Monday, March 14, 2022

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ جو تحقيقي اڀياس

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ جو تحقيقي اڀياس

رياض ڪلهوڙو



ڪنهن ڏاهي جو قول آهي؛ ”انسان جي ڄاڻ جو دائرو ٽن شين تي مبني آهي: خدا، فطرت ۽ خود انسان“. ڏسڻ ۾ ائين ٿو محسوس ٿئي ته انسان جي ڄاڻ، محدود آهي. جڏھن ته مطالعي، مشاهدي ۽ غور ويچار کان پوءِ، خبر ٿي پوي ته مٿين ٽن نقطن جي ڄاڻ، ڪائنات جي ڄاڻ آهي. خدا جي خدائيءَ کي سڃاڻڻ مطلب، ڪائنات جي سمورن علمن کان واقف هجڻ. خدا جي خدائي، انسان جي اصليت، حقيقت ۽ ڪيفيت ۽ ڪائنات جي سونهن، سوڀيا ۽ سندرتا کي اصل روپ ۾ ڏسڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ عالمن، ودوانن ۽ زيرڪن جو ڪم آهي. ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ڪائنات جي علمن کي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. معلوم نه اٿم، پر عربي ٻوليءَ ۾ علم کي (۱۹) اوڻويھن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪڙو ”علم اللسان“ به آهي. ”علم اللسان“ معنيٰ ٻوليءَ جو علم. ٻوليءَ جو علم ايترو وسيع آهي، جو هڪ هڪ پهلوءَ ۽ نقطي تي الڳ پي ايڇ ڊي ٿي سگھي ٿي ۽ ٿين به ٿيون. هتي ٻوليءَ کي زينت بخشيندڙ هڪڙي موضوع يعني ”پهاڪن ۽ چوڻين“ جي ماهر عبدالوهاب سهتي جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو، جنهن کي امتياز منگيءَ ”پهاڪن جو چيمپئن“ سڏيو آهي. منگي صاحب، وڌيڪ چوي ٿو ته:

Saturday, March 12, 2022

سچ اگھاڙو، ڪوڙ ڍڪيل - ارشاد احمد شيخ

سچ اگھاڙو، ڪوڙ ڍڪيل. (چوڻي)

ارشاد احمد شيخ



ھڪ ڏينهن سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ مليا. ڪچھري ڪندي ھڪ درياءَ وٽ آيا. صاف شفاف پاڻي ڏسي، تڙ ڪرڻ جي صلاح ڪيائون. ٻئي ڄڻا، لٽا لاھي، تڙ ڪرڻ لاءِ درياءَ ۾ لھي پيا.

ڪوڙ، جھٽ کن تڙ ڪري، ٻاھر نڪتو. پنهنجا ڪپڙا پائي، سچ جا ڪپڙا کڻي ڀڄي ويو.

ان ڏينهن کان دنيا ۾ سچ، اگھاڙو آهي ۽ ڪوڙ کي سچ جو لباس پاتل ھوندو آھي.

مطلب؛ سچ، ڪنهن کي به نه وڻندو آهي! ڪوڙ گھڻن کي وڻي.

۲. سچ، ڪؤڙو لڳي. ڪوڙ، ڍڪيل ھئڻ سبب مٺو لڳي.

 

(ارشاد احمد شيخ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

ادب، ياري دوستي ۽ ھوڪا! مٺل جسڪاڻي

ادب، ياري دوستي ۽ ھوڪا!

مٺل جسڪاڻي



عنوان تي ڪجھ لکڻ کان پھرين چند پھاڪا ياد ڏيارڻ ضروري پيو سمجهان! مثال طور: ”اُهي پيٽَ ئي پڌرا، جيڪي پُٽ ڄَڻين“. ”اُهي ٻيلا ئي ٻيا، جن جون ڪاٺيون ڪم جون“. ”ٻين کي فيض ڏيڻ ۽ واهر ڪرڻ وارا ماڻهو پري کان پڌرا“. ”اُها ڪُڪِڙ ئي مري وئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.“، ”اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهَٽا ڏيندا هئا.

Tuesday, March 8, 2022

اها ئي زبان، کٽ تي به ويهاري، اها ئي زبان، پَٽ تي به ويھاري. - محمد سليمان وساڻ

اها ئي زبان، کٽ تي به ويهاري،

اها ئي زبان پَٽ تي به ويھاري. (چوڻي)

محمد سليمان وساڻ



حضرت بھلولؒ پنهنجي دور جو مشھور داناءُ ۽ الله لوڪ ماڻھو هو. حضرت امام جعفر الصادق جو شاگرد ۽ وقت جي خليفي هارون رشيد جو سئوٽ هو. هڪ ڏينھن جنابِ بھلول صحرا ۾ پنھنجي مستيءَ ۾ ويٺا هئا ته سندس شھر جي هڪ تاجر جو اتان گذر ٿيو. تاجر جي دل ۾ بھلول لاءِ عزت هئي. گهوڙي تي ويٺي ويٺي ان بھلول کي چيو: ”اي داناءَ! مان تجارت جي لاءِ وڃان پيو! ڪجهه مشورو ڏيو ته مان ڇا خريد ڪريان، جنهن سان مون کي ججھو منافعو ملي.“