Tuesday, September 11, 2012

مقدمو - موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون- انجنيئر عبدالوهاب سهتو



(موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون)
لوڪ ادب، عام ماحول ۽ ذهنن مان جنم وٺي، عوامي زبانن ۽ سينن ۾ پلجي، زماني جي گردش ۾ پڪو پختو، صاف شفاف ٿي، وقت جي ورقن تي وکري، دوام حاصل ڪندو آهي. ان جي گوناگون شاخن منجهان ضرب الامثال به هڪ اهم شاخ آهي. عربيءَ ۾ ان کي مثال ڏيئي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ مثال ڏيڻ، سڏبو آهي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهائڻ يا سمجهڻ لاءِ ڪنهن ڏٺل / سولي/ آسان / سمجهيل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائڻ کي ضرب المثل چئبو آهي.
ضرب المثل ڳالھين/ شين جا ٽي قسم آهن.
۱. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
۲. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
۳. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.

Monday, September 10, 2012

وتايو فقير - امر خورشيد شاھ

وتايو فقير

امر خورشيد شاھ



سچ چوڻ به ڏکيو آهي ۽ سچ سهڻ به ڏکيو... سچ جن چيو تن جي تاريخ ۾ ئي ڌار فهرست لکجي وئي. جنهن کي وقت جي ڪا به تبديلي مٽائي نه سگهي. هونئن به سچ جي ڪڙاڻ برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. پر چوڻ وارا به شاهه جي هن سٽ وانگر ته ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار“ سڀ لاڳاپا لاهي سچ جون ڪاتيون تکيون ڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن لطيف سائين جي هيءَ سٽ ته ”چنڊ چوانءِ سچ جي مٺيان مور نه ڀانئين“ سو سچ تي ته ڪهڙو به آسمان جو چنڊ هجي، مٺيان ته اوس لڳنديس. پر سچ چوڻ وارن جي چڱي خاصي لسٽ ۾ شمار ٿيندڙ وتايو فقير به هو، جنهن سدائين سچ ٻوليو پر منفرد انداز سان... سندس قول ٻول ڪي سالڪ سمجهندا هئا، باقي اسان پارن لاءِ ويچارو وتوُ فقير چريو يا چرچائي هو. هونئن ته اسين ‘وقت ۽ بخت جا رنگ’ ڏسي، گهڻو خاموش رهندا آهيون. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪردار ڏسي اها ڊگهي خاموشي ٽٽي به پوندي آهي ۽ اسين وتايا ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وتائي کان به اڳرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر پوءِ نڌڻڪائيءَ تي ترس کائي، ‘مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ’ واري اصول جا پوئلڳ ٿي، ‘چپن کي چونو هڻي’ پيا هلندا آهيون. ان لاءِ ته اسين وتايا ته ٿي سگهون ٿا پر فقير ڪڏهن به نه. ان ڪري ‘جنهن جو جهڙو وڙ، سو ڀلي پيو ورڇي، ورهائي’. خاموش ئي رهڻو پئي ٿو.

Thursday, September 6, 2012

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون - غلام مصطفي ناھيون

ناھيون ذات متعلق پھاڪا ۽ چوڻيون
غلام مصطفي ناھيون
پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار ھوندا آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي ملي سگھيون آھن سي ھيٺئين ريت آھن: