Tuesday, October 6, 2020

شاھ جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح ۽ پهاڪا - سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ

شاهه جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح ۽ پهاڪا

(سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ)

پروفيسر مظهر علي قريشي



شاهه جي اصطلاحن ۽ محاورن تي ڪم بنهه گهٽ ٿيو آهي. ڪم عالمن ايڪڙ ٻيڪڙ ان ڏس ۾ ڪونتل ڪڏايا آهن، جن کي مناسب پذيرائي نه ملي سگهي.

اسان محترم پروفيسر مظهرعلي قريشي صاحب کي ان موضوع تي لکڻ لاءِ عرض ڪيو، جنهن جي موٽ ۾، نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هيءُ مضمون لکي موڪليو اٿائون. اسان اهو سلسلو جاري رکڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾، شاهه جي ڪنهن پارکوءَ کي اصطلاحن جي معنيٰ، مفهوم سان اختلاف هجي ته اهو لکي موڪلي. ان سان هڪ ته صحتمند تنقيد جو باب کلندو ۽ لطيف فهميءَ کي پڻ هٿي ملندي – ادارو[

Monday, October 5, 2020

شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا - سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊي

شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا

(سر کنڀات، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊي)

پروفيسر مظھر علي قريشي



شاهه لطيف جي ڪلام مان هيءَ ڳالهه عيان آهي ته ان ۾ تجنيس حرفي تمام گهڻي ڪم آندل آهي. ان ڪري ڪنهن به بيت ۾ استعمال الفاظ هڪ قسم جا اصطلاح پيا معلوم ٿين ٿا. حالانڪ ڪيترا الفاظ، اصطلاح نه آهن، ليڪن اهي تجنيس حرفي ۾ ڪم آندل ڪلام جي وڏي نزاڪت کي نروار ڪندڙ آهن. شاهه جا محقق، ٻوليءَ جا پارکو ۽ عالم اديب، شاهه جا ڪيترا ئي بيت پهاڪن طور ڪم آڻيندا رهن ٿا. ان ڪري ڏسجي ٿو ته شاهه جو سارو ڪلام، اهڙين خوبين جو هڪ اکٽ خزانو آهي. هن مضمون ۾ سندس ڪلام مان ٽن سرن: (۱) سر کنڀات (۲) سر سريراڳ ۽ (۳) سر سامونڊيءَ جا اصطلاح ۽ پهاڪا قلم هيٺ آڻي، انهن جي معنيٰ کي سمجهائڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪئي وئي آهي. تاهم آ طفلِ مڪتب جي حيثيت ۾، سمجهان ٿو ته انهي ۾ ڪيتريون ئي غلطيون سرزد ٿي ويون هونديون، جنهن لاءِ اميد ته عالم ۽ اديب رهنمائي ڪندا.

Saturday, October 3, 2020

شاھ لطيفؒ جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا

شاھ لطيفؒ جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا

(سر سهڻي، سر حسيني، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر ڪاموڏ ۽ سر گھاتو)

پروفيسر مظهر علي قريشي



شاھ لطيف جي رسالي ۾، ٻين قصن وانگر، سهڻي ميهار جو قصو صرف معمولي قصو نه آهي، پر ان ۾ وڏو راز ۽ لِڪُ لڪايو ويو آهي. جيئن ته شاھ صاحب هر هڪ ڪهاڻيءَ جو مختلف روحاني راز رکيو آهي. مثلا سريراڳ ۾ دنيا کي درياھ سان مشابهت ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح سر سهڻيءَ اندر ساهڙ لفظ مان مراد آهي؛ مطلوب يعني محبوب حقيقي ۽ سهڻي مان مراد آهي طالب.