Saturday, January 30, 2016

سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا - علي حسان - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا

ليکڪ: علي حسان

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو

انھيءَ لاءِ نه جو سرائيڪي يا رياستي، منھنجي مادري ٻولي آھي (رياستي بھاولپور ۾ ڳالھايو ويندڙ لھجو آھي جڏھن ته سرائڪي عام طور تي ملتانيءَ کي سڏيو ويندو ھيو. قصو ڪوتاھ، ھاڻي ھر علائقي جو لھجو ھڪ ٻئي جي ويجھو ايندو ٿو وڃي) بلڪ ڪيترين ٻڌندڙن کان ٻڌو آھي ته سرائيڪي ٻڌڻ ۾ مٺڙي لڳندي آھي. ھاڻي خبر ناھي ته سچ پچ ائين آھي به يا اھا ڳالھ ائين ٺھي وئي آھي. ليڪن انھيءَ باري ۾ ته پنھنجو مولانا جنيد جمشيد به چئي چڪو آھي ته ڄمون رنگ چپ سرائيڪي ڳالھائين ۽ ڪنن ۾ رس ڀرين.


آش نخورده و دهن سوخته - الطاف شيخ


آش نخورده و دهن سوخته

(سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)

الطاف شيخ

اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾ عربي يا فارسي آپشنل سبجيڪٽ هوندو هو، آئون نه فارسي پڙهيس نه عربي، پر هاڻ هتي ايران ۾ اچي اهو اندازو لڳايو اٿم ته فارسي بيحد مٺي ۽ وسيع زبان آهي، جنهن ۾ بي پناهه لٽريچر آهي. اهي خوش نصيب آهن جن کي فارسي اچي ٿي. فارسي جا اهي اديب يا شاعر جن جا اسين انگريزي، اڙدو يا سنڌي ۾ ترجمو پڙهون ٿا، فارسي سمجهڻ وارا هنن کي اصل زبان ۾ پڙهڻ جو لطف وٺن ٿا. مون کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڏهه سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ملئي زبان سکي ورتم. اڄ اهوئي سوچي رهيو آهيان، ته انهن ئي ڏينهن ۾ ايران جي مئرين اڪيڊمي ”ڇابهار“ ۾ به مون کي ساڳيو جاب مليو هو، جتي نوڪري ڪرڻ سان فارسي سکي وڃان ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ملائيشيا کان علاوه ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ به ڳالهائي وڃڻ ڪري انهن هنڌن تي مون جهڙن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ فارسي زبان فقط ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر ڇا ته فارسي زبان ۾ ڪتاب ۽ لٽريچر آهي! نه رڳو ايراني اديبن جا فارسي ۾ڪتاب پر اسان جي ننڍي کنڊ جي به ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر اقبال کان سچل سرمست تائين جي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب فارسي ۾ ملن ٿا. دراصل فارسي زبان ملئي کان به گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ته آذربائيجان، افغانستان، اولهه عراق، ازبڪستان ترڪمانستان وغيره، پر جيئن ته انهن ملڪن کي نه بندرگاهه آهن ۽ نه اوڏانهن پاڻي جا جهاز وڃي سگهن ٿا، ان ڪري اسان جهاز هلائيندڙن جو انهن ملڪن سان واسطو نه ٿي سگهيو. بهرحال هاڻ هتي ايران جا مدرسا، يونيورسٽيون، ميوزيم گهمندي، ڪنهن عالم، ڪنهن پروفيسر يا هڪ يا عام ماڻهو کان ڪو فارسي جو شعر، اصطلاح يا ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌان ٿو ته غور سان ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ ڪيتريون شيون ته نوٽ ڪندو وڃان ٿو، خاص ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون جن سان مونکي ننڍپڻ کان دلچسپي آهي. جپان، چين ۽ ملائيشيا جن ملڪن ۾ منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو انهن جي پهاڪن جو انگريزي ۾ ڪتابProverbs of Far East  نالي اڄ کان ويهه سال کن اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ڇپيو هو، جنهن جا پيش لفظ ملئي اديب ڪرس ماس ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جا لکيل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ڏهه سال کن اڳ حيدرآباد ۾ ڇپيو جنهن جا پيش لفظ سنڌ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکيا.

Wednesday, January 27, 2016

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال - مجاھد حسين سولنگي

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال
مجاھد حسين سولنگي
ٻوليءَ جي اهميت، ڪارج، خوبين ۽ خاصيتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هڪ بھترين تشبيهه وڻ جي آهي، جيئن وڻ لاءِ ٻج، پاڙ، ٿڙ، پن، ٽاري، گل ۽ ميوو. جھڙيءَ ريت ٻوٽي جي بيان ۽ تشريح لاءِ علمِ نباتات، علمِ ڪيميا ۽ علم الارضيات وغيره جي مطالعي ۽ مشاهدي جي ذريعي، ٻوٽي جو گهڻ پاسائون جائزو بيان ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ساڳيءَ طرح ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙن علمن ۽ ذيلي علمن جا گڏيل سرشتا سندس بيان ۽ تشريح لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا. انھن علمن ۾ علم اللسان، حياتيات، طبيعات، عمرانيات، نفسيات سان گڏوگڏ ذيلي لساني علم، علم صرف، علم نحو، علم معاني، علم عروض، علم بيان ۽ صنايع ۽ بدايع وغيره گڏجي ٻوليءَ جي وڻ جو گهڻ پاسائون تجزيو ڪن ٿا. ٻوليءَ جي اهڙي رنگين جھان ۾ علم ڪلام جو سدا بھار وڻ به شامل آهي، جنھن ۾ ڪلام (ٻولي) جي سونھن، سندرتا، سٺي سڀاءَ ۽ حسن بيان جا بي بھا گل ڦل موجود آهن، جن سان ڪو به انسان پنھنجي ڪلام جي باغ کي ڪمال تائين پھچائي سگهي ٿو. علم ڪلام جا اهي بي بھا گل ڦل ۽ ميوا علم نحو، علم صرف، علم معاني، فصاحت، بلاغت، سلاست، صنايع، بدايع، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا، ورجيسيون ۽ ترڪيبون وغيره آهن، جيڪي ڪلام جي حسن ڪمال لاءِ ڳهه آهن. اڃا جيڪڏهن ڪلام ۾ موزونيت، جوش، جذبو، اثر، وزن پيدا ڪرڻو هجي يا وري راز نياز، ڳجهه ڳوهه ۾ بيان ڪرڻو هجي ته پوءِ علم معاني ۽ ان ۾ ڦير پيدا ڪندڙ اصطلاح، محاورا، ڪنايا، استعارا ۽ تشبيھون وغيره نظر ۾ رکڻيون پونديون آهن.