Saturday, May 30, 2015

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
چڱا ڪَن چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
جو وڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سي ئي ڪن.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحه) جو مٿيون بيت انساني ڪردارنگاريءَ کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس آهي، سندن مطابق چڱا لڇڻ يا سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي، جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کُٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر چڱاين کي جيڪو پنهنجو ڪندو سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه صرف پاڻ مستفيض ٿيندو، پر ٻيا به پيا هن سُرهاڻ سان واسبا.

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي - حسين بخش ٿيٻو

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي
حسين بخش ٿيٻو
هر شام شمعدانن ۾ تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون ھيون. ٻڍاپور ريلوي اسٽيشن ويجهو منهنجو ننڍپڻ جو ڳوٺ ٿيٻا، هي مغل سامراجين سان چوٽون کائيندڙ منهنجي وڏڙن جو ڳوٺ آهي جنهن جو ذڪر مغل دور جي تاريخ نويس يوسف ميرڪ جي ڪتاب تاريخ مظهر شاھ جهاني ۾ ملي ٿو. ٿوري فاصلي تي دادو مين روڊ تي خاصائي شورن جو اسٽاپ آهي. هي خاصائي شورا، مغلن سان چوٽون کائيندڙ ۽ بهادرن دائود شورو ۽ جهونجهار شورو جو ڳوٺ آهي. ٻڍاپور يا ٻڌپور جو ذڪر اسان کي علي ڪوفي جي چچ نامي ۾ وڏي قلعي جي صورت ۾ ملي ٿو. هاڻي ننڍڙو ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن مانجهند ۽ پيٽاڙي جي وچ ۾ آهي، صبح جو سويرو ڪتاب ۽ سليٽ، ٿيلهي ۾ وجهي هڪ ميل تي هندن طرفان خوبصورت جوڙايل وسندي “ڀيان” جي اسڪول وڃبو هو. پاڪستان کان پهرين هڪ ميل تائين سڌي مکيه بازار جنهن ۾ دوڪان دنيا جهان جي مال سان ڏٽيل هوندا هُئا. آمهون سامهون سڌيون گهٽيون ۽ ويڪرا چؤڪ، شام جو پخالي مکي پڪين سرن سان جڙيل بازار ۾ ڇڻڪار ڪندا هُئا. بازار جي ٻنهي پاسن کان ٿوري ٿوري پنڌ تي روشني لاءِ لڳل شمعدان جنهن ۾ هر شام جو تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون هيون.

Friday, May 29, 2015

زبان چم جي، وڏي ڪم جي - مٺل جسڪاڻي

زبان چم جي، وڏي ڪم جي

مٺل جسڪاڻي



اوهان چوڻي ٻُڌي هوندي؛ ”زبان چم جي، ڪنهن نه ڪم جي“، ۽ اوهان ان کي ”مُنڊيءَ تي ٽڪ“، يعني بلڪل درست به سمجهندا هوندا، پر منهنجو ذاتي تجربو ڪجهه ان ريت آهي ته؛ ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“...

ٿيو هيئن ته وڏي آواز سان ڳالهائي، ڪم وٺي ويندڙن کي ڏسي، مون کي به اٽڪل سُجهي آئي! سو دير نه ڪيم. جڏهن به، جنهن ۾ به، جيڪو به، ڪم ڦاسي، وٺي گوڙ ڪريان، هُل مچايان، ته اڳئين کي آئون وڻان نه وڻان، منهنجي ڳالهه سمجهي نه سمجهي، ڪم جائز ناجائز هجڻ جو فيصلو ڪري نه ڪري، پر منهنجي شور شرابي مان بيزار ٿي، منهنجو ڪم ڪري، مون کي روانو ڪريو ڇڏي.

Monday, May 25, 2015

دٻليءَ ۾ درياهه - نصير مرزا

دٻليءَ ۾ درياهه!
سومر 25 مئي 2015ع
نصير مرزا

”آئي امان ڪاڏي!؟...“ ”آئي امان وڃان ٿي لياريءَ مان مائي ڦاپو مڪرانڻ کان ”ٺُونگو هڻائڻ.“ اڙي هان... هي لفظ ٺونگو ڇا!؟ ۽ علي احمد بروهي صاحب واتان تقرير ۾ اهو لفظ ٻُڌي، کانئس ان جي معنى وڃي مون پُڇي. چيائين، ”ٺونگو هڻائڻ“ معنى مٿي مان ”جوئون ڪڍرائڻ.“ اصل ۾ اهو علامتي ۽ اُهڃاڻي گفتگوءَ جو هڪڙو ڏانءُ ۽ هڪڙو سليقو آهي، جنهن کي پاڻ ته سنڌيءَ ۾ سڏيون... محاورا... پهاڪا... چوڻيون... هنديءَ وارا سڏين ڪهاوتون... ڪهه مڪرنيون ۽ پاڻ وارا عرب سڳورا... ۽ ڪُجا ڪُجا چوڻ وارا فارسي دان واري انهيءَ هئر کي آکين... ”ضرب المثل!“ ۽ بابا... انهن چوڻين کي مختلف ٻولين وارا، نالا کڻي پوءِ ڪهڙا به ڏين، باقي دنيا جي سڀني ٻولين ۾، اهي چوڻيون ايتريون ۽ ايتريون ته لاتعداد آهن، جو پني تي لکي کوهن ۾ اُڇليندا وڃو، کوهه ڀرجي ويندا، اهي مُيون نڀاڳيون، چوڪ چنڊيون چوڻيون ڪو نه کُٽنديون. اصل ۾ لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ ادب تي ته...هر ڳالهه تي ڀاري ڀرڪم، آواز ۾...بَلي بلي... چوندڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاندار ۽ زبردست ڪم ڪيو آهي. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود اپرمپار چوڻين ۽ پهاڪن کي سهيڙڻ وارو ڪم اول اول يا ته مرزا نادر بيگ ڪيو يا گڏوگڏ ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر سنديلي صاحب، ڊاڪٽر جيٽلي يا ويجهي ماضيءَ ۾ وري بمبئي يونيورسٽي واري هڪڙي سانوري بانوري نوجوان... ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي ڪيو آهي. هن جوان ته، ان موضوع تي، اڪو ئي ڊاڪٽريٽ واري ٿيسز به تيار ڪري ورتي آهي ۽ اهڙي؟ جو هٽ پري ڪو! اڙي بابا... هن سانورڙي جوان 2006ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾، پنهنجي ان ڪتاب جو هڪ باب ڇا پڙهڻ شروع ڪيو، خلق کي... اصل ڏندين اڱريون اچي ويون. ڪي ڪي چوڻيون ته، ايڏيون دلبهار رس دار ۽ پُر بهار جو ٻُڌيو، ماڻهو کِليو کِليو کيرا پئي ٿيا. ان وقت منهنجي ڀرسان ته ڪو بنهه ٿلهو متارو جارج پنجم جهڙو ٺوڙهو پوليس آفيسر ويٺو هو، جيڪو کِلڻ وقت ايڏو ته هيٺ مٿي ۽ آسيرو پاسيرو پئي ٿيو، جو ان کي ڏسي، منهنجي حالت وري اهڙي جو کِلي کِلي مرڳو بيهوش ٿئي ٿيس. چيائين پئي...”واڻيو پئسي جو پُٽ“، ”واڻيو وياج ۾، سڳي ڌيءَ مان به نه ٽري“... ”ڪنڀار... ڪنڀارڻ سان نه پُڄي ته مروڙي گڏهه جا ڪَن“ ”ڪُنڀر جي گهر...ڀڳل دلو...“ ڌوٻيءَ جو ڪتو؟... نه گهر جو، نه گهاٽ جو.“ ”موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي مُنهن ۾“... ”يار به چاڪي، سينڌ به اڻڀي“، ”سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه مُڙي...“، ”سون کي ڪهڙي ڪس.“ انڌن وڃي ملتان لڌو“، ”انڌي هنگي ٻه سيڙائي...“، ”ايمڻا...؟ سو تيل ٿي پيو“، ”انڌي جهڙي ساهري تهڙي پيڪي“، ”ٻٽيهه منڊ، منڊن ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو“، ”گنجي جي مٿي ۾، نه ليک، نه جُون“، ”گنجو ساماڻو ته سڀني کڻي ماٺ ڪئي“، ”عامل نه دوست ڦڦڙ نه گوشت“، ”سيد ۽ سپاهي، تن کان امان ۾ رکج يا الاهي!“ اڙي بابا... ڪي ڪي چوڻيون ته هم قافيه به ٿين. ڀانئيان ٿو اهي پڪ سان ڪي شاعراڻو مزاج رکندڙ ئي جوڙيون هونديون... مثال طور؛ ”جهڙو مُنهن، تهڙو موچوڙو“، ”جيڪو چُلهه تي، سو دل تي...“، ”جهڙو راجا، تهڙي پَرجا...“، ”جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا ساوا...“، ”ڌڻي مٺا وس ڪجانءِ، ماسيءَ منجهان سسُ ڪجان...“، ”لکي لکانو، پڙهي الانو...“، ”ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي“، ”حجام ۽ پاڪي، چڳ نه رهندي باقي“، ”ڪوري؛ آپت ٿوري!“، ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي...“، ”قاضي ڄاڻي يا قاضيءَ جي قيام ڄاڻي...“، ”هيتري تر جيڏي، ميرن جا ٿي پٽڪا لاهي“، ”مالڪ يار... ته ٻيڙا پار“، ”گهر ويٺي گهران، اڱڻ آئي نه سهان“، ”پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي“، ”ڏيرياڻيون، توڙ جون ويرياڻيون“، ”ڪٽنب ننڍو، سک وڏو“، ”ٻه به ويون ته ڇهه به ويون.
۽ يارو هيڏانهن منهنجو هي جيڪو خوش سڀاءُ ۽ بي حد هجائتو يار آهي... انعام شيخ! ان ٻه هزار چوڏهن ۾ تاج جويي ۽ پندرهن ۾ منهنجي ريٽائرمينٽ بابت هي ڇا ته زبردست تاريخي محاورو ٺاهي ورتو آهي: ”چوڏهن چَٽ ۽ پندرهن پَٽ.“ ۽ اڙي بابا! هي جيڪو آئون خلق کي بظاهر مٺو ۽ ماٺيڻو لڳندو آهيان... سو طبعيتن محاورا ٺاهڻ تي ته منهنجي به هر وقت زبان روان دوان نظر ايندي آهي. مثال طور... ٽنڊو ڄام... اسرار شام، ڄاڃي ٻرڙو... ڪوثر ٻرڙو، علي قاضي...ولي قاضي، ادل سومرو... بار هوٿرو، اياز گل...کڻ غزل، ناز سهتو... پهتو پهتو، تاج جويو... هٽو بچو، انعام شيخ... يا شيخ..! ناشاد... هردم شاد، تاج بلوچ... لٺ بلوچ، محمود مغل... هل پيو هل. خير دوستو محاورن... پهاڪن ۽ پنهنجن ديسي چوڻين ڏانهن آئون هڪ ڀيرو وري به موٽندس، پر وچ ۾ هي ڪجهه پرڏيهي چوڻيون به پڙهو. جيئن مثال طور يوگو سلواڪيه، وارا چوندا آهن... ”انڌن کي ڪهڙو فڪر ته ميڻ بتين جو اگهه وڌي ويو آهي.“ ”نانوائي... زال مڙس پاڻ ۾ وڙهيا ته ويڙهه ۾ ٻلي کڻي تنُور ۾ اُڇلي ڇڏيائون.“ اسپينش ٻوليءَ جي هڪ چوڻي آهي... ”گڏهه مالڪ کان ڪُٽبو به جام آهي، پر پوءِ به ٽوٽي مالڪ جي سيرانديءَ کان بيهي صبح سان ڍينچون ڍينچون ڪري کيس جاڳائيندو به پاڻ ئي آهي.“ فرانسيسي ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته، ”شينهن جي پُڇ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ڪُتي جو وات وڃي ٿجي.“ ائين انگريز بادشاهن جون چوڻيون به واهه وا... ”احمق دعوتون جهليندا آهن ۽ عقلمند مزا وٺي وٺي کائيندا آهن...“، ”جنهن به کوهه ۾ ڏول لهندو رهندو، اهو خشڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو.“ هوڏانهن جُبن وارا هي، جيڪي هڻ لٺ عرب سڳورا آهن، انهن جون به چوڻيون بلي بلي... ۽ ڪمال ڪمال. سندن چوڻ آهي ته...”چوڻيون، ڪهاوتون اهڙيون، يتيم ڇوڪريون آهن، جن جي حُسن جمال سان هي جهان هر وقت پيو جرڪي...“ سندن چوڻ آهي ته، ”تلوار ئي بهادر جي معشوقه هوندي آهي...“، ”موت جو انتظار صرف جنگ جي ميدان ۾ ئي ڪرڻ گهرجي.“ هوڏانهن هو جيڪي پين پان پان پون پون وارا چيني محاورا آهن، اهي به سائين: ڪيا هي بات! چوندا آهن، ”ڊگها مينار... پنهنجي پاڇولي سان ئي ماپيا ويندا آهن...“ ڪنهن به ملڪ جا بادشاهه، ڪنهن محل وانگر ٿيندا آهن. ان جا وزير وزراءَ ڏاڪن وانگر ۽ رعايا زمين وانگر هوندي آهي، جنهن تي اهي بادشاهه، ڇيڳ پيا چرندا آهن.“ هاڻي هي پاڻ واري ماءُ ٻولي قومي ٻولي سنڌيءَ جا ڪي ٻيا قول ۽ ٻول ڏسو، جيڪي پنهنجي اڻت ۾ خالص واڻڪا محاورا ٿا محسوس ٿين. ”ٻه ڀائر ٽيون ليکو...“، ”نُنهن هر ڪو ٻئي جي ساراهي ۽ ڌيءُ پنهنجي...“، ”آئي ٽانڊي لاءِ ٿي ويٺي بورچياڻي...“
۽ اڙي بابا... هي ته ديڳ منجهان مون محض مزي مزي جهڙا ڪي داڻا ڪڻا چونڊي هنن پنن تي وکيريا آهن، ۽ جي انهن جي چوس تي ڪو پاٺڪ اهڙا ٻول... محاورا... ۽ پهاڪا وڌيڪ پڙهڻ چاهي ته ڊاڪٽر مُرلي ڌر جيٽلي صاحب جو مرتب ڪيل اهڙو پستڪ شوق سان وڃي پڙهي ۽ گدگد ٿئي، جنهن ۾ محض ڪي سئو ٻه نه!! پورا ٻارهن هزار، سنڌي محاورا ۽ پهاڪا هن هڪ هنڌ کڻي هڪيا ڪري، اسان کي ڏنا آهن. ۽ اڙي بابا! هي جو مون مٿي به ڪٿي لکيو ته پاڻ واري جوان محقق روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ ته ان موضوع تي مرڳو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي ڏيکاري اٿوَ. اڇا! پهاڪن جي ڏس ۾ بس باقي ٿوري ننڍڙي هيءَ به ڳالهه ته هي ٻول، ائين هوندا آهن، جيئن دٻليءَ ۾ درياهه، ڪوزي ۾ سمونڊ يا جهڙا مُنڊيءَ ۾ ٽڪ يا جهڙا ٻج ۾ پورا پورا وڻ... ۽ ڪو سڄاڻ خطيب ۽ ماهر مقرر پنهنجي خطاب دوران... انهن چوڻين کي جي درست هنڌ تي فٽ ڪندو ويندو ته انشاءَ الله... داد... تعريف ۾... تاڙين جا ڦهڪا به خوب خوب ماڻيندو... يعني مطلب ته... (۽ اهو منهنجي دوست خدا بخش ابڙي جو تڪيه ڪلام آهي) يعني ڳالهه ڪرڻ جو... مطلب هي ته جيڪو جيڪو به قلمڪار يا مقرر... پنهنجي لکت يا گفتار ۾ جيڪڏهن چوڻين کي درست چُست انداز ۾ واپرائڻ تي قادر!؟ ته پوءِ اهڙي ليکڪ يا خطيب کي سڏيو ۽ سمجهيو ئي ويندو اٿوَ، راڄ جو راڻو ۽ اسلوب ان جو پڙهڻ ۾ ائين پيو معلوم ٿيندو آهي، جهڙو ريشمي ڪو ئي: ”هنڌ وهاڻو.“