ڀڄندڙ چور جي چڍي به ڪار
وجاھت عمراني
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
چوڻيون،
پھاڪا، اصطلاح ۽ ورجيسون ھر ٻوليءَ جو اڻٽر ۽ دلچسپ حصو ھوندا آھن. دنيا جي شايد
ئي ڪا اھڙي ٻولي ھوندي جنھن ۾ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۽ حد اندر، انھن جو استعمال نه ٿيندو
ھجي. جھڙيءَ طرح شعر ۽ شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽
استعارا، لفظن جو ويھڻ ۽ وڃڻ وغيره بيان ۽ زبان جو چسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس
۽ چشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، اھڙيءَ طرح نثر ۾ چوڻيون، پھاڪا ۽
اصطلاح پڻ مستعمل آھن.
اردوءَ
جي مشھور چوڻي آھي؛ ”بھاگتے چور کی لنگوٹی ہی سہی“۔ يعني ”ڀڄندڙ چور جو لانگوٽو به ڪار.“ ان جو آڳاٽو استعمال گمان آھي ته
۱۸۰۲ع ڌاري ’باغ و بھار‘ ۾ ملي ٿو. ان جو مطلب ھاڻ اھو ناھي ته خدانخواسته ان کان
اڳي لانگوٽي-نما چڍو استعمال ٿيندو ئي نه ھيو، بلڪ ماڻهو وڻن جي پنن سان اوگهڙ
ڍڪيندا ھيا. غالب گمان آھي ته شروعاتي ڏينھن ۾ اھو ”بھاگتے چور کی لنگوٹ ہی
سہی“ يعني؛ ’ڀڄندڙ چور جي چڍي به ڪار‘ طور استعمال ٿيو ھوندو.
ليڪن جن ماڻھن کي ذاتي تجربو آھي، تن کي چڱيءَ طرح ڄاڻ ھوندي ته لانگوٽي ۾ ڀڄڻ،
گهڻو اڻائو آھي.
ھاڻ
اھو چڍيءَ مان لانگوٽو ڪيئن ٿيو، ان جو ڪو تاريخي حوالو نه ملي سگهيو آ. بھرحال
ھيءَ صورت ممڪن ٿي سگهي ٿي ته؛ چورن پنھنجي ضرورت جي پيش نظر چڍيءَ جي جاءِ تي خود
ئي لانگوٽو ڪري ڇڏيو ھجي ته جيئن ڀڄڻ آسان ٿي پوي. ھيءَ تن ڏھاڙن جي ڳالهه آ، جڏھن
چور ڀڄندا به ھيا ۽ پنھنجي چڍي به ڇڏي ويندا ھيا. منھنجو خيال آھي ته ھيءَ چوڻي
جديد دور جي تقاضائن سان ميل نه ٿي کائي. جديد دور سان گڏوگڏ، چورن به جديد طريقا ايجاد
ڪري ورتا آھن. ھاڻ، اھي چوري ائين ٿا ڪن جو ثبوت به نه ٿا ڇڏين. ان کان علاوه چور
ھاڻ برانڊيڊ ڪپڙا، پينٽ ڪوٽ، جينز وغيره پائين ٿا. ظاھر آھي، اھي لاھي ڇڏي وڃڻ ڪا ڏاھپ
ناھي. تنھنڪري، ڀاڳيا ھاڻي چڍيءَ کان به ويا. بلڪ ھاڻ اگر چور، اوھان کان اوھان جون
سموريون چڍيون لھرائي وڃي ۽ مھربانيءَ طور ھڪ اڌ واپس ڏنيون وڃي ته ان کي غنيمت
سمجهجو، جو اگهاڙي ٿيڻ کان بچيا آھيو.
پنھنجي
چؤڦير مسئلن ۽ حالتن کي ڏسندي، ڇا اوھان کي احساس آھي ته اوھان ننگا آھيو؟ اوھان
جي ۽ منھنجي جسمن تي جيڪي چڍيون ھيون، سي به چور ڀڄندي لاھيون ھليا ويا. ھاڻ اسان
جو ميڊيا ڪيترو به آزاد سھي، مگر اڃا ان کي ايتري آزادي نه ملي آھي ته ري-چڍين کي
ٽي ويءَ تي ڏيکارين. اھي ته ڏھاڙي، ٽاڪ شوز ۾ صرف چڍي وارن کي ئي ري-چڍيا ڏيکارڻ
لاءِ گهرائيندا آھن. ماضيءَ ۾ ھيءَ روايت ھئي ته چور ڀلي چوري ڪري وڃي پر چڍي ضرور
ڇڏي ويندو ھيو. ماڻهو ان ڳالهه کي ڏاڍو بڇان سان ڏسندا ھيا ۽ ان چور کي انتھائي ڪم
ظرف ۽ اخلاق کان ڪريل سمجهندا ھيا، جيڪو چڍي نه ڇڏيندو ھيو.
ان ماضيءَ
جي روايت کي زنده رکڻ جي لاءِ حڪومت، ھڪ اھڙو کاتو جوڙي ڇڏيو، جنھن جو ڪم ئي اھڙن چورن
کي پڪڙڻ آھي، جيڪي چڍيون ڇڏڻ وساري ٿا وڃن. اھا به حقيقت آھي ته اسان وٽ ايترو چور
نه ٿو ڳالهائي، جيترو سندس چڍي ٿي ڳالهائي. ھاڻ ته سالن کان اُڃايل قوم اھو ٿي چاھي
ته آسمان تي اھڙو ڪو ڪڪر نمودار ٿئي جيڪو سندن جهونن مسئلن جا حل وسائي. نام نھاد
نظام ته بيٺل ڌپياري پاڻيءَ واري حيثيت اختيار ڪري ويو آھي.
جيڪو
ڪجهه ڌرتيءَ تي آھي، تنھن کي ڏسندي ئي شرم کان پنبڻيون به وري ٿيون وڃن. اھڙيءَ
حالت ۾ ورائي ورائي آسمان ڏانھن ڏسڻ، فطري امر آھي، جو اتان ئي ڪا ڀلائي ٿي ته ٿيندي.
ور نه ھتي ته لوڪن کي چورن جي چڍي ڇا پنھنجي چڍي به ھٿ نه ٿي اچي. آڳاٽن وقت ۾ پيراڍو
ھوندا ھيا. جتي چوري ٿيندي ھئي، اتي سندن خدمتون حاصل ڪبيون ھيون. ان جو اھو فائدو
ٿيندو ھيو ته نه رڳو چڍي پر چور به ھٿيڪو ٿي ويندو ھيو. ھاڻ ته نه رھيا پيراڍو، نه
رھيون چڍيون.
مگر
مسئلو اھو اچي ٿيو آھي ته اردوءَ جون چوڻيون ۽ ورجيسون، پنھنجي اندر جن ڪھاڻين،
علامتن ۽ نالن کي سميٽيون ٿيون ھلن، تن جي حقيقت ۽ پسمنظر کان اسان جو اڄ جو نئون نسل
بلڪل ڪورو آھي. جيئن ’نا نو من تیل ہوگا، نا رادھا ناچے گی‘ يعني؛ ”نه
نَوَ مڻ تيل ايندو، نه ئي راڌا نچندي.“ واري چوڻي ٻڌي اسان جا نوجوان، راڌا کي
بالي ووڊ جي ڪا ھيروئن سمجهندا آھن ۽ سوچڻ لڳندا آھن ته اھا ڀارتي راڌا ته عربن،
ايرانين، ڪويتين ۽ عراقين لاءِ نچندي ھوندي، جو ايترو سارو تيل اھي ئي پھچائي سگهن
ٿا.
ٻيو ته
ٻيو پر جنھن معاشري ۾ اولاد جي صاف اردو ڳالهائڻ تي ماءُ پيءُ جي دل ۾ اھي اڌما
ھجن ته؛ ”ٻچڙي جي انگريزي شايد جڏي آھي، جنھنڪري انگريزيءَ جي لفظن جون چتيون ھنئي
بنا، صاف سٿري اردوءَ ۾ پوري جا پورا جملا پيو ڳالهائي. ھاڻ، سندس مستقبل جو ڇا
ٿيندو؟!“ ته اتي چوڻيون ۽ ورجيسون ته پنھنجي ماڳ، رڳو سولا ۽ سادا لفظ ۽ فقرا
سمجهڻ به ناممڪن ٿي ويندا آھن. اھڙيءَ حالت ۾ ڪنھن جي آڏو ’مطلقًا‘ لفظ چئو ته کيس گمان ٿيندو ته شايد
ڪنھن طلاق مليل عورت جي ڳالهه پئي ھلي.
جڏھن لوڪن جي ٻوليءَ جو اھو جھان ھجي ته کين آڳاٽيون چوڻيون ۽ ورجيسون ڪيئن سمجهه ۾ اينديون؟ تنھنڪري مون سوچيو ته اھڙي چوڻي جوڙيان، جيڪا اسان جي حالتن، واقعن ۽ ماحول جي مطابق ھجي ته آڳاٽي چوڻي؛ ”ڀڄندڙ چور جي چڍي ئي ڪار“ جي بدران زيرو ميٽر چوڻي رواج ۾ آڻجي؛ ”خودکش حملہ آور کا شناختی کارڈ ہی سہی“ يعني ”خودڪش بمبار جو سڃاڻپ ڪارڊ ئي ڪار.“ مون کي پڪ آھي ته ان زيرو ميٽر چوڻيءَ جو استعمال اوھان لاءِ گهڻو سولو ھوندو. ڇو جو معنيٰ ۽ مطلب کان اسان سڀ چڱيءَ طرح واقف آھيون.
No comments:
Post a Comment