Monday, January 31, 2011

جيڪب آباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيڪب آباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

فتاح عابد لاشاري سان، جيڪب آباد ۾ مقرريءُ کان اڳ ئي منٺارسولنگيءَ جي معرفت واقفيت هئي. جيڪب آباد ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۹۳ع ۾ مقرري ٿي ته پاڻ ڊاڪٽر غلام نبي صابر سڌايو سميت اچي مليو هو. ڏاڍو لائق ماڻهو هو. پاڻ هلي اچڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو هو، نه ئي وري عام صحافي هو، بلڪه بااصول ۽ ادبي ڄاڻ رکڻ ۽ مدد ڪرڻ وارو مڙس هو. سندس والد محترم عبدالڪريم گدائيءَ جي به ڏاڍي هاڪ هئي. مون اهو ڪونه ڏٺو پر فتاح کي ته اکئين ڏٺم.
ٻين اديبن سان به زور ڪري واقفيت ڪرائيندو هو. جيڪڏھن مٿن خاڪا لکي ها ته تمام ڀلا لکي ها. نياز سرڪي عودائي سان به مرحيات پاڻ واقفيت ڪرائي هئي. پهرين سندس ڪتاب، ماموئين جا بيت کڻي آيو هو، بعد ۾ کيس ساڻ وٺي آيو هو.
نياز صاحب کي به لوڪ ادب سان لڳاءُ آهي. خاص طور تي پهاڪن ۽ چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ سان. سندس ٻيو ڪتاب “قرآن ۽ سنڌي ورجيسون” جي نالي سان سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ڇپيو آهي. جڏهن ته پاڻ ڊاڪٽريٽ جي مقالي طور، شاهه لطيف جي ڪلام ۾پهاڪا ۽ محاورا جو موضوع چونڊيو اٿائين.
پاڻ مرادو ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪهي قرب ونڊڻ ايندو آھي. پهاڪن ۽ چوڻين واري، پنهنجي زندگيءَ جي ميڙا چوندي، سوڌڻ ۽ سنوارڻ، ترتيب ۽ تدوين لاءِ راقم حوالي ڪيائين.
ازين علاوه ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون، ڪن دوستن کان ڪنين ٻڌم. جهڙوڪ؛ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، پروفيسر محمد اسحاق شيخ ۽ غلام رسول ڪلهوڙو صاحب وغيره. اهي به پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسيءَ لاءِ هت پيش ڪجن ٿا.

1. اعتبار نه ڪجي، اوڀر جي واءَ تي.
ماٽيلي ماءُ تي، سرڪي سڳي ڀاءُ تي. (چوڻي)
اوڀر جي واءَ ۾ مٽي هوندي آهي. اکين ۾ پوڻ سان اکين اٿڻ جو انديشو هوندو آهي. جڏهن ته مڙني ڏِسائن کان اٿيل واءَ جي ڀيٽ ۾، اوڀر واري واءَ ۾ سنهي دز هئڻ سبب، روزي رزق جام لهندي آهي. ائين به چوندا آهن.
اوڀر وائي ته ان اپائي، اتر وائي ته سيءُ آئي،
ڏکڻ وائي ته هير آئي، اولهه وائي ته ڌوڙ اپائي.
ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ به ضرب المثل آهي. پيءُ جي ٻي زال، ويهندي ته ماءُ جي گاديءَ تي آهي پر منجهانئس ڪا به اميد پوري نه ٿيندي آهي. سدائين اميدن مٿان خاڪ ڦيري ڇڏيندي آهي.
سرڪي، سماٽ قوم جي ذات، راڻيپور ۽ ٺل ۾ رهن ٿا. ٻين سان ته ڀلا هلن ٿا پر الائي ڇو پاڻ ۾ سرچاءُ ڪونه اٿن. اها شڪايت ٻين ذاتين وارن کي به پنھنجي ڍات وارن منجھان ھوندي آهي. ائين به چوندا آهن ته؛ پاڻ ۾ ٻه ٺڪر ٺهڪندا ئي آهن.
مطلب:
(۱) انڌي جي ٿُڪ، ماٽيلي ماءُ جي مُڪ،
جهڙ جي ڌُپ، جتي لڳي تاتي سُڪ.
2. اعتبار نه ڪجي، مڙس پانڊي تي، ڏاند ڊانڍي تي. (چوڻي)
پانڊي : پنڊيوالي ڪندڙ، هر حڪم مڃيندڙ، مڄو مڙس.
ڊانڍي : ڪراڙو، پوڙهو.
پوڙهو ڏاند؛ نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو. نه هر ۾ وهي نه بار ڪاهي / ڍوئي. مڄو مڙس مان به مڙساڻا نقطا نڪتا وڃن. اهو به ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي.
مطلب:
(۱) ڀاڙين تي ڀاڙڻ کان ڪا ٻي راهه وٺڻ گهرجي ته ڀلو.
3. اَل اڏريا، ڪانهن نسريا، سانوڻ مند پوري. (چوڻي)
ڪانءُ سياري ۾ آنن تي آرو ڪري، آخر ڌاري يا بهار ۾ ٻچا ڦوڙين. گرميءَ سبب سارو سانوڻ ٻچن کي آکيري مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏين، ڇو جو ڪانءُ گرمي جو ڀاڙيو آهي. جڏهن سانوڻ پورو ٿيندو آهي ته ڪان، اَل کي آکيري مان ٻاهر ڇڏيندو آهي.
سانوڻ جو مھينو يا سانوڻي، بڊي جي ٻاويهين يا آگسٽ جي ويهين تاريخ تي پورو ٿئي. ان کان پوءِ چِٽَ هلندي آهي. ڏينهن جو پگهر، رات جو ٿڌ. جنهن لاءِ چون؛ ڏينهون پگهارا، راتون پارا. ان ۾ به ڪانءَ جو وات ڦاٽل هوندو آهي. سندس اها حالت به ضرب المثل آھي. جيئن چئبو آهي؛ “فلاڻي جو اَل ڪانءَ وانگر وات ڦاٽي ويو آهي.”
اهڙيءَ طرح سچي سر / ڪانهن جو نسرڻ به سانوڻ جي مند پوري ٿيڻ جي نشاني آهي.
مطلب:
(۱) ڪئلينڊر وغيره جي وجود کان اڳي مندن بابت، پاڻمرادو ڦٽندڙ / خود- رو ٻوٽن ۽ پکين جي عادتن / واڌ ويجهه سارو اندازو لڳائبو هيو.
(۲) اَل اڏاڻا، سانوڻ ڏينهن پڄاڻا.
(۳) ڪَتِي دُني، سانوڻ حد پُني.
4. باندر / بيوقف جي ڀلائي به، سِرُ وڃائي. (چوڻي)
هڪڙي بازيگر، سمهڻ کان اڳ، سيکاريل باندر کي چيو؛ “متان منهنجي منهن تي مکيون مڙن ۽ ننڊ ڦٽائين، تنهنڪري تون سجاڳ به رھه ۽ کين تڙ به.” انهي تاڪيد پڄاڻان، باندر مکين تڙڻ کي لڳي ويو. تڙي ٿڪو ته هڪ اٽڪل سجهي آيس.
پنهنجي گگ ڪڍي مالڪ جي اگهاڙي پيٽ تي لاتائين. مکيون گگ تي مُچو ڪري اچي مڙيون. جڏهن تسلي ٿيس ته مڙئي مکيون مُڪ جي هڪ وار هيٺ آهن ته مٿن مُڪ سان مارو ڪيائين. مُڪ هيٺان آيل مکيون ته ميون، پر زوردار ڌڪ سان بازيگر جو به ساهه هليو ويو.
مطلب:
(۱) بيوقوف جي سنگت مان، گهڻا نقصان ٿيا آهن.
(۲) بيوقوف بازار ۾، سنگتي کڻجي نه ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
(۳) بيوقوف هجئي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار.
5. باھ ۽ بلا تي، ڪنهن جو آ ڀروسو؟ (چوڻي / پهاڪو)
قانون فطرت تحت باھه جي خاصيت آهي ساڙڻ ۽ بلا جي خاصيت آهي؛ ڪکڻ، سنگهڻ، ڏنگڻ، زهر هارڻ. ڀلي ٻنهي جي سامهون ڪير به هجي، مٿي ڄاڻايل امر تحت عمل ضرور ڪن. ائين جيئن ڪاتيءَ جي آڏو ڪير به اچي وڍ بو. پاڻيءَ ۾ ڪير به گهڙي ته ٻڏندو ۽ پر جي پيئي ته اڃ لهندس.
تاريخ انساني ۾، ڪن واقعن / مرحلن تي قادر مطلق جي حڪم سان منجهانئن معجزي طور اهي امر ڪڍيا ويا آهن. جيئن ابراهيم عليه السلام کي باھه نه ساڙيو. اسماعيل عليه السلام کي ڪاتيءَ نه وڍيو. موسيٰ عليه السلام کي پاڻي نه ٻوڙيو. طالوت جي قوم، جالوت سان جنگ ڪرڻ وقت درياھه پار ڪندي، پاڻي پيتو ته اڃ نه مئن.
اهي چند ۽ خاص مثال آهن، جيڪي قانون فطرت کان هٽيل آهن. هاڻي ائين نه ٿيندو.
مطلب:
(۱) پاڻي ۽ باھه کان، ٽارو ڪرڻ گهرجي.
(۲) پاڻي ۽ باھه، گهٽ ڪين ڄاڻجن.
(۳) جهيڙي، باھه بلا جو بر ڏي منهن.
6. ٻارُ، ڄمڻ سان ابو نه ڪندو آهي. (پهاڪو)
انسان فطرتي طور تي ڪمزور ۽ تخليقي طور تي هڪ نطفي مان پيدا ڪيو ويو آهي. جتان بتدريج ارتقائي منزلون طئي ڪري، سهڻي صورت وٺي ٿو. هن دنيا جي ماحول ۾ پلجڻ / رهڻ ۽ ماحولياتي ڦير گهير کي سهڻ جي سگهه / صلاحيت رکڻ جي باوجود ڪيترين ڳالهن ۾ ڪمزور ۽ ٻين جو محتاج رهي ٿو.
ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ، غون غان سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. سمجهه اچڻ کان پوءِ پيءُ کي سڃاڻي ٿو ۽ ڳالهائڻ سکڻ پڄاڻان، پوءِ کيس ابو ڪوٺي ٿو.
مطلب:
(۱) انسان دنيا ۾ ڪنهن به معاملي کي پهرينءَ سٽ سمجهڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي. البته درجي بدرجي سکڻ کان پوءِ، ان کي سمجهڻ جي قابل ٿئي ٿو.
7. ٻڌ ٻوڙي، سمجهه ڪنڌي. (چوڻي)
جيڪو پرائي ٻُڌِ / مت تي هلندو، سو ضرور تڪليف ڏسندو. ان جي برعڪس جيڪو پنهنجي سمجهه کان ڪم وٺندو، سو غلطان جي سمنڊ ۾ غوطا نه کائيندو. البته سندس ٻيڙا، سدائين پار هوندا.
مطلب:
(۱) پرائي مت : پرڻ ۾ پاڻي.
(۲) پرائو عقل : کُڏَ جي ڊوڙ.
8. ڀَتَ جو اڳ : لٺ جي پُٺِ. (چوڻي)
دعوت / خيرات ۾ پهرين پهچڻ واري کي گرم، تازو، سڻڀو، ٻوٽين وارو ۽ گهڻو ڀت ملندو. دير سان پهتل کي آروٿو پارٿو، ٻوٽين چونڊيل، ٿڌو ۽ اڻڀو ڀت ملندو. اوباريل ۽ ٿورو ڀت نه قبوليندو ته ڇڙٻون، چهڙون ۽ اڀيون لٺيون ملندس.
جهيڙي ۾ به پهرين باهه وڏي هوندي آهي. جيڪو پهرين ايندو آھي سو سٽجي ويندو آهي. ڇو جو وڙهڻ وارن کي گرمي، تاءُ ۽ تازگي هوندي آهي. جوش سان وڙهندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ مڙني جا ڍڍر ڍرا هوندا آهن. ان وقت فقط ٻانهن ۾ هٿ وجهڻ جي دير هوندي آهي.
مطلب:
(۱) ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾.
(۲) آفيسر جي اڳياڙي خراب، گهوڙي جي پڇاڙي خراب.
(۳) اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.
ڀيٽيو: نانوائيءَ جي اڳياڙي، قاصائي / ڪاسائيءَ جي پڇاڙي.
9. تنگ واني، تنگ ماني. (چوڻي)
تنگواڻِي جي وستي (واهڻ / شهر) ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي، جنھن کي ھن وقت تعلقي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليل آھي. اھو شھر ڳهڻي واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو، شاهي واهه مان نڪري ٿو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي سرحد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي پسگردائي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمين تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا. ماڻهن ۾ تنگدستي ڏاڍي هوندي هئي. جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
ٻي تاويل هيءَ ڪئي ٿي وڃي ته گڊوءَ کان جيڪب آباد ويندڙ ريل ۾ ڪنڌڪوٽ ۽ ٺل جي وچ ۾ ڏاڍي رش ٿيندي هئي. خاص ڪري تنگواڻيءَ کان ٺل تائين. جنهن تان ريل ۾ ٽنگجي سفر ڪندڙن ائين مشهور ڪيو؛ “تنگواڻي، ٽنگ ماني.”
مطلب:
(۱) تنگواڻيءَ کان پوءِ ريل ۾ ماني رکڻ جي جاءِ به نه ملندي، اها به ٽنگي کڻي هلڻي پوندي.
10. توڙي سج ڪاپار، ته به انڌيءَ اونداهي نه لهي. (پهاڪو)
مادرزاد انڌي کي ڏسڻ لاءِ اکين ۾ بينائي نه هئڻ سبب، سدائين اکين آڏو اوندهه هوندي آهي. جاهل / ڪم-عقل لاءِ به چؤڦير جهالت هوندي آهي، ڇو جو سندس دل ۾ دنيا جي معاملن ۽ ديني علوم کي سمجهڻ جي سگهه موجود نه هوندي آهي.
مطلب:
(۱) سانوڻ جي انڌي لاءِ سدائين ساواڻ ئي ساواڻ.
11. ٺل : آهي گل. (چوڻي)
ٺل شهر جا رهواسي، پنهنجي شهر جي انهن لفظن سان تعريف ڪندا آهن. جڏهن ته ٺل جي اصل رهواسين، ٻاهران لڏي آيلن جي ڀيٽ ۾، ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. جنهن سبب، ٺل جا اصل رهواسي، ٺل بابت شڪايتي انداز ۾ چوندا آهن؛ “ٺل آئي جو، ڄائي جو نه.”
جيڪب آباد شهر جا اصل باشندا به ائين چوندا آهن؛ “جيڪب آباد آئي جو، ڄائي جو نه.” ٻين شهرن وارا به پنهنجن شهرن بابت ائين چئي سگهن ٿا. هونئن به ٻاهران لڏي آيل، فطرتي اصول تحت، هميشه اصل باسين جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي ڪندو آهي.
ٻاهران لڏي آيلن جو، ٺل بابت مختلف رايو آهي. اهي اھو ته مڃين ٿا ته “ٺل، گل آهي” پر شڪايت به ڪن ٿا؛ “ٺل، دل ڏيئي ويٺو رل” يا “ٺل، رل” يا “ٺل ڏنو ٺڪاءُ، عودي اڌواڌ” وغيره وغيره.
اهي سڀ تڪبند چوڻيون، چٿر يا ٽوڪ طوربه ٺهيل آهن. انهن جو حقيقت سان گهٽ تعلق آھي. ائين جيئن هڪڙو لطيفو مشهور آهي.
“ڪهڙي شهر ۾ رهندو آهين؟” هڪڙي ٺلاهيءَ کان ڪنهن پڇيو.
“مان ان شهر ۾ رهندو آهيان.” ٺلاهيءَ کيس ڳجهارت جي انداز ۾ جواب ڏيندي ٻڌايو؛ “جنهن جي نالي کي ابتو ڪجي ته لٺ ٿي پوي.”
مطلب:
انهيءَ نموني ، ٻين ڳوٺن / شهرن بابت به چوڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
(۱) گهوڙي جي ڦٽي وهي ٽانگي ۾،
ڏاند جي ڦٽي وهي گهاڻي ۾،
آفيسر جي ڦٽي، نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾.
(۲) ڌنڌ دوداپور، قهر ڪوٽڙي، ظلم زورڳڙهه.
(۳) هنيل حيدرآباد ، شير شيرانپور، دائو ٻچن کائو.
ڀيٽيو؛ جيڪب آبادي، نر نه مادي.
12. پاپيءَ جو پير، ٻارنهن هٿ ٻنيءَ ۾. (چوڻي / پهاڪو)
پاپي / زاني / غاصب / جواري، ڪڏهن به ساڳائيندو ناهي. ڇو جو هو پرائي حق / ملڪيت تي ڌاڙو ٿو هڻي. محنت سان جيڪو ملڪيت ميڙيندو آهي، ڦُرجڻ وقت سندس دل مان نڪرندڙ آهَ، عرش ڏڪائي وجهندي آھي. زمين به چوندي آهي ته مون کي حڪم ٿئي ته پاپيءَ کي ستر گز، هيٺ تائين ڳهي وڃان.
مطلب:
(۱) پاپيءَ کي ڪو به سڪون ميسر نه هوندو آهي.
(۲) پاپي عذاب جي دلدل ۾ غرق هوندو آهي.
(۳) پاپ جو گهڙو، ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
(۴) پاپ ڪي مايا، پراڇت کايا.
13. پاڻ گواه هججي ته گوال نه گِهلجي. (پهاڪو)
گوال؛ گنوار، ڳنوار، ڳئون چاريندڙ. عقل جو سادو، ٻالو ڀولو ماڻهو، شاهديءَ طور وٺي وڃبو ته ڪيس کٽڻ بدران هارائي اچبو. يا سادگيءَ سبب معاملو بگيڙيندو يا ٻين جي دٻاءَ هيٺ اچي شاهدي ڦيري ويندو. ان جي ڀيٽ ۾ ماڻهو پاڻ گواه هجي ته بهتر آهي.
مطلب:
(۱) سادي ماڻهوءَ جي حوالي، ذاتي معاملا ڪين ڪجن.
14. پرائي ٻارِ مان، ٻُڪ ڀرڻ سولا. (پهاڪو)
پرائي ٻار / فصل / اَنَّ جي ديري مان، چوري ڪرڻ سنهنجي آهي. پنهنجي محنت ڪري ڪمائڻ ڏکيو آهي. پرائو نقصان ڪرڻ سولو آهي.
مطلب:
(۱) ڪاٺ پرائي پيٽ ۾، ڪپهه کان به ڪنئرو.
15. پرائي مت، اڌاري اک، وهائيءَ جي توڻ، ڪنهن ڪم نه اچي. (چوڻي)
(ا) پرائي متِ / پرائو عقل / اڌارو ڏس؛ وقتائتو / مهلائتو نه هئڻ سبب، منجهس مصلحت ۽ منهن ڏيڻ واري صلاحيت نه هوندي آهي. جنهن سبب گهڻا ڪم کرندا آهن. ٻيو ته پرائي مت، پرڻ ۾ پيل پاڻيءَ وانگر مغز مان جلد نڪري ويندي آهي.
(ب) اڌاري اک؛ ٻين جي ٽيڪ / سهاري تي نه ڀاڙجي. پنهنجي شيءِ جي پنهنجي اک سان سنڀال ڪجي. نوڪرن جي اک سان سنڀال نه ٿي سگهندي. ٻني، دوڪان ۽ ڌَڻُ سنڀالڻ لاءِ نوڪر رکبا ته اُڪي ميڙي ناس ٿي ويندي. انهن لاءِ پنهنجي اک هئڻ گهرجي. اک پٽبي ته انب نظر ايندو.
(ج) وهائيءَ جي توڻ؛ هر ويلو اوڌر تي پٽي کائڻ به چڱو ڪم ناهي. محنت ڪري، سال نه ته مهيني جو، سيڌو وٺي گهر ۾ رکجي ته جيئن سڪون سان وقت گذري سگهي.
مطلب:
(۱) آکئي جو عقل، وهائيءَ جي توڻ، پوري نه ٿئي.
(۲) کيتي، سير سيتي.
(۳) پرائي مت، پرڻ ۾ پاڻي.
16. پرڻي کان پوءِ، لڄ ڪونهي. (پهاڪو)
لڄ، حياءُ، شرم به ماڻهوءَ جي جبلت ۾ رکيل آهي ته جيئن ماءُ ڀيڻ جهڙن رشتن جو احترام ڪري سگهي. پرڻي کانپوءِ فطرتي تقاضائن جي حل خاطر، خلوت ۾ پنهنجي ساٿيءَ (Spouse) سان بي حجاب ڳالهائي سگهبو آهي. اتي ڊپ نڪري وڃڻ سبب ائين ڪبو آهي، ٻي صورت ۾ انساني واڌ ويجهه رڪجي ويندي. جڏهن ته کلئي عام، گهر واريءَ سان به فحش نه ڳالهائبو آهي. ان سان به معاملا گنجرندا آهن.
مطلب:
(۱) آهاري، وهنواري، گهوٽ مهاري، لڄا ڪري ته هاري.
(۲) مرڻ / ھنگڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار.
17. پير سڳوري بيشڪ ڀلي، خاص خليفي ٺڪر ٺلھي. (پهاڪو)
حاڪم کي رعايا، آفيسر کي پٽيوالا، وڏيري کي نوڪر چاڪر، مير کي خاصخيلي ۽ پير کي خليفا کڻندا آهن. تنهن هوندي به پير پير رهندو. سندس مانُ خليفي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
مطلب:
(۱) ظاهرداريءَ ۾ پير ڀلو، خليفا گهٽ آهن.
18. پير ويهارڻ گهر ۾ ، هٿ وجهڻ سَرَ ۾،
نانگ وجهڻ وَرَ ۾، ٽيئي جڏا ڪم. (چوڻي)
(ا) پير گهر ۾ ويهاري، هٽ تان سودو وٺڻ لاءِ وڃڻ آهي، کيس بدديانتي ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ. پير به انسان آهي. هر انسان سان شيطان ساڻ آهي. اهو مٿس غالب ٿي سگهي ٿو.
(ب) سَرَ ۾ هٿ وجهبو ته آڱريون ۽ هٿ چيربا.
(ج) ڪانئچ جي ابداڻي ۾ اڳٺ بجاءِ نانگ وجهبو ته حياتيءَ تان هٿ کڻبو.
مطلب:
(۱) زيان خور شين کان پاسو ڪجي ته بهتر.
(۲) هٿ نه وجهجي سَرَ ۾، نانگ نه وجهجهي ور ۾.
(۳) گهوڙو نه ٻڌجي در ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾. چئني مان چڱائي نه ٿيندي.
19. جَتُ، بي پَتِ، مار گهت يا اڳون لاتي وَت. (چوڻي)
جتَ قوم وارن لاءِ سسئيءَ سان جاڙ ڪرڻ پڄاڻان، اهڙيون چوڻيون منسوب آهن. عورت، ڪمزوريءَ جي علامت آهي. ان سان به جٺ ڪري، ڏير سندس ورُ کڻي ويا. جنهن پڄاڻان، جتن بابت ائين چيو وڃي ٿو.
مطلب:
(۱) جت ۽ لاڏائو قومن تي اعتبار گهٽ ڪجي. ساڻن سڱ سياڪا نه رکجن ته بهتر.
20. جتي گپ گهڻي، اتي هاٿي به ترڪن. (پهاڪو)
جتي فحاشي / بي حيائي عام هوندي، اتي وڏا وڏا دُبنگ بزرگ به مشڪل ۾ اچي ويندا آهن.
مطلب:
(۱) بڇڙي ماحول کان پاسو ڪرڻ به، دلير مڙس جو ڪم آهي.
(۲) جاتي پئسو جام، اتي رشوت / بي حيائي به ليئا پئي پائيندي.
21. جنهن وٽ عهدو، تنهن جو رتبو. (پهاڪو)
بظاهر رتبو ۽ عزت، عهدي ماڻڻ سان ملندا نظر ايندا آهن. حقيقت ۾ ائين ناهي. وڏن عهدن تي ويٺلن مان ڪن جو حال هيڻو، مانُ مسڪينن کان به پري هوندو آهي. ڪي ته عزت ۽ غيرت وڪڻي عهدي کي برقرار رکندا آهن.
مطلب :
(۱) دنيا جا عهدا، دنياداريءَ واري رتبي جا سرچشما آهن.
22. جو ڪاڪ چڙهيو، سو مالڪ. (پهاڪو)
مومل، فريب ۽ دوکي لاءِ، من موهندڙ مانڊاڻ واري ماڙي ٺهرائي هئي، جنهن کي ڪاڪ يا ڪاڪ محل سڏبو هو. ماڙيءَ/ محل جي منجهيل، رستن واري ڄار (Labyrinths) ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي، ڪسجي ويا. پلنگ تي پهچڻ وارو فقط راڻو هيو، جيڪو مومل ماڻي، ماڙيءَ جو مالڪ ٿيو.
مطلب:
(۱) مومل ماڻڻ ۽ مالڪ ٿيڻ لاءِ، ڪاڪ تي چڙهڻ وارا ڪشالا ڪڍڻ ضروري آهن.
(۲) ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت، جذبي ۽ دليريءَ سان اڳتي وڌڻ، اشد ضروري آهي.
23. جَوَن جي ماني، جواب جي نشاني. (پهاڪو)
اڳي نه رسم الخط هيو ۽ نه ئي خط (چٺي) لکي سگهبو هيو. نياپا سنيها اشارن سان ڏبا / پهچائبا هئا. جَوَن جي ماني موڪلڻ مان مراد، ڪم نه ڪرڻ هوندو هيو.
مطلب :
(۱) ڪنهن ڪم کان اڻ سڌو انڪار ڪرڻ واري لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
24. جهڙو وڻ، تهڙو ڦر. (پهاڪو)
جَوَ پوکڻ سان جَوَ لڻبا ۽ ڪڻڪ پوکڻ سان ڪڻڪ، جوئر ڪانه لڻبي. هونئن به جنهن وڻ / ول جا پن ۽ ڏانڊيون ڪؤڙيون ھجن تنهنجو ڦل به ڪؤڙوھوندو. جيڪڏهن مٺا هوندا ته ڦل به مٺو هوندو آهي. جيئن ٽوهه جي ول پاڙ سميت ڪؤڙي زهر آهي ته منجهانئس ڦٽندڙ ٽوهه تهائين زهر هوندا آهن. اهڙيءَ طرح نم جو به مثال آهي.
مطلب:
(۱) اولاد، عادات و اطوار ۾، پيءُ تي ڇِڪَ ڪندو آهي.
(۲) ڪانءَ جو ٻچو، ڪانءُ ٿيندو.
(۳) بگهڙ جو وياءُ بگهڙ ٿيندو، ٻڪري نه ٿيندو.
(۴) فطرت، وس ويندي ڪا نه مٽبي آهي.
25. جيترو ناڻو، اوترو فطراڻو. (پهاڪو)
فطراڻو / فطرو، رمضان شريف جي روزن رکڻ پڄاڻان، في ماڻهوءَ جي حساب سان پوڻا ٻه سير ڪڻڪ يا ان جي قيمت جيترو، عيدالفطر کان اڳ ادا ڪبو آهي.
هتي فطراڻي مان مراد، زڪوات ۽ خيرات آهن. جيتري دولت وڌيڪ هوندي آهي. اوتري ئي زڪوات، اڍائي سيڪڙو جي حساب سان ادا ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زڪوات واري حساب ڪتاب کان بچڻ گهري ٿو ته ان لاءِ آسان رستو آهي ته سموري دولت اللهﷻ جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏي. سمورن جنجهٽن کان جان آجي ٿي ويندس.
مطلب:
(۱) جيترومال، اوترو خيال.
(۲) جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
(۳) جيترو اٽو ڇاڻبو، اوترو ٻُهر ٻاهر نڪرندو.
26. جيسين سوڻا سڪن، تيسين بکر بک مري. (پهاڪو)
سوڻن (ڇيڻن) کي سڪي، باهه ۾ ٻرڻ لائق ٿيڻ لاءِ وقت ۽ ويساند، اس ۽ هوا درڪار آهن. جڏهن ته بُکر / بکئي کي مهل تي ماني کپي. ڇيڻن سڪڻ جو بهانو، ماني نه ڏيڻ جي مترادف آهي، جنهن سان بکيي جو ساهه هليو ويندو.
مطلب:
(۱) جاسين سکيو کڻي ساهه، تاسين بکي جو وڃي ارواح.
(۲) جيسين عرق مان ترياق اچي، تيسين نانگ ڏنگيل مريو وڃي.
(۳) نه نو مڻ تيل اچي، نه راڌا نچي.
(۴) نه پرڻ ۾ پاڻي پوندو، نه ئي ڌوڙ مان ڌاڻيون وٽبيون.
27. جيسين لونگ لڪڻ ڀڃي، تيسين ڪرهو ڪيچ نڪري وڃي. (پهاڪو)
لونگ، سست ۽ ٽوٽي، ڪنجهڻي ۽ ڪُرڪڻي ماڻهوءَ جو نالو، جيڪو هر عمل ۾ پوئتي رهي. اهڙي آرسيءَ جي آسري، سمورا ڪم کريل ئي هوندا آھن.
مطلب:
(۱) جاسين لَلُو کڻي لٺ، تاسين ڪرهه اجهاڻي.
(۲) لونگ چڙهي لاريءَ ته لاري ليٽ، چڙهي ٻيڙيءَ ۾ ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي.
28. جيڪب آبادي، نر نه مادي. )چوڻي(
جيڪب آباد جي ماڻهن ڏانهن سادڙو هئڻ وارو اشارو آهي. گهٽ پڙهيل ۽ معاملي فهمي جي گهٽ ڄاڻ رکڻ سبب، نه بحث ڀلو ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري سٽائتي نموني سان ڪنهن کان ڪم وٺي سگهندا آهن. اهوئي سبب آهي جو مٿن، اهڙيون چٿرون به ٺهيل آهن. جڏهن ته ان تڪبند چوڻيءَ جو حقيقت سان تعلق گهٽ آهي. جيئن شڪارپور بابت هن چوڻيءَ جو به گهٽ آهي؛ “شڪارپور شهزادي، اچي نر وڃي مادي.”
مطلب:
(۱) جيڪب آباد جا ماڻهو نه ماين وانگر زبان سان جهيڙو ڳائي ڄاڻن، نه ئي نشانبر ٿي مردن وانگر لٺ يا ڌُڪي سان وڙهي ڄاڻڻ.
انهيءَ ٽوڪ جي موٽ ۾ جيڪب آباد وارن به جواب ٺاهيو آهي؛ “جيڪب آبادي، نه ڇڏن نر نه مادي.”
29. جي ڪڙمي کڻي ٻار، ته به ڪڻا رهن ڪيترا. (پهاڪو)
ڪيڏي به احتياط سان ٻارِ / ديري مان بٽئي / فصل کڻبو ته به پکي پکڻ جي نصيب سانگي، منجهانئس ڪي داڻا ٻنيءَ ۾ ضرور ڪرندا.
مطلب:
(۱) سموري ملڪيت، ڪنهن کي به راس نه ايندي آهي. حقدار حصو ضرور کڻندا آهن.
(۲) احتياط سان سودو تورڻ جي باوجود چاليهين پتي ضرور هاربي آهي.
30. جيڪو اڇن ۾ کري، سو ڪنهن تان به نه ٽري. (چوڻي / پهاڪو)
اڇا وار، پيري / بزرگي جي نشاني آهن. انهن جي اچڻ پڄاڻان، ماڻهوءَ جي رفتار ۽ گفتار ۾ ماٺار ايندي آهي. تيزي جي جاءِ تي ڳنڀيرتا ۽ معاملي فهمي اچي ويندي آهي.
اهڙي عمر ۾ کرڻ، بي حيائي / بڇڙائي جا ڪم ڪرڻ کيس نه ٿا سونهن. ڇو جو منجهائس هر ڪو، کيس بزرگ سمجهڻ ڪري، اخلاقيات سان پيش اچڻ جي تقاضا رکندو آهي.
مطلب:
(۱) پوڙهپ ۾ کرندڙ، ڪنهن جي به عزت نه ڪندو آهي.
(۲) کريل ڪراڙي، رستي تي بيهي، ضرور پيشاب ڪري.
31. ڄٽ جي ياري، گلم جو زيان. (پهاڪو)
ڄٽ / جاهل، وقت جي مصلحتن کي نه سمجهندو آهي ۽ هروڀرو پيو هجائتو / هلڪو / ٽرڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. موقعو ۽ مهل، وقت ۽ هنڌ نه ڏسندو آهي ۽ سنگتين کي به مردم- بيزار ڪري وجهندو آهي.
مطلب:
(۱) ڄٽ ملوڪ ، گلم جو زيان.
(۲) ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو.
32. چَپر لڳندي ته چُوڙ بندي ٿيندي. (پهاڪو)
ڪاٺ جي کٽ ۾، چار پاوا، ٻه ايسون ۽ ٻه سيرون هوندا آهن. چئني پاون ۾ سَلَ ڪڍي، سيرون ۽ ايسون چُوڙ ذريعي بيهاريا ويندا آهن. اهو اَٺَ- ڪاٺيو ڪم ڏاڍو اڻائو آهي. اڪثر ڪري يا سل ويڪرو / گهرگهلو ٿي ويندو آھي يا چوڙ سنهي ٿي ويندي آهي. اهڙيءَ صورت ۾ چپر (Wedge) هڻي کٽ کي لڏڻ، چيچٽن نڪرڻ کان محفوظ ڪيو ويندو آهي.
مطلب:
(۱) دنيا جي گهرگهلن معاملن کي، سفارش / رشوت جي چپر هڻبي آهي.
33. چنڊي جي ماني، دانگيءَ تي سڙي. (پهاڪو)
چنڊو ماڻهو پنهنجي پرڪارن جي ڪري، آيل روزي به موٽائي ڇڏيندو آهي. نتيجي ۾ بخت به کيس ڇڏي هليو ويندو آهي.
مطلب:
(۱) ڪروڌ، ٺڪرن / نارن جو پاڻي به سڪائي ڇڏي.
34. ڇُٽاڻي ، ڳاٽي لڙيو. (چوڻي)
ڇٽاڻي، کوسا قوم جو پاڙو. ان جا اڪثر ماڻهو حياداريءَ سبب، هڪ پاسي ڪنڌ جهڪائي هلندا آهن. جنهن تان سندن لاءِ اها چوڻي رواج ۾ آئي آهي.
35. ڇڏيليءَ کان ٽڪيلي ڀلي. (چوڻي / پهاڪو)
ڇڏيلي / مطلقه / طلاق ڏنل جو، نه مڙه نه مقام. عورت جو اصل گهر، مڙس وارو گهر آهي. اتان تڙجي نڪتي ته پوءِ نه مائٽن وٽ عزت ملندس، نه ئي معاشري ۾ مانُ ملندس. ان جي ڀيٽ ۾ ٽڪيلي / رکيل (Keep) وري چڱي آهي. اھا ڪنهن مرد جي سايي ۾ ته ساهه کڻي ٿي. ڏانهنس ڪو ميري اک کڻي ڪونه ڏسندو. ھر ڳالهه کي مان ملندس ۽ داد رسي ٿيندس.
مطلب:
(۱) ڏهاڳڻ کان، ويهاريل سدا-سهاڳڻ چڱي.
36. ڇنڊڇاڻ سان اڱر سچا يا لهر سچا. (پهاڪو)
هر معاملو محنت ڪرڻ ۽ هٿ ڳنڍڻ سان حل ٿيندو آهي. هٿُ هٿَ تي رکي ويهبو ته معاملو گنجرجي ويندو ۽ اڇا ڪارا پڌرا نه ٿيندا. اصل معاملي جي تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن سندرو ٻڌي هٿ ڳنڍبس.
مطلب:
(۱) معاملي جي تهه ۾ وڃڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي ته وَٽَ کوٽا آهن يا ڦودني ۾ ڦير آهي.
37. حاڪم ته گرم، کچڻي ته نرم. (چوڻي)
(ا) حاڪم / آفيسر، جيستائين اک نه ڏيکاريندو تيستائين نه ڪم وٺي سگهندو ۽ نه ئي ڪمائي سگهندو. حاڪم لاءِ ضروري آهي ته هر وقت گرم هجي.
(ب) کچڻي بيمارن جو کاڌو آهي. بيمار کي زود هضم کاڌو کپي. کچڻي زود هضم تڏهن ٿيندي، جڏهن نرم هوندي. کچڻيءَ جو فائديمند هئڻ لاءِ نرم هجڻ ضروري آهي.
مطلب:
(۱) استري ته شرم، حاڪم ته گرم، طبيب ته نرم، وئيشا ته بيشرم.
(۲) حاڪم ٽنگتا کائي، فقير منگتا کائي.
38. حسد جون اکيون، انڌيون. (چوڻي)
حاسدي، حسد جي باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو آهي. جنهن سبب پنهنجن کي به نه سڃاڻندو آهي. حياءُ / شرم / شناس نڪري ويندي اٿس. هر هڪ کي ساڙولي اک سان ڏسندو آهي.
مطلب:
(۱) لالچيءَ جي اکين تي، غرض جي عينڪ چڙهيل هوندي آهي.
(۲) حاسد، اندر جو انڌو ٿي ويندو آهي.
39. حياتي وڏي چاڙهو ڪونه. (چوڻي)
ڊگهي حياتيءَ واري جي، آخر ۾ سگهه ختم ٿي ويندي آهي ۽ ٻين جي سهاري جو محتاج هوندو آهي. ايستائين جو آخر ٻيا به بيزار ۽ خدمت کان لاچار ٿي ويندا اٿس. جوانيءَ واري سگهه نه هئن ڪري، ڪراڙو / بي همت ماڻهو، زندگيءَ جا ڏينهن ويٺو ڳڻيندو آهي. ائين به چوندو آهي؛ “رب سائين، هلنديءَ هلاءِ.”
مطلب:
(۱) حياتي ڊگهي ٿيڻ سان، جوانيءَ وارو ٻل نه ٿو رهي.
40. دال ، غربت جي ڍال. (چوڻي /پهاڪو)
دال جو ٻوڙ کائڻ، سادگيءَ جي نشاني آهي. سادگي اختيار ڪرڻ وارو گهڻين بيمارين کان بچي ٿو. سادگيءَ کي، ڍال طور استعمال ڪرڻ گهرجي.
مطلب:
(۱) ٿلهو کائجي، ٿلهو پائجي، ٿلهو ڳالهائجي، ٿلهو هنڍائجي.
(۲) دال، ٻچڙن پال.
41. دشمن نه هجئي ته گهر ۾ ٻيرِ پوک. (پهاڪو)
ٻيرِ جي وڻ ۾ ڪنڊا جام ٿيندا آهن. ڇڻي ڪرڻ جي صورت ۾ سڄو گهر ڪنڊا ٿي ويندو آهي. سڄو ڏينهن ٻهاري ڏيڻ وارو خفو نه ڪبو ته ڪنڊا پيا پيرن ۾ لڳندا.
وڻ ۾ ٻير ٿيندا ته مٿانئس پکي به ويهندا. وٺيون لاهيندا. ٻير ٽُڪي هيٺ ڪِنُ ڪندا ۽ ڪَنَ ويٺا کائيندا. پاڙي جا ٻار، ٻيرن جي لُونجهه تي پيا منجهس ڀينڊون هڻندا. ٻير هيٺان ويهي آرام نٿو ڪري سگهجي. پراون ٻارن کي جهل ته جهيڙا ڳچيءَ ۾.
مطلب:
(۱) کَرِ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، شل نه هوون اوڙي پاڙي.
(۲) مال ملڪيت ڪٺي ڪرڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن. ستت ٺڪاڻي لڳائجيس.
(۳) نياڻي گهر ۾گھڻو وقت نه ويهارجي.
42. دل جو انڌو، دين کان محروم. (چوڻي)
دل جو انڌو، شڪي مزج ماڻهو، گمان سبب گناهن جي دلدل ۾ ڦاسي، گمراهه ٿيندو آهي ۽ دين جي واٽ کان محروم ٿي ويندو آهي. گمان کان پاسو ڪجي، ڇو جو اڪثر گمان گناهه هوندا آهن. انهيءَ جي ڪري جاچوسي / چوڪسي ڪرڻي پوي ٿي. ٻين جو احترام دل مان نڪريو وڃي.
مطلب:
(۱) هميشه حسنءِ ظن رکڻ گهرجي.
(۲) انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي.
43. ڏاچي، ٻچو نه سڃاڻندي آهي. (چوڻي / پهاڪو)
هر حلال جانور جي مادي، پنهنجي تازي ڄاول ڦَرَ کي سڃاڻندي آهي. ان کي ڏسي، کير لاهيندي آهي. ڦر مري وڃڻ جي صورت ۾ کير نه لاهيندي. ٻيءَ جو ڦَرُ آڏو آڻبس ته ان کي به ٿونا هڻي ماريندي. اهڙيءَ صورت ۾ ڏوهو سندس مئل ڦَرَ به سندس آڏو رکندو آهي ته جيئن کيس چٽڻ بعد کير لاهي.
ان جي برعڪس، ڏاچي پنهنجي ۽ پرائي ڄاول ڦَرَ ۾ فرق ڪين ڄاڻندي آهي. جيڪو به ڦر آڏو رکبس، کير لاهي بيهي رهندي.
مطلب:
(۱) اٺ / بيوقوف / سادي ماڻهوءَ سان، ٺڳي ڪرڻ وارو ڪامياب ٿي ويندو.
44. ڏُک، ڏٻرو آچار. (چوڻي)
ڏکن / ڏوجهرن جو ڏڌيل، ٻين آڏو سوال ڪرڻ کان به پيو ڪيٻائيندو آهي. ڇو جو وٽس، موٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ڪي ڪين هوندو آهي. جنهنڪري سوال ڪرڻ / هٿ ٽنگڻ وقت ڏوٻر لاهي ويهندو آهي. ان تي به ڪنهن کي ڪهل اچيس يا نه.
مطلب :
(۱) سوال ويچارو آهي.
45. ڊاڪٽر سچا ٿين ته ٻَوڙا به ٻڌڻ لڳن. (پهاڪو)
ڊاڪٽر به عام انسانن وانگر غرضن / ضرورتن سان وڪوڙيل ماڻھو آهن. جنهن سبب چاهيندا آهن ته ڪمائي ججهي ۽ برڪت واري هجي. مرضن جي، در تي قطار لڳي پئي هجي. ويساند ئي نه هجي. هٿ شفا به هجي، ڪاتي به تکي هجي، جنهن کي زنگ ڪڏهن نه لڳي.
مريض کي ضرورت هوندي هڪ دوا جي ته ٻڌائيندس ٽي، ميڊيڪل اسٽور به پنهنجو هوندو يا ڪنهن سان پرسنٽيج مقرر هوندن. ٽوئر ڪرائينديون ۽ Amples جا Samples ڏينديون، تن جون دوائون پيا Prescribe ڪندا پوءِ ڀلي اها دوا مريض جي مرض تي پوي يا نه.
مطلب:
(۱) جت سچائي تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري.
46. راهيندڙ؛ لڻندڙ. (پهاڪو)
راهيندڙ؛ راهي، فصل پوکڻ کان اڳ ٻيجارو تيار ڪندڙ، پوکي ڪندڙ، محنت مزدوري ڪري کيتي ٻاڙي ڪندڙ، ئي فصل جي بٽئي کڻڻ جو حقدار هوندو آهي. ان جي برعڪس جيڪو محنت نٿو ڪري، تنهن کي ڦل نه ملندو.
مطلب :
(۱) جو پوکيندو، سو لڻندو.
47. رڍ بگهڙ ڏسي، ڌنار ڏانهن ڀڄي. (پهاڪو)
ڪمزور ماڻهو، بجاءِ مقابلو ڪرڻ جي، حملي جو رخ پنهنجي محسن ڏانهن ڪرائيندو آهي. بزدل / گيديءَ سان ياري نه رکڻ گهرجي. پاڻُ ته مارائيندو. سنگت کي به ٽوٽي ۾ وجهندو.
مطلب:
(۱) بگهڙ ڏسڻ کان پوءِ، قاضي ڇيلي کي ڇڏي، ڇيلو قاضيءَ کي نه ڇڏي.
(۲) پٺاڻ ڪمبل کي ڇڏي، ڪمبل پٺاڻ کي نه ڇڏي.
(۳) جِنُّ ته جَنِيءَ کي ڇڏي وڃي پر جَنِي جِنَّ کي نه ٿي ڇڏي.
(۴) صنم هم تو ڊوبي هين، مگر تمهين ڀي ليڪر.
48. رن ٻڏندي وڃي، نينهنگ نپوڙيندي وڃي. (پهاڪو / چوڻي)
ٻڏندڙ ماڻهو، ٻڏڻ وقت سَرُ بچائڻ لاءِ سَرَن ۾ هٿ وجهندو آهي. ڪک جو سهارو به هٿان وڃڻ نه ڏيندو آهي. اھڙي موقعي تي به عورت پنهنجي اُلٽي مت / ضد کان نه مڙندي آهي. سلوار جو نينهنگ / اُبداڻو به سڪائڻ لاءِ پاڻيءَ اندر نپوڙيندي ويندي آهي. جڏهن ته پُسي ڳرا ٿيل ڪپڙا، پاڻيءَ اندر نپوڙڻ سان نه سُڪندا آھن ۽ نه ئي هلڪا ٿيندا آهن.
عورتن جي ضدي نفسيات بابت چوڻي / پهاڪو ٺهيل آهي.
مطلب :
(۱) رن تي ٻڏءِ، پلئه تي نپوڙ. (ٿري)
(۲) ٻڏڻ لاءِ وڃڻ ۽ پاڻ کي گپ کان بچائڻ. (ورجيس)
(۳) پاڻيءَ ۾ گهڙجي ته ڦهنگن ڀئه نه ڊڄجي.
(۴) ٻڏڻا ته گهيڙ ڪهڙا پڇڻا؟
(۵) مينهن کان ڀڄي، نيساري هيٺان نه لڪجي.
(۶) ٻڏڻ وڃجي ته گپ لڳڻ کان پاڻ نه بچائجي.
49. روپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنهين کي ڪک. (پهاڪو)
جنهن کي روپو/ چاندي يا سون به هرکائي نه سگهيا، سو ڪوڙين ۽ بي قيمت شين تي لوڀجي / ريبجي نه سگهندو.
مطلب:
(۱) ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا نه ڪنهن مال،
ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه)
50. زوريءَ ياري رکڻ، بنا صلاح ڀت چکڻ.
ٿڪ هڻي ڏاڙهي مکڻ، ڳئي اگهاڙي مٿو ڍڪڻ. چارئي خراب لڇڻ. (چوڻي)
(ا) نه زوريءَ جي ميندي لڳندي آهي. نه وري زوريءَ جي ياري جٽادار هوندي آهي.
(ب) ريءَ صلاحيو / اڻ ڪوٺيو، ڪنهن وٽ وڃڻ ۽ بي دعوتيو ماني کائڻ ۾ اڳلي کي ڪراهت ڏيارڻي آهي ۽ پنهنجو مان گھٽائڻو آهي.
(ج) ڏاڙهي مرد جو شان، نشان ۽ سونهن وڌائڻ جو ذريعو آهي. تيلُ، وارن جو مَرَڪُ آهي. اڻڀي ڏاڙهي نه ٿي سونهين، ان کي سنوارڻ لاءِ شاندار طريقا اخذ (Adopt) ڪرڻ گهرجن.
(د) پڳ پائبي آهي، عزت وڌائڻ لاءِ. ان کان وڌيڪ ضرورت اوگهڙ ڍڪڻ جي آهي.
پهرين پنهنجي ننگ کي محفوظ ڪجي، پوءِ پٽڪا ٻڌي بازارون گهمجن. پوشاڪ اها پائجي، جنهن سان اوگهڙ ڍڪجي وڃي ۽ موسمي اثرات کان بچاءُ ٿي سگهي.
مطلب:
(۱) خراب لڇڻن کان بچڻ گهرجي.
51. سڀان پوندو سيءُ، ڏڪنديون ڏهاڳڻيون،
پاسي جنين پَي، وِلُهه نه ويجهي تن کي. (چوڻي / پهاڪو)
جڏهن تڪليف / مصيبت ايندي آهي ته پوءِ نڌڻڪن / ڏهاڳڻين / بنا اجهي / بنا مڙس وارين تي سرس ڪڙڪندي آھي. جڏھن ته مالڪي وارين ڌڻڪن / پي وارين / پتي وارين / مڙس وارين تي ايترو اثر نه ڇڏيندي آهي.
مطلب:
(۱) ڏٻريءَ تي مڇر گهڻا.
(۲) ڏٻري مال ۽ بي اجهي مارن تي سيءُ ججهو ڪڙڪندو آهي.
(۳) مضبوط گهر ۽ مالڪيءَ وارا، مڙيئي بچيل هوندا آهن.
52. سِڱَ سوگها، ساکئون سچا. (چوڻي / پهاڪو)
ورجيس طور تي ڪن ساهدارن جا نالا عضون سان به نعم البدل طور سڏيا ويندا آهن. رڍ، ٻڪري لاءِ ڪَنُ، عورت لاءِ ٻانهن، ڍڳي ۽ مينهن لاءِ سِڱُ.
جنهن چور، چوريءَ جو ڍور ڪهي کائي، هڏا گڏا زمين ۾ پوري سوگھا ڪري ڇڏيا، تنھن تي ساک کڻڱ فيصلو گھرندڙ به ڏوھ ثابت نه ڪري سگهندو.
مطلب:
(۱) سچو ثبوت، ڪيس مضبوط.
53. سون کڻندي، ڪهڙو بار؟ (پهاڪو)
سون، هر هنڌ سڪه رائج الوقت جي حيثيت رکي ٿو، هڪ ملڪ جو سڪو ٻئي هنڌ هلڻ ڏکيو هوندو آهي. جڏهن ته سون، هر ملڪ جو، هر صراف (Money Exchanger) مٽي ڏيندو آهي. هاڻي اهڙي ڪارائتي شيءِ ڪنهن کي بار ٿي لڳندي؟
مطلب:
(۱) کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون، هر ڪو سهندو آهي.
54. شراب جو نشو آڌي رات تائين، عشق جو نشو تاحيات تائين. (چوڻي)
عشق ڪندڙ ۽ شراب پيئندڙ جا حواس باخته ٿي ويندا آهن. کين دنيا جهان جي خبر نه پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته لٽا لاهي به پيا گهمندا آهن ۽ کلي خوش پيا ٿيندا آهن.
تنهن هندي بي شراب جو اثر، وقتي وائيسر ڦيرائي ڇڏيندو آهي. جڏهن ته عشق جي جهڙپ ساري عمر لاءِ پاڳل ڪري ڇڏيندي آهي.
مطلب:
(۱) عشق نه ٿيوي ٻڍا، توڙي چٽي هووي ڏاڙهي.
55. شينهن جي کٽيي ۾، گدڙ به ڀائيوار. (پهاڪو)
شينهن شڪار ڪرڻ پڄاڻان، شڪار کي ڪِنو ڪرڻ خاطر، ڪنهن محفوظ هنڌ تي ٿمائي هليو ويندو آهي. ڪِني / ڪمزور ٿيڻ بعد ، شڪار جانورن جي کائڻ لائق ٿيندو آهي. انهي اپرانڌ، گدڙن جهڙا ڪمزورجانور، شڪار جا ڪمزور عضوا پٽي کائي ويندا آهن. يا شينهن جي کائي بچائڻ کان پوءِ اوبر تي به گدڙ پيٽ پلي ويندا آهن.
مطلب:
(۱) مڙسن جي ڪمائي تي، گهڻيئي ڪمزور پيا پلبا آهن.
56. صفر جو ڄائو، سفر ۾ ئي رهندو. (چوڻي)
ڪن ماڻهن جو گمان آهي ته اسلامي سال جي ٻئي مهيني يعني صفر ۾ جيڪو ڄمندو آهي، سو سدائين سفر ۾ رهندو آهي.
مطلب:
(۱) صفري، سدا مسافر.
(۲) صفري، سفري.
57. ضد واري جاءِ تي ڏَڪَ پي ڏسندو ڪير؟ (چوڻي
ضد / ڪروڌ، جهيڙي واري جاءِ ۽ معاملي مان هرڪو جان خُلاصي ڪرائي ڀڄڻ جي ڪندو آهي. جهيڙي مان ڪا شيءِ راس نه آئي آهي.
مطلب:
(۱) دشمنيءَ وارن معاملن ۾، ڪير به هٿ نه وجهندو آهي.
58. علم نه ڄاڻي ذات، هنر نه ڄاڻي پات. (چوڻي)
ذاتيون ۽ قومون، ڪڙم ۽ قبيلا، رنگ ۽ نسل وغيره زماني ۾ هڪٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. ٻي صورت ۾ سمورا انسان، هڪ ئي آدم جا ڄايا آهن. ڪنهن کي به ڪنهن تي رنگ ۽ نسل جي لحاظ کان ڪا به فوقيت حاصل ناهي.
البته علم ۽ هنر جو قدر ضرور آهي. انهن ٻنهي جو انحصار ذات پات تي ناهي. ليڪن ڏاتار جي ڏنل ڏات تي آهي.
مطلب:
(۱) عشق نه پڇي ذات ڪُذات.
(۲) عشق نه پڇي ذات، بوک نه پوڇي باسي ڀات،
پياس نه پوڇي ڌوٻي گهاٽ، نيند نه پوڇي ٽوٽي کاٽ.
59. فلاسافر مري ويندا، فلسفو نه مرندو. (پهاڪو)
فلسفو، هنر، علم، ظلم ۽ سخا وغيره سمورا فعل آهن. فعل، ازل کان ابد تائين، دنيا ۾ قائم رهيا آهن ۽ رھندا. جڏهن ته فاعل هر دور ۾ مٽبا رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو ڪن فعلن ۾ ضرب المثل ٿي ويا آهن ۽ سندن نالا ورجيس طور ڪتب اچن ٿا. مثال طور؛ فلسفي ۾ سقراط، حڪمت ۾ حڪيم لقمان يا اجمل، سخا ۾ حاتم طائي ۽ ظلم ۾ فرعون وغيره. جڏهن ته اهي سمورا فعل، اڄ به موجود آهن. ناپيد نه ٿيا آهن. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل فاعل موجود ناهن.
مطلب:
(۱) ظلم قائم آهي، ظالم قائم ناهي.
60. ڪا ٿي احمد ميان سومرو، ڪا ٿي گوشو ڊرائيور. (چوڻي / پهاڪو)
احمد ميان سومرو، جيڪب آباد جو وڏو بااثر ۽ با اصول زميندار ٿي گذريو آهي. سندس نوڪر به عياشين / ٺٺ ۾ رهندا هئا. سندس خانگي ڊرائيور گوشو خاصخيلي به پاڻ کي لٽي ڪپري پهرڻ ۾ چڱو رکندو هيو. جڏهن منشيءَ سان ٻنين تي حساب ڪتاب / بٽئي بڙي ڪرڻ ويندو هيو ته هاري ناري کيس احمد ميان سومرو سمجهي پيرين پوندا ۽ تعظيم ڪندا هئا. اهو ڀانڊو تڏهن ڦاٽو، جڏهن هڪ ڏينهن احمد ميان سومرو جند زمينن تي گوشي ڊرائيور سان ويو. اتي هارين، بجاءِ احمد ميان جي، گوشي سان پيرين پَئي پِئي هٿ ملايو. جنهن تي منشيءَ، احمد ميان جو ساڻن نئين سر تعارف ڪريو.
مطلب:
(۱) اصل ۽ نقل ۾، وڏو فرق آهي.
(۲) ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار.
(۳) ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.
(۴) ڪاٿي دستگير، ڪاٿي جمعو فقير.
(۵) ڪاٿي محمد خان مختيارڪار، ڪاٿي مٽرن جي دال.
61. ڪاز ۽ باز کي پَرَ ٿين، پر هر هڪ جي پرواز پنهنجي. (پهاڪو)
هر مخلوق، پنهنجي ماحول ۾ پلجي نپجي / وڌي ويجهي ٿي. ظاهري مماثلت هوندي به، هر هڪ جنس جون پنهنجيون خوبيون / خاصيتون هوندون آهن. ٻئي ڪنهن سان نه ملنديون آهن، نه ئي وري ڀيٽي سگهجن ٿيون.
مطلب:
(۱) پيٽرول جيپ ۾ به پوي ٿو ۽ جهاز ۾ به پوي ٿو، پر هر هڪ جي اڏام پنهنجي پنهنجي آهي.
62. ڪپڙو ڌوئڻو به هجي نه پُسائجي نه. (پهاڪو)
ڪپڙو پاڻيءَ ۾ پوڻ کانپوءِ ڌوئڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي. نپوڙي نه ڪڍبو ته يا سينوار جي آ ڪو ٿيندو يا اوسنو هئڻ سبب وقتي ڪم جو نه رهندو. پُسائڻ بعد ڌوئي، نپوڙي نه سڪائبو ته ڇوڙو ٿي ويندو.
مطلب:
(۱) جنهن ڪم ڪرڻ جي نيت نه هجي، اهو شروع نه ڪجي.
(۲) سخاوت ڪجي ته پوري ڪجي، نه ته نه ڪجي.
(۳) وهنجڻو نه هجي ته ڪپڙا نه لاهجن.
(۴) ڪنهن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهجي ته درياهه پار پهچائجيس، وچ سير ۾ نه ٻوڙجيس.
63. ڪُمي ڪنئري هجي ها ته پهرين گدڙ کائينس ها. (پهاڪو)
ڪُميءَ جو جسم ڪنئرو ٿئي ٿو، پر جنهن کوپي ۾ رهي ٿي، سو ڏاڍو سخت هوندو آهي. وقتي ٽرڪ جي ٽائر هيٺان به بچي وينديون آهن. اهڙي سخت کوپي کي گدڙ ڪيڏانهن کائي سگهندو.
اهڙيءَ طرح هر ماڻهو، ڪمزور ناهي. ڪنهن نه ڪنهن طرح سان، پاڻ کي ماحولياتي گدلاڻ / آپدائن کان حفاظت ۾ رکڻ جا جتن ڪري ٿو.
مطلب:
(۱) ڪنهن کي به نڌڻڪو / غير محفوظ نه ڄاڻجي.
(۲) مُنهن جي ڪونئري، ڳٽا پٽائي.
(۳) پٿر ڪونئرا هيا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
(۴) تيل سستا هيا ته هوند گدڙن به ڳل مکيا.
(۵) هيڻي نه ٻولجي، ڪمزور به فائدو وٺي ويندا.
ڀيٽيو: ھر پٿر پنھنجي جا تي ڳؤرو آھي.
64. ڪنڌڪوٽ، ول نه موٽ. (چوڻي)
ڪنڌ ڪوٽ شهر کي، وڏي ٻهراڙي آهي، جنهن سبب واپاري لحاظ کان وڏي چلتي وارو شهر آهي. جيڪو به واپار/ روزگارسانگي آيو، اڏجي ويو. شهر ۾ اڪثر آبادي ٻاهران لڏي آيلن جي آهي.
مطلب:
(۱) شهداد ڪوٽ، وري نه موٽ، موٽ ته مري موٽ.
(۲) شڪارپور شهزادي، ڏيهان ڏيهه مشهور.
(۳) شهر ڪراچي، ڇورن جو نيپاڄ.
65. ڪُڻي ۾ نڪتل ڪنوار، پرائي پچار، آهن ذائقا زبان جا. (پهاڪو)
لال ڪنوار، ڪُڻي ۾ يا جهنگ مان هٿ نه ايندي آهي. البته ان لاءِ مڙسي درڪار آهي. تنهن هوندي به بنا ووڙڻ جي، منزل جي مومل ماڻي نه سگهبي آهي. جيڪڏهن ڪير اهڙي دعويٰ ڪري ته ڪوڙ ٿو هڻي. ائين ئي پرائي پچار ڪرڻ به زبان کي لست وٺرائڻ جي مترادف آهي.
مطلب:
(۱) ڪمزرو ماڻهو فقط زبان جا چشڪا وٺندو آهي ۽ اک جو عاشق يا نظروت ئي هوندو آهي.
66. ڪو ڏٺي ڪري ستاري، ڪو اڻ ڏٺي ڪري خواري. (چوڻي)
دنيا ۾ هر قسم جا ماڻهو موجود آهن. هڪڙا دشمن هئڻ جي باوجود اصولن جي پاسداري ڪندا ۽ لٽو پيا وجهندا ۽ هڪڙا وري دوست هوندي به، بي اصول طبيعت سبب، پيا عيب اگهاڙيندا ۽ لٽو لاهيندا.
مطلب:
(۱) بردبار ماڻهو، خبر هئڻ جي باوجود، بدلو نه وٺندو آهي. بزدل اڻ ڄاڻ هوندي به جُلهون پيو ڪندوآهي.
(۲) ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇڻ، ڪلي ڪلي ڀاڳ.
(۳) هر ڪاٺيءَ / وڻ کي پنهنجو لڇڻ آهي.
67. گيد گيدليءَ جا پار، ڳوهي اٽو، کوهي وار. (چوڻي)
چڱي ڪم ڪرڻ پڄان، ٻه چار نقصان ڪرڻ به چنڊائپ جي نشاني آهي. ھونئن به نڀاڳ/بدبختي ته ڪنهن ڪنهن سان ساڻ هوندا آهن.
مطلب:
(۱) چڱائي ڪندي، چنڊن جا ھٿ سڙندا آهن.
(۲) تيل / گيهه پئي، نڀاڳن جي سينڌ سڙندي آهي.
68. ڳوٺ ۾ هجن ئي ست گهر ته ڏائڻ ڪهڙو ٽاري؟ (پهاڪو)
ڏائڻ جو ڪم آهي، مڙدا کوٽڻ، تنهن هوندي به ست گهر ٽاريندي آهي. سمورا ڪين لتاڙيندي آهي. جڏھن اورانگهڻ لاءِ هجن ئي ست گهر ته پوءِ ڏيڻپي کي ڇڏي اصول جي پاسداري نه ڪندي. مجبورًا ستين گهر کي وَلَو چاڙھيندي.
مطلب:
(۱) ظالم ماڻهو محدود دائري ۾ پنهنجي ظلم کي روا رکڻ لاءِ اهڙا دليل گهڙيندو آھي.
(۲) ڏائڻ ستون گهر ٽاري، ظالم اهو به نه ٽاري.
69. گهنيي راڌي، گهنيي کاڌي، اڃا ئي گهنيو فريادي. (چوڻي(
گهنيا، پجاب جي علائقن؛ رحيم يار خان، صادق آباد، خان پور ڪٽوره وغيره ۾ آباد ذات آهي. سنڌ ۾ به اتان لڏي اچي گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، مريد شاخ ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيا آهن.
جيڪب آباد جي ڳوٺ ٿرڙيءَ ۾ گهنيا، عنايت الله اوستي جي رَهڪي ڪندا هئا. هڪ دفعي اتان رسي، کيرٿر جي ڀڪ ۾ شيران پور وٽ، محمد صديق پٺاڻ جا اچي راهڪ ٿيا ۽ ٻني راڌائون. فصل جي تيار ٿيڻ تائين، فصل جا ٽي حصا ائين ئي کڻي کائي ويا. بٽئيءَ وقت چوٿون حصو ڦٻائڻ لاءِ به ڪمدار سان ڦڏو ڪيائون. چوڻ لڳا : “اسان راهڪ ماڻهو، ڏاڍا غريب آهيون. تمام ٿورو فصل ٿيو آهي. اهو اسان کان نه وٺو.”
نتيجي ۾ ڪمدار مٿن دڙڪا داٻ ڪيا. گهنين الٽو مٿس فرياد ڪيو. ڪمدار وڃي پوليس ۾ پيش پيو. پٺاڻ زميندار، ڪمدار کي ڇڏايو، جنهن تي ڪمدار چيو؛ “گهنين راڌي، گهنين کاڌي، اڃا ئي گهنيا فريادي.”
ان کان علاوه ٻي تاويل اها آهي ته گهنين ڪنهن جو ڇيلو ڪهي کائي ڇڏيو.
پڇا ڳاڇا تي الٽو مٿس ڪاوڙيا ۽ فيصلي ۾ ڇڪايائونس، جنهن تان ائين مشهور ٿيو.
مطلب:
(۱) جڏھن ڪو ھَڙَ ھنيون وڃي ۽ لانگ به رکيون وڃي ته ائين چئبو آھي.
70. لک پتي کُٽي، پَتِ پتي نه کُٽي. (ڇوڻي)
لک پتي؛ لکن ڪروڙن جو مالڪ، کائيندي لک ڪروڙ کُٽائي ويندو. ڇو جو زر کپا ئڻ سان کُٽندي آهي. جڏهن ته ڪارِپَتِ وارو ماڻهو، پئسو نه هئڻ جي باوجود به بک نه مرندو آهي. پنهنجي اعتبار / ساک سبب، ٻين مان ڪم ڪار / ڏوڪڙ پنجڙ ڪڍي ويندو آهي ۽ سندس ائين کائڻ تي ڪير ڪُرڪندو به ناهي.
مطلب:
(۱) کاڌي خرار کٽيو وڃن.
(۲) جيڪڏهن چاهين ته اولاد کي بي انداز ملڪيت ڏيان ته کيس هٿ جو هنر سيکار.
(۳) سائٿ وارو کائي وڃي، لهڻي وارو لنگهڻ وڃي.
71. ماڇڪو ڪتو، سوئر جو ساٿي. (پهاڪو)
ماڇين جو ڪتو؛ مفت جي مڇين / مانين تي پلجڻ سبب، شڪار نه ڪري سگهندو آهي. مُهاڙيءَ ۾ لاهڻ پڄاڻان، سوئر تي حملو ڪرڻ بد ران، پڇ پائي پوئتي مو ٽندو آھي ته مالڪ کي به چڪي رکندو آھي.
مطلب:
(۱) ڪمزور / ڀينگيئي کي، گهر جو رکوال / چوڪيدار نه ڪجي. چورن سان ساٿاري ٿي کاٽ هڻائيندو.
(۲) جَوَ ڍيري رکي، گڏھه کي رکپال.
72. مانجهاڻي: منجهند تائين. (چوڻي)
مانجهي خان کوسي جي نالي پويان اڏيل شهر؛ مانجهي پور جا کوسا مانجهاڻي سڏائيندا آهن. طبعًا ڏاڍا سادا ۽ ويسارا آھن. صبح جو سنگت رکي، منجهند تائين وساري ڇڏيندا آهن.
مطلب:
(۱) مانجھڻين جي سنگت بابت گمان آهي ته ٿوري عرصي لاءِ هلندي آهي.
73. ما جي پِٽَ، گُسي پي جي نه. (چوڻي)
ماءُ جي مامتا، سندس پِٽَ مٿان غالب هوندي آهي. جنهن سبب سندس پِٽَ اڪثر نه لڳندي آهي. ان جي برعڪس پي جو پِٽيو ڪڏهن به سائو نه ٿيو آهي.
ما جو ادب، پيءُ جي ڀيٽ ۾، ٽي دفعا وڌيڪ ڪرڻو آهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن ساڻس ماڻا ڪبا ته سهي ويندي. جڏهن ته پي نه سهي سگهندو. بي ادبي ته، ڪنهن به صورت ۾، ٻنهي جي ناهي ڪرڻي.
مطلب:
(۱) پي جو پٽيل، سنئين لڱين نه هوندو.
74. مِٽُ نه ما، پِنُ ۽ کا. (چوڻي / پهاڪو)
جنهن کي ننڍي لاڪون ،پي ما يا چاچي مامي جهڙو رشتو نصيب ٿيو، سو ڇورو ٻار / نڌڻڪو ٿي پلبو آهي. ٻين جو محتاج رهڻ سبب، احساس محرومي جو شڪار ھوندو. پو ڀلي ٻيا مٿس جهُٻو به کائيندا ھجن، جنھن لا انهن جي مهرباني، پر يتيم کي اندر ۾ ھڪڙو اڻ لَکو احساس ضرور ھوندو آھي، جيڪو کيس کائيندو ۽ اندر ۾ وَڍَ وجھندو رھندو آھي. ڀلي مائٽ ڪيڏي به ملڪيت ڇڏي ڇو نه مئا هجن، پوءِ به يتيم ٻار کان اهو مسڪين جو ٻار وڌيڪ سکيو آهي، جنهن جا پيءُ ماءُ جيئرا آهن.
مطلب:
(۱) مائٽ جو ڏَڍُ، دولت جي ڏَڍَ کان تمام گهڻو آهي.
(۲) جنهن کي نه آهي ماءُ نه ماءُ جو ڄايو،
سو گهڻن پيءُ ماءُ وارن کان سائو. (ابتو)
75. محبتي: محنتي. (چوڻي)
محنت ڪرن لاءِ محبت جو جذ بو هئڻ ضروري آهي. محبت / رغبت / شوق / عشق کانسواءِ ڪو به ڪم ڪري نه سگهبو آهي. جنهن محنت ۾ محبت شامل ناهي، اها محنت رنگ نه لائيندي آهي. فائدي بجاءِ، منجھانئس نقصان پوندو آهي.
محبت ڪرڻ لاءِ به محنت جي ضرورت آهي. محبوب کي ماڻڻ لاءِ، جيڪو محنت نٿو ڪري ۽ گهر ويٺي پِرين تان جندڙو قربان ٿو ڪري، سو به سچو عاشق ناهي. محنت کانسواءِ محبت نه ٿيندي، محبت کانسواءِ محنت بيڪار آهي.
مطلب:
(۱) محبت ۽ محنت لازم ملزوم آھن.
76. مرد جي دشمن کٽائي، عورت جي دشمن مٺائي. (چوڻي)
عورتن کي کٽيون، چٽپٽيون / چهريون شيون وڻنديون / ڀانءِ پونديون آهن. خاص طور تي ٻن جيئن واريءَ جي چاهت اڃا وڌيڪ هوندي آهي. عورت کي مٺاڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو سندس لاءِ زهر برابرآهي. ان جي بر عڪس، مرد کٽاڻ جو تاثير براشت نه ڪري سگهندو. سندس هاٺي مٺاڻ کي برداشت ڪرڻ واري ٺهيل آهي. مٺان کائڻ سان محنت جو جذبو پروان چڙهندس. ان جي پيٽ ۾ کٽاڻ کيس کاري ويهاري ڇڏيندي.
مطلب :
(۱) مرد کي کٽين شين ۽ عورت کي مٺين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
77. معاملا اسرندا به، نبرندا به. (چوڻي)
هيءَ دنيا معاملن / مسئلن جو گهر آهي. معاملن / مسئلن کانسواءِ دنيا بي چسي، بد مزي ۽ بيڪار آهي. وندر انهيءَ ۾ آهي ته هڪڙا مسئلا حل ٿين ته ٻيا ڪَرُ کڻن. بغير مسئلن / معاملن جي ڪابه زندگي ناهي. هڪ- ڪَري زندگي ڪنهن کي به نه راس آئي آهي ۽ نه ئي وري پسند آئي آهي. زماني جون گردشون هر هڪ کي وڻن ٿيون. انهن سان منهن ڏيڻ لاءِ هر هڪ کي تيار به رهڻ گهرجي. ڇو جو هر ماڻهوءَ کي، مختلف ماحولن ۾ آزمايو ويندو.
ڪنهن به معاملي کان مايوس نه ٿجي. مايوسي گناهه آهي. اڄ جيڪو مسئلو پيش آيو آهي، سو سڀاڻي ياد ڪرڻ سان به ياد نه ايندو.
مطلب:
(۱) ايندڙ زندگيءَ / حالات کان خائف نه ٿجي.
78. ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي)
گورستان ۽ گرمي، گرد ۽ گداگرن واري شهر ملتان ۾، پيرن فقيرن جي پڻ ججهائي آهي. غوث بھاؤالدين زڪريا، شاھ رڪن عالم ۽ شمس تبريز جهڙن بزرگن / اوليائن جو مدفن هئڻ سبب اتي گهڻن ئي درويشن جا ڦيرا / مدفن رهيا آهن. سنڌ جا تنيا فقير ۽ سندن ٻيا عقيدتمند ته گهٽا وٺي، پيرين پنڌ پڄائي، اچي بخشرائيندا هئا.
مطلب:
(۱) ملتان، پيرن سان ڀريل.
(۲) چار چيز ست تحفات ملتان؛ گرد، گدا، گرم و گورستان.
79. ميرپوري منڊي، چانڊاڻ چنڊي، عودي سنجن سوڌي،
ٺل ڏنو ٺڪاءُ، هلي ڏسو ڳڙهيءَ جو لقاءُ. (چوڻي)
اڳي سماع هڻندڙ فقير، غريبن سان ظلم ڪندڙن کي سمجهائڻ ويندا هيا. سندن ڳالهه نه مڃڻ تي کين پاراتا يا پٽون، سماع ۾ ڏيندا هيا.
ميرپور ٻرڙو، چانڊاڻ، عودي ۽ ڙهي حسن، تعلقي ٺل جا وڏا ڳوٺ (قصبا) آهن. گمان آهي ته ڪنهن فقير ٿيل ظلم پڄاڻان کين سمجھايو ھجي ۽ اتان جا رھواسي سندس چوڻ تي نه مڙيا ھجن، جنھن تان فقير سماع ۾ ائين چيو هجي.
محترم نظام الدين کوسو، ڪامريڊ محمد امين کوسو جو ڀاءُ پنهنجي مقالي؛ “نئين ٺل جا پراڻا گل” جي ٻي قسط ۾، ٽِه- ماهي مهراڻ جي پرچي ۴/۱۹۹۵ جي ص ۹۲ تي اها چوڻي هيئن لکي آھي؛ “ميرپور منڊي، چانڊاڻ چنڊي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ ته عودي ويئي سنجن سوڌي.”
تاويل ۾ لکيو اٿائين ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن درويش جي زبان مان نڪتل هي گفتا، ڏاڍي چؤٻول ۾ هوندا هئا.
اڳتي الکيو اٿائين؛ “خبر ناهي ته درويش ائين ڇو چيو. انهن گفتن جو اثر ڪنهن وقت تائين انهن ڳوٺن تي ڏاڍو رهيو. هينئر مس مس وڃي انهن ڳوٺن ساهي پٽي آهي ۽ اڳتي قدم وڌائڻ شروع ڪيو آهي.”
مطلب:
اهڙيون کوڙ پٽون يا پاراتا ساريءَ سنڌ ۾ ٻين ڳوٺن لاءِ پڻ مشهور آهن. منجهانئن ڪجهه هتي ڏجن ٿا.
(۱) ٽَهل ويئي مَهل، مهتي موٽي آئي، ٺل ڏنو ٺڪاءُ، دُٻي ٻين دٻائي. (سماع)
(۲) قاضي ويندا قلات، وِڪيا ڪين وسندا. (پاراتو)
(۳) محبت سندا ٻار، پيالي منجهه پنندا.
(۴) ٻُٽيءَ دکيءَ ڪاڻ، مُٺن مٽ ڀڃايا.
(۵) ٺَٽِ ڏنو ٺڪاءُ، ڳوراها سڀ ڳري ويا.
(۶) ٿرڙي ٿي ڍرڙي، لٿو لاڏ لغارين جو.
(۷) ڪو جو وايو واءُ، ڳچل سڀ ڳري ويا.
(۸) ڳچل پنهنجي ڳوٺ، پيالي منجهه پنندا.
(۹) دُٻيءَ لڳي باهه، چڻگيون چمن ۾.
ڀيٽيو: “ٺل آهي گل.”
80. مينهان چاري سنجر فقير، کير کا وڃن کوٻلي. (پهاڪو)
تعلقي ٺل جي ڳوٺ ڪريم آباد ۾، سنجر فقير نالي غريب ڌراڙ رھندو ھيو، جيڪو چاراڻي تي ڳوٺ جون مينھون چاريندو ھيو.
ھڪ دفعي عيد آئي پر کيس چاراڻي نه ملي. عيد رات ڌنارن جي در تان کير لپ پنڻ ويو ته ڪنهن به نه ڏنس. عيد ڏينھن ته کير هر ڪنهن کي پاڻ کپي، سو هن کي ڪيئن ڏين. کير نه ملڻ سبب، ٻئي ڏينهن مينهون نه ڇوڙيائين ۽ مينهون ڪلن تي ٻڌيون، رنڀنديون رهيون.
مينهُنِ نه ڇورڻ جو سبب جڏهن کانئس پڇيو ويو، تڏهن موٽ ۾ چيائين؛ “مينهان چاري سنجر فقير، کير کا وڃن کوٻلي!”
مطلب:
(۱) کوهي کنگهار جي، نالو نارائڻ جو.
(۲) کير ملوڪ جي مينهن جو، پيئندو پير شاهه.
81. نر شينهن، رڍن جي لشڪر کان نه ڊڄندو آهي. (پهاڪو)
شينهن جي فطرت ۾ هيبت سمايل آهي، جنهن سبب رڍون ٻڪريون کانئس ڊڄنديون آهن. هيسجڻ سبب، شينهن جي دل اڃا وڌيو وڃي. نه ڊڄندڙ جانور کان، شينهن به پاسو ڪري لنگهندو آهي.
جنهن کان ڊڄبو آهي، سو آڪرو ٿيندو ويندو آهي. جنهن سان اکِ اکِ ۾ وجهي، ڳالهائبو آهي سو پڻ محتاط رهندو آهي ۽ ٽارو ڪري لنگهندو آهي.
مطلب:
(۱) ڀؤ / خوف / ڊپ، دل ۾ ويٺل هوندا آهن. اڳلي جي حشمت پوءِ اثر ڪندي آهي.
82. نظر ڳِجهه جي، ڏاٺ اُڏوهيءَ جي، نڪ ڪِول جو. (چوڻي)
(ا) ڳِجهه جي نظر، تيز هئڻ ۾ ضرب المثل آهي. ميلن تي مٿان به ڍونڍ تي نظر پئجيو وڃيس ۽ مٿس پهچيو وڃي. مبالغه آرائي ڪندي (Exaggeration) ڪي ته ائين به چوندا آهن؛ “ڳجهه جي نظر، ستين آسمان تان به پوندي آهي.”
(ب) اُڏوهيءَ جي ڏاٺ ڏاڍي ڪاٺ کي به ڏَڏيو رکي. مضبوط ۽ مقدس شين مان به ڪين مڙي. حضرت سليمان عليه السلام واري لٺ کي به اڏوهيءَ ئي کائي چٽ ڪيو جو، جنھن جي جنن کي به آخر تائين خبر نه پئي هئي. جنَّ ويچارا ته ٽن سالن تائين محنت ڪندا رهيا. اڏوهيءَ جي انهيءَ ڪارنامي پڄاڻان کين خبر پئي ته حضرت سليمان عليه السلام ته دنيا مان ڪڏهوڪو برقعو مٽائي چڪو هيو.
(ج) ڪول کي اک نه ٿيندي آھي. نڪ جي حواس سان سنگهي اڳتي هلندي آهي.
مطلب:
(۱) هر هڪ ۾ ڪانه ڪا خوب ضرور هوندي آهي.
83. نڪ هوندو ناهر کي، وري نه ايندو واڙ تي. (چوڻي)
ناھر / بگھڙ سان، ڌنار جي ڪتي جيڪڏھن چڱي جٺ ڪئي آھي ته ھاڻي کيس ٻڪرين جي واڙ تي نه اچڻ گھرجي. شرط اھو آھي ته بگھڙ کي نڪ ھوندو ته نه ايندو. بي نڪو ته ھر ھر پيو پڇ لوڏيندو.
مطلب:
(۱) غيرت وارو، بيعزتي واري ھنڌ وري وري نه ايندو آھي.
84. واسطو آھي، رابطو آھي. سفارش آھي، نوازش آھي. (چوڻي)
واسطي کان سواءِ، رابطو ٿيڻ يا رکڻ ڏکيو آهي. واسطي رکڻ لاءِ رابطو ڪرڻ ضروري آهي. واسطو هوندو ته سُفارش / سُپارت / پارت به ڪري سگهبي.
سفارش سان به نوازش حاصل ڪري سگهبي آهي. هٿُ هٿَ تي رکي ويهبو ته ڪم نه ھلندو.
مطلب:
(۱) هيءُ جهان، ڏي وٺ (give & take) جو جهان آهي.
(۲) جستجو ڪندڙن جو جهان آهي، سستن جو ناهي.
85. واڻيو ڳڙ نه ڏئي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ڪري. (پهاڪو)
واڻيي / دڪاندار کي، ڳُڙ جهڙو وکر کپائڻ سان گڏ، مٺڙو ٿي به ڳالهائڻو هوندو آهي. ڇو جو گراهڪ کي دڪان تي ڇڪي آڻڻ ۾ واڻيي جي وھنوار جو به هٿ هوندو آهي. جيڪڏهن هٽَ- واڻيو کلي ڳالهائيندو ته هر ڪو وٽس وکر وٺڻ لاءِ پيو واجهائيندو. ان جي برعڪس، ڇڙٻن سان ڳالهائيندڙَ، اُڇلن سان توري ڏيندڙَ ۽ سَٽُن سان پئسا وٺندڙَ دڪاندار جي دڪان تي، ڪير به پير نه پائيندو آهي.
مطلب:
(۱) واڻيي وٽ وکر نه وڪامي پر وڙ وڪامي.
(۲) ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.
86. واڻيي جو دستور، ڌڪ به هڻي ڌاڙ ڌاڙ به ڪري. (پهاڪو)
هڪڙو واڻيو، هڪڙي مسلمان کي دسيون، سيني تي چڙهي مڪون به وهائي رهيو هئس ۽ رڙيون به ڪري رهيو هو؛ “اڙي مون کي بچايو!اڙي بچايو! مون کي مُشلو ماري ڇڏيندو!”
ماڻهو مٿس مڙيا. الٽي ماجرا ڏسي پڇيائونس؛ “سيني تي به تون چڙهيو ويٺو آهين، مارينس به تون ٿو، رڙيون به تون ٿو ڪرين؟”
“اري ڌڻي! توهان کي خبڙ ناهي هن جي!” واڻيي، مسلمان کي مسلسل ڪٽيندي ۽ سهڪندي چيو؛ “مان سندس سيني تان لهندس ته مون کي ڪُٽي ناڙُ ڪڙي ڇڏيندو. ڏسو نه ٿا ته ڪاوڙ ۾ اکيون لال ٿي ويون اٿس.”
مطلب :
(۱) واڻيو ڦُري به، ڦُرجڻ جون رڙيون به ڪري.
87. هر هڏي ۾، مِکُ هوندي آهي. (پهاڪو)
رت جا اڇا جزا (White Blood Corpuscles) جيڪي رت ۾ دفاعي (Defensive) ڪم ڪندا آهن، سي ٺهندا ئي مِکُ (Bone marrow) منجهان آهن. مِکُ ٺهڻ بند ٿيندي ته اڇا جزا (WBC) به ٺهڻ بند ٿي ويندا. نتيجتًا دفاعي نظام درهم برهم ٿي ويندو. قوت مدافعت ختم ٿيڻ سبب، موت واقع ٿي ويندو آهي.
هڏو، بغير مِکُ جي نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪو به ماڻهو خوبين کان خالي ناهي.
مطلب:
(۱) هر لباس ۾، ماڻهو هوندو آهي.
(۲) هر ماڻهوءَ ۾ ڪانه ڪا خوبي / خصلت ضرور آهي.
88. هڪ ٽپي سان کوهه ۾ ڪربو آهي.
سَوَ ۱۰۰ ٽپي سان نڪري نه سگهبو آهي. (پهاڪو)
ترقي ڪرڻ لاءِ وڏي محنت، وڏا جتن/ جُهد ڪرڻا پوندا آهن. جڏهن ته تباهي ڪرڻ لاءِ يا ڊاهڻ لاءِ هڪ ڌڪ جي ضرورت هوندي آهي. هرشيءِ کي قائم (maintain) رکڻ لاءِ به محنت ۽ خرچ ڪرڻو پوندو آهي.
مطلب:
(۱) کوهه ۾ ڪرڻ کان اڳي، قدم احتياط سان کڻجي.
(۲) تِرَ جي گٿي، سؤ چوٽون کائيندي آهي.
89. هيڪوڻي هندو مري، ٻيڻي مري مسلمان.
ٽيڻي سو مري، جنهن جي ڪنڌ تي قرآن. (چوڻي)
هندو، هڪ- جهاني هئڻ سبب، فقط هن جهان هٿ ڪرڻ لاءِ محنت ڪندا آهن. مسلمان، آخرت ۾ به يقين رکڻ سبب، دنيا ۽ آخرت يعني ٻنھي جي موچاري ٿيڻ لاءِ محنت ڪندا آهن. جڏهن ته قرآن وارا ۽ اهل الله، دنيا ۽ آخرت موچاري ٿيڻ کان علاوه، مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ به محنت ڪندا آهن.
مطلب:
(۱) الله وارو ٿيڻ جي لا مخلوق تي رحم ڪجي. جهنم جي عذاب کان پناهه گهرڻ پڄاڻان، عذاب قبر کان به پناهه گهرجي. رب جو راضپو ۽ جنت الفرودس جي تقاضا به ڪجي ته ٻئي جهان موچارا ٿيڻ لاءِ به دعا گهرجي.
90. هيڻو حريف، گلا ڪندو آهي. (چوڻي / پهاڪو)
دشمني ڪرڻي هجي ته مڙس ماڻهو يا اصول- پرست سان ڪجي. بي اصول ۽ ڪانياري، ڊڄڻي ۽ گيديءَ سان دشمني نه رکجي. خواه مخواه گلا ڪندو ۽ جتي ڪٿي ڏِٺووِٺو ڪندو.
مطلب:
(۱) مارجن ته مير مارجن، چاڪر نه چڪائجن.

No comments:

Post a Comment