان پوءِ، لاهڻ وقت به بدبودار ٿيو وڃي، سٺو سڦرو، خوشبودار کاڌو کائڻ کان پوءِ، پيٽ ۾ غلاظت جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو. چڱو فعل ڪرڻ کان پوءِ، ان ۾ به رياڪاري رهجيو وڃي. انسان کي رياءَ/ تڪبر/ وڏائيءَ جهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
مطلب:
12.1 انسان، خطائن سان ڀريو پيو آھي.
13. ٻاجھر؛ ساجھر. (سنڌ، چوڻي)
ٻاجھريءَ جي پوک آڳاٽي ٿلي ڄاپندي آھي. دير سان پوکيل، ٻاجھريءَ جو فصل، نه انُّ چڱو ڪندو ۽ نه ڪانو يا ڪڙٻ چڱي ھوندس.
مطلب:
13.1 اولاد، جوانيءَ جو يا آڳاٽو، چڱو ھوندو آھي.
14. ٻار، بادشاهه (سنڌ، چوڻي)
بادشاهه پنهنجي هر حڪم جي تعميل چاهيندو آهي. ٻار به پنهنجي هر حڪم جي تعميل چاهيندو آهي. بادشاهه هر حڪم ڏيڻ کان پوءِ، نتيجن تي نظر نه ڪندو آهي. ٻار به پيءُ جي ڪمائيءَ وغيره کي خاطر ۾ نه آڻيندي وڏيون فرمائشون ڪندو آهي. ٻئي ضد تي چڙهڻ کان پوءِ لهندا ناهن، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.
مطلب:
14.1 ٻارن جا به بادشاھي خيال ھوندا آھن.
15. ٻج: نج. (سنڌ، چوڻي)
جيئن زمين کي طاقت وٺائڻ لاءِ منجھس ڀاڻ جو وجھڻ ضروري آھي، تيئن سٺو فصل کڻڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج ڇٽڻ لازمي آھي. سٺي فصل لھڻ جو دارومدار ٻج تي آھي. ٻج اصلي يا نج ھوندو ته فصل به ڀلو ڄاپندو. مجموعي پيداوار به وڌيڪ ھوندي ۽ ان ۾ گند به نه ھئڻ برابر ھوندو. ٻج نقلي يا ڪسو ھوندو ته فصل به ڍلو يا ڪسو ڄاپندو. مجموعي پيداوار به گھٽ ھوندي ۽ ان ۾ گند به تمام گھڻو ھوندو.
مطلب:
15.1 فصل اھو ڀلو ٿيندو، جنھنجو ٻج اصلي ھوندو.
15.2 جھڙو ٻج، تھڙو ڦر.
15.3 جنھن جو بد بنياد، تنھن جو ميوو ئي برباد.
15.4 ڪانڊيري منجھان ڪنڊا ٿيندا، ڪڻڪ نه ڄاپندي.
15.5 ڪلر منجھان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جر.
15.6 ڀت آئري تي ويندي آھي.
16. ٻُڌِ: سِڌِ. (سنڌ، چوڻي)
ٻڌ: بڌ، بدھ، ٻدھر، ٻڌر، اربع.
سڌ: سڌو ٿيڻ، سر ٿيڻ، پورو ٿيڻ.
ھندن جي عقيدي مطابق ٻڌر وار يا اربع جي ڏينھن تي شروع ٿيل ڪم پايهءِ تڪميل کي ضرور پھچندو آھي. تنھن ڪري ان ڏينھن ڪم شروع ڪرڻ کي سٺو سؤڻ سمجھيو ويندو آھي ۽ اھا اميد گھري ھوندي آھي ته اھو ڪم نيٺ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پڄندو.
مطلب:
16.1 نه سدھ بدھ کي لي اور نه منگل کي لي، نکل گھر سي بس راھ جنگل کي لي. (اردو شعر)
17. ٻسر، ٻسٽ. (سنڌ، چوڻي)
ٻِسَر: اھو ٻار جنھن جو پي ھڪ نسل مان ۽ ما ٻئي نسل مان ھجن.
ٻِسَٽ: ٻئي پاسا ڀڃندڙ، ڌوپار، اڻ ٽر. ڪنھنجي چئي ۾ نه. جنھجو پير مرشد نه ھجي.
ٻسر، ڪراس بلڊ ھئڻ جي ڪري، ذھين ۽ چالاڪ ٿيندو آھي. ھر ڏکيو ڪم سولائي سان ڪري ويندو آھي. صحت ۾ ٺيڪ ھوندو آھي. ڪو به جسماني عارضو ڪو، گھڻي ڀاڱي ڪو نه ھوندو اٿس.
مطلب:
17.1 ٻئي نسل مان شادي ڪرڻ واري جو اولاد، چست ۽ چالاڪ ٿيندو آھي.
18. ڀاڙي، ڀاڙيو (سرو، چوڻي)
ڀاڙي: بزدل، ڊڄڻو. ڀاڙيو؛ ڀاڙيت، ڀاڙِ يا ڀاڙي تي پلجندڙ.
ھر ڪم دليريءَ سان ڪبو ته وقت تي پورو ڪري سگھبو. بزدل ٿبو ته نه ئي ڪم شروع ڪري سگھبو، نه ئي پورو ڪري سگھبو. ڊڄڻو، بزدليءَ سبب، ڪو به ڪم نه ڪندو آھي ۽ ڀڄي ويندو آھي. گذر سفر لا، ٻين تي ڀاڙيندو آھي.
مطلب:
18.1 ڪانئر ۽ بزدل، ٻين جي ڪمائيءَ تي پلبو آھي.
19. ڀاڙي، ڀڄڻو (سرو، چوڻي)
ڀاڙي؛ ڊڄڻو، ڀاڙ کائڻ وارو.
ڊڄڻي ۽ ڀاڙ کائڻ واري وٽ ڪوبه مستقل دليل نه هوندو آهي. جنهنڪري حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندو آهي. ڪنهن به معاملي کي سلجهائڻ لاءِ اکيون اکين ۾ کپائي مضبوطيءَ سان هٿ وجهي بيهي پير کوڙي نه سگهندو آهي ۽ پڇ پائي ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجهندو آهي.
مطلب:
19.1 بزدل ماڻھو ھر ڪم مان جلدي ھٿ ڪڍي ويندو آھي.
20. ٺاري، کائجي. (سرو، چوڻي)
ھر معاملو، ٿڌائپ سان حل ٿيندو آھي. جيتري تڪڙ ڪبي، اوترو بجا، سلجھڻ جي الجھندو ويندو آھي. تنھنڪري ڪنھن به معاملي ۾ اٻھر نه ڪجي. ڪنھن به ڪم ڪرڻ لا موقعو ھٿ اچي ته ٿڌائپ سان ڪجي. جھاٽڪو نه ڪجي. بلڪ ٺاري ٺاري کائجي.
مطلب:
20.1 ڌيرج سان ڪيل ڪم جلد اڪلائجي ٿو.
21. پڇڙي، بڇڙي (چوڻي، سنڌ)
هر شيءِ جي پڇاڙي خراب ٿيندي آهي، چاهي اها ميلي جي هجي، دوستيءَ جي هجي يا واٽر ڪورس جي پڇڙي هجي. پڇڙيءَ ۾ هر شيءِ گهٽ پهچندي آهي، جنهن سبب ويڙهاند ۽ گونهاندي ٿي پوندي آهي.
مطلب:
21.1 نانوائيءَ جي اڳياڙي، ڪاسائيءَ جي پڇاڙي ڀلي.
21.2 آفيسر جي اڳياڙي خراب، گھوڙي جي پڇاڙي خراب.
22. پلو، تپلو. (ٿري، چوڻي)
تپلو؛ گرم
پلو؛ جھنگلي ٻيرين جا سڪل پن.
ڪنٺي واري علائقي ۾ ڏھر جي ٻنين ۾ جھنگلي ٻيريون گھڻيون ٿينديون آھن. ٻنين ڇٽڻ وقت، نومبر جي پڇاڙي ۽ ڊسمبر ڌاري وڍي، ھلڪا ھلڪا ڍڳ ڪندا آھن، جن کي پاھِي/ ڀينٽ چوندا آھن. چوٿين ڏينھن پاھيءَ کي، ڏاڍيري زمين تي ڪٺو ڪري، ھلڪا ھلڪا ڌڪ ھڻندا آھن ته پن سڀ ڇڻي پوندا آھن ۽ باقي ڊينگھر بچندا آھن، جيڪي جدا ڪري ڇڏبا آھن ۽ گھرن لا لوڙھي جي طور ڪتب ايندا آھن. سمورن ڇڻيل پنن کي پلو چوندا آھن.
پلي جا جالنگ/ ٻورا ڀري، اٺن تي لڏي ، گھرن ۾ آڻي رکبا آھن. سياري ڌاري اھو اٺن لا فائدي وارو چارو آھي. تاثير ۾ تپلو يا گرم ھئڻ سبب، وھٽ تي سيءَ جو اثر نه ٿيندو آھي. اٺن کانسوا ٻڪرين کي به کارائبو آھي، جيڪي کائي کير ججھو ڏينديون آھن.
)رائچند راٺوڙ، تاريخ ريگستان، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، جلد ٢ ص ٢٠٩ تان ٿورن سان کنيل(
مطلب:
22.1 پلو، گرم خوراڪ آھي، جنھن سان مال ۾ کير ججھو ٿئي ۽ سيءَ کان بچا پڻ ٿئين.
23. پنهنجي، سهنجي. (چوڻي، سنڌ)
ڏکئي وقت، پنهنجي شيءِ سولائيءَ سان هٿ اچي ۽ سڪون سان وقتائتي استعمال ڪري سگهجي. پرائي ۽ ڌاري شيءِ، ڏکي ۽ نخرن سان هٿ اچي. اڌوگابري استعمال ڪري سگهجي. پنهنجائپ جي مٽيءَ جو معاملو حل ڪرڻ سنهنجو هوندو آهي. ڌاريائپ جي مٽي نڀائڻ، ڏکي هوندي آهي.
مطلب:
23.1 پنهنجا پنهنجا آهن.
23.2 پنهنجا نيٺ به پنهنجا آهن.
23.3 پنهنجا، سهنجا.
23.4 پنهنجائپ ۾ ليکا نه ڪبا آهن.
23.5 پنهنجو، پنهنجو آهي.
23.6 پنهنجو وري به پنهنجو آهي.
23.7 پنهنجو ماري ڇانوَ ۾ اڇلي، پرائو ماري اس ۾ اڇلي.
23.8 پنهنجي ٿئي سهنجي، ڌاري وجهي گهاري.
23.9 پنهنجيءَ ۾ هٿ، پرائيءَ ۾ اکيون.
23.10 پرائو پنھنجو نه ٿئي، توڙي ڦري ڏينس گھر.
24. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)
ججھا: گھڻا
جونجھار: وڏي طاقت وارا، بھادر.
رڳو گھڻن ماڻھن جي ھڪ ھنڌ مڙڻ يا ڪٺي ٿيڻ ۾ طاقت ناھي. بلڪ ڪنھن ڪم يا مھم کي سر ڪرڻ لا، گھڻن ماڻھن جو يڪ را ٿيڻ طاقت وارو آھي.
کاٽي کڻڻي ھجي، ڏلھا ڍوئڻا ھجن، بار ڊوھڻو ھجي، اليڪشن کٽڻي ھجي يا ڪو وڏو پراجيڪٽ تيار ڪرڻو ھجي، سمورا ڪم ھڪڙي ڄڻي جي ڪرڻ کان وڏا آھن. ھڪڙو ڄڻو، اڪيلي سر، منجھانئن ڪو ھڪ ڪم نه شروع ڪري سگھندو ۽ نه ئي پورو ڪري سگھندو. بلڪ ٻين کي يڪ را ڪرڻ ۽ کانئن مدد وٺڻ سان ممڪن ٿي سگھي ٿو. گھڻن جي ڪٺي ٿيڻ يا ٽيم(Team) جوڙڻ سان، ايڏا وڏا ڪم نبري سگھندا آھن. جن کي پو به منظم ادارو سنڀالي، تڏھن صحيح نموني سان لاڀائتا ٿيندا آھن.
مطلب:
24.1 گھڻن کنئي، ڇپر کڄي.
24.2 گھڻا ڄڻ ديون جا پٽ.
24.3 ٻڌيءَ ۾ طاقت آھي.
25. جواني، ديواني (اردو، چوڻي)
جوانيءَ جي جولان کي ديوانگي ۽ عشق جي تانگهه ٿيندي آهي. جوانيءَ ۾ طاقت گهڻي ٿيندي آهي. گهڻي طاقت سبب ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي سوار هوندو آهي ۽ مست اٺ وانگر بي نام منزل جو راهي هوندو آهي.
مطلب:
25.1 جواني ۽ مايا، پور ۾ پور.
26. جواني، مستاني (اردو، چوڻي)
جوانيءَ ۾ هرڪو مست ٿيو گهمندو آهي. ننڍي وڏي جي ڪاڻ نه ڪڍندو آهي.
مطلب:
26.1 ڀيٽيو؛ جواني، ديواني ٿيندي آھي.
27. جوھي، ڊوھي (سنڌ، چوڻي)
جوھي شھر، ضلع دادوءَ ۾ آھي. جابلو علائقي اندر ھئڻ سبب، پنھنجي اندر گھڻو ئي سحر سمايل اٿس. اھو ئي سبب آھي جو کيس دادو جادو وانگر، ڊوھ ڪندڙن جو شھر سڏيو وڃي ٿو.
مطلب:
27.1 جوھي شھر لا تڪبند چوڻي.
28. جيئندا، ميلا (سنڌ، چوڻي)
ماڻهو جيئرو آهي ته ملاقات پئي ٿيندي. مري ويو ته رب کي پرتو. قيامت ڏيهاڙي ملاقات يانصيب. مطلب ته زندگي آهي ته ميل ملاقات پئي ٿيندي. مئي پڄاڻان ملاقات ٿئي الائي نه.
مطلب:
28.1 جيئرن جو جهان.
28.2 جيئندا، ملندا. يا جيئندا هڪ ڏينهن ملندا.
28.3 حيات باقي، يار اوطاقي.
28.4 يار سلامت، ملاقات باقي.
29. چاڪر، چياڪر (اترادي، چوڻي)
مالڪ کي اهو نوڪر وڻندو، جيڪو فرمانبردار هوندو. جيڪو چيو نه مڃيندو، سو مالڪ کي پتي تي به نه پوندو. مالڪ جلد موڪل وٺائيندس. ڇاڪاڻ ته جيڪي پيسا ڀريندا آهن، سي پگهر ضرور ڪڍندا آهن.
مطلب:
29.1 چاڪريءَ ۾ آڪڙ ڇاجي؟
29.2 نوڪر ڪي تي نخرا ڪي؟
29.3 نوڪريءَ جي پاڙ زبان ۾.
30. چٻيو، ڦٻيو (سنڌ، چوڻي)
دنيا ۾ ماڻهوءَ جو نصيب اهو آهي، جيڪو کاڌائين ۽ چوڙيائين. باقي مال ٻين جو آهي. ان کان وڌيڪ مال جي لاءِ نه لالچ ڪري، نه هوس ڪري. حرام به نصيب ۾ هوندو ته ملندو. باقي پاڻ کي گهڻي جي لالچ ۾ خوار خراب نه ڪجي ته بهتر.
مطلب:
30.1 جو چٻيو، سو ڦٻيو.
31. حجامڙو، حرامڙو. (چوڻي، اترادي)
۱. حجم جي زبان ۽ قئنچي، ساڳي اسپيڊ سان هلنديون آهن. گهڻي ۾ گهڻيون خبرون وٽانئس ئي ملي سگهنديون آهن. ڇو جو سماج اندر ڪيترين ئي رسمن ۾ حجام کي گھرايو ويندو آھي. جھڙوڪ؛ عيد براد تي وار سنوارڻ، شادي مراديءَ ۾ ڀت رڌڻ، ٻارن جا طوھر ڪرڻ وغيرھ. اھي ڪم اھڙا آھن جيڪي حجم کان سواءِ، عام طور تي، ڪير ڪري به نه سگھندو آھي.
چڱن ڀلن جا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙڻ به کيس ئي نصيب ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سڪيءَ پاڪيءَ سان مٿو پڻ ڪوڙيو وڃي. طھر ڪرڻ وقت ننڍي ٻار جي وھايل ٿڦڙ تي به اھڙو ڇند ۽ مڪر ڪندو آھي ڄڻ اجھو ٿو ساھ ڇڏي. جيستائين مالڪ ڀلي مينھن نه باسيندا اٿس تيستائين ته گيگھ ڇهيندو ئي نه. تنھن ھوندي به ماڻھو منجھانئس راضي ۽ خوش ھوندا آھن. طوھر وقت ڄڻو ڄڻو پيو گھور طور، پئسا سندس پير ھيٺ ڏيندو. ھر ڪو پيو چوندو؛ حجم لاءِ پَيرُ ڏيو.
۲. حجامڙو ڀنڀوريءَ جو ھڪ قسم آھي. ڀنڀوريءَ جا ڪل ٽي قسم ٿين ٿا: هڪڙيون ساديون ڀنڀوريون، جي پيلي رنگ جون ٿين. ٻيون ڳاڙهيون ڀنڀوريون، جن کي لال ڪنوار ڪوٺين ۽ ٽيون نر ڀنڀوريون، جن کي حجامڙا ڪوٺيندا آهيون. سڀني ۾ سهڻي لال ڪنوار ٿئي، ٻار پاڻ کي تسيا ڏيئي لال ڪنوار ڦاسائڻ جي ڳڻَ ڪندا آهن. پهريون نمبر ڀنڀوري ويچاري سياڻي ٿيندي آهي، نه ڪنهن سان وڙهي نه وڳي، پنهنجي من مستيءَ ۾ ئي من هوندي.
حجامڙا ڏاڍا لُچ ٿيندا آهن، انهن کي ٻار پڪڙي هڪ ٻئي سان ويڙهائيندا آهن. ويڙهو ڏاڍا ٿين، هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ اهڙو ته چڪ پائيندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ڪپجيو پوي ۽ ڌڙ کان ڌار ٿي ويندي اٿن. (نياريون وٿون تان کنيل)
مطلب:
31.1 حجم ۽ پاڪي، چڳ نه بچندي باقي.
31.2 چرائين ۾ ڪئوئا، منئي ۾ نئوئا.
31.3 جھرڪين ۾ ڪانءُ، ماڻھن ۾ نائي/ حجم.
31.4 ھلڪي ذات حجام جي، جيئن ڪتن ۾ وينڊو.
31.5 ھلڪي ذات حجام جي، جيئن ٺڪر ۾ ٺينڍي.
32. حجتي، لعنتي. (چوڻي، عربي)
پهرين پهرين دليل بازي شيطان ڪئي. کيس حڪم مليو؛ “آدم کي سجدو ڪر!” ته نھ ڪيائين. الٽو سوال جواب ڪرڻ لڳو. چوڻ لڳو: “انا خير منه خلقتني من نار و خلقته من طين: مان باهه جي پيدائش آهيان، اهو مٽيءَ مان ٺهيو آهي!” (القرآن) مان کيس سجدو نه ڪندس. خدا تعالى مٿس انهيءَ حجت/ دليل بازيءَ سبب، سڄيءَ عمر لاءِ لعنت وجهي ڇڏي؛ “فاخرج ان عليڪ لعنتي الى يوم الدين: ٽري وڃ! تون ڏينهن قيامت تائين لعنتي (تڙيل) آهين.” حجت ڪرڻ سان ماڻهو، رحمت ۽ شفقت کان محروم/ پري ٿي ويندو آهي.
مطلب:
32.1 دليل بازي ڪرڻ وارو جلد دل تان لھي ويندو آھي.
33. حرڪت، برڪت (اترادي، پهاڪو)
چُرڻ پُرڻ يا گهمڻ گهتڻ/ گهمڻ ڦرڻ سان روزي رزق ۽ اولاد ۾ برڪت پوندي آهي. چُرڻ پُرڻ واري شيءِ جيڪڏهن تعداد ۽ وزن ۾ نه وڌندي ته ڪم از ڪم، سلامت ضرور رهندي آهي.
مطلب:
33.1 استعمال (حرڪت) ۾ رهندڙ دروازي جي انجيسن کي ڪڏهن به اڏوهي نه ٿي کائي. (چيني چوڻي)
33.2 حرڪت ۾ برڪت ۾ آهي.
33.3 گهر ۾ امن کي اڏوهي لڳي سگهي ٿي، پر دروازي جي هٿئي کي هرگز نه. (چوڻي، جپاني)
34. دادو، جادو (سرو، چوڻي)
دادو شھر لا مشھور آھي ته منجھس جادو آھي. جيڪو به اتي اچي ٿو، سندس احر ۾ منڊجي اتي جو ٿي وڃي ٿو.
مطلب:
34.1 دادو شھر لا تڪبند چوڻي.
34.2 ڀيٽيو؛ مورو، نه ٿورو.
35. دونھون، سونھون (سرو، چوڻي)
دونھون: باھ منجھان نڪرندڙ ڪارو دونھون.
سونھون: رھبر، راھنما، پيشوا، اڳواڻ
ڪنھن اڻڏٺي جھنگ مان گذر ٿئي ۽ اتي موجود آباديءَ جي اڳواٽ ڄاڻ نه ھجي ته ماڻھو پاڻ کي اوجھڙ ۾ محسوس ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن طرف کان، دونھون اٿندي نظر اچي ته اوڏانھن آباديءَ جي ھجڻ جي ڄڻ ڄاڻ ملي ويندي آھي. پو اڻسونھون ماڻھو به ڄڻ سونھون ٿي پوندو آھي.
مطلب:
35.1 دونھان، سونھان آھن.
35.2 بصر ڀڄڻ کانسوا، ڌپ نه ٿيندي آھي.
36. ڌرتي، سرتي (سرو، چوڻي)
سَرتي؛ سک ڏک جي ساٿياڻي.
ڌرتيءَ جو مثال به ان ساٿياڻيءَ/ سنگتياڻيءَ جهڙو آهي، جيڪا ڏک سک ۾ ساٿ ڏئي ۽ غم غلط ڪري ٿي. انسان کي پيدا به مٽيءَ مان ڪيو ويو آهي ته سندس جياپو به ڌرتيءَ جي شين تي رکيو ويو آهي. کيس ماري وري به ان ۾ موٽايو ويندو. قيامت ڏينهن، اتان ئي کيس جيئرو ڪيو ويندو. انسان جو ان سان ناتو ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو. ان ڪري کيس ڌرتيءَ وانگر وڇايل، قرباني ڏيندڙ ۽ ساٿ نڀائيندڙ ٿي رهڻ گهرجي.
مطلب:
36.1 ڀيٽيو؛ ڌرتي، ماتا
37. ڌرتي، ماتا (هندي، چوڻي)
هندن جي عقيدي مطابق، انسان جون سموريون ضرورتون ڌرتيءَ مان پوريون ٿين ٿيون، جنهن سبب ڌرتي به ماءُ جو درجو رکي ٿي. انسان ان جي ڇاتيءَ تي ائين پلجي ٿو، جيئن ماءُ جي ڇاتيءَ تي.
مطلب:
37.1 ڌرتي، ما وانگر پاليندڙ آھي.
37.2 ڀيٽيو؛ ڌرتي، سرتي
38. ڏنو، ٻنو (اترادي، پهاڪو)
ڏنو؛ الله جي راهه ۾ ڏنل خير.
ٻنو؛ جهلو، بچاءُ، وهندڙ شيءِ لاءِ بند، جهنگ يا ٻنيءَ مان هلڻ لاءِ مٿانهون پيچرو.
جيڪو الله جي راهه ۾ خير خيراتون ڪري ٿو، تنهن لاءِ اهي خير خيراتون، ايندڙ مصيبت کان جهل ۽ روڪ ثابت ٿين ٿيون.
مطلب:
38.1 ڏنو ٻنو آهي.
38.2 ڏنو، ٿئي نه ڪنو.
38.3 ڏيڻ سڀ چڱو سوا گار جي، وٺڻ سڀ خراب سوا دل جي.
39. ڏوريندڙ، ڏسندڙ (اترادي، چوڻي)
ڏوريندڙ: محنت ڪندڙ، ڏورڻا ڏيندڙ
ڏسندڙ: حاصل ڪندڙ
جيڪو جستجو ڪري ٿو، سو نفعو ضرور حاصل ڪري ٿو. جيڪو ھٿُ ھٿَ تي رکي ويھي رھي ٿو، سو ڏک وڏا ئي ڏسي ٿو.
مطلب:
39.1 ڀيٽيو؛ جستجو، لا تقنطوا
39.2 ڏورين، سي ڏسن.
40. ڏئي، پڇتاءِ (اترادي، چوڻي)
ڏيڻ؛ نيڪي ڪرڻ.
اڄڪلهه ٻين سان نيڪي ڪري پنهنجي دل ۾ روڳ پالڻو آهي. ڇو جو چڱائي ڪري انتظار ڪرڻو ٿو پوي ته اها چڱائي ڪڏهن ٿي ڳچيءَ پوي.
مطلب:
40.1 چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن پادر.
40.2 چڱائي ڪرڻ، آهي چگهائي ڪرڻ.
41. ڏي، ڏر (پهاڪو، لاڙ)
الله جي نالي تي ڏي، پر ڏيڻ وقت، دل جي رياءَ کان ڊڄ. ڇو جو رياءُ ڪرڻ واري جي ڪا به عبادت، چڱائي يا نيڪي قبول نه ٿي پوي.
مطلب:
41.1 ڏي به ڏر به.
41.2 ڪت به ڪنب به، اڳيان توريندڙ تکا،
اگهئي ته پاءُ، نه ته مڻن کي موٽ ٿئي.
42. ڏيرپو، ويرپو (چوڻي، سنڌ)
مڙس جي ڀاءُ کي ڏير ۽ ان جي زال کي ڏيرياڻي چئبو آهي.
ٻن ڏيرياڻين جي وچ واري رشتي کي ڏيرپو چئبو آهي.
ڏيرپي ۾ هڪ ٻئي سان وير، ساڙ ۽ هڪ ٻئي کي ويڻ ڏنا ويندا آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي. انهيءَ کان ڪوبه گهر وانجهو ناهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته شايد اڄ سڄي انسانيت هڪ ئي آدم جي اولاد هئڻ سبب، هڪ ئي ڇت هيٺ رهي ها ۽ ڪس ڪثر کائي وقت گذاري ها ۽ موجوده ترقيءَ جو تصور نه هجي ها.
مطلب:
42.1 ڏيرن ڪونهي ڏوهه، امر ائين لکيو (شاهه)
43. ڏيرياڻي، ويرياڻي (چوڻي سرائڪي)
ڏيرياڻين جي وچ ۾ وير، هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هن دنيا جي آبادڪاريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. انهن جي جهيڙن سبب ئي ڀائر هڪ گهر مان نڪري، گهڻا گهر ٺاهن ٿا.
مطلب:
43.1 ڏيرياڻيون، توڙ جون ويرياڻيون.
43.2 ڀيڻ نه ڪجي ڏيرياڻي، متان ٿي پوي ويرياڻي.
43.3 کھ پيو ڏيرپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو.
44. ڏيند، لهند (چوڻي، لاڙ)
قرض موٽائي ڏيڻ سان قرض جو بار سر تان لهندو آهي. جيڪڏهن نه ڏبو ته بار نه لهندو. ان ڪري قرض موٽائڻ ۾ دير نه ڪجي.
مطلب:
44.1 ڏيند، لهند، ڪرند پسند.
45. ڏينهن شينهن (چوڻي، اتر)
ڏينهن جي مشابهت شينهن سان آهي. شينهن جهنگ جو بادشاهه ۽ ڦاڙيندڙ جانور آهي، تيئن ڏينهن جي روشني، هر ڍڪيل شيءِ کي ڦاڙي، مٿانئس راڄ ڪري ٿي. ڏينهن جي وقت، هر ڪو ماڻهو بيپرواهه آهي.
مطلب:
45.1 ڏينهن، رات جو ڊپ ڪڍيو ڇڏي.
46. ڊگهو، بيوقوف (چوڻي، انگريزي)
ڊگها ماڻهو ته ڇا پر جانور به بيوقوف هوندا آهن. جيئن اٺ ڊگهو آهي ۽ بيوقوف هئڻ جي علامت آهي. بيوقوف ماڻهوءَ کي اوڳو اٺ ڪوٺيندا آهن.
مطلب:
46.1 کل طويل احمق الا عمر (عربي قول)
46.2 سمورا قدآور ۽ ڊگها، سواءِ حضرت عمرؓ جي، بيوقوف آهن. (عربي چوڻي)
46.3 انگريزيءَ ۾ پڻ ائين چوڻي آهي: ( Longest is foolest )
47. راھيندڙ، لڻندڙ (چوڻي، سنڌ)
راھڻ؛ راڌڻ، راھڪي ڪرڻ، راھ ڪاھڻ، پوک پوکڻ
لڻڻ؛ لابارو ڪرڻ، فصل کڻڻ
اھو فطري اصول آھي ته فصل اھو کڻندو جيڪو زمين سان محنت ڪندو. زمين ۾ نباتات ڦٽڻ/ اوڀڙ اڀرڻ جي صلاحيت ته موجود آھي. جيڪڏھن مٿس محنت ڪبي ته گھربل فصل حاصل ڪبو، ٻي صورت ۾ منجھانئس جھنگ ۽ ڪانڊيرا ئي ڦٽندا. پاڻمرادو ڦٽل ڪانڊيرا، سوا تڪليف ڏيڻ جي ڪجھ نه ڏيندا. تنھنڪري فصل اھو لڻندو، جيڪو محنت ڪري زمين کيڙيندو ۽ منجھس ٻج ڇٽيندو، سار سنڀار لھندو. ٻي صورت ۾، خالي بوڇڻ ڪلھي تي ھوندس.
مطلب:
47.1 راھيندين، لڻندين.
47.2 جو کيڙي، سو کائي.
48. رتائي، ٽِپتائي (چوڻي، سرو)
رتائي؛ رتوديرو شھر جا رھواسي.
ٽِپتائي؛ ٽن پتن واري راند، فليش، انھيءَ راند ۾ ٽي پتا ڏيکاري اڳلي کان پئسا ڦريا ويندا آھن.
رتيديري جي شھر وارن لا تڪبند چوڻي، جيڪا ٽوڪ يا چٿر طور مٿن ھنئي ويندي آھي.
مطلب:
48.1 رتوديرو، رت جو ديرو.
49. زال، سنڀال (چوڻي، سنڌ)
هن چوڻيءَ جا ٻه مطلب ٿي سگهن ٿا.
1. زال سان گهر جي سنڀال آهي. جنهن کي زال ناهي، تنهن جو گهر ئي کلواڙو آهي. ڇوجو ڇڙهن جو ڪوئي جهان ڪونهي. مرد ٻاهر جي ڪمائيءَ لاءِ هوندو آهي. گهرواري، گهر ٻار جي سنڀال لاءِ هوندي آهي.
2. زال، سنڀال سان آهي. سنڀال نه ڪبس ته راهئون رد ٿي ويندي. مرد رلندو ته کلندو، زال رلندي ته ڀلندي. پنهنجا ته ٻئي جهان وڃائيندي پر مڙس ۽ اولاد جا به رَڇَ رلائيندي.
مطلب:
49.1 زال ته سنڀال.
49.2 زال چڱي چال، ڀلي ڀاڙئي مڙس کان.
49.3 زال هجي ته اکيون هجن.
50. زنا، فنا (سنڌ، چوڻي)
زنا، هڪ برو فعل آهي. مرد جو عورت سان، عورت جو مرد سان ميلاپ هڪ فطري عمل آهي. جيڪڏهن شرعي حدن اندر آهي ته تمام ڀلو ڪم آهي. ان سان حالات سڌرن ٿا. اولاد ۽ ڪمائيءَ ۾ برڪت پوي ٿي. زندگي سڪون واري گذري ٿي. جيڪڏهن اهو فعل، غير شرعي حدن ۾ ڪبو ۽ حد کان ٻاهر نڪري وڃبو ته پئسي/ جان/ اخلاق وغيره، مڙني جو زيان/ نقصان ٿيندو. ڇو جو زنا آسانيءَ سان نه ٿي سگهندي آهي. ان لاءِ الائي ڪيترا پاپڙ ويلڻا پوندا آهن. الائي ڪيترا خرچ ڪرڻا پوندا آهن. تڏهن وڃي ڪو چاڙهو ٿيندو آهي. تنهن ۾ به سڪون ٽڪي جو نه هوندو آهي.
مطلب:
50.1 جت زنا، ات فنا.
51. ساڪرو، آڪرو (چوڻي، لاڙ)
ساڪرو يا ساڪرائي، اٺ جو هڪ بڻ آهي، جيڪو ميرپور ساڪري جي طرف ٿئي. رنگ ڪارو ٿيندو اٿس ۽ لسڻ اڇو ٿيندو اٿس. قد جو ڇوٽو، هلڻ جو ڇوهو آهي. هلڻ جي ڇوهائيءَ ۾ آڪرو ايندو آهي.
مطلب:
51.1 ساڪري جا اٺ به آڪرا ھلندا آھن.
52. سنجهو، ڏنجهو (چوڻي، سنڌ)
ڪم ڪار شروع ڪرڻ لاءِ صبح جو وقت ڀلو ٿئي ٿو. ڇو جو صبح جو شروع ڪيل ڪم، شام تائين اڪلائجي وڃي ٿو. جڏهن ته سانجهيءَ جي وقت شروع ڪيل ڪم، نه نبيرو کائي، نه ئي جلد يا هڪ وهڪ ۾ اڪلائي سگهجي.
مطلب:
52.1 سنجهي جي مئي کي ڪيترو روئبو (پهاڪو، ميرپور ماٿيلو)
53. سِول، ڪِول (چوڻي، سنڌ)
سول؛ ديواني ڪيس. زمين يا جا يا ملڪيت بابت ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل ڪيس.Civil Suit
ڪول؛ ماڪوڙي، جنھن کي سنھڙيون ٽنگون ٿين.
ڪول ويچاري سڄو ڏينھن ھڻي، تڏھن وڃي ٿورو پنڌ نبريس. اھڙيءَ طرح سول مئٽر پڻ آھي. سلن جا سال پيو ڪورٽن سڳورين ۾ ڳائبو آھي. نبيرو نه ھوندو اٿن. ھيٺين ڪورٽ ۾ ھارايو ته وري مٿين ڪورٽ. ان کان به مٿين ڪورٽ. اپيل، ٽپيل، رٽ پٽيشن، شنوايون، توايون. ماڻھو بيزار ٿيو وڃي. ڪڏھن ھن ڌر جو وڪيل ڪو نه ته ڪڏھن ھن ڌر جو. ڪڏھن شاھد ڪونه ته ڪڏھن فريادي بيمار. ڪڏھن ھيءَ ڌر حاضر ته ھوءَ غير حاضر. ائين سال لنگھيو وڃن. پيڙھيون مريو وڃن. پي ڪيس داخل ڪري ته پٽ پيا شنوايون ڪاٽين ۽ پوٽا پيا فتوائون وٺن.
مطلب:
53.1 سول جا ڪيس سلو ھلندا آھن.
54. سھتا، مھتا (چوڻي، سنڌ)
سھتو، سنڌ جي قديم، آڳاٽي ۽ اصل ذات آھي. محمد بن قاسم جڏھن سنڌ فتح ڪئي تڏھن ظاھري طرح ته مسلمان ٿيا پر جسم تي پاتل جڻيو، بجا لاھي ڦٽو ڪرڻ جي پي ويا. پنھنجي طبيعت ۾ سخت، نٺر ۽ سيٽر آھن. ڪفر تي ھوندا ته به پڪا ھوندا، اسلام تي ھوندا ته به پڪا ھوندا. ڪچائي ڪانھين.
مطلب:
54.1 سھتي کي جڻيو پيتل آھي.
54.2 سھتو؛ مھتو.
54.3 سھتا، ستن نانگن جا کاڌل.
54.4 سھتڪي ٻوٽي ساڻ نه رجھندي.
54.5 سھتو ته سيٽ، نه ته سھتو ئي نه.
54.6 سھتي کي ديڳ جو ڀت نه وڻي، ديڳڙيس جو کوٽي کائي.
55. سيڻپو، ويڻپو (چوڻي، سنڌ)
زال جو پيءُ ماءُ، مڙس جي پيءُ ماءُ جا سيڻ ٿين. ٻنهي جي وچ ۾، سندن اولاد جي جهِڻ بڻ سبب ڏوراپا وغيره جاڳن. جن جي ڪري هڪ ٻئي کي ويڻ ڏين.
مطلب:
55.1 سيڻپو، ويڻپو، ويرپو.
56. شادي، تعدي (چوڻي، سنڌ)
شاديءَ وقت ٿيندڙ سنگهٽ، جهنجهٽ، تڪليف-ده هوندا آهن. خاص طور تي جڏھن شاديءَ جي ڪاڄ ۾ مينھن وسي پوندو آھي يا جڏھن ھلندي ڀت ۾ ڄاڃي/ ساڏي ٻوٽين تي جھيڙو ڪندا آھن. تڏھن چڱا ڀلا ماڻھو بيزار ٿي ويندا آھن. ڪي گھوٽ ته شاديءَ کان پوءِ به پيا پاڻ کي قيد بند ۾ سمجهندا آهن. زال جي اچڻ سان آزادي سلب ٿي وڃي ٿي، جنھن سبب ماڻھو شاديءَ کي جٺ پيو سمجھندو آھي.
مطلب:
56.1 شادي آ تعدي.
56.2 شادي ته تعدي، نه ته ڪھڙي آ شادي؟
56.3 تعديءَ بنا شادي، بي مزي.
56.4 زال زحمت، ٻار ٻرو، وس پڄئي ته گهم ڇڙو.
56.5 شادي ڪر ته به آزار، نه ڪر ته به آزار، تنهن کان ڪجي ڇونه؟
57. شامي، حرامي (چوڻي، اتر)
شام ملڪ جي رهندڙ کي شامي چئبو آهي. ان جي نالي سان گول ڪباب به ٺهندا آهن، جيڪي هرڪو کائيندو آهي پر کين چڱو نه چوندو آهي.
مطلب:
57.1 شام ملڪ وارن لا تڪبند ٽوڪ.
58. ضامنگيري، تاوڻگيري (سرو، چوڻي)
ضامنگيري؛ ضامن پوڻ.
تاوڻگيري؛ تاوڻ ڀرڻ، نقصان ڀرڻ.
ٻئي جو ضامن پوڻ، ڪن حالتن ۾ نقصان کان گھٽ ناھي. پنھنجي معاملي جي ضمانت ڏيڻ ۽ نباھڻ سولي آھي. ٻئي جي ڏکي آھي. اڳلو وقت تي نباھي يا نه، پر پاڻ کي نباھڻي پوندي. ضمانت جي اڪثر معاملن ۾ نقصان ئي پوندو آھي.
مطلب:
58.1 ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوھا، رھيئي نه جوئا.
59. عرض، مرض (سرو، چوڻي)
عرض ڪرڻ مھل به بيمار وانگر مسڪين شڪل ٺاھڻي ٿي پوي تڏھن ٿو اگھي. ماڻھوءَ کي ويچارو ٿيڻو ٿو پوي. جڏھن اھا بيماري پئجي ٿي وڃي تڏھن وري سولي جند به نه ٿي ڇڏي.
مطلب:
59.1 سوال ويچارو آھي.
59.2 سوال؛ ٻِه-مُنھين ترار آھي.
60. عزت، ڊڄي (سرو، چوڻي)
ڪنڊيارو شھر ۾ چمن هندوءَ جي نالي سان بازار آهي. جيڪو وڏو سيٺيو هيو. هڪ دفعي ڪنهن معاملي ۾ صوبيدار ٿاڻي تي گهرايس. جڏهن پهتو ته بيٺي پير، صوبيدار ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس. جڏهن صوبيدار جو پارو لٿو ته کيس ويهڻ لاءِ اشارو ڪيائين.
سيٺ ڪرسيءَ تي نه ويٺو ته صوبيدار پاڻ اٿيو. ڏسي ته، ديوان جي ڌوتيءَ مان تيڪ وهي اچي کڙيءَ وٽ، چاکڙيءَ ۾ جمع ٿي آهي. اهو ڏسي پڇيائينس: “ديوان! هي ڇاهي؟!”
“سائين! اِجت ڊڄي!” چمن هٿ ٻڌي عرض ڪيس: “سائين! عزت ڊڄي.”
مطلب:
60.1 عزت وارو ماڻهو، ڊڄڻ سبب ئي غلط ڪم نه ڪندو آهي.
60.2 بي عزتي ماڻهوءَ وٽ نه عزت، نه ننگ ۽ نه ئي ان جي وڃڻ جو ڊپ.
60.3 بي عزتو ماڻھو، ننگ ڌڙنگ نچندو ۽ ڪڌا ڪم ڪندو آهي.
60.4 عزت پئي لڪي، نانگو پيو نچي.
61. عشق، انڌو (چوڻي، سنڌ)
عاشق کي دنيا جا عيش ۽ عشرتون نظر نه اينديون آهن. محبوب کان سواءِ دنيا ۾ کيس ڪا شيءِ نظر نه ايندي آهي. مطلب:
61.1 عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي. (شاهه، يمن ڪلياڻ)
61.2 عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي. (شاهه)
61.3 عشق نه آهي راند، جيئن کيلين ڳڀرو. (شاهه)
61.4 Love is blind
61.5 Cupidity is blindness
62. طلبہٗ، ملہٗ.
جنھن جي لاءِ دل ۾ طلب ۽ تڙپ، تانگھ ۽ تات ھوندي آھي، سو پڻ دل ۾ ساريندو آھي. ملڻ جي طلب رکبي ته ھو به ملڻ لاءِ آتو ھوندو. اڳلي کي اڪيلائيءَ ۾ ياد ڪبو ته ھو به اڪيلائيءَ ۾ ياد ڪنو. کيس محفل ۾ ساربو ته ھو پڻ سنگت ۾ پچاريندو. ھن جي ملڻ لاءِ پنڌ پئبو ته ھو به ٻرانگھون ڀريندو ايندو.
مطلب:
62.1 جنھن شيءِ جي دل ۾ طلب ھوندي آھي، سا ملي ئي ويندي آھي.
62.2 دل کي دل کان راھ ملندي آھي.
63. ڦِريا، ڦُريا. (چوڻي، سنڌ)
جيڪي حق جي راهه تان ڦري ويا، تن ڄڻ ٻئي جهان ڦُرايا. مستقل-مزاجي، ارادي سان استقامت، ماڻهوءَ کي ڪامياب ڪري، منزل تي رسائي ٿي. محنت ۽ اَوِرچائيءَ کان گهٻرائڻ نه گهرجي.
مطلب:
63.1 جي ڦِريا، سي ڦُريا.
64. قرض، مرض (چوڻي، سنڌ)
جيئن مرض يا بيماريءَ ۾ ماڻهوءَ جو جسم ۽ پئسا ڳرندا آهن، تيئن قرض ۾ به ننڊ حرام هوندي آهي ۽ وياج مٿان وياج چڙهندو ويندو آهي. ماڻھوءَ جي معيشت، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر ختم ٿي ويندي آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪنگلو ٿي ويندو آهي. قرض ۽ مرض، ماڻهوءَ کي اندران ۽ ٻاهران، ڳاريندا ۽ کائيندا رهن ٿا.
مطلب:
64.1 قرض اهڙو کڻ، جو وري ڏئي سگهجي.
64.2 قرض ڌاران لوڻ ۽ پاڻي به چڱا آهن.
64.3 قرض؛ ڪوڙهه جو ٽڪو.
64.4 قرض وڏو مرض آهي.
65. ڪامورو، ماڪوڙو (سرو، چوڻي)
ڪامورو؛ سرڪاري ملازم، سرڪاري نوڪر يا آفيسر.
ماڪوڙو؛ مڇڏ، جڏھن سندس ٻر ۾ پاڻي پوي ته مڇرجي پوي ۽ ڪري ڪجھ نه سگھ.
ڪاموري جو مثال پڻ ماڪوڙي جھڙو آھي. سرڪار جي پئسن Funds تي ٽيڳر/ آڪڙ/ مڳي ڪري، ڪاڙجي ته مڇرجي پوي پر ڪري ڪجھ نه سگھي.
مطلب:
65.1 ڪامورو، ڪچي پنڊي.
65.2 ڪامورو، چوٿاڙ ڪاڳر جو کاڄ.
66. ڪڇي، ڦاڙجي (سرو، چوڻي)
ڪڇي ڦاڙڻ؛ درزڪو اصطلاح آھي. يعني ڏسي وائسي قدم کڻجي.
لٽو ڪپڙو ڪڇي نه ڦاڙبو ته کاري وجھبو. ٻئي جي ڪم جو به نه رھندو. ائين دنيا جا به معاملا آھن. ڏسي وائسي قدم نه کڻبو ته پاڻ کي به ھلاڪت ۾ وجھبو ۽ ملڪيت تنھن کانسوا زيان ٿي ويندي.
مطلب:
66.1 سوڙ آھر، پير ڊگھاڙجن.
66.2 ھميشه ڪڇي ڦاڙجي/ ڦاڙڻ گھرجي
66.3 وت آھر، ڪم ڪجي.
67. ڪرند، پسند (چوڻي، لاڙ)
جيڪو ماڻهو، ڏوهه جا ڪم ڪندو، سو اوس انهن جو ڪيتو لوڙيندو. جيڪو چڱائي ڪندو، سو چڱائيءَ جو مزو پسندو. جيڪو برائي ڪندو، سو برائيءَ جي سزا ڀوڳيندو.
مطلب:
67.1 ڪندو، ڀريندو.
67.2 ڪندو، ڀوڳيندو.
67.3 ڪندو، لوڙيندو.
67.4 جو ڪري، سو ڀري.
67.5 جو ڪمائي، سو کائي.
67.6 جو کيڙي، سو کائي.
67.7 ڪرند، پسند. ڏيند، لهند.
68. ڪلجڳ، ڪرجڳ (ھندي، چوڻي)
ڪلجڳ: ھڪ يگ يا دور جو نالو.
ڪرجڳ: ڪرھ- جڳ، جھيڙي جو دور.
ڪلجڳ يعني ھيءَ دنيا ڪر-جڳ يا ڪرھ-جڳ يا جھيڙي ۽ فساد جي دنيا آھي. انسان جيڪي به ڪڌا ڪم ھتي ڪري ٿو، تن جي سزا کيس ھتي ئي ملي ٿي جيڪا ڦڏن فسادن ۽ جھيڙن جھٽن جي صورت ۾ اکين اڳيان اچيس ٿي.
مطلب:
68.1 ڪلجڳ: ڪرھ-جڳ.
68.2 ھيءَ دنيا، نه جنت آھي ۽ نه ئي وري جھنم آھي. منجھس تڪليفون به آھن ته سک به آھن.
69. کرندڙ، کاريندڙ (چوڻي، سرائڪي)
جيڪو پاڻ راھئون رد آھي، سو شيطان وانگر چوندو آھي ته ٻيو به راھ تي نه ھجي. ھروبرو پيو ٻين جا عيب اگھاڙيندو. دل ۾ پيو گد گد ٿيندو ۽ خوش ٿي چوندو؛ ”ٻيا به ڪي مون کان چڱا ناھن.“
مطلب:
69.1 جو آپ کري، سو ڏوجھان نون به کاري.
70. کير، پير (چوڻي، سنڌ)
هر ماڻهوءَ کي ڄمڻ شرط پهرين خوراڪ کير جي ملي ٿي. کير مڪمل خوراڪ آهي، جيڪو هڪ ئي وقت اڃ به لاهي ته بک به ماري ٿو. نبي اڪرم ﷺ جن، جڏهن کير پيئڻ فرمائيندا هئا، تڏهن ان ۾ برڪت لاءِ پڻ دعا فرمائيندا هئا.
سنڌ ۾ انهيءَ سبب ڪري، کير جي عزت پير جيتري ڪئي ويندي آهي. جاهل ماڻهو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ کير جو به قسم کڻندا آهن. جيئن؛ “هي کير آهي. انهيءَ جو قسم .......... وغيره!”
مطلب:
70.1 کير، چڱي خوراڪ آھي.
70.2 کير جھڙو بھترين کاڌو ڪونھي.
71. گاسو، خاصو (پهاڪو، سنڌ)
گاسو: گسڻ يا سنگت ۾ ڪس کائڻ.
ڪس کائڻ هونئن به چڱو خاصو جگر گردي جو ڪم آهي. اهو فقط صاحبِ دل ماڻهو ئي کائي سگهندا آهن. سنگت ۾ گسڻ يا ڪس کائڻ وارو ئي خاص ٿيندو آهي.
مطلب:
71.1 ماڻھو خدمت ڪرڻ سان ئي مخدوم ٿيندو آھي.
71.2 ٻين سان چڱو ھلبو ته ٻيا پڻ چڱو ھلندا.
71.3 ھڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
72. گئو، ماتا (چوڻي، هندي)
هندو ڌرم ۾ ڳئونءَ کي ماءُ جهڙي حيثيت آهي. ماءُ جو کير جنهن کي ڀانءِ نه پوي، تنهن کي ڳئونءَ جو کير ڏيندا آهن. ڇو جو اهو جلد هضم ٿيندڙ ۽ هلڪو ٿيندو آهي. خدا تعالى ڳئونءَ جي کير ۾ به ماءُ جي ٿڃ جهڙو اثر رکيو آهي. ڳائو گوشت گهڻو طاقت وارو آهي. جڏهن ته مکڻ ۽ لسي به فائديمند ۽ ڀرتي نه ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هندو گانءِ جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ان کي ڪهڻ کان پرهيز ڪندا آهن. کيس ماءُ ڪري پوڄيندا آهن.
مطلب:
72.1 گانءِ، ماتا.
72.2 ڳئون، ماتا.
73. ڳولهيندڙ، لهندڙ. (پهاڪو، فارسي)
جيڪو ماڻهو ڪنهن منزل/ شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو يا محنت ڪري ٿو، سو نيٺ ڪامياب ٿئي ٿو. خدا جي رحمت مان نااميد نه ٿجي ۽ مسلسل محنت ڪجي. خدا تعالى محنت ڪندڙ لاءِ رستو آسان ڪري ٿو ۽ مٿس، بند پيل دروازا پڻ کولي ٿو.
مطلب:
73.1 جوينده، يابنده (چوڻي، فارسي)
73.2 جستجو، لا تقنطوا (قول، عربي)
73.3 جو ڳولهيندو، سو لهندو (پهاڪو، سنڌي)
73.4 ڀيٽيو؛ راھيندڙ، لڻندڙ
74. گهر، گهرانءِ. (پهاڪو، سنڌي)
اهو هڪ فطري عمل آهي ته هڪڙو ماڻهو، ٻئي کي چڱيءَ دل سان ياد ڪندو ته اڳلو به کيس چڱيءَ دل سان ياد ڪندو. ڪير ڪنهن سان نفرت ڪندو ته اڳلو به ساڻس نفرت ئي ڪندو. محبت جي بدلي محبت ۽ نفرت جي بدلي نفرت ئي ملندي آهي. گهرڻ ڀانئڻ يا عقيدت ۽ احترام وغيره سان، اڳلو به گهرندو ڀانئيندو آهي.
مطلب:
74.1 تون گهر منهنجي ڄائي کي، مان گهران تنهنجي کٽ جي پائي کي.
74.2 فاذڪروني اذڪرڪم (القرآن) پوءِ مون کي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.
74.3 گهر ته گهرانءِ.
75. گهڙيا، اڪريا (پهاڪو سنڌي)
ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي لاءِ، سندرو ٻڌڻ ماڻهوءَ جو ڪم آهي، کيس پار اڪارڻ خدا جو ڪم آهي. جيڪي ماڻهو سندرو ٻڌي، ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ڪاميابي تن جا قدم چمندي آهي.
مطلب:
75.1 گهڙيا، چڙهيا
75.2 گهڙيو، اڪريو
75.3 گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي (شاهه، سسئي)
76. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)
لاڙ ۾، پاڻيءَ جي لاٿ سبب، کڏن، کوٻن ۾ پاڻي رنڊجي بيهي رهي، جنهن سبب پوسل ٿئي ۽ منجھس مڇر جام ٿين. ماڻهو مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ دونهيون ڪن. جنهن ڪري ماحول تي دونهين جي گهُٽ ۽ وڏو اثر ٿئي. ان کان علاوھ کڏن ۾ بيٺل پاڻيءَ مان، ماڻهن سان گڏ، مال به پيئي ۽ گندو ڪري. هوائن تي ڪک ڪاڄر به اڏامي اچي بيٺل پاڻيءَ ۾ پون. مڇرن جي ڏنگ لڳڻ سبب بخار ٿئي ۽ گندي پاڻيءَ پيئڻ جي ڪري، پيٽ جون بيماريون ٿين. رات جو ھنڌ ۾ منگھڻ پٽي، بي آرام ڪن. ٻيا جيت جڙيا تنھن کان سواءِ رت چوسين. سرءَ جي هوا منهن-ساڙ، مٿان مڇرن جو مارو، منگھڻن جا چڪ، دونهين سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف. انهن جملي تڪليفن سبب، لاڙ کي ساڙ سڏيو ويندو آهي.
مطلب:
76.1 لاڙ آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار.
اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري.
76.2 لاڙ آهي ساڙ، مڇرن جو آھي آزار،
منگهڻ ڪارڙا، ماڪ ٿي ماري،
ھڪڙو وڇوڙو وطن جو، ٻيو سرڪو ٿو ساڙي.
76.3 لاڙ آھي ساڙ، تنھنجو ڪيان ڪھڙو وستار،
پاڻيءَ ۾ آھن پونئرا، جو پيئي سو بيمار،
بديڻو آھي بڇڙو، رکي رب ستار،
ٻيئڙ ٽيئڙ جو ڦھڪو ڏاڍو، ھيانچي جو آزار،
ٽنڊو باگو بڇڙو، آھي بديڻي جو يار،
ڪن کي سور لڱن ۾، ڪن جو ڪڙھي ڪاپار.
(ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، سنڌ جو سيلاني، ص 114 تان کنيل)
77. لالچي، لانتي (چوڻي، سنڌ)
لالچي ماڻھو، رب جي رحمت ۾ اميد رکڻ بجا پنھنجي عقل کي وڏو سمجھندو آھي. جيڪي دنيا ۾ حاصل ڪندو آھي، تنھن کي به بجا رب طرفان سمجھڻ جي، پنھنجي عقل جي مرھونِ منت پيو سمجھندو آھي. جنھن سبب رب جي رحمت کان دور ۽ لعنتي ٿيندو ويندو آھي.
مطلب:
77.1 لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.
78. لڄارو، بکارو(چوڻي، سنڌ)
لڄارو؛ لڄ ڪندڙ، شرم ڪندڙ.
دنيا ۾ ڪي ھڙ ڪم اھڙا به ناھن جو منجھن شرم ڪجي. گھر واريءَ آڏو شرم ڪرڻ سان زندگي ئي تباھ ٿي ويندي. اولاد يا نسل نه وڌندو. واپار ۾ لڄ ڪبي ۽ ٺڪي ٺوڪي نه ڳالھائبو ته نقصان پائبو. اھڙيءَ طرح مھمان ٿي وڃڻ کانپو حجاب ڪبو ته بک مربو.
مطلب:
78.1 اھاري، وھنواري، لڄ ڪري ته ھاري.
79. لچائي، بادشاهي (پهاڪو، سنڌي)
بي شرم ۽ لچ ماڻهو، هرهڪ کان ڏاڍو هوندو آهي. بادشاهه به هرهڪ کان ڏاڍو هوندو آهي. انهيءَ ڪري، بي حياءَ کي بادشاهه سڏيو ويندو آهي. جڏهن بي حيا ماڻهو ڪنهن کي تنگ ڪندو آهي ته ساڻس ڪير به ڪُڇي نه سگهندو آهي. جنهن کي تنگ ڪندو آهي، سو نه ڪڇڻ جو عذر اهو پيش ڪندو آهي: “فلاڻو ته ادا بادشاهه آهي، ان سان ڪير ڪڇي!”
مطلب:
79.1 بي حيائي، بادشاهي.
79.2 بي لڄو، ڪتو به چڱو نه.
80. لوچيندڙ، لھندڙ. (چوڻي، سنڌ)
لوچيندڙ؛ جيڪو لوچي. پيٽ گذر لا محنت ڪندڙ.
لھندڙ؛ حاصل ڪندڙ.
دنيا جو اصول آھي ته جيڪو مٿس جيتري محنت ڪندو، اھو ان کي ان کھر ضرور حاصل ڪندو. اھريس طرح جيڪو رب ملڻ جي نحنت ڪندو، مالڪ به مٿس اوترو وڌيڪ مھربان رھندو.
مطلب:
80.1 ڀيٽيو؛ ڳوليندڙ، لھندڙ
80.2 من جد وجد
81. ليکو، چوکو (چوڻي، سنڌ(
هي ٻٽولفظ پڻ آهي. جيڪو ورجيس جي طورتي ڪتب به ايندو آهي، هتي پهاڪي طور ڏنووڃي ٿو.
دوستيءَ ۾حساب سڌو رکجي، سنگت ساٿ ۾ حساب ڪتاب چوکو رکڻ سان ڦوٽ نه پوندي آهي.
مطلب:
81.1 ليکو آ چوکو، چوکي آ پريت.
81.2 ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
81.3 دو برادر، سوئم حساب.
82. ماچي، ناچي (چوڻي، لاڙ)
ٽرڙو ۽ هلڪڙو ماڻهو، جڏهن کائي پي ماچ ڪندو آهي، تڏهن دڙيون ٽپندو آهي ۽ ناچ ڪندو آهي. ڪم-عقل ماڻهوءَ کي دولت يا طاقت هٿ اچي ته پوءِ غريب-مارڪندو آهي.
مطلب:
82.1 مينهن کائي هوريان هلي، رڍ کائي ٺينگ ڏئي.
82.2 کاچي ته ماچي، ماچي ته ناچي.
83. مار، سنوار (چوڻي، انگريزي)
استاد جيڪڏهن شاگرد کي اک نه ڏيکاريندو ته شاگرد اُڌرندو ويندو ۽ پڙهندو ڪونه. استاد جي مار شاگرد کي سنواري سگهي ٿي. اھڙيءَ طرح والدين جي سختي پڻ اولاد کي سڌاريندي. جيڪڏھن والدين پنھنجي ھٿن سان پنھنجي ٻچي کي ماري نه سنواريندا ته اھو اھڙو کرندو جو وري نه سڌرندو. تنھنڪري والدين کي گھرجي ته پاڻ پنھنجن ھٿن سان کين سٽي ڪٽي سڌو ڪن، جيئن ڪنڀر پنھنجي ھٿن سان جوڙيل ڪچن ٿانون کي ٿپي سڌو ڪندو آھي. ٻيءَ صورت ۾ پنھنجو اولاد پاڻ لا وبال بڻجي ويندو.
مطلب:
83.1 استاد جي مار سنوار آهي.
83.2 سٻر سوٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.
83.3 لڪڙيءَ جو صرفو ڪبو ته ٻار کريو.
83.4 Spare the rod, Spoil the child
84. مالڪ، مالڪي. (چوڻي، سنڌ)
هر شيءِ جي سنڀال جيتري مالڪ ڪندو آهي، اوتري نوڪر نه ڪري سگهندا آهن. نوڪر کي فقط پنھنجي پگهار سان سروڪار آهي. جڏهن ته مالڪ کي مال جي سمورين گهٽ-وڌاين جو اونو آهي. جيئن اڪثر ماستر شاگردن کي، دڙڪا ڏيندا آهن؛ ”ڇورا پڙهو نه پڙهو، آڱوٺي تي چڙهو. اسان جو آهي پھرينءَ تي پگهار کڙو!“، يعني سندن دل پگهار ۾ ۽ اک گهڙيال ۾ رهندي آهي. ڪڏهن ٿو ٽائيم پورو ٿئي ۽ ڪڏهن ٿا پئسا ملن.
مطلب:
84.1 مالڪ ته مالڪي.
84.2 ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.
85. مالُ، لالُ (چوڻي، ٿر)
مال؛ رڍون، ٻڪريون. منجھانئن کير، ڏاس ۽ گوشت ملي.
لال؛ لعل، ھيرو، موتي. قيمتي پٿر.
ٿر جي اندر، وقت تي جيترو مال ڪم اچي ٿو اوترو ملڪيت يا دولت ڪم نه ٿي اچي. اتي مال کي لال جھڙي يا ھيرن جھڙي حيثيت حاصل آھي، جيڪي جيڏيءَ محل به ڀڃائجن/ مٽرائجن ته مٽجي سگھن.
مطلب:
85.1 مارو ماڻھن لا مال به نقد رقم وانگر آھي.
86. مايا، ڌُوتي. (چوڻي، ھندي)
مايا؛ ڌن، دولت، پئسو، ملڪيت.
ڌُوتي؛ ڌوتپو ڪندڙ، گھر ڦتائيندڙ، ھِتان جي ڳالھ ھُتي پھچائيندڙ، ٻين جي گھرن ۾ ليئا پائيندڙ، ٻين جي معاملي ۾ ڪَنُ ڏيندڙ.
ملڪيت، ڀائرن کي ھڪ ٻئي کان وڇوڙي ڇڏي. آنڊا گونڊا ڪڍي، لاک لاھي ڇڏي. مٿس نه اعتبار ڪجي، نه ئي پٺيانئس لڳجي.
مطلب:
86.1 دولت؛ ٻه-گھر ٻارُو آھي.
87. مايا، ڏائڻ. (چوڻي، سنڌ)
ڏائڻ؛ مردا ڪڍي کائيندڙ
ملڪيت جي محبت، لاش به رلائي ڇڏي ٿي. سندس چڪر ۾ جيڪو ڦاٿو، تنھنجو سر ڄڻ اڏيءَ تي آھي. کيس ڏائڻ سمجھي کانئس ٽارو ڪجي.
مطلب:
87.1 دولت؛ رتا وڇوڙي
87.2 ڀيٽيو؛ مايا، ڌُوتي.
88. محبتي، محنتي. (چوڻي، سنڌ)
محنت کانسوا محبت نه ٿيندي آھي ۽ محبت کانسوا محنت نه ٿيندي آھي. ٻئي ھڪ ٻئي لاءَ لازم ملزوم آھن. جيڪي محبت ڪندا آھن، سي دل لائي محنت ڪندا آحن ۽ جيڪي محنت ڪندا آھن تن سان ھرڪو محبت ڪندو آھي.
جيڪي رب سان محبت ڪن ٿا سي سندس عبادت به دل و جان سان ڪن ٿا. بنا ڪنھن چون چرا ۽ سوال جواب جي سندس حڪمن جي بجا آوري ڪن ٿا.
مطلب:
88.1 محنتي، محبتي.
88.2 ھرڪو ڪم-پرين آھي، چم پرين-ناھي.
89. مُڙيا، جُڙيا. (چوڻي، سنڌ)
ڪنھن به اڻائي معاملي ۾، جنھن ۾ جان کي خطرو هجي، هٿ نه وجهجي. جيڪڏهن ڪو ضد تي چڙهي، ڪُڏي پوندو ته ڇيھو رسندس. اهڙي طرح جيڪو ضد تان لھي، مڙي ويندو سو ئي فائدي ۾ ويندو، بخشڻ ۽ صبر ڪرڻ وارو ئي دنيا ۾ سرهو ٿو رهي.
مطلب:
89.1 جو مڙيو، سو جڙيو.
89.2 جن ڇڏي دعوى، سي ٿيا سدا ساوا.
90. ميڙيندڙ، مُٺا. (چوڻي، سنڌ)
ميڙيندڙ؛ ملڪيت ڪٺي ڪندڙ.
مُٺا؛ نقصان پاتائون.
دنيا، پاڻيءَ مٿان ڦوٽي مثل آھي. پل گھڙيءَ جو چٽڪو آھي. سندس ھر شي عارضي آھي. ڪنھن به شيءِ ۾ بقاءُ ناھيس. ھن بي بقا دنيا جون جملي شيون، بي بقا آھن. انھن جو ڪٺو ڪرڻ پڻ بي بقا شين جو ڪٺو ڪرڻ آھي. ميڙي ميڙي بيزار ٿيڻ کانپو، جڏھن پاڻ سنڀالبو آھي ته ابول ڪرڻ کانسوا ڪا به شي ھٿ نه ايندي آھي.
مطلب:
90.1 ملڪيت ڪٺي ڪرڻ واري جي پڇاڙي انتھائي خراب ھوندي آھي.
91. نوڪري، ٽوڪري. (چوڻي، سنڌ)
نوڪري ڪرڻ سان عزت وڌي نه ٿي. ان ۾ هر حڪم مڃڻو ٿو پوي. پنھنجي دل جي مرضي نه ٿي هلي. جيئن گند جي ٽوڪري مٿي تي رکڻ سان ڪنڌ ازخود هيٺ ٿي ويندو آهي، تيئن نوڪريءَ ۾ به ڪنڌ هميشه جهڪيل ئي هوندو آهي.
مطلب:
91.1 نوڪري، ڪن جي ٽوڪري.
91.2 نوڪري، گند جي ٽوڪري.
91.3 نوڪري، گونھن جي ٽوڪري.
91.4 اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار
92. نِوندين، لھندين. (چوڻي، سنڌ)
نوڻ؛ جهڪڻ، هيٺانھين ڪرڻ يا محنت ڪرڻ.
جيڪو محنت ڪندو ۽ ٻين سان نوڙت وارو رستو هلندو، سو نيٺ ڪامياب ٿيندو. نوڙت سان دشمن کي به پنھنجو ڪري سگهجي ٿو. آڏ وڏائي ڪرڻ واري کي پنھنجا به ڇڏي ويندا آهن.
مطلب:
92.1 نوڙت سان مرتبو وڌي ٿو. تڪبر سان گهٽجي ٿو.
92.2 نَمُ، ٿيئي ڪم.
93. نياڻي، نماڻي. (چوڻي، سنڌ)
جيڪو ڪڇي نه سگهي، تنھن کي نماڻو چئبو آهي.
نياڻي، ڪڇي نه سگهڻ جي علامت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪن معاملن کي نبيرڻ لاءِ، ڪي ماڻھو نياڻي ميڙ ڪري ايندا آهن. جنھن جو مطلب هوندو آهي ته اسان جي ڪڇڻ جي واٽ ناهي. سندن نياڻي ميڙ ڪرڻ کانپوءِ، معاملو هڪ دم رفع دفع ڪيو ويندو آهي. ڇو جو ازي مڃي، جهڳڙو ٽٽو.
مطلب:
93.1 نياڻي، آهي نماڻي.
93.2 نياڻي، ست قرآن.
94. وارا، ڄمارا. (چوڻي، سنڌ)
جھڙو ورتاءُ ڪبو، اڳلو به اهڙو ئي ڪندو. چڱائي ڪبي ته پاڻ سان به چڱائي ٿيندي، برائي ڪبي ته پاڻ سان به برائي ٿيندي.
مطلب:
94.1 جتيءَ کي به وارو آهي.
95. وارا، ڍارا. (سرو، چوڻي)
وارو يا موقعو؛ ڍاري يا ڪُڻي وانگر آهي. کين هٿان نه وڃائجي.
مطلب:
95.1 وارا به پُکي/ ڪُڻي ۾ آيل شيءِ وانگر هوندا آهن.
96. وارا، ڦيرا. (سرو، چوڻي)
وارو يا موقعو، ڦير يا تبديلي جي نشاني به آهي.
مطلب:
96.1 جڏهن قسمت ڦيرو کائي ته منجهانئس ڀرپور فائدو وٺجي.
97. وارا، نيارا. (سرو، چوڻي)
وارو يا موقعو نئين شيءِ وانگر آهي.
مطلب:
97.1 نئين هٿ آيل شيءِ مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.
98. وڏو، جڏو. (چوڻي، سنڌ)
جڏو ماڻھو، زور بار وارو ڪم ٻين کان ڪرائيندو آهي. گهر جو وڏو، پيءُ يا ڀاءُ، پڻ زور-وارو ڪم ننڍن کان ڪرائيندو آهي. پاڻ کٽ تي ويٺو هوندو آهي. انھيءَ سبب ڪري وڏي کي به جڏو ڪوٺيو ويندو آهي.
مطلب:
98.1 گھر جو وڏو، جڏي ماڻھوءَ جي مثل آھي.
99. ويجهي، ڪوجهي (پھاڪو، سنڌ)
هر شيءِ پري کان ئي خوبصورت لڳندي آهي، ويجهو اچڻ کان پوءِ، سندس سوين عيب ظاهر ٿي پوندا آهن.
مطلب:
99.1 دور ڪي ڍول سھاني بجتي هين.
99.2 گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
99.3 گهر جي مرغي، دال برابر.
99.4 گهر جو ڀانڀڻ بئل برابر.
99.5 مکي، گهر جو دُکي.
99.6 ويجها، ڪوجها.
99.7 ويجهو، ڪوجهو.
100. ويڙها، جهيڙا (چوڻي، سنڌ)
جيڪي ماڻھو ويڙهن جي صورت ۾ گهر اڏي ويھن ٿا، تن ۾ ٿوري گهڻي ويجهڙائپ ته رهي ٿي، پر منجهن جهيڙا جام ٿين ٿا. جيڪي ماڻھو پنھنجي گهر جو ٻنڀو الڳ ٺاهي ويھن ٿا، تن کي ٿوري گهڻي اڪيلائپ ته محسوس ٿئي ٿي پر ٻين سان سندن جهيڙا گهٽ ٿا ٿين.
مطلب:
100.1 ويڙهو، جهيڙو.
100.2 جتي ويڙھا، تتي جھيڙا.
101. هاٿَي، ساٿَي. (پھاڪو، اردو)
وقت تي هٿ واري ملڪيت ئي ڪم ايندي آهي. دوست يار، مٽ عزيز، سڀ جتي جان ڇڏائي ڀڄي ويندا، اتي پنھنجي هٿ وس واري ملڪيت ئي ڪم ايندي آهي.
مطلب:
101.1 جيڪا هٿ ۾ آهي، سا ئي ساٿ نڀائيندي.
101.2 پنھنجيءَ ۾ هٿ، پرائي ۾ اکيون.
101.3 جو هاٿي، سو ساٿي.
101.4 کڏ! چي؛ جي سڏ!
102. هجتي، لعنتي. (چوڻي، سنڌ)
هجائتو ماڻھو، وقت تي مصلحت به نه ڏسندو آهي. ڳالھائيندو ته اڻ-سوچيو (Blunt) ڳالھائيندو. سوچي سمجهي (Sharp) نه ڳالھائيندو آهي. انھيءَ سبب ڪري کانئس نفرت ۽ ڌڪار پيدا ٿيندي آهي ۽ پري ٿيندو ويندو آهي.
مطلب:
102.1 هجائتي ڪتي، حُجري ۾ هنگي.
102.2 هجائتي ڪتي، ھنج ۾ هنگي.
103. ھَريو، ڀَريو. (چوڻي، زرعي)
ھريو؛ سر سبز، سائو. جنھن کي گھڻا ھر آيل ھجن.
ڀريو؛ ڦل فروٽ سان ڀرپور.
سائو وڻ سايه-دار ھئڻ سان گڏ، ڦلدار پڻ ٿيندو آھي. سڪي وڻ/ ول ۾ ڦل نه لڳندو آھي.
اھڙيءَ طرح جنھن پوک کي گھڻا ھر آيل ھوندا آھن، تنھن جي اپت پڻ وڏي ڦلدائڪ ھوندي آھي. پوک کي عام طور چار ھر ڏيندا آھن. گھٽ ھر ڏيڻ سان زمين ڦلدار نه ٿي سگھندي آھي. منجھس ڪيل محنت، ڇٽيل ٻج ۽ وڌل پاڻي رائيگان ھليا ويندا آھن.
مطلب:
103.1 ھرا؛ ڀرا )اردو(
103.2 جيترو ھر، اوترو ڦر.
103.3 ايڪ ھل ھتيا، دو ھل ڪاج، تين ھل کيتي، چار ھل راج.
103.4 سائي مان سَوَ سک.
104. ھَريو، ڦَريو. (چوڻي، زرعي)
ھريو؛ جنھن کي گھڻا ھر آيل ھجن.
ڦريو؛ ڦل لڳڻ، ڦل فروٽ سان ڀرپور ٿيڻ.
جنھن پوک کي گھڻا ھر ڏبا آھن، تنھن جي اپت وڏي ڦلدائڪ ٿيندي آھي.
مطلب:
104.1 جيترا ھر، اوترا ڦر.
104.2 ايڪ ھل ھتيا، دو ھل ڪاج، تين ھل کيتي، چار ھل راج.
105. ھِريو، ڦَريو. (چوڻي، سنڌ)
ھريو؛ ھير پيس، چوريءَ وغيرھ جھڙي ڪڌي عادت پيس.
ڦَريو؛ ٻھارو ڏيڻ، چوري ڪرڻ.
ڦِريو؛ ڦرجي ويو
جيڪو ٻار، خراب عادت يا ڪڌي ڪم تي ھريو، ڄڻ گھر کي ڦريو اچي ويو يا گھر ئي ڦُريو. ڇو جو اھو چوريءَ جي شروعات ڪندو ئي گھر جي ٽپڙن کڻڻ سان.
مطلب:
105.1 گھر جو ڀاتي چور ٿئي ته ان کان وڌيڪ ٻي تباھي ڪھڙي چئبي؟
105.2 پيھر ٿئي چور ته واھي وھي ڪيترو.
105.3 ھِريو، ڦُريو.
105.4 ٻار ھريو، گھر کي ڦَريو.
105.5 ٻار ھريو، گھر ئي ڦُريو.
105.6 ٻار چُريو، گھر ئي ڦُريو.
105.7 ٻار چَريو، گھر کي ڦَريو.
106. هنر، نر (چوڻي، سنڌ)
هنر بمشابه ڪمائيندڙ جي آهي ۽ نر پڻ ڪمائڻ جي علامت ۽ نفعي نقصان جو ذميوار آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنر واري کي نر چيو ويو آهي.
مطلب:
106.1 بي هنر، بيڪار.
106.2 هنر وارو ڪٿي به ڌاريو ناهي.
106.3 هنر وارو نر آهي، بي هنر خر/ کر آهي.
106.4 هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند.
106.5 ياري به نر جي، سواري به نر جي.


ڏسڻي
1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(
2. اٺو، مٺو. )ھندي، چوڻي(
3. ان، ايمان (چوڻي، سنڌ)
4. انب، ڏنڀ )لاڙي، چوڻي(
5. انڌو، انوماني. (سرو، چوڻي)
6. انڌو، اونڌو (سرو، چوڻي)
7. انسان، نسيان (چوڻي، پنجابي)
8. انُ، نور (چوڻي، سنڌ)
9. بسياري، خواري (چوڻي، فارسي)
10. بکيو، ڏکيو. )لاڙي، پھاڪو/ چوڻي(
11. بندرو، شيطان (عربي، چوڻي)
12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)
13. ٻاجھر؛ ساجھر. (سنڌ، چوڻي)
14. ٻار، بادشاهه (سنڌ، چوڻي)
15. ٻج: نج. (سنڌ، چوڻي)
16. ٻسر، ٻسٽ. (سنڌ، چوڻي)
17. ڀاڙي، ڀاڙيو (سرو، چوڻي)
18. ڀاڙي، ڀڄڻو (سرو، چوڻي)
19. ٺاري، کائجي. (سرو، چوڻي)
20. پڇڙي، بڇڙي (چوڻي، سنڌ)
21. پلو، تپلو. (ٿري، چوڻي)
22. پنهنجي، سنهنجي. (چوڻي، سنڌ)
23. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)
24. جواني، ديواني (اردو، چوڻي)
25. جواني، مستاني (اردو، چوڻي)
26. جوھي، ڊوھي (سنڌ، چوڻي)
27. جيئندا، ميلا (سنڌ، چوڻي)
28. چاڪر، چياڪر (اترادي، چوڻي)
29. چٻيو، ڦٻيو (سنڌ، چوڻي)
30. حجامڙو، حرامڙو. (چوڻي، اترادي)
31. حجتي، لعنتي (چوڻي، عربي)
32. حرڪت، برڪت (اترادي، پهاڪو)
33. دادو، جادو (سرو، چوڻي)
34. دونھون، سونھون (سرو، چوڻي)
35. ڌرتي، سرتي (سرو، چوڻي)
36. ڌرتي، ماتا (هندي، چوڻي)
37. ڏنو، ٻنو (اترادي، پهاڪو)
38. ڏوريندڙ، ڏسندڙ (اترادي، چوڻي)
39. ڏئي، پڇتاءِ (اترادي، چوڻي)
40. ڏي، ڏر (پهاڪو،لاڙ)
41. ڏيرپو، ويرپو (چوڻي، سنڌ)
42. ڏيرياڻي، ويرياڻي (چوڻي سرائڪي)
43. ڏيند، لهند (چوڻي، لاڙ)
44. ڏينهن شينهن (چوڻي، اتر)
45. ڊگهو، بيوقوف (چوڻي، انگريزي)
46. راھيندڙ، لڻندڙ (چوڻي، سنڌ)
47. رتائي، ٽِپتائي (چوڻي، سرو)
48. زال، سنڀال (چوڻي، سنڌ)
49. زنا، فنا (سنڌ، چوڻي)
50. ساڪرو، آڪرو (چوڻي، لاڙ)
51. سنجهو، ڏنجهو (چوڻي، سنڌ)
52. سول، ڪول (چوڻي، سنڌ)
53. سھتا، مھتا (چوڻي، سنڌ)
54. سيڻپو، ويڻپو (چوڻي، سنڌ)
55. شادي، تعدي (چوڻي، سنڌ)
56. شامي، حرامي (چوڻي، اتر)
57. ضامنگيري، تاوڻگيري (سرو، چوڻي)
58. عرض، مرض (سرو، چوڻي)
59. عزت، ڊڄي (سرو، چوڻي)
60. عشق، انڌو (چوڻي، سنڌ)
61. ڦِريا، ڦُريا. (چوڻي، سنڌ)
62. قرض، مرض (چوڻي، سنڌ)
63. ڪامورو، ماڪوڙو (سرو، چوڻي)
64. ڪڇي، ڦاڙجي (سرو، چوڻي)
65. ڪرند، پسند (چوڻي، لاڙ)
66. کرندڙ، کاريندڙ (چوڻي، سرائڪي)
67. کير، پير (چوڻي، سنڌ)
68. گاسو، خاصو (پهاڪو، سنڌ)
69. گئو، ماتا (چوڻي، هندي)
70. ڳولهيندڙ، لهندڙ. (پهاڪو، فارسي)
71. گهر، گهرانءِ. (پهاڪو، سنڌي)
72. گهڙيا، اڪريا (پهاڪو سنڌي)
73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)
74. لالچي، لانتي (چوڻي، سنڌ)
75. لڄارو، بکارو(چوڻي، سنڌ)
76. لچائي، بادشاهي (پهاڪو، سنڌي)
77. لوچيندڙ، لھندڙ. (چوڻي، سنڌ)
78. ليکو، چوکو )چوڻي ،سنڌ(
79. ماچي، ناچي (چوڻي، لاڙ)
80. مار، سنوار(چوڻي، انگريزي)
81. مالڪ، مالڪي. (چوڻي، سنڌ)
82. مال، لال (چوڻي، ٿر)
83. مايا، ڌوتي. (چوڻي، ھندي)
84. مايا، ڏائڻ. (چوڻي، سنڌ)
85. محبتي، محنتي. (چوڻي، سنڌ)
86. مُڙيا، جُڙيا. (چوڻي، سنڌ)
87. ميڙيندڙ، مٺا. (چوڻي، سنڌ)
88. نوڪري، ٽوڪري. (چوڻي، سنڌ)
89. نوندين، لھندين. (چوڻي، سنڌ)
90. نياڻي، نماڻي. (چوڻي، سنڌ)
91. وارا، ڄمارا. (چوڻي، سنڌ)
92. وار، ڍارا. (سرو، چوڻي)
93. وارا، ڦيرا. (سرو، چوڻي)
94. وارا، نيارا. (سرو، چوڻي)
95. وڏو، جڏو. (چوڻي، سنڌ)
96. ويجهي، ڪوجهي (پھاڪو، سنڌ)
97. ويڙها، جهيڙا (چوڻي، سنڌ)
98. هاٿي، ساٿي (پھاڪو، اردو)
99. هجتي، لعنتي (چوڻي، سنڌ)
100. ھَريو، ڀَريو. (چوڻي، زرعي)
101. ھِريو، ڦَريو. (چوڻي، سنڌ)
102. هنر، نر (چوڻي، سنڌ)

No comments:

Post a Comment