Saturday, May 1, 2021

آزاد ۽ ڇڙواڳ ۾ فرق

آزاد ۽ ڇڙواڳ ۾ فرق

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



واڳ وجھبي آ، بي عقل جانور کي، سڌي رستي تي ھلائڻ لاءِ.

اھو اگر ڇڙ-واڳ ٿيو (جنھن جو رسو نڪتل ھجي) ته جيڏانھن آيس تيڏانھن ھليو ويندو ۽ نقصان ڪندو.


نابالغ انسان کي سڌي رستي تي ھلڻ لاءِ، پنھنجو عقل گھٽ آھي. ان کي آزاد ڇڏبو ته اوجھڙ ۾ وڃي پوندو. ان جو مثال واڳ ٽٽل جانور جھڙو ٿي پوندو. ان ڪري ان تي نظر رکڻ ضروري آ.

بالغ ماڻھوءَ وٽ سڌي رستي تي ھلڻ لاءِ عقل آھي، ان کي واڳ وجھي سوڙھو ڪبو ۽ سختي ڪبس ته منجھي پوندو. ان کي آزاد ڇڏبو آھي ته جيئن پنھنجي عقل، وس ۽ وت آھر ھر قدم کڻي ۽ ٻين لاءِ فائديمند ٿئي.

ڇڙواڳ؛ بي عقل کي پنھنجي وس ۽ مختيار ڇڏڻ.

آزاد؛ عقل واري کي پنھنجي وس ۽ مختيار ڇڏڻ.

No comments:

Post a Comment