Wednesday, March 27, 2013

سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه


سنڌي اصطلاح چوڻيون ۽ پهاڪا
نور افروز خواجه


هر قوم جي سماجي تاريخ ۾ واقعاتي حقيقتون ۽ سماجي سچايون موجود هونديون آهن. پر حقيقت ۽ سچ، سماجي اڀياس جي لحاظ کان، الڳ شيون آهن. جيئن ته حقيقت جو تعلق واقعي حقيقت سان ۽ سچائيءَ جو تعلق سماج جي اندر موجود سچائيءَ سان هوندو آهي، تنهنڪري سماجي سچائي هر طرح، اعتبار جي قابل هوندي آهي.
ڪي واقعاتي حقيقتون ۽ ڪي سچايون، جيڪي هر سماج ۾ عملي طور ظاهر ٿينديون رهن ٿيون؛ سي واقعاتي حقيقتن جو هڪ قسم آهن. جيڪي خاص صورتحال ۾ پيدا ٿينديون آهن، ۽ ڪن خاص مقرر ڏينهن جي مقرر عرصي اندر جنم وٺن ٿيون، ۽ اهڙيءَ طرح سماج ۾ رونما ٿينديون رهن ٿيون. انهن مان هر هڪ حقيقت ۽ سچائيءَ جي صورتحال، هڪ واقعي جهڙي هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سماج اندر ٻولي به پاڻ منجھ تبديلي آڻي ٿي ۽ هر صورتحال کي ڪنهن نه ڪنهن نالي/ وصف ڏيڻ يا بيان ڪرڻ لاءِ نوان لفظ، اصطلاح، محاورا، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ سماجي سچائي ۽ حقيقت نگاري، جيڪا حقيقت ۽ سچائيءَ جي روپ ۾ جنم وٺي ٿي، سا سماج جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان تبديلي ۽ واڌارو پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري هر دور ۾ اصطلاح، پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون جيڪي ماحول ۽ حالتن جي اثر ڪري حقيقت ۽ سچ کي پيش ڪن ٿيون، سي حالتن، حقيقتن، سچاين، تهذيبن، تمدنن کي سمائينديون رهن ٿيون.

اگر عام زبان تي غور ڪيو وڃي ته هر لفظ هڪ آوازي اشارو آهي، جو خيال جي هڪ وڏي مجموعي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. لفظن جي ٺاهڻ جي ضرورت ئي انهيءَ ڪري پيش آئي جو خيالن جي مجموعي کي ڳالهائڻ ۾ بار بار دهرائڻو پوي ته ڳالهائڻ واري ۽ ٻڌڻ واري جو وقت ضايع نه ٿئي. هڪ شخص جو مقصد، ٻيو شخص آسانيءَ سان سمجهي سگهي. ٻوليءَ (لفظن) کان اڳ، ماڻهو اشارن سان ڳالھ سمجهائيندا هئا، جنهن ڪري گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. اهو ئي سبب ٿيو جو لفظن کي ايجاد ڪيو ويو.
علاوه انهيءَ جي، لفظ معلومات ۾ به اضافو ڪن ٿا. جنهن قوم جي زبان ۾ لفظ وڌيڪ هوندا، انهيءَ قوم جو علمي دائرو به نهايت گهڻو وسيع هوندو. جيڪا قوم گهڻي مھذب ۽ ترقي يافته به هوندي، ۽ جنهن قوم جو علم و فن حاصل ڪرڻ زندگيءَ جو اهم مقصد هوندو آهي، اها قوم ٻوليءَ ۾ جديد لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪندي رهندي آهي.
دنيا جي هر هڪ علمي ۽ ترقي يافته زبان ۾، ٻن قسمن جا لفظ ملن ٿا، جيڪي اصطلاح جي نالي سان سڏجن ٿا.
1.     مفرد لفظ يا مفرد اصطلاح.
2.     مرڪب لفظ يا مرڪب اصطلاح.
اصطلاح اهو لفظن جو ميڙ آهي جنهن کي فاعل ۽ مفعول نه هجي. اصطلاح جي لغوي معنيٰ عربيءَ ۾ عرف ۽ انگريزيءَ ۾ (Usage, Convention) ۽ سنڌيءَ ۾ ڄاڻڻ آهي.
اصطلاح جي سمجهاڻي هيءَ آهي ته: ڪنهن خاص لفظ کي اصل معنيٰ کان الڳ ڪري اهل زبان ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، انهيءَ کي اصطلاح چئجي ٿو. اڪثر اهڙا لفظ محاوري جي صورت اختيار ڪندا آهن.
اصطلاح، درحقيقت هڪ اشارو آهي، جيڪو خيالن جي مجموعن ڏانهن ذهن کي منتقل ڪري ٿو.
وليم لٽل ۽ ايڇ- ڊبليو- فائولر پنهنجي ڪتاب ۾ اصطلاحن جي وصف هيئن بيان ڪري ٿو ته:
`A group of words in a grammatical pattern taken or learned as a unit`.
يعني ته لفظن جو اهو مجموعو، جيڪو ڪنهن خاص نحوي ترڪيب مطابق آندل هجي ۽ جنهن کي يڪو فقرو ڪري ڄاڻجي.
سنڌيءَ ۾ ڪيترا ئي مرڪب لفظ آهن، خاص فعل يا مصدر جن جي معنيٰ رواج ۾ ناهي، حالانڪ هر هڪ گڏيل لفظ جي معنيٰ ٻي ٻي آهي، انهن گڏيل لفظن يا فقرن کي ئي سنڌيءَ ۾ اصطلاح چون. جن جو ڄاڻڻ نهايت ضروري آهي. ڪي اهڙا ٿورا لفظ مصدرن جي صورت ۾ مختصر معنيٰ سميت هيٺ ڏجن ٿا:

اصطلاح
معنيٰ
اُڀ ڏارڻ     
ٻٽاڪون هڻڻ
مکڻ مان وار ڪڍڻ
پورو انصاف ڪرڻ.
ڳوڙها ڳاڙڻ
پڇتائڻ.
سِر ڏيڻ      
قربان ٿيڻ
پير ڀرڻ
چڱو هلڻ.
اک ڏيکارڻ
دڙڪو ڏيڻ
اک لڳڻ      
جهوٽو اچي وڃڻ.
اک نه پٽڻ
خيال ۾ ئي نه آڻڻ.
اک هڻڻ      
نظر هڻڻ
اک پٽڻ      
هوشيار ٿيڻ.
اک ٻوٽڻ     
بيحيائي ڪرڻ
اک جو رت ڇڏڻ
سخت غيرت ۾ اچڻ

اهڙيءَ طرح اصطلاح کي ڪن حالتن ۾ ڪو سياسي تعلق به هوندو آهي، شاھ صاحب سر ڪلياڻ ۾ هڪ هنڌ فرمايو آهي؛
·        ڪه تو ڪنين نه سئا، گهٽ اندر گهوڙا.
هن بيت ۾ گهوڙا لفظ جي لفظي معنيٰ هڪ جانور (گهوڙو) آهي، جو سواريءَ جي ڪم به اچي ٿو. پر هن جاءِ تي لفظ گهوڙا کي تاريخي پس منظر حاصل آهي. انهيءَ صورت ۾ لفظي معنيٰ کان هٽي، هن جي معنيٰ ڏسون اها آهي ظلم.
ٻئي هنڌ تي شاھ سائينءَ فرمايو آهي ته:
·        تڪ ڏيئي، پڪ پيءُ، گهوٽ منجهان گهاٽي.
هن سٽ ۾ به گهوٽ لفظ جي لغوي معنيٰ کان هٽي معنيٰ ٿي شهيد.
جيڪڏهن چڱي طرح جائزو ورتو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته شاھ سائين جو ته سڄو ڪلام ئي اصطلاحن سان ڀريل آهي.
هڪ بيت ۾ شاھ سائين فرمايو آهي ته:
·        مون کي چاڙهي چيءَ، ويو وڻجارو اوهري.
هن سٽ ۾ اصطلاح آهي؛ چيءَ چاڙهڻ يعني تڪليف ۾ وجهڻ.
شاھ سائينءَ جو ٻيو بيت هيئن آهي:
·        مڻيو وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار.
هن ۾ اصطلاح آھن؛ مڻيو مچ ۾ وجهڻ ۽ هائيءَ هڻڻ. شاھ سائين ٻئي ھنڌ فرمائي ٿو ته
·        اندر اوڀالنسين، ساڙي ڪيائينس سوڪ.
ھتي اصطلاح آهي؛ سوڪ ڪرڻ يعني تمام گهڻو پڇتائڻ يا ڏکوئڻ. اهڙيءَ طرح سُر سهڻيءَ ۾ شاھ سائين فرمائي ٿو ته:
·        اُڀيون اوريين پار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن.
هن ۾ اصطلاح آهن؛ اوريين پار بيهڻ ۽ ڪک پڇڻ يعني وسيلا ۽ اُپاءَ پڇڻ.
انهيءَ کانسواءِ، سنڌي ٻوليءَ ۽ شاھ سائين جي ڪلام ۾، ڪيترا ئي اصطلاح اهڙا آهن جيڪي عام استعمال ۾ ايندا رهن ٿا. مثلاً!
·        انت نه ڏجي عام کي، لوڪان ڪجي لڪ.
اصطلاح آھن؛ انت ڏيڻ (راز سلڻ)، لوڪان لڪ ڪرڻ يا لوڪان لڪائڻ.
·        اگهئو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
اصطلاح: ڪچو ڪائو اگهڻ، ماڻڪن موٽ ٿيڻ.
·        وڍ سر، ٿيءُ سرهو، مَ ڪين آ م ڳاءُ.
اصطلاح: سرهو ٿيڻ، سر وڍڻ.
سر بروو سنڌي ۾ شاھ سائين فرمائي ٿو:
·        جئن لهارن لپيٽيو، ڪڙو منجھ ڪڙي.
اصطلاح: لهارن لپيٽڻ، انهيءَ کانسواءِ، جيءُ جڙڻ، ٻيلي ٿيڻ، واجهائي وڃڻ، ڪنجڪ وٺڻ، اڱڻ اجرا ٿيڻ چت چڙهڻ.
سر ڪاپائتي ۾ هيءُ اصطلاح آهن: ڪنڌ کڻڻ، موٽائي منهن تي هڻڻ، ويڳاڻي ويهڻ وغيره.
سر پرڀاتي ۾: ڏانُ گهرڻ، ڌڪي ڌار ٿيڻ، ڏاڻ ڏيڻ، لاڄيا ريجهائڻ، پٿون ڪرڻ، وغيره.
سر ڪاموڏ ۾: ماڱر مٽڻ، ڏهاڳ ڏيڻ، عجب اجهل هئڻ، وغيره.
سر پورب ۾: پيرين پوڻ، سينهڙو ڏيڻ، ڳجهو ڳالهائڻ، سُڌيون ڏيڻ، زاريون ڪرڻ، کيرون ڏيڻ، طعنا تنڪا لائڻ.
سر مومل ۾: ڏيئي ڏيکارڻ، دل ڦٽڻ.
سر بلاول ۾: سانگ کڻڻ، سونگ ڏيڻ، ڍڪ ڍڪڻ.
سر آسا ۾: پير پائڻ، ڪرهل ڪاهڻ، سار لهڻ، جفا ڏيڻ، اوسا کڻي آڪرڻ، انڌن ۾ مامرو پوڻ، محروم ٿي مري وڃڻ، ماهر ٿي مرڻ، نيڻن سان نهارڻ، لوڪان لڪائڻ.
سر سورٺ ۾: ڪوسي سهڻ، حاج ڪرڻ.
سر مارئي ۾: لڄ مرڻ، پير ڀري اچڻ، سکر ڀانئڻ، مري ملهائڻ، ڪتابتون ڏيڻ، ڪربت ڪرڻ، ڏور وڃڻ، ڏورلاپا ڏيڻ، جڙ لڳڻ، ڪر لڀڻ، لھ لهي وڃڻ، واڌايون وڃڻ وغيره.
انهيءَ کان سواءِ شاھ سائين جي ڪلام ۾ ٻيا به ڪيترا ئي اصطلاح موجود آهن.
چوڻيون:
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم خوبي اها به آهي ته منجھس بيشمار چوڻيون آهن. انهيءَ ڪري هن کي جيڪڏهن چوڻين جي زبان ڪوٺيو وڃي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي. ذري ذري تي، چوڻين جو چس، جهڙو اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي مهيا ٿيل آهي، ان جو مثال ۽ مٽ، ٻين ٻولين ۾ ملڻ مشڪل آهي.
لفظ چوڻي اسم مصدر چوڻ مان نڪتو آهي. چوڻيءَ جي معنيٰ؛ راڳ ڳائڻ جهڙي رسيلي رهاڻ آهي. مثلاً هڪ سٺي ڳالهائيندڙ لاءِ ائين چيو ويندو آهي ته؛ فلاڻي جي چوڻي واھ جي آهي. چوڻي جي اها ئي معنيٰ هن لفظ جي اهميت جو اهڃاڻ آهي ۽ سندس ميٺاس جو واس آهي، پر چوڻي لفظ جو متبادل هنديءَ ۾ ڪهاوت ۽ عربيءَ ۾ ضرب المثل آهي.
ڪنهن چوڻيءَ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪيفيتون، منجهائيندڙ موقعا ۽ مرحلا، حياتيءَ جون هيبتون، ڳڻتيءَ جي ڳوڙاڻ ۽ روح جي رهاڻ، جيڪڏهن انفرادي ۽ اجتمائي طرح تجربي ۽ نظر مان نڪرن ٿيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ جڏهن هڪجهڙي حقيقت اکين اڳيان اڀريو اُٿي ٿي، تڏهن وڃي ٿي هڪ چوڻي قائم ٿئي. ان مان اهو اندازو لڳائجي ته هڪ چوڻي مقرر ٿيڻ ۾ ڪيترو گهڻو وقت درڪار هوندو آهي. ائين کڻي سمجهون ته چوڻيون تجربي جي تپت مان نڪتل نچوڙ آهن. انهن چوڻين سان ڪتاب ۽ سگهڙن جا سينا ڀريا پيا هوندا آهن، جيڪي موقعي ۽ مهل تي چوندا آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ چوڻيءَ جو پنهنجو مزو ۽ رنگ آهي. اهو مزو انهن ماڻهن ماڻيو هوندو، جن جي سخنورن سان سنگت ھوندي ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ رھيا ھوندا. سياري جي سيءَ ۾، باھ جي چوڌاري، ڪچهري ڪئي هوندائون، ۽ گرمين ۾ چانڊوڪي راتين جو سگهڙن کي ٻڌو هوندائون.
نارائڻ ڀارتي، لوڪ ساھت ڪتاب ۾، لوڪ چوڻي مضمون ۾، لکي ٿو ته:
”جهڙيءَ طرح لوڻ بنا کاڌو بي مزي لڳندو آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي کيتر ۾ بنا چوڻين ۽ پهاڪن جي اثر ڪندڙ ڳالهيون اهڙيون دلچسپ نٿيون لڳن. نه فقط ايترو بلڪ گهاگهر ۾ ساگر ڀرڻ جو گڻ به انهن لوڪ چوڻين مان ظاهر آهي. وقت جا مسئلا ۽ آزموده هنن ننڍين ۽ چُٽڪلين جملن ۾ سمائجي هميشه لاءِ هلندا ٿا اچن ۽ اهي هر وقت مھذب توڙي غير مهذب سڀني شخصن ۾ پرچلت آهن. جيون جي جڳت ۾ سڀاويڪ ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري لوڪ ساهتيه ۾ چوڻين جي ڪافي اهميت آهي. آزموده پٺيان زندگيءَ جون گهٽائون ڪم ڪنديون رهن ٿيون.
اهڙيءَ طرح وري ڊاڪٽر واسديو شرڻ اگروال به چوڻين جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”لوڪ چوڻيون انساني گيان جا چڱا چوکا چڀندڙ تت آهن. چوڻين ۾ وڏي فيلسوفي سمايل آهي ۽ ساڳئي وقت اهي اسان جي تهذيب يا سڀيتا جو آئينو به آهن ۽ لوڪ چوڻين جي ٻوليءَ ۾ به جيوت جي آتم ڪهاڻي سمايل آهي.“
هاڻي هتي ڪجھ سنڌي چوڻيون ڏجن ٿيون، جيڪي مختلف موقعن جي مناسبت سان آهن.
ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻولين ۾ تبديلي نظر ايندي آهي. انهيءَ لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي:
·        ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي.
سماج ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ۽ پابنديون آهن جنهن جي ڪري انسان وقت تي مجبور ٿي پوي ٿو. انهيءَ مجبوريءَ ۾ خاموشي اختيار ڪرڻي پوي ٿي، جنهن جي لاءِ سياڻا چوندا آهن ته:
·        مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.
دنيا ۾ سچو پيار ۽ سچي محبت، ماءُ پيءُ کان سواءِ مشڪل آهي. انهن جي محبت ۽ پيار جو بدل دنيا ۾ ٻيو ڪو به عزيز نٿو ٿي سگهي. جنهن لاءِ چوڻي آهي ته:
·        ماسيون نه مائون ٿين، ڪاڪا نه پيءَ ٿين.
انهيءَ کان سواءِ بي جوڙ شادين بابت هيءَ چوڻي آهي ته؛
·        ڏاڏي جيڏي ڏگھ سان ٽنگ جيڏي ڪنوار،
·        اُٺ پٺيان، گهڻڊڻي. وغيره.
نصيحت واريون چوڻيون؛
·        پاڙو ابو اما آهي.
·        استاد جي مار ٻار جي سنوار.
ڪن چوڻين مان وري ملڪي حالتن ۽ ڪن تاريخي ڳالهين جي سُڌ ٿي پوي.
·        ڪن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو.
·        پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
·        راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند.
·        واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ.
انهيءَ کان سواءِ ڪجھ چوڻيون آهن جيڪي عام استعمال ۾ اچن ٿيون:
·        پنهنجائيءَ جو ڪنهن کي به سيڪ نه سواد.
·        آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي بورچياڻي ويٺي.
·        پير مان لاهي، منهن ۾ هڻڻ.
·        نڪا سُڌ ثواب جي، نڪا غرض گناھ.
·        آيا ڪنگاڻي، ويو پڃاريءَ مان پاڻي.
·        ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا.
·        ڪتيون آيون ڪپار، مورک مينهن گهرن.
·        تتي ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي.
·        لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه ٿئي.
·        منهن ۾ موسيٰ، اندر ۾ ابليس.
·        ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ فصاحت، بلاغت، فڪر، فهم، شاعرانه خوبين ۽ خصوصيتن کانسواءِ سندس بي بها چوڻيون ۽ پهاڪا ملن ٿا، جنهن جي باري ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو ته:
”شاھ لطيف وٽ مهاڻن، ماڇين، مارين، چرخي ڪتيندڙن ۽ شهزادن سڀني کي ساڳي اهميت آهي. هو اهڙي طرح جامع نموني ۾ انهن جي محاوري، اصطلاح، پهاڪي ۽ چوڻيءَ کي استعمال ڪري ٿو جو ائين ٿو لڳي ڄڻ هو سندن ئي طبقي سان واسطو رکي ٿو.“
شاھ سائين جي ڪلام مان ڪجھ چوڻيون ڏجن ٿيون:
·        عاشق زهر پياڪ، وھ پئسو وهن گهڻو.
هيءُ بيت سرُ ڪلياڻ مان آهي، جيڪو سڄو ئي چوڻيءَ طور استعمال ٿي سگهي ٿو. نه فقط ايترو بلڪ اهو موقعي جي مناسبت سان اڄ به عالمن، عاقلن، خواھ سگهڙن ۽ عام ماڻهن طرفان چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
شاھ سائين جي ڪلام مان ڪجھ ٻيون چوڻيون:
·        عشق نه آهي راند، جيڪا کيڏن ڳڀرو.
·        عقل، مت، نه شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
·        ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
·        جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار.
·        جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.
·        جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وھ اوڀار.
·        تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
·        سچ جنين جو سير، تير نه گسي تن جو.
·        جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
·        ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
·        ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري.
·        سچ بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
·        ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪُهي ڪُهندا ڪيترا.
·        اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
·        سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ هزارين چوڻيون موجود آهن، جيڪي موقعي ۽ وقت جي مناسب سان ڏنل آهن.
پهاڪو:
پهاڪو هڪڙي ننڍڙي ڪهاوت آهي، جنهن ۾ وڏو سچ لڪل رهي ٿو، جو عملي طرح ڪمائتو ٿئي ٿو. پهاڪا يا چوڻيون اهڙيءَ حالت ۾ انهن واقعاتي حقيقتن جي نالن جهڙيون آهن، جن کي سماج ۾ نه رڳو سکڻو شان ۽ مان، پر سچو پچو رفاهي مقام يا رتبو حاصل ٿئي ٿو.
پهاڪي جي معنيٰ آهي؛ ڳڻيل ڳوتيل ڳالھ، سوچيل سمجهيل نڪتو ۽ توريل تڪيل فيصلو، جنهن ۾ جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، حڪمت، ڪا دانائي، نصيحت ۽ هدايت هجي.
پهاڪو ٻوليءَ جو اهو نمونو آهي، جيڪو ڪنهن واقعاتي حقيقت کي بيان ڪرڻ يا ان کي نالي ڏيڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. وري واقعاتي حقيقتن سان گڏ سماج ۾ ڪي ازلي ۽ ابدي سچايون به موجود ٿين ٿيون ۽ ڪي سماجي حقيقتون اهڙيون به ٿين ٿيون جو انهن جي سچائيءَ تي شڪ ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري ڪي پهاڪا انهن حالتن جي بيان ڪرڻ لاءِ به وجود ۾ اچن ٿا، جن جو تعلق اهڙين سچاين يا سماجي سچاين سان ٿئي ٿو. ڪي پهاڪا اسان لاءِ ڌرمي عقيدن جهڙا ئي معتبر ٿين ٿا، پر ڪي اسان جو سماجي اعتقاد بيان ڪن ٿا.
پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جي ظرافت آهي پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي. پهاڪو پُر معنيٰ، مختصر ۽ سلوڻو هئڻ ضروري آهي. هڪڙو عربي پهاڪو آهي ته:
·        گفتگو ۾ ظرافت اهڙي آهي، جهڙو طعام ۾ لوڻ.
بعضي پهاڪن ۾ قافيا ۽ تڪون به ٿينديون آهي ۽ بعضي منجهن ڪي لفظي ۽ معنوي صنعتون به رکيل هونديون آهي. بعضي ته شعر جون مصراعون به هونديون آهن، جي زياده موزون ۽ دلچسپ ٿينديون آهي.
پهاڪي جي وصف آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ هن طرح ڏنل آھي؛
”پهاڪا خاص قسم جا اصطلاح هوندا آهن، جيڪي منطق ۽ گرامر جي لحاظ کان نه پر خاص استعمال جي لحاظ کان پاڻ ۾ معنيٰ سمائين ٿا. جيڪا مڃيل هوندي آهي، جنهن جي مقرر هيئت، خاص عمل ۽ خصوصيت هجي”.
وري شارٽر آڪفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ پهاڪي جي وصف هيئن بيان ڪيل آهي:
”ڪجھ گڏ ڪيل لفظن جو ميڙ يا جمع ڪيل لفظ، جيڪي خاص اظهار لاءِ اتحادي انداز ۾ جملو ٺاهين ۽ جنهن کي زبان جي عملي انداز ۾ ڪا خاصيت موجود هجي، جيڪا هن جي پهرين انداز کان جداگانه هجي.“
انهيءَ مان اندازو لڳائجي ٿو ته پهاڪي جي خاص زبان ۽ خاص معنيٰ هوندي آهي ۽ هن کي هڪ جداگانه عملي لحاظ کان هيئت هوندي آهي. مثلاً ڪي پهاڪا ٿورن لفظن تي مشتمل هوندا آهن، جيئن ته؛
·        ٻه ته ٻارنهن
·        اٽي ۾ لوڻ برابر
ڪي پهاڪا وري گهڻن لفظن تي مشتمل هوندا آهن. جيئن؛
·        رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھ ٿيا.
پهاڪي جي حيثيت هڪ لوڪ تنقيد جهڙي آهي. پهاڪو سماجي حقيقتن جي بنياد تي اُسري ٿو ۽ سماجي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو ۽ سماجي عمل ۽ رد عمل جو ترجمان آهي. سماجي سوچ ۾ فڪر کي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري پهاڪو ٻوليءَ جو اهو نمونو آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت ۾ لوڪ آهي ۽ پنهنجي انهيءَ حيثيت ۾ هرڪو پهاڪو پنهنجي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو.
ڪينٽ برڪ لکي ٿو؛
”هر پهاڪو هڪڙي پاليسي جهڙو آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن واقعاتي حقيقت کي هلائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هر واقعاتي حيقيت کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهو سماج ۾ وسيلا ۽ پاليسيون ڪم آڻين ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ پاليسيءَ جي لفظ جي جاءِ تي وڌ ۾ وڌ رغبت يا لاڙي جو لفظ ڪم آڻي ٿو.“
انهيءَ مان اهو اندازو لڳائجي  ٿو ته واقعاتي حقيقتون به تحريڪن جهڙيون آهن ۽ انهن جي طاقت به فوجي حملي جي طاقت جهڙي آهي. اهي واقعاتي حقيقتون قومن جون تقديريون ڦيرائي ٿيون سگهن. ان ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙي پاليسيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جهڙي جنگي حالتن ۾ اختيار ڪرڻي پوندي. هن قسم جي پاليسيءَ جي مدد سان واقعاتي حقيقتن کي منظم ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت پهاڪن جو تعلق ٻوليءَ جي ان آرٽ سان آهي، جنهن جي مدد سان ٻولي سماجي حقيقتن کي بيان ڪري ٿي ۽ انهن کي منهن ڏيئي سگهي ٿي.
پهاڪا قديم زماني کان وٺي دنيا جي اڪثر قومن ۽ قبيلن ۽ سندن ٻولين ۾ رائج رهيا آهن. آڳاٽن هند-واسين ۽ چينين، رومين، يونانين، عربن ۽ ايرانين توڙي پوءِ جي مشرق خواھ مغرب جي متمدن قومن يا پسمانده قومن ۾ پهاڪا سندن ذهني ارتقا ۽ سندن طبعي ظرافت جي ساک ڀرين ٿا. مجموعي طور تي اهي انسان ذات جي ذهانت ۽ ظرافت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن.
پهاڪا ان زماني کان چالو ٿيا، جڏهن انسان گڏجي رهڻ شروع ڪيو ۽ گڏجي رهڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا ۽ انسان ذات پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي سوچڻ ۽ سنوارڻ شروع ڪيو. جيئن ته اهي مسئلا بعضي اڪيلي سر به ڪي سياڻا سنواريندا هئا ته بعضي وري باهمي سمجهوتي سان به حل ٿيندا پئي آيا. ڪنهن به پهاڪي لاءِ ائين نٿو چئي سگهجي ته؛ اهو ڪنهن چيو ۽ ڪهڙي زماني ۾ چيو. پر ائين چئبو ته؛ پهاڪا اهو اظهار جو طريقو آهن، جيڪو زبان لاءِ خاص هجي، جنهن مان مخصوص معنيٰ نڪري، جيڪا نه عام طور تي گرامر جي لحاظ کان هجي ۽ نه وري اها عام موقعن تي مڃيل هجي.
ائين چئي سگهجي ٿو ته پھاڪو انسان ذات جي ڪيترين پيڙهن ۽ ايامن جي لاڳيتي غور و فڪر، سوچ ۽ ويچار جو ثمر، نچوڙيل عرق ۽ چڪيل جوهر آهي. انهيءَ ڪري ذري ذري تي ڳالھ ڳالھ تي ڪو نه ڪو پهاڪو، ڳالھ کي وڌيڪ ٽيڪ ڀرائڻ لاءِ، پنهنجو مطلب چٽو ڪري سمجهائڻ لاءِ، ڪنهن نڪتي جي وضاحت خاطر يا سچي ڳالھ جي ثابتيءَ ۽ سَند طور، پيش ڪيو ويندو آهي.
سنڌي پهاڪو، سنڌ جي عوامي زندگيءَ جو آئينو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام جون نسلي خاصيتون ۽ دماغي لياقتون، سندن طبعي لاڙا ۽ فطري رجحان، ملڪي ماحول ۽ معاشري جا طور ۽ طريقا ۽ قديمي تاريخي اهڃاڻ آهن. سنڌي پهاڪي ۾ سنڌي معاشري جي تمدن ۽ تهذيب جي تصوير چٽيل آهي. سنڌي پهاڪو، ڪنهن نه ڪنهن خصوصي صلاحيت ۽ سماجي ضرورتن جي پيداوار آهي. سنڌي پهاڪا نوان آهن يا پراڻا، سڀيئي معنيٰ خيز ۽ پُر مقصد هوندا آهن. اُهي عاقلن جا قول ۽ سياڻن جا ٻول آهن. سنڌي ماڻهن وقت ۽ حالتن پٽ-اندر پنهنجن تجربن ۽ عيني مشاهدن کي آڏو رکي، ڪجھ اصولي پهاڪا جوڙيا. حقيقت ۾ انهن پهاڪن جو بڻ بڻياد، چوڻين، ڏند ڪٿائن، تاريخي واقعن، عوامي ڪهاڻين، مذهبي قصن ۽ وڏن جي بيان ڪيل نڪتن تي مبني آهي.
بنيادي طور تي پهاڪا ٻن قسمن ۾ ورهائجن ٿا. هڪڙا واقعاتي حقيقتن سان تعلق رکن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي سماجي سچاين سان تعلق رکن ٿا. واقعاتي حقيقتن ۾ دڙ دلاسو، وعدو، صلاح، نصيحت اڳڪٿي يا وري وري ظاهر ٿيندڙ صورتحال سان تعلق رهي ٿو.
انهن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
·        دير آ پر انڌير ناهي.
·        جيئن دير، تيئن خير.
·        ڏکن پٺيان سک.
·        همتِ مردان، مدد خدا.
·        اهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
·        ڍؤ جهليندو آهي؛ هڪڙو ڀاڀڙو، ٻي مينهن.
·        ظلم قائم آهي، پر ظالم قائم ناهي.
اهڙيءَ طرح اهي پهاڪا جن جو تعلق شين جي ماهيت سان آهي، تن کي سماجي تجربي هيٺ رکون ٿا.
·        انڌي لاءِ جهڙي آرسي، تهڙو تئو.
·        اڻڄاڻ کي جهڙي مصري، تهڙي ڦٽڪي.
·        اڻندو اهو، جو ڪوريءَ جي من ۾ هوندو.
·        ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ نه ماپندا.
·        ٻه ترارون، هڪ مياڻ ۾ نه رکي سگهبيون.
·        ٻه شينهن، هڪ ٻيلي ۾ نه رهي سگهندا.
انهيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيا پهاڪا جيڪي سنڌيءَ ۾ عام استعمال ھيٺ اچن ٿا:
·        ڀائرن جهڙو ناھ ٻر، ڏيئي جهڙي ناهي جوت.
·        ٻانهن جهڙو ناهي ٻر، اکين جهڙي ناھي جوت.
·        جنهن کي ساھ کنئي جي سڌ نه پوي، تنهن سان سور ڪيهو سلجي.
·        ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
·        بک لڇڻ وڃائي، ڏمر عقل وڃائي.
·        انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
·        ٺلهو چڻو، وڄي گهڻو.
·        گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين هارئين هر نه هلي.
·        زال چٽي گهر پٽي، زال ميڙي گهر ٻيڙي.
·        نياڻي کي مائٽ لاڳ ڏيندا، ڀاڳ نه ڏيندا.
·        جتي پڄڻ ناهي پاند، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
·        ڏاڍي جي لٺ کي، ٻه مٿا.
·        جنهن جي پليءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.
پٺتي پيل سنڌي سماج جي عڪاسي؛
·        ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾.
·        ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري ڪين ٿي.
انهن پهاڪن کانسواءِ سنڌيءَ ۾ ٻيا ڪيترا ئي پهاڪا ملن ٿا، جيڪي ڏوهيڙن ۾ چيل آهن.
·        عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
·        ماءُ سا ماءُ، باقي سڀ دنيا جو واءُ،
مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڱن ڇڏيو ساءُ،
اهڙو لڳو واءُ، جو پنهنجا به پراوا ٿيا.
·        پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ چوٿين سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.
·        ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
ڪائنر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.
·        پريو مڙس ڪانڌ نه ڪجي، ويهي وڃائجي وهي،
ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، ماريو پوندو ڊهي.
انهن پهاڪن مان اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته؛ پهاڪا يا چوڻيون هجن يا اصطلاح سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جو سينگار آهن. سنڌي سڄاڻن ۽ سگهڙن، دنيا جي واقعن، آزمودن ۽ قدرتي نظرن توڙي روزمره جي گهرو زندگيءَ جي تصوير مان حقيقتون حاصل ڪري، زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ لاءِ پهاڪا ۽ چوڻيون جوڙيون. سنڌي باوقار ۽ سچار، صداقت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سندن آڳاٽي تهذيب اڄوڪي تهذيب جي گواهي پيش ڪري ٿي. آڳاٽا جوڙيل پهاڪا، انسان جي عادتن، رفتار، گفتار، رسم رواج، حرفت جو هوبهو نقشو چٽين ٿا. هڪ آسودي ۽ مڪمل، ادبي زبان ۾ پڻ پهاڪا ۽ چوڻيون هجڻ لازمي آهن. اسان جي سنڌي زبان ۾ ايترا ته پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح موجود آهن، جو انهن جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري سنڌي زبان لاءِ اهو چئجي ته اها وڏي شاهوڪار ۽ صلاحيتن سان پُر آهي.
مددي ڪتاب:
١- دي آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري، جلد پنجون ١٩٣٣ع.
٢- دي شارٽر آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري (آن هسٽاريڪل پرنسيپلس) ايڇ ڊبليو فائولر ۽ وليم لٽل، جلد پهريون.
٣- مرزا قليچ بيگ: پهاڪن جي حڪمت.
٤- الهداد ٻوهيو: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج.
٥- نارائڻ ڀارتي: لوڪ ساھت.

ڪينجهر ۱۹۸۷ع، سنڌ يونيورسٽي جرنل تان کنيل

1 comment:

  1. سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون: سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه >>>>> Download Now

    >>>>> Download Full

    سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون: سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه >>>>> Download LINK

    >>>>> Download Now

    سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون: سنڌي اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا - نور افروز خواجه >>>>> Download Full

    >>>>> Download LINK

    ReplyDelete