Sunday, April 4, 2021

سوکڙي ڳالهين جي - مقدمو

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۽ سندس جوڙيل ڪتابَ

(ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ جي لکيل ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي سنواريل ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“ جو مقدمو)

 

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

 


سنڌ تي، ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي انگريزن جي قبضي کان پوءِ، سندن حاڪميت جي پڄاڻي، ۱۹۴۷ع ۾، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺھڻ سان ٿي. انگريز-دور (۱۸۴۳-۱۹۴۷ع) ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪي فائدا ۽ نقصان پلئه پيا، تن جي ڪَٿ گهڻن ئي ڪتابن ۽ مقالن ۾ ڪيل آهي، جن جو ذڪر هِن ”مقدمي“ جي دائري کان ٻاهر آهي. ۱۰۴ ورهين تي پکڙيل اهو دَور، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي لاءِ مجموعي طور تي لاڀائتو ثابت ٿيو، سواءِ ان تمام وڏي ۽ تلافي نه ٿِي سگهندڙ نقصان جي، ته پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ پاران منجهس شامل ٿيڻ وقت، سياسي ۽ سماجي حالتن جي غير يقينيءَ، غير رواداريءَ ۽ مذهبي جهيڙن جي ڪري، عام هِندن سان گڏ، سنڌي اديبن ۽ عالمن جو وڏو تعداد، لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏيهه کان مستقل طور ڌار ٿيڻ تي مجبور ٿيو، جنھن سان سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي ۽ ٻوليائي دنيا ۾ وڏا خال پيدا ٿي پيا. بهرحال، انگريزن جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو ڪم، فارسيءَ کي ترڪ ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اُن جِي جڳهه تي سرڪاري حيثيت ڏيڻ، سنڌي لپيءَ کي مقرر ڪرڻ ۽ تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ هو. جنهن سان سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ سان، هڪ نئين سجاڳيءَ جي شروعات ٿي. ان نئين سجاڳيءَ کي آڻڻ ۾، ۱۸۵۰ع کان پوءِ، جن اولين عالمن ۽ اديبن لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب جي ترتيب، تدوين ۽ تخليق ۾، پنھنجي مائيدار ٻوليءَ ۽ ميٺاڄ ڀرئي اندازِ تحرير سان، پنھنجن ڪتابن ذريعي، پُر اثر ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو نالو اهم ۽ نمايان آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو: ”ديوان ڪيولرام جو انداز بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. بيجوڙ جملن، ڪچين ڦڪين ترڪيبن ۽ غير فصيح ۽ من-گهڙت لفظن کان سندس اسلوب آزاد آهي... هن جي اسلوب ۾ سادگي ۽ پختگي به آهي، ته ان سان گڏوگڏ شيريني ۽ ميٺاڄ پڻ آهي... اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون جي رنگ ۾ اول اول ديوان ڪيولرام جو اسلوب ملي ٿو. ڀڳتي ۾ ڌرم سان رغبت ۽ درويشانه طبع جو رنگ سندس تحرير مان صاف طرح سان پيو بکي. ان ڪري ئي سندس اسلوب بيان ۾ حليمائي ۽ انڪساري ججهي آهي. عربي فارسي کان علاوه پنجابي، هندي ۽ سرائڪي پھاڪن، چوڻين ۽ مثالن سندس عبارت کي ڪافي مائيدار بڻايو آهي. اها سندس فارسيداني ۽ ديسي زبانن جي ڄاڻ ئي آهي جنھن سندس اسلوب کي شيرين ۽ رس ڀريو بڻايو آهي.“[عرساڻي، ۲۰۰۹: ۳۷۸-۳۸۰]



ديوان ڪيولرام جي جوڙيل ڪتابن مان، ”گل شڪر“ ڪيترا ئي ڀيرا ڇپيو آهي. ”گل“ جا ڪيئي ڇاپا نڪتا آهن، جن ۾ سندس لکيل ننڍو ڪتاب ”قند“ پڻ گڏ ڇپيل آهي. جڏهن ته ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جِي“، صرف هڪڙو ئي ڀيرو ۱۸۶۵ع ۾ ڇپيو. جنھن کان پوءِ، هاڻ ٻيو ڀيرو ۲۰۲۱ع ۾، انجنيئر عبدالوهاب سھتي صاحب جي نظرِ ڪرم سان، ڇپجي رهيو آهي. يعني ڏيڍ سَو سالن کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ! جا نھايت اچرج ڏياريندڙ ڳالهه آهي. ڇا ان کي به خوش نصيبي چئجي؟ منھنجو خيال آهي، ته اِها وري به اسان لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهه آهي. ان ڪتاب بابت ڪي ويچار ونڊڻ کان اڳ، ٻه چار ڳالهيون ديوان ڪيولرام سلامتراءِ ۽ سندس لکيل ٻين ڪتابن بابت ڪرڻ ضروري آهن.

ديوان ڪيولرام جي حياتيءَ بابت ڪا گهڻي معلومات نه ٿي ملي، پر جيڪا ڪجهه ڄاڻ، سندس لکيل توڙي ٻين ڇپيل ڪجهه ڪتابن مان ملي سگهي آهي، سا ڇنڊي ڇاڻي، ترتيب سان جوڙي، ڪڍيل نتيجن سُوڌو، هيٺ ڏجي ٿي.

ڪيولرام ولد سلامتراءِ، ذات آڏواڻي، سن ۱۸۰۴ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. تنھن وقت، سنڌ تي ميرن ٽالپرن جي حڪومت هلندڙ هئي، جيڪا ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن پاران ختم ٿي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪيولرام جي نوڪري شروع ٿي، جيڪا انگريزن جي سرڪار ۾ به جاري رهيس، جنھن تان ۱۵-فيبروري ۱۸۶۴ع تي رٽائر ٿي، ٻئي ڏينھن پينشن تي چڙهيو. ان بابت، هُو ”گل شڪر“ ۾ لکي ٿو: ”اُن ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان جو مونکي پڻ اُنَ ماڻهن ۾ اُپائي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس. تنھن اُپائڻ هار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، اَءٌ [۽]· گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بھادر جي سلطنت جا، ايمان اَءٌ [۽] مانَ سان نوڪري ڪري تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سَو (۱۰۰) رپين مھيني [جي] پينشن ۾ آيو آهيان.“[آڏواڻي، ۱۹۵۳:۱] ديوان ڪيولرامَ پنھنجيءَ نوڪريءَ ۽ ڪم ڪار بابت پنھنجن ڪتابن ۾ ٿورڙو ذڪر ڪيو آهي. ان جي بيان کان اڳ، سندس نالي اڳيان آيل لقب ”ديوان“ به ڪجهه ٻڌائي ٿو. ”ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ اوائلي انگريزن جي دَورن ۾ سرڪاري ملازم، جيڪي عامل جي عھدي تي فائز هوندا هئا، انهن کي جڏهن ترقي ملندي هئي تڏهن انهن کي ديوان جي عھدي تي فائز ڪيو ويندو هو. جڏهن انگريزن ملڪ جو انتظام سنڀاليو تڏهن لکت پڙهت فارسيءَ ۾ هلندڙ هئي. سرڪاري دفترن آڏو ويٺل عامل ان کي فارسيءَ ۾ لکندا هئا ۽ انگريز آفيسرن کي وري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويندا هئا. مطلب ته ديوان پنھنجي دَور جا ڪامورا هوندا هئا.“[ملاح، ۲۰۱۵:۱۶۹] ديوان ڪيولرام پنھنجي ڪتاب پھرئين ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جِي“، باب ٻئي جي ڳالهه پنجينءَ ۾، ڄاڻايو آهي، ته هُو هالا شھر ۾، ڊپٽي صاحب بھادر جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو.[آڏواڻي، 36:1865] ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ترقي ڏئي مختيارڪار ڪيو ويو، جنھن جو ذڪر، ڪتاب ”گل شڪر“ ۾، ٽن هنڌن تي، هِن ريت ڪيو آهي: (1) ”سال 1857ع ۾، کپري جو مختياڪار هوس، ۽ سرڪاري حڪم سان اٺن جي ڳنھڻ لاءِ ٿر ۾ ويس.“[آڏواڻي، 88:2019]، (2) ”ناري جو مختيارڪار هوس. تن ڏهاڙن ۾ راڻاهوءَ مڪان ۾ بيکي نالي سوناري کي عينڪ جي ڇلي جوڙڻ لاءِ ٿوري چاندي ڏنيم.“[آڏواڻي، 134:2019]، ۽ (3) جڏهن نوشھري ۾ مختيارڪار هوس، تڏهن ساڌوءَ نالي هندو، جنھن جو پٽ ناجوڙ [بيمار] ٿيو، تنھن کي ڊاڪٽر صاحب يا يوناني طبيب جي دوا ڪرڻ لاءِ گهڻو چيم.“[آڏواڻي، 146:2019] ان ريت، چئي سگهجي ٿو، ته هُـو مختيارڪاريءَ جي عھدي تان رٽائر ٿيو هو.

پنھنجيءَ نوڪريءَ جي ڪري، ديوان ڪيولرام جو سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين سان گهڻو واسطو هو. هُو انهن ٻولين سميت هندي، پنجابي ۽ سرائڪي پڻ ڄاڻندو هو. هُو سنڌيءَ سميت هنديءَ ۽ فارسي شعر ۽ ادب جي اڀياس سان گَھِرو لڳاءُ رکندو هو. کيس انهن ٻولين جا ڪيئي شعر، معنى ۽ مطلب سميت، ياد هوندا هئا، جيڪي اهڙي ته ٺھڪندڙ نموني ڪتابن ۾ سمايا اٿائين، جو مطلب ۽ مرادَ وڻندڙ ٿي بيھي ٿي ۽ سندس لکيل نثر پرڪشش لڳي ٿو.

ٻئي طرف، ديوان ڪيولرام حيدرآباد شھر جو رهواسي هو، جيڪو علم ۽ ادب جو مرڪز بڻجي رهيو هو. ان ڪري، علم ادب سان سندس لڳاءُ پيدا ٿيڻ فطري هو. خاص ڪري، سنڌي لوڪ ادب ۽ شاعريءَ سان سندس انسيت پيدا ٿي. هُن لوڪ ادب مان پھاڪن، چوڻين ۽ ٽوٽڪن جي چونڊ ڪئي. لسانيات مان ورجيسن ۽ اصطلاحن تي ڪم ڪيو ۽ لوڪ ادب سان وندر ورونھن سبب، سگهڙائپ ڀري شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ، سندس شاعريءَ جو ڪو ڪتاب ڇپيل ڪو نه آهي، پر هن جي جوڙيل ڪتابن ۾، اهي شعر ڏنل آهن. خاص ڪري، سندس ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“ ۾، بيتن ۽ نظمن جي هيئت ۾، سندس سرجيل شعرَ پوريءَ ريت ڌيان ڇڪائيندڙ آهن ۽ ڪتاب جي متن کي پرڪشش بڻائن پيا؛ جھڙوڪ:

ٻاجھاري جي ٻاجھ سان، نيڻن سندي نِرِتِ،
ڳڻن سنديون ڳالھڙيون، جيڪي ڏيٺُمِ جِتِ،
رکي اُرُ انھن تي، تاڻي وتيم تِتِ،
ٺاھي آندم ٺاھ ۾، سَڻائيءَ سِرِتِ،
ڪمائي ڪتاب ڪيم، پورو ساڻُ پِرِتِ،
ليکِڻ ھَلِي ھِتِ، بَس ڪري بيھِي رھِي.

[آڏواڻي، ۱۸۶۵:۱۰۷]

ديوان ڪيولرام جو لوڪ ادب ڏانھن گهڻو لاڙو سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ وڌيو، جنھن سندس واندڪائيءَ واري وقت کي ڪارگر بڻايو ۽ سندس نالو سنڌي لوڪ ادب جي سھيڙ ۽ ان تي تحقيق ڪندڙن ۾، منڍ ۾ آڻي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هُن پھاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ”گل شڪر“ نالي بھترين ڪتاب ۱۸۶۹ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنھنڪري ”پھاڪن جو مجموعو تيار ڪرڻ جو پھريون شرف ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ کي ڏيئي سگهجي ٿو.“[هردواڻي، ۲۰۰۲:۶۵] لوڪ ادب کي چونڊڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به هو، ته ان وسيلي هُو ماڻهن ۾ سماجي ڀلائيءَ ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري ٿي سگهيو ۽ کين سٺو ماڻهو ٿيڻ جا ڪارائتا ڏَس ڏئي ٿي سگهيو. سندس لکيل ڪتابن ۾ اهڙيون ڳالهيون ۽ صلاحون، وري وري مطالعي هيٺ اچن ٿيون.

اهڙو ڪو اشارو نه ٿو ملي، ته ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ رٽائرمينٽ کان اڳ ۾، پھاڪن ۽ چوڻين جي سھيڙ جو ڪم شروع ڪيو هجي. ۶۰ سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ کان وٺي، ۷۵ ورهين جي ڄمار ۾ وفات تائين، پُورا پندرهن ورهيه، هُو پھاڪن، چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن تي ڪم ڪندو رهيو. پھريون ڪتاب، جيڪو هُن پاڻ، رٽائرمينٽ جي هڪ ورھ کان پوءِ، سن ۱۸۶۵ع ۾، ڇپرائي پڌرو ڪيو، سو ”سوکڙي ڳالهين جِي“ آهي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ موجب، ديوان ڪيولرام ”سوکڙي“، ”گل“ ۽ ”گل شڪر۱۹۶۴ع کان ۱۸۷۱ع دوران لکيا[Jotwani, 2007:10]، جا ڳالهه شَڪي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن نه آهي، ته پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم شروع ڪرڻ کان پوءِ، ديوان ڪيولرام ۱۸۷۱ع ۾ چُپ ڪري ويٺو هجي ۽ وڌيڪ ڪم نه ڪيو هجائين. اِهي ئي سنَ، جوتواڻي صاحب، ”سوکڙي ڳالهين جي“ ڪتاب جا، پڻ ڄاڻايا آهن[Jotwani, 2007:217]، جيڪو اڳ ۾ ئي سن ۱۸۶۵ع ۾ ڪتابت ٿي، ڇپجي چڪو هو. ان ڪري، موتي لال جوتواڻي صاحب کان سنن جي داخلا ۾ ڀل چُڪ چئي سگهجي ٿي. افسوس، ته تعليم کاتي ديوان ڪيولرام جي لکيل ڪتابن کي وقت سر ڪو نه ڇپيو، جنھنڪري سندس لکيل ڪتاب، ڇپائيءَ جي تاريخ جي لحاظ کان، اڻويھينءَ صديءَ بدران ويھين صديءَ ۾ ڳڻجن ٿا.

ان ساڳئي دَور ۾، ديوان ڪَوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ (۱۸۴۴-۱۹۱۶ع) جو نالو پڻ گهڻي اهميت وارو آهي. هُو ديوان ڪيولرام کان چاليھارو کن سال ڄمار ۾ ننڍو هو. ديوان ڪَوڙيمل کي، مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل ۽ پرمانند ميوارام سُوڌو، سنڌي نثر نويسيءَ جي ”چئن ٿنڀن“ ۾ ڳڻيو ويندو آهي. ديوان ڪوڙيمل پڻ پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪرڻ سميت ٻيو گهڻو ئي علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو. هن پاران سھيڙيل ۸۰۹¨ پھاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو ”آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪن جو ڪتاب“ سن ۱۸۸۹عª ۾، ديوان ڪيولرام جي وفات کان ۱۰ سال پوءِ، ڇپجي پڌرو ٿيو. ان ڪتاب کي پھاڪن ۽ چوڻين جي پھرئين ڇپيل سنڌي ڪتاب طور ڄاتو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ، ديوان ڪوڙيمل پنھنجي ڪتاب جي مُنڍ وارن ٻن صفحن ۾، پاڻ ئي لکيو آهي ته ”اڳي به ھڪڙو ننڍڙو پھاڪن جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان ۾ پھاڪا ٿورڙا آھن ۽ ٻيو ھڪڙو پھاڪن جو ڪتاب به ٺھيل آھي پر اُھو اڃا ڇپيو ڪين آھي ۽ اُن ۾ به پھاڪا ٿورا آھن.“[کلناڻي، ۱۸۸۹:۱] جيڪڏهن ديوان ڪوڙومل انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا لکي ها ته سندس ڏنل معلومات گهڻي ڪمائتي ٿي پوي ها. تڏهن به، اهو سو معلوم ٿئي ٿو ته سن ۱۸۸۹ع ۾، ديوان ڪَوڙيمل جي ڪتاب کان به اڳُ، هڪ ڪتاب پھاڪن جو، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيو هو ۽ هڪ ڪتاب تدوين ٿيو هو، جيڪو تنھن وقت تائين اڻ ڇپيل هو. متان، اهي ٻئي ڪتاب ديوان ڪيولرام جا نه هجن، جن مان ”سوکڙي ڳالهين جي۱۸۶۵ع ۾ ڇپيل هو ۽ ”گل شڪر“ تعليم کاتي ڏانھن ڇپجڻ لاءِ موڪليو ويو هو. ديوان ڪيولرام ”گل شڪر“ ۾، ”ڪتاب جي پڄاڻي“ عنوان هيٺ ڄاڻايو آهي، ته ”پورو ٿيو ڪتاب گل شڪر جوڙيل ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي مگهو جو تاريخ ۲۷ مھيني آڪٽوبر ۱۸۶۹ع جي، ٻڌر (اربع) ڏهاڙي حيدرآباد سنڌ ۾.“[آڏواڻي، ۱۹۵۳:۲۵۸] ٻئي طرف، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ لکيو آهي ته ”حقيقت ۾ ڏسجي ته حيدرآباد سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ’ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ‘ انهيءَ ڏس ۾ ديوان ڪوڙيمل کان به اول قدم رکيو هئو. هن سرڪاري کاتي مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد، سال ۱۸۶۹ع ۾ ’گل شڪر‘ نالي سان سنڌي پھاڪن جو هڪ مجموعو لکي تيار ڪيو هئو. هن پنھنجن ٻين ٻن ڪتابن ’گل‘ ۽ ’سوکڙي‘ سان گڏ ڪل ٽي دستخط سرڪاري تعليم کاتي کي ڇپائڻ لاءِ ڏنا. افسوس جي ڳالهه آهي جو اهي ٽيئي دستخط پنجٽيھن کن سالن کان به وڌيڪ عرصو سرڪاري دفتر جي ڪٻٽن ۾ بند پيا هئا. نيٺ ڪنھن سرڪاري عملدار جو ان طرف ڌيان ويو، جنھن سن ۱۹۰۵ع ۾ ’گل شڪر‘ ۽ پوءِ ٻيا ڪتاب به ڇپائي ظاهر ڪيا.“[جيٽلي، ۲۰۰۴:۶]

ديوان ڪيولرام جي وفات سن ۱۸۷۹ع ۾، حيدرآباد ۾ ٿي. سندس ڄاتل سڃاتل ڪتابن ۾، (۱) ”سوکڙي ڳالهين جِي“، (۲) ”گل“، (۳) ”گل شڪر“ ۽ (۴) ”قند“ شامل آهن، جيڪي کيس اڄ به زنده جاويد رکيون ويٺا آهن. انهن ڪتابن مان سندس حياتيءَ ۾، ”سوکڙي ڳالهين جِي“ ۽ ”گل“ ڇپيا. ”قند“ پڻ ”گل شڪر“ کان اڳ ڇپيل سمجهي سگهجي ٿو، پر ان بابت ڪا خاطريءَ جوڳي سُڌ نه ٿي ملي. ان کان سواءِ ممڪن آهي ته سندس لکيل ڪي ٻيا ڪتاب به هجن. انهن جي ڳولا پڻ هلندڙ آهي.

ديوان ڪيولرام جي جوڙيل ڪتابن مان، گهڻي ۾ گهڻو مشھور، پھاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ آهي، جنھن جا ڪيترا ئي ڇاپا ڇپيا آهن، جيڪي ان ڪتاب جي مقبوليت کي پڌرو ڪن ٿا. ”گل شڪر“ جو پھريون ڇاپو سن ۱۹۰۵ع ۾، تعليم کاتي ڪراچيءَ (گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو ڪراچي) پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ان کان پوءِ، ميسر ڄاڻ پٽاندر، اِن ڪتاب جا ۲۰۱۹ع تائين نوَ ڇاپا ڇپيا آهن. مون کي ”گل شڪر“ جا ڇپيل ٽي ڇاپا، المنعم لائبريري لاڙڪاڻي منجهان، مطالعي ۽ حوالن خاطر مليا، جن ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل چوٿون ڇاپو، ۱۹۷۸ع ۾ ڇپيل ستون ڇاپو ۽ ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيل اٺون ڇاپو شامل آهن. جڏهن ته نائون ڇاپو، ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل، مون وٽ موجود آهي. ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ جي تحقيق موجب، ”گل شڪر“ جو پھريون ڇاپو سن ۱۹۰۵ع ۾، ۱۰۰۰ جي تعداد ۾، ۳۰۲ صفحن تي مشتمل، ۱۴ آنن جي ملهه تي، مرڪنٽائيل پريس ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو.[ٻُٽ، ۱۹۹۹:آنلائن] مون کي ”گل شڪر“ جو پھريون، ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو، هٿ اچي نه سگهيا آهن، نه ته انهن جِي ڄاڻ ونڊيندي گهڻي خوشي ٿئي ها. ”گل شڪر“ جي چوٿين ڇاپي تي، مصنف جو نالو، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ڇپيل آهي. ان ڇاپي جي ”ٽيڪنيڪل صفحي“ تي ڏنل ڄاڻ موجب، ”گل شڪر“ جو پھريون ڇاپو ۱۹۰۵ع ۾، ٻيو ڇاپو ۱۹۱۵ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو ۱۹۲۱ع ۾، هڪ هڪ هزار جي تعداد ۾ ڇپيا. ”گل شڪر“ جو چوٿون ڇاپو، سن ۱۹۵۳ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، ۲۰۰۰ جي تعداد ۾، ۱۶+۲۵۸=۲۷۴ صفحن تي مشتمل، ٽن رپين جي قيمت ۾، سنڌي ادبي بورڊ (س.ا.ب)، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچيءَ پاران، سنڌي ادبي بورڊ جي پرنٽنگ پريس، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد ۾ ڇپيو، جيڪو س.ا.ب پاران پھريون ڇاپو هو ۽ س.ا.ب جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي صاحب ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. ”گل شڪر“ جو پنجون ڇاپو ۱۹۵۶ع ۾ ۽ ڇھون ڇاپو ۱۹۶۸ع ۾ س.ا.ب پاران ئي ڇپيا، جنھن کان پوءِ، ان جو ستون ڇاپو سن ۱۹۷۸ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، ۲+۱۶+۲۲۲=۲۴۰ صفحن تي مشتمل، ۱۲ رپين جي قيمت ۾، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران، پاپولر پرنٽنگ پريس ٿڌي سڙڪ، حيدرآباد مان ڇپيو (سواءِ شروعاتي ٻن صفحن جي، جيڪي س.ا.ب جي پريس ۾ ڇپيا) ۽ س.ا.ب جي سيڪريٽري ظفر حسن پڌرو ڪيو. ان ڪتاب جو هڪ وڌيڪ ڇاپو، س.ا.ب پاران سن ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيو، جنھن کي ”پنجون ڇاپو“ ڄاڻايو ويو آهي، جا هِڪ چُڪ آهي. درحقيقت اهو ”گل شڪر“ جو اٺون ڇاپو آهي، جيڪو سن ۲۰۰۶ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، ۱۰۰۰ جي تعداد ۾، ۲۱۲ صفحن تي مشتمل، ۱۰۰ رپين جي قيمت ۾، س.ا.ب جي پرنٽنگ پريس ڄامشوري ۾ ڇپيو ۽ س.ا.ب جي سيڪريٽري اعجاز احمد منگيءَ پڌرو ڪيو، جنھن پاران، هڪ صفحي تي ”ڇپائيندڙ پاران“ عنوان هيٺ ’نوٽ‘ پڻ شامل آهي. ”گل شڪر“ جو نائون ڇاپو اپريل ۲۰۱۹ع ۾، غير مجلد، ڊيمي سائز ۾، ۲۰۰۰ جي تعداد ۾، ۲۱۲ صفحن تي مشتمل، ۲۰۰ رپين جي قيمت ۾، س.ا.ب ڄامشوري پاران، س.ا.ب جي سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه، ميسرز حاڪم پرنٽرس حيدرآباد مان ڇپائي، پڌرو ڪيو، جنھن تي ڇاپي نمبر جي ڪيل غلطيءَ کي اڳتي وڌائيندي ”ڇاپو ڇھون“ لکيو ويو آهي. هيءُ ڇاپو ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيل ڇاپي جو عڪسي ڇاپو آهي سواءِ ان تبديليءَ جي، ته منجهس اعجاز منگيءَ جي لکيل ’نوٽ‘ جي بدران، س.ا.ب جي چيئرمين سعيد الزمان ’عاطف‘ جا لکيل ’ٻه اکر‘ شامل آهن.

گل شڪر“ جي ۲۰۰۶ع (پڻ ۲۰۱۹ع) واري ڇاپي ۾، متن اندر، فوٽ نوٽن ۾، ڪن اهنجن لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون ويون آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر اهو ڄاڻايو نه ويو آهي، ته اهي معنائون ڪنھن پاران شامل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته، ديوان ڪيولرام جي لکيل مُنڍَ بعنوان ”ڌڻيءَ جو آسرو ـــــ ڌڻيءَ جي ساراه“ جي مٿان ”پيش لفظ“ عنوان جو واڌارو پڻ ڪيو ويو آهي! ان کان سواءِ، ڪيولرام پاران لکيل منڍ ۾، مختلف هنڌن تي، ڪن لفظن جا ڦيرا ۽ واڌارا پڻ مطالعي هيٺ اچن ٿا، جيڪي ڪنھن به ريت نه ٿيڻ گهرجن ها. خبر ناهي ته اها تبديلي ڪنھن ڪئي آهي! هتي ٻنهي ڇاپن مان پھريان پئراگراف ڀيٽا خاطر لکجن ٿا، جن ۾ بدلايل لفظن جي هيٺان لِيڪ ڏني وئي آهي:

سن ۱۹۵۳ع وارو ڇاپو: ”ساراه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنھن پنھنجي توه سان هن ماڻهوءَ کي سڀن ساه وارن ۾ وڏي مان وارو ڪيو آهي. اَءٌ [۽] ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿس؛ اَءٌ [۽] سندس کائڻ، پيئڻ، پھرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هنکي پڻ جڳائي جو پنھنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هنجي ساراه ڪري، اَءٌ [۽] پڄندي سارو سنديس وڏائي چئي سڻائي.“[آڏواڻي، ۱۹۵۳:۱]

سن ۲۰۰۶ع وارو ڇاپو: ”ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنھن پنھنجي توه سان انسان کي سڀني ساهه وارن ۾ وڏي مان وارو ڪيو آهي. جنھن ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، ۽ مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو، انهن انسانن جي کائڻ، پيئڻ ۽ پھرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي (انسان کي) پڻ جڳائي ته پنھنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي (اللھ جي) ساراهه ڪري، پڄندي سارو سندس وڏائي چئي سڻائي.“[آڏواڻي، ۲۰۰۶:۱۷

سن ۱۹۷۸ع واري ڇاپي ۾، مصنف جي ڪتاب آندل لفظ ”اَءٌ“ [۽] کي، ٽنهي هنڌن تي، ”اَئون“ ڪري لکيو ويو هو، جيڪو پڻ غلط هو. اهو درحقيقت ”۽“ آهي.

هيٺ وڌيڪ ڏسجي، ته ٽئين پئراگراف ۾، لفظن کي ڪيئن بدلايو ويو آهي:

سن ۱۹۵۳ع جو ڇاپو: ”تنھن اُپائڻ هار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، اَءٌ [۽] گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بھادر جي سلطنت جا، ايمان اَءٌ [۽] مانَ سان نوڪري ڪري تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سو (۱۰۰) رپين مھيني پينشن ۾ آيو آهيان.“[آڏواڻي، ۱۹۵۳:۱]

سن ۲۰۰۶ع وارو ڇاپو: ”تنھن اُپائڻهار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، ۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار نامدار انگريز صاحب بھادر جي سلطنت جا، ايمان سان نوڪري ڪري تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سو (۱۰۰) رپيا مھيني پينشن تي آيو آهيان.“ [آڏواڻي، ۲۰۰۶:۱۷

اهو ڪنھن به ريت مناسب نه هو، ته ليکڪ جي لفظن کي هٽائي، ٻيا لفظ لکيا ۽ وڌايا وڃن ها، جڏهن ته گهرج صرف مروج املا کي آڻڻ/ درست ڪرڻ جي هئي.

گل شڪر“ ۾، ۵۷۰ پھاڪا ۽ چوڻيون، منجهن سمايل اصطلاحن جي وضاحتن، سولين سمجهاڻين، مثالي جملن، فارسي ۽ هندي شعرن ۽ انهن جي مطلبن سميت ڏنيون ويون آهن، جيڪي ان ڪتاب جي اهميت ۽ ڪارج کي گهڻو وڌائڻ سميت، آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ، جوڙجڪ ۽ لغت بابت وڏي ڄاڻ ڏين ٿيون. موتي لال جوتواڻيءَ موجب:

“The author explains how and when each of the proverbs collected in the book came to be used and cites the parallel proverbs from Sindhi and Persian.”[Jotwani, 2007:65-66]

گل شڪر“ نه صرف پھاڪن، ان جي متاثر ڪندڙ سمجهاڻيءَ ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ شعرن تي مشتمل ڪتاب آهي، پر سنڌ ۾، اڻويھين صديءَ ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي نثر جي بيھڪ کي ڌيان تي آڻيندڙ ڪتاب پڻ آهي. ان جي معنوي خوبيءَ کي بيان ڪندي پروفيسر لڇمڻ پرسرام هردواڻي لکي ٿو: ”[’گل شڪر‘ ۾] پھاڪن جي معنى وڌيڪ چٽيءَ طرح سمجهائڻ لاءِ ڪيولرام ٻين ٻولين جون ساڳئي خيال واريون ڪھاوتون ڏنيون، جي ڪڏهن نظم ۾ ته ڪڏهن نثر ۾ آهن. ان لاءِ هن گرونانڪ جي وچنن، تلسيداس، ڪبير وغيره جي دوهن ۽ شاھ وغيره جي ڪلام مان مثال به ڏنا آهن.“[هردواڻي، ۲۰۰۲:۶۹] هُو ڪيولرام پاران ڪتب آندل ٻوليءَ تي اعتراض واريندي، لکي ٿو: ”’گل شڪر‘ ۾ ڪيولرام جي سنڌي ٻولي ڪجهه عجيب ضرور ٿي لڳي. جملن جي بيھڪ پُوري ٺيڪ نه آهي. هن جي لکڻ جو ڍنگ ڪجهه نرالو آهي. تڏهن به، ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ کي سنڌي پھاڪن جو پھريون سنگرهه-ڪرتا ڪوٺجڻ جو شرف حاصل آهي.“[هردواڻي، ۲۰۰۲:۶۹] ممڪن آهي ته سندس اعتراض صحيح به هجي، پر جيئن ته هُن ڪيولرام جي ”عجيب ٻوليءَ“ جا ڪي مثال ڏنا نه آهن، ان ڪري اهڙو اعتراض اٿارڻ واجب نه هو. ٻيو ته، هر دَور جي هڪ مخصوص لغت سميت، ڪو ليکڪ جملن جي بيھڪ جو مخصوص انداز رکندو آهي. ضروري نه آهي، ته اهو هر دَور ۾ مروج رهي. خانبھادر محمد صديق ميمڻ ديوان ڪيولرام کي اڳواڻ نثر نويس سڏيندي ۽ سندس نثر جِي جائز واکاڻ ڪندي لکيو آھي: ”سنڌ جي اڳواڻ نثر نويسن مان هڪ مشھور نثر نويس مسٽر ڪيولرام سلامتراءِ هو. هن جي ٺيٺ ۽ نج سنڌي خاص امتياز واري آهي جنھن جي عبارت ۾ هڪ انوکي ڪشش آهي. پارسيءَ کان واقف هجڻ جي باوجود هن اهڙي مِٺي ۽ سلوڻي سنڌي لکي آهي جو سڀڪو سنڌي شھر جو يا ڳوٺ جو سڀ ڪنھن وقت حظ حاصل ڪري سگهي ٿو.“[ميمڻ، ۲۰۱۴:۵۴۶]

بھرحال، ”گل شڪر“ سنڌي نثري ۽ پھاڪاتي ڪتابن ۾ هڪ خزاني برابر آهي. هتي، ان ڪتاب مان، مثال خاطر، ۱۵۹ نمبر تي آيل، هڪ پھاڪو ڏجي ٿو:

ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ: هن پھاڪي مان ٻيو مطلب ڪو نه نڪري ٿو مگر ايترو آهي، جو ٿورو ٿورو گڏ ڪبو وڃبو، ته سمي پائي گهڻو ٿي پوندو. جھڙو ڪي پاين مان پيسا، پيسن مان رپيا. اهڙو هڪڙو مثل فارسيءَ ۾ پڻ آيو آهي:

”فارسي: اندڪ اندڪ همي شود بسيار؛

                          دانه دانه است غلّه در انبار.

”ترجمون: ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي؛

                          انبار ۾ اَنُ داڻو داڻو آهي.“ [آڏواڻي، ۲۰۰۶:۷۰]

گل شڪر“ کي نيُن سمجهاڻين، تشريحن، وضاحتن ۽ مطلبن سان، نوَن پڙهندڙن لاءِ، هاڻوڪيءَ ٻوليءَ ۾، نامور محقق انجنيئر عبدالوهاب سھتي نئين سر، ترتيب ۽ تدوين ڪيو، جنھن سان، ۲۰۰۶ع ۾ ۲۰۹ صفحن تي مشتمل ان ڪتاب جي وسعت، ۲۰۱۱ع ۾ ۴۳۶ صفحن تي وڃي پھتي. ”گل شڪر“ جو اهو نئين سر مدوّن ڪيل ڇاپو، پھرئين ڇاپي طور مارچ ۲۰۱۱ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. انجنيئر عبدالوهاب سهتو ”سادن اکرن“ ۾، نئين تدوين جي گهرج بابت لکي ٿو: ”هن ڪتاب جي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو هڪ ته اهو آڳاٽو لکيل هيو. منجهس ان دَور جا مروج محاورا ۽ اصطلاح استعمال ٿيل هيا، جيڪي پڻ اڄ جي دَور جي لحاظ کان وضاحت طلب هيا. ٻيو ته ڪتاب ڪيترا ڀيرا ڇپيو هيو. ڇپائيءَ دوران ڪي صورتخطيءَ جون غلطيون پڻ رهجنديون پئي آيون. اٺ دفعا ڪتاب ڇپيو ۽ اٺ ئي گهمرا ساڳيون غلطيون دهرائجنديون ته رهيون پر هر ڇاپي اندر منجهن واڌارو پڻ ٿيندو رهيو. ٽيون ته هر پھاڪي اندر ورجاءُ گهڻو هيو.“[سھتو، ۲۰۱۱:۱۹] هو وڌيڪ لکي ٿو: ”هن ڪتاب اندر موجود داخلائن بابت ڪا وضاحت ڪا نه هئي، سا پڻ ڏني وئي آهي. ترتيب موجوده مروج الفابيٽ تي رکي وئي آهي. ورجائجندڙ جملا ڪڍيا ويا آهن. ڪيترن پھاڪن جون وضاحتون نئين سر لکيون ويون آهن. فارسي بيتن جي معنى ۽ صورتخطيءَ ۾ سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان مدد ورتي وئي آهي. انهن کي ڪي قدر ڇنڊي ڇاڻي اصل شڪل ڏني وئي آهي. هندي شبدن تي پڻ نظر وڌي وئي آهي.“[سھتو، ۲۰۱۱:۲۰] ان ريت، ديوان ڪيولرام جو هيءُ اهم ڪتاب، ايڊيٽنگ جي مرحلي مان گذاريو ۽ وڌيڪ ڪارائتو بڻايو ويو آهي. حقيقت ۾، اهو هڪ ڪٺن ڪم آهي، جنھن ۾ گهڻي ڌيان، احتياط ۽ محنت جي گهرج هوندي آهي. اها محنت تقريبن نئين ڪتاب لکڻ کان به ڪجهه سرس آهي، ڇاڪاڻ جو نئين ڪتاب جي ليکڪ طور ان جون حد بنديون پاڻ طيءِ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم جي نئين سر ترتيب ۽ تدوين ان مخصوص دائري ئي ۾ ڪري سگهبي آهي.“ [سبزوئي، ۲۰۱۲:آنلائن] هيٺ، تقابلي طور، مٿي ڏنل پھاڪي ”ڦڙي ڦڙي تلاءُ“ کي، سھتي صاحب جي مدون ڪيل ”گل شڪر“ مان پڻ ڏجي ٿو:

ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آهي. (پھاڪو)

دريائن ۽ تلائن، ڍنڍن ۽ ڍورن وغيره ۾ جيڪي به پاڻي ڪٺو ٿئي ٿو، سو دراصل مينھن جي صورت ۾، قطرا قطرا يا ڦڙا ڦڙا ٿي، هيٺ ڪِري ٿو. بعد ۾ هيٺانھين وغيره ڏانهن وهي هلڻ جي صورت ۾، قطرا هڪ ٻئي سان ملي پھرين ڌارَ جوڙين ٿا. ان کان بعد منجهانئن وهڪرا ٺھن ٿا ۽ نيٺ اُڙهي ڍنڍن ڍورن يا سمنڊ ۾ جمع ٿين ٿا.

مطلب: ۱. دولت وغيره به ٿورو ٿورو ڪري گڏ ڪبي ته پاين مان پئسا، پئسن مان رپيا ۽ رپين مان سوَ، هزار ۽ لک ٺھندا آهن.

۲. اکر اکر سکڻ کان پوءِ ئي، علم حاصل ٿيندو آهي.

۳. اندک اندک همي شود بسيار،

   دانه دانه است غلّه در انبار. (فارسي)

۴. ٿورو ٿورو گهڻو ٿي پوي،

   انبار ۾ انّ داڻو داڻو آهي. (ترجمو) [آڏواڻي، ۲۰۱۱:۲۵۴]

ڏسي سگهجي ٿو، ته نئين تدوين سان، ”گل شڪر“ جو ’روپ، رنگ ۽ سواد‘ ئي ٻيو ٿي پيو آهي.

ديوان ڪيولرام جو ٻيو مشھور ڪتاب ”گل“ آهي. ان ڪتاب بابت معلومات ڏيندي، سائين محمد ابراهيم جويو لکي ٿو: ”هي ڪتاب پاڻ سال ۱۸۷۱ع ۾ لکيائين ۽ سال ۱۹۳۵ع تائين سرڪاري تعليم کاتي طرفان سندس ’ست‘ ڇاپا ڇپجي چڪا؛ پوءِ هن ڪري ناياب ٿي ويو جو سرڪاري بڪ ڊيپو، خانگي ڪتب فروشن جي ور وڃي چڙهيو؛ ۽ ظاهر آهي ته انهن کي علمي ادبي خدمتن کان پئسو گهڻو مٺو هوندو آهي، ان ڪري ٻين مفيد ڪتابن سان گڏ هيءَ بھترين تصنيف به ناياب ٿي ويئي!“[جويو، ۱۹۷۱:۵] هن حوالي ۾، اهو چٽو نه آهي ته ديوان ڪيولرام جو هيءُ ڪتاب پھريون ڀيرو ڪنھن ۽ ڪڏهن ڇپيو. جيتوڻيڪ، لکت موجب، هيءُ پڻ آڳاٽو، ۱۸۷۱ع ۾ لکيل، سنڌي ڪتاب آهي. نامور محقق ڊاڪٽر الهرکئي ٻُٽ جي ڏنل ڄاڻ موجب، ته ”گل“ جو ڇھون ڇاپو ۱۹۲۹ع ۾، هڪ هزار جي تعداد ۾، ستن آنن جي قيمت ۾، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ پاڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو، جيڪو ۱۱۴ صفحن تي مشتمل هو.[ٻُٽ، ۲۰۰۵:آنلائن] اِن بيان ۾ ضرور ڪا چُڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيولرام ۱۹۲۹ع ۾ حيات نه هو. ٻئي طرف، ناسف علي شيراز ”گل“ بابت لکي ٿو: ”هيءُ ڪتاب شايد ۱۸۷۱ع ۾ ۽ ان کان پوءِ سنه ۱۹۰۵ع ۽ سنه ۱۹۲۹ع ۾ پڻ شايع ٿيو. هن جو چوٿون ڇاپو سکر مان سنه ۱۹۱۶ع ۾ ۽ هڪ ڇاپو سنڌي: ادبي بورڊ سنه ۱۹۵۶ع ۾ شايع ڪيو.“[شيراز، ۲۰۱۷:۱۹۱] ساڳئي مقالي ۾، ٻئي هنڌ هُو لکي ٿو: ”گل، ڇاپو پھريون، ڪراچي، سنڌ: گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊپو (۱۹۰۵ع) ص-۹۳. ڇاپو چوٿون، سکر، سنڌ: البرٽ پرنٽنگ پريس (۱۹۱۶ع) ص-۹۳. ڇاپو ڇھون، ڪراچي، سنڌ: گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊپو (۱۹۲۹ع) ص-۱۱۴.“[شيراز، ۲۰۱۷:۲۳۸] ناسف علي شيرازَ پڻ ”گل“ جي پھرئين ڇاپي جا ٻه سن ۱۸۷۱ع ۽ ۱۹۰۵ع، ٻن هنڌن تي ڄاڻايا آهن، جنھن مان پڻ معاملو پڌرو نه ٿو ٿئي.§

مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”گل۱۸۷۱ع ۾ لکيو ويو، پر ۱۹۰۵ع ۾ پھريون ڀيرو ڇپيو، پر ان جي به پوري تصديق ناهي. اِن ڪتاب جو [ٻيو ڇاپو ۱۹۲۹ع ۾]، چوٿون ڇاپو ۱۹۱۶ع ۾، ڇھون ڇاپو ۱۹۰۹ع ۾ ۽ ستون ڇاپو ۱۹۳۵ع ۾ ڇپيا. ۱۹۳۵/۱۹۳۶ع ۾ ڇپيل ڇاپو، پوڪرداس ۽ سنس پبلشرس، بڪ سيلرس، سنڌ سينٽرل بڪ ڊيپو ڪراچي پاران ڇپيو. جڏهن ته ”گل“ جي ٻئي، ٽئين ۽ پنجين ڇاپي جي سنن جي معلومات ميسر ڪانهي. ۱۹۳۵ع کان پوءِ، ”گل“ جو اٺون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ پاران پھرئين ڇاپي طور، ۱۹۵۶ع ۾، ۲۰۰۰ جي تعداد ۾ ڇپيو، جنھن ۾ اداري پاران، ڪيولرام آڏواڻيءَ جو ٻيو لکيل ننڍو ڪتاب ”قند“ به شامل ڪيو ويو هو. پر ڪتاب جو نالو ”گلقند“ جي بدران ”گل“ ئي رکيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته ”گلقند“ جي نالي سان ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو لکيل ڪتاب ۱۹۲۵/۱۹۲۸ع ۾ ڇپجي چڪو هو. ان مان شڪ پوي ٿو، ته ڪيولرام آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”گل“ سان گڏ سندس ٻيو ڪتاب ”قند“ اڳ ۾ ڇپيل نه هوندو. البت، ”قند“ بابت ڪا معلومات ملي نه سگهي آهي، ته اهو ڪتابُ، الڳ ڪتاب طور ڪڏهن ڇپيو هو. ٻئي طرف، ديوان ڪيولرام پڻ، ”گل“ [۱۹۷۱ع] جي ”پيش لفظ“ (ص ۱) توڙي ”پڄاڻي ڪتاب جِي“ (ص ۹۲) ۾، ڄاڻايو نه آهي، ته هُن ”گل“ ڪڏهن لکي پورو ڪيو، جيئن ”سوکڙي ڳالهين جي“، ”گل شڪر“ ۽ ”قند“ ۾، انهن ڪتابن جي لکجي پوري ٿيڻ جون تاريخون ڄاڻايون اٿائين.

س.ا.ب حيدرآباد پاران ڇپرايل ”گل“ (جنھن ۾ ٻئي ڀاڱي طور ”قند“ به شامل هو) جو ٻيو ڇاپو ۱۹۷۱ع ۾، غير مجلد، ڪرائون سائز ۾، ۲۰۰۰ جي تعداد ۾، ۱۰۹ صفحن تي مشتمل، س.ا.ب جي پريس مان ڇپيو ۽ س.ا.ب جي سيڪريٽري غلام رباني آگري پڌرو ڪيو. ان ڪتاب ۾، ”گل“ ڪتاب جو متن ۹۲ صفحي تي پورو ٿئي ٿو، جنھن کان پوءِ، ”قند“ جو متن صفحي نمبر ۹۱ کان وٺي ۱۰۹ تائين آهي. ان گڏيل ڪتاب ۾، ٽن صفحن تي، ناشر طور، سائين محمد ابراهيم جويي جو لکيل ”پيش لفظ“ پڻ شامل آهي، جيڪو ٻئي ڇاپي ۾ به ”بورڊ جي پھرئين ڇاپي جو پيش لفظ“ عنوان هيٺ، ڇپيو ويو آهي. جويو صاحبُ، ديوان ڪيولرام کي ڀيٽا پيش ڪندي، لکي ٿو: ”هي ڪتاب جنھن جو نالو ’گل‘ رکيل آهي، مگر درحقيقت ’گل-قند‘ هئڻ گهرجي، سو سنڌي زبان جي نامياري محب ۽ عوامي اديب، سرڳواسي ديوان ڪيولرام جو لکيل آهي. لائق مصنف سندس پھرئين حصي ’گل‘ ۾ پنجاھ نھايت عمدا اپديش ڏنا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جي زندگي ڀلن ماڻهن جھڙي ٿي سگهي ٿي، ۽ ٻئي حصي ’قند‘ ۾ هڪ سؤ چوونجاھ سنڌي اصطلاح سليس سمجهاڻيءَ سان ڏنا اٿس.“[جويو، ۱۹۷۱: ۴-۵] ”پيش لفظ“ ۾ جويي صاحب اهو پڻ واضح ڪيو آهي، ته اِن ڪتاب جِي صورتخطيءَ ۾ ضروري درستيون ڪيون ويون آهن.

گل“ ڪتاب ۾، مختلف سماجي موضوعن تي، ۵۰ عدد ٽوٽڪا ۽ انهن جي پس منظر ۾، ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن، جن منجهان چڱائيءَ جا پار ملن ٿا. جڏهن ته ڪھاڻين جي وچ وچ ۾ ڪي فارسي ۽ هندي شعر پڻ ڳالهه جي ٽيڪي ۽ بيان کي اثرائتي ڪرڻ خاطر ڏنا ويا آهن. انهن ٽوٽڪن جا ڪي موضوع هن ريت آهن: راجا کي زناءَ ۽ رياءَ کان ڪِريءَ ۾ رهڻ بابت، درويش کي لوڀ کان منع بابت، دولت کي چڱي رستي ڪتب لائڻ بابت، ڪُپاٽ پُٽ جي گلا بابت، اڻ پُڇي ڳالهائڻ کان منع بابت، ٽن قسمن جي ماڻهن جي عادتن جي بيان بابت، وغيره.

گل“ جي مُنڍَ ۾، ديوان ڪيولرام لکي ٿو: ”ڌڻيءَ جي درٻار ۾ مٿو نائي، ڪتاب جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ وينتي ٿو ڪريان، جو ڪتاب ’گل-شڪر‘ پورو ڪري اوهان جي اڳيان هڪيو ڪيم، اميد اٿم جو ان مان ’گل‘ جو واس ۽ ’شَڪر‘ جو سواد وٺندؤ، پر ان جي پٺيان هيءَ هڪڙي ڪتابڙي لکي ٿو ڏيکاريان، جنھن ۾ ڪي ٿورا ٽوٽڪا آيا آهن - پر اوهان صاحبن جي مھربانيءَ ۾ آسائو آهيان، ته منجهس جيڪا ڀل چُوڪ هجي، سا مون کي معاف ڪندؤ ۽ اُن ڀُل کي سڌاريندؤ.“[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۱]

هتي، ”گل“ مان، نموني خاطر، هڪ ٽوٽڪي جو مُھڙيون حصو ڏجي ٿو:

”دولت ٻن طرحين دکدائِي [دکدائڪ] آهي - هن ريت، جو جنھن وٽ نه آهي، سو سندس گڏ ڪرڻ لاءِ ڏک پاپ پٽيندو وتي، جنھن وٽ آهي، سو سندس سانڍڻ سنڀالڻ ۾ ڏکيو! جيئن ته فارسيءَ وارو چوي ٿو:

اگــر دنـيـا نـبـاشــد، دردمـنــدم،

وگر باشد، بمھرش پاي بندم!

ترجمو: جي دولت نه آهي ته ڏکي آهيان، جي آهي ته سندس محبت ۾ ڦاٿل آهيان!

تڏهن پڌرو ٿيو ته، دولت کي اهي ٻيئي مرض لڳل آهن.“[آڏواڻي، ۱۹۷۱: ۶۷-۶۸]

پرمانند ميوارام جي ڪتاب ’دلبھار‘ ۽ ديوان ڪيولرام جي ڪتاب ’گل‘ جي حوالي سان، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو: ”پرمانند ميوارام جي ڪتاب ’دلبھار‘ ۽ ڪيولرام سلامتراءِ جي ڪتاب ’گل‘ ۾ چڱا ئي ٽوٽڪا ۽ لطيفا گڏ ڪري ڏنا ويا آهن. چاهي ڪو ٽوٽڪو يا لطيفو ٻن ٽن سٽن جو ئي ڇو نه هجي، پر اهو پھاڪو نٿو ليکجي، ڇاڪاڻ ته منجهس ايڪائي وصف نه آهي. يعني اهو ڪنھن هڪ مقرر روپ ۾ عوام ۾ دُهرايو نٿو وڃي. ٻيو ته اهڙن لطيفن ۽ ٽوٽڪن جو مکيه مقصد چرچو گهٻو ۽ وندر سان گڏ نصيحت هوندو آهي.“[جيٽلي، ۲۰۰۴:۵۳] هِن ڪتاب ”گل“ پھاڪن جو ته نه آهي، پر ان جي ٽوٽڪن ۾ پڻ نصيحت جا نسخا ڏسيا ويا آهن، جن جي اڀياس سان حياتيءَ کي گهڻو ئي سنواري سگهجي ٿو.

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جي ٽئين ڪتاب ”قَند“ ۾، جُملي ۱۵۴ اصطلاحَ ڏنا ويا آهن. اصطلاح ۾ لغوي معنى بدران رواجي معنى کي واهپي هيٺ آندو ويندو آهي. ان ڪري ئي، ڪتاب جي مُنڍ ۾، ديوان ڪيولرام لکي ٿو: ”ڌڻيءَ کي ساراهي، ڪي فقرا هن ڏيھه جي رواج جا، جن جي اکري معنى هڪڙي ۽ رواجي مطلب ٻيو آهي ــــ لکي، پڙهندڙن جي خدمت ۾ گذاريان ٿو.“[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۹۳]

هن ڪتاب جو متن چئن ڪالمن ۾ ورڇيل آهي، جن مان پھرئين ڪالم ۾ سيريل ’نمبر‘، ٻئي ڪالم ۾ ’فقرا يا اکر‘ جنھن ۾ اصطلاحي جملا ڏنل آهن، ٽئين ڪالم ۾ ’رواجي مطلب‘ جنھن ۾ اصطلاحي جملي جي سمجهاڻي ڏني وئي آهي ۽ چوٿين ڪالم ۾ ’ٿورو بيان‘ عنوان هيٺ اصطلاحي جملي جي ڪيفيت ٻڌايل آهي. هن ڪتاب ۾ آندل اصطلاحن کي، ڪتاب جي ”پڄاڻيءَ“ ۾ ’فقرا‘ پڻ سڏيو ويو آهي. مثال طور، پھريان چار اصطلاح ڏجن ٿا:

نمبر

فقرا يا اکر

رواجي مطلب

ٿورو بيان

۱

سَٿر مان پُٽ ڄايس

مفت فائدو مليس ناممڪن ڪم مان.

عام چوڻي

۲

پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيا

پاڻ ۾ پرتا.

عام چوڻي

۳

پاڻ ۾ رت ٿيا

پاڻ ۾ پرتا.

چرچي وانگر چئجي

۴

پاڻ ۾ چانڊيا مگسي آهن

هڪٻئي جا ويري آهن.

اتر ملڪ جو رواج

[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۹۴]

هن ڪتاب جي ”پڄاڻيءَ“ ۾، ڪتاب جي نالي ”قند“ بابت، ديوان ڪيولرام لکي ٿو: ”هن ڪتاب ۾ هڪڙو سؤ چوونجاھ فقرا آهن، تڏهين ابجد جو ليکو ڪري سندس نالو ’قند‘ رکيم: تنھن ۾ هڪڙو هي به مطلب آهي جو هڪڙو ڪتاب، ’گل‘ نالي، هن کان اڳ ۾ آيو آهي، تنھن سان جڏهين هيءُ ’قند‘ گڏبو، ته ڪر ٻه جزا گڏجي هڪڙي جڙيل شئي يعني ’گلقند‘ تيار ٿيو ــــ جو گلقند، هڪڙي چڱي دوا مرض جي لاهيندڙ آهي.“[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۱۰۸] ان ”پڄاڻيءَ“ مان ئي سڌ پوي ٿي ته ”قند۲۶ جولاءِ ۱۸۷۱ع تي لکي پورو ڪيائين. هو لکي ٿو: ”ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان پورو ٿيو ڪتاب ’قند‘، جوڙيل ۽ لکيل ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي، ويٺل حيدرآباد سنڌ جو. تاريخ ۷-سانوڻ ۱۹۲۸ع : ۲۶-جولاءِ ۱۸۷۱ع.“[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۱۰۹] ”پڄاڻيءَ“ جي پڇاڙيءَ ۾، ديوان ڪيولرام، پنھنجو لکيل هيٺيون ”بيت سنڌي“ شامل ڪيو آهي:

ڳل تنھنجي کي گل چوان، چپ تنھنجي کي قند،
دردمندن جي دل کي گُڻي هي گلقند-
ان گُڻيءَ گلقند کي پاڻون ڪندا پسند،
آهيان آسروند ’ڪيولرام‘ ڪريم جو!

[آڏواڻي، ۱۹۷۱:۱۰۹]

سوکڙي ڳالهين جِي“، ديوان ڪيولرام جو نه صرف لکيل، پر ڇپيل به پھريون ڪتاب آهي. سنڌي ادب جي تاريخن، تذڪرن ۽ مضمونن ۾، ان ڪتاب جو نالو گهڻي ڀاڱي ”سوکڙي“ لکيو ويو آهي، جڏهن ته ڪِن ڪتابن ۾ ته ان جي ڇپجڻ جو سن به غلط لکيو ويو آهي، جھڙوڪ: ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي ڪتاب ”A Dictionary of Literature“ ۾، ان ڪتاب جي داخلا هن ريت آيل آهي:

Sookhree (written between 1864 and 1871 and published in 1905), a collection of didactic essays by Kevalram Salamatrai Ad’vani.”[Jotwani, 2007:217]

ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ پنھنجي مضمون ”۱۸۱۹ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ جي ’چوٿين قسط‘ ۾ ”سوکڙي ڳالهين جي“ بابت لکيو آهي ته ان جو ڇاپو ۱۸۶۵ع ۾ ليکڪ پاڻَ حيدرآباد مان ڇپرايو[ٻُٽ، ۱۹۹۵:۹۸]، جڏهن ته ساڳئي مضمون جي ’ستين قسط‘ ۾، ڄاڻايو آهي، ته ”سوکڙي“ جو هڪ ڇاپو ۱۹۱۷ع ۾، هڪ هزار جي تعداد ۾، ۸۶ صفحن تي مشتمل، پنجن آنن جي قيمت ۾، سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچيءَ پاران، اسٽئنڊرڊ پريس حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو[ٻُٽ، ۲۰۰۴: آنلائن]، پر ان ڇاپي جي تصديق ٿي نه سگهي آهي.

حقيقت ۾، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو هيءُ پھريون ڪتاب، ”سوکڙي ڳالهين جي“ پھريون ڀيرو، ۲۱-سيپٽمبر ۱۸۶۵ع تي، وديا ساگر ليٿوگرافي پريس حيدرآباد ۾، پنڊت جيشٽا برهم ڪمپنيءَ ڇاپيو ۽ حافظ علي محمد ان جي ڪتابت ڪئي. اهو ڪتاب ٽن ابتدائي صفحن (جن ۾ فھرست به ڏنل آهي)، متن جي ۱۰۸ صفحن ۽ ”غلط نامي“ جي ٻن صفحن تي مشتمل آهي.

تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي، ته هيءُ ڪتاب برٽش لائبريري لنڊن مان، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ تاريخدانَ، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي هڪ دوست جي نظر تي چڙهيو ۽ هُن کيس موڪليو، جتان ڏهنِ ٻارهنِ سالن کان پوءِ، انجنيئر عبدالوهاب سھتي صاحب تائين ڦري پھتو ۽ هاڻ، وقت جي هڪ وڏي وٿيءَ، يعني پھريون ڀيرو ڇپجڻ جي ڏيڍ سَو سالن کان به مٿي گذرڻ کان پوءِ، توهان اسان جي اڀياس لاءِ موجود ٿيو آهي. نه ته، خبر ناهي، ته هيءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀريلَ نصيحت آموز ڳالهين تي جڙيلُ قديم نثري ڪتاب، اڃا به الائي گهڻا ورهيه لِڪو پيو هجي ها، ۽ پڌرو به ٿئي ها يا نه، اهو به چئي نه ٿو سگهجي. ڪَڙِي ڪَڙِيءَ سان مِلِي، ته سِڪَ کي سگهه رَسِي. ان لحاظ کان ٽنهي سڄڻن کي سَو سَو سلام رَسن.

ڪتاب جي مواد بابت، پاڻ ديوان ڪيولرام، هِن ريت، پھرئين صفحي تي لکي ٿو: ”ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا، تن جي پڙھڻ مان گھڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجھس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گھڻو دل خوش رھندي، ۽ منجھس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گھڻو فائدو ٿيندو.“

اهي پھاڪا، ڪي سڌيءَ ريت لکيل نه آهن، پر يا ته ڳالهين جي وچ وچ ۾ آيا آهن يا وري بيتن ۾ سمايل آهن. سھتي صاحب هِن ڪتاب منجهه هڪُ ڪمُ هيءُ ڪيو آهي، ته لفظن جي آڳاٽي صورتخطيءَ کي جديد لپيءَ موجب بدلائڻ سُوڌو، نه صرف اهنجن لفظن جي معنى، لفظَ جي پٺيان ئي ڏنگيءَ ۾ ڏني آهي، پر وقت پڄاڻان ٿيل ڪن لفظن جي ڦيري کي به آشڪار ڪيو آهي. جھڙوڪ: سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ۽ جيتوڙي ته (جيتوڻيڪ). ان حوالي سان، سھتو صاحب ”سادن اکرن“ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب کي ورجائي ورجائي پڙھڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري، ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنگين ۾ ڏئي، پھاڪن ۽ چوڻين جي نشاندھي ڪري، محققن ۽ پھاڪن/ چوڻين جي شائقين لاءِ پيش ڪجي ٿو.“[سھتو، ۲۰۲۱:۳۸] البت، ”ڪتاب جي ڳالهين“ منجهه، ديوان ڪيولرام جي ”ڳالهه ٻڌائڻ واري لھجي ۽ انداز“ کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي، جنھن منجهان ديوان ڪيولرام جي لکيل جملن جي وڻندڙ بيھڪ جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مثال طور، ”لالچ جي گِلا“ جي ڳالهين ۾، ”شينھن ۽ گدڙ“ جي ڏنل اٺين ڳالهه جا پھريان ٻه پئراگراف هن ريت آهن:

ھڪڙي جھنگ ۾ شينھن ٻه، پاڻ ۾ وڙھيا. چنبن سان ھڻي ھڪ ٻئي کي رتورت ڪيائون. گدڙ ھڪڙو لالچ جو ماريو، شينھن کي رتَ ڇاڻ ڏسي، اتي اچي سندن رتُ چٽڻ لڳو. ھيءَ ڳالھ پڌري آھي، جو سانن وڙھندي، ٻُوڙن جوکو. اوچتو ھڪڙو بُجو، گدڙ کي لڳو، جنھنڪري ڦوسيءَ وانگي ساھ نڪري ويس. جھڙي ريت؛ آئي سڱن کي، پر ڪَن به وڍائي ويئي. فقط. سياڻا چوندا آھن جو لالچ کي پنج آڱريون آھن. ڪم مھل ٻه آڱريون اکين تي رکي، هن کي انڌو ڪري ۽ ٻه آڱريون ڪنن کي ڏيئي ٻوڙو ڪري ۽ ھڪڙي وات تي رکي گونگو ڪري، نه-ڪرڻ-وارا-ڪم ڪرائي.“[آڏواڻي، ۱۸۶۵: ۲۳-۲۴]

 اهڙي ئي وڻندڙ ۽ پُرڪشش ڍنگ سان، ديوان ڪيولرام، پنھنجي هِن ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جِي“ ۾، ڪُل ۳۹ عدد فائدو ڏيندڙ ڳالهيون، ستن موضوعن هيٺ، آنديون آهن، جو هر هِڪ ڳالهه ڏاڍي اثرائتي بڻجي پئي آهي. انهن موضوعن مان ”لالچ جي گلا“ جي بيان ۾ نوَ ڳالهيون ڏنل آهن، جڏهن ته رهيل ڇھن موضوعن ”ڪوڙ جي گلا“، ”ماٺ جي ساراھ ۽ بَڪ جي گلا“، ”بڇڙي ڪم مان خرابي ٿيڻ جو“، ”ري استاد ڪم ڪرڻ مان گھاٽي جو“، ”لُچن سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽي جو“ ۽ ”سياڻن جي سھڻن نُڪتن جو“ مان هر هڪ هيٺ پنج پنج ڳالهيون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾، انهن موضوعن کي پُر اثر بڻائيندڙ ۽ انهن سان ٺھڪي ايندڙ بيت ۽ نظم پڻ ڏنا ويا آهن، جيڪي پڻ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جا چيل آهن؛ جھڙوڪ:

ھتان ھلندين ھيڪلو، ھٿ کڻي ڏاٽو،
پوکِي لڻندين پانھنجي، سُوڌو سُواٽو،
سانباھو سوير ڪر، پَؤُ نه پاڇاٽو،
ڪم نه ايندءِ ڪو ٻيو، سھرو ڪِي ڄاٽو،
واڌو جي گھاٽو، پاڻَ ڀريندين پنھنجو.

[آڏواڻي، ۱۸۶۵:۵۹]

سنڌ جي ديوانن ۾، نوِڙت ۽ نھٺائي حد درجي جي هوندي هئي، جيڪا سندن عمل ۽ ڳالهه مان پئي بَکندي هئي، پر ديوان ليکڪن جي ته ڪتابن ۾ به اها پئي تجلا ڏيندي هئي. ڏسجي، ته جيتوڻيڪ، ديوان ڪيولرام پنھنجيءَ نوعيت جو هيءُ پھريون ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جِي“ سنڌي ٻوليءَ ۾ جوڙيو هئو، پر منجهس ان بابت ڪا به وڏائي هُن سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به ڏيکاري نه آهي. اُٽلو، هُو ”ڪتاب جي پڄاڻيءَ“ ۾ به نوڙت ڏيکاريندي لکي ٿو: ”ھن ڪتاب کي، ڏاکڙي سان لکيو اٿم. جيتوڻي ته [جيتوڻيڪ] منجھس ڳالھيون ڪچيون ۽ ڦڪيون آيون آھن، پر سندن مطلب، گھڻو سُپَڪ ۽ سوادي آھي. جھڙو ڪڙيءَ (ڪؤڙيءَ) باداميءَ جو تيل. تنھن ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ کي ڏسڻ نه گھرجي ۽ سندس حاصل کي ڏسجي. جھڙيءَ پَرِ اڪ ۾ ماکي ڏسي، اڪ-ڪڙائيءَ کي نه نھاري، ماکي لاھجي، سوڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڪم ماکيءَ سان آھي. تنھن وانگي، ڳالھين جي ڪچائيءَ تي، باداميءَ جي ڪڙائيءَ ۽ اڪ جي کارائيءَ طرح ڌيان نه ڪري، مطلب جو تيل ۽ ماکي ھٿ ڪبا ته گھڻن ڏکن جي ڏُوار لاءِ ٻُڪي ٿيندي. ھن ڪم ۾ ڳالھين جي ڪچائيءَ ڏي ڏسڻ اھڙو آھي، جھڙو مَکِ سڄو بُتُ ڇڏي، ڦَٽ تي ويھي. تنھن ڪري چڱو ھي آھي؛ جو ڀونئر وانگي ڳالھين جي جھنگ مان، ڳُڻن جو واسُ وٺجي.“[آڏواڻي، ۲۰۲۱:۱۰۳](موجوده ڇاپو)

هِن ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جِي“ جي سوڌ سنوار ۾، انجنيئر عبدالوهاب سھتي هڪُ وڌيڪ لاڀائتو ڪم هيءُ پڻ ڪيو آهي، ته ڪتاب اندر ديوان ڪيولرام پاران آندل پھاڪن ۽ چوڻين کي چونڊي، متن جي پڇاڙيءَ ۾، ”ڏسڻيءَ“ منجهه، الف-بي وار ترتيب سان پيش ڪيو آهي، جن جو تعداد ۱۰۵ بيھي ٿو. انهن جي مطالعي سان اها پڻ پروڙ پوي ٿي، ته هِن ننڍڙي ڪتاب ۾، ڪھڙيءَ نه خوبصورتيءَ سان پھاڪن ۽ چوڻين کي ننڍڙين ڳالهين ۾ سمايو ۽ سانڍيو ويو آهي.

ديوان ڪيولرام جِي مِڙني ڪتابن ۾ لکيل اِن لوڪ ڏاهپ سان رچيل ٻوليءَ کي ڌيان ۾ رکندي، ۽ سندس مڃوتي ڪندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو: ”ڪيولرام سلامتراءِ جي هيٺين ٽن ڪتابن جي سادي، گهريلو ۽ بامحاورا ٻولي [آهي]: (۱) سوکڙي [ڳالهين جِي] (۲) گل (۳) گل شڪر. اهي ٽئي ڪتاب گذشته صديءَ [۱۸۰۱-۱۹۰۰ع] جي ڇھين ڏهاڪي جي منڍ ۾ لکيا ويا ۽ انهن کي چند لفظن ۾ چئجي ته علم اخلاق تي تجرباتي رسالا آهن. ڪيولرام جي نثر جي مخصوص دلڪشي اها آهي ته اهو ٺيٺ سنڌي ئي آهي. ان جا استعارا، ويچارن جا ور، اُن جا مقامي ۽ تاريخي حوالا سنڌ سان ئي وابسته آهن ۽ مصنف کي ورلي اڻ چٽائي يا دهراءَ لاءِ دوشي ٺھرائي سگهبو. ان کان وڌيڪ ائين چئبو ته هن جي نثر ۾ روانيءَ ڀري تازگي آهي ۽ اظھار جي جادوگري، جنھن ۾ ڪو ٻيو ليکڪ ساڻس بر ميچي نه سگهندو.“[گربخشاڻي، ۲۰۰۵:۲۰] ان کان سواءِ، جناب عثمان علي انصاري لکي ٿو: ”ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جا ڪتاب سوکڙي [ڳالهين جِي] ۽ گل شڪر اهڙا نه آهن، جو اسين انهن ڏانھن پنھنجون اکيون بند ڪري سگهون.“[انصاري، ۲۰۲۰:۱۳۱]

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جي ڪتابن ۾، پيش لفظ طور ڏنل لفظن جا عنوان پڻ ڌڻي پاڪ جي نالي سان شروع ٿيندڙ ۽ رحم طلبيندڙ آهن. جھڙوڪ:

سوکڙي ڳالهين جِي“ جي منڍَ جو عنوان: ”ڌڻي تنھنجو آسرو، ڌڻي تنھنجي آس“.

گل شڪر“ جي منڍَ جو عنوان: ”ڌڻيءَ جو آسرو، ڌڻيءَ جي ساراهه“.

گل“ جي منڍَ جو عنوان: ”ڌڻي تنھنجو آسرو، ڌڻي تنھنجي آس“.

قند“ جي منڍَ جو عنوان: ”ڌڻيءَ جو آسرو، ڌڻيءَ جي ساراهه“.

ان کان سواءِ، ڪتابن جي متن جي تڪميل تي، ”پڄاڻي“ يا ”پڄاڻي ڪتاب جي/ ڪتاب جي پڄاڻي“ عنوان سان اختتام ڪيو اٿائين، جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي، سندس لفظن موجب، ”هڪڙي ٻُڍي“ يا ”جوتشيءَ“ يعني ”عقل“ کان صلاح ڪري، ڪتاب ۾ شامل پھاڪن، اصطلاحن يا ٽوٽڪن جي تعداد موجب، ابجد جي ليکي موجب ڪتاب جو نالو رکڻ جو سبب ڏنو اٿائين ۽ ”ڌڻيءَ جي توھ“ [ٻاجهه، فضل، ڪَرم] جي مڃوتي ڪئي اٿائين. مثال طور: ”گل شڪر“ ڪتاب ۾، ۵۷۰ پھاڪا شامل ٿيا، ته ۵۷۰ جي انگن مان ”گل شڪر“ نالو ٺاهيائين، جنھن ۾، ابجد موجب، گ=۲۰، ل=۳۰، ش=۳۰۰، ڪ=۲۰ ۽ ر=۲۰۰؛ ٽوٽل: گل شڪر = ۵۷۰. اهڙيءَ طرح، ”گل“ ڪتاب ۾ ۵۰ عدد ٽوٽڪا شامل ٿيا، ته ڪتاب جو نالو ”گل“ رکيائين، جنھن ۾ ’گ‘ جا ۲۰ عدد ۽ ’ل‘ جا ۳۰ عدد آهن، جن جو ميڙ ۵۰ ٿئي ٿو. ان منجهان پڌرو ٿئي ٿو ته، ديوان ڪيولرامُ عددن موجب، نالي جي چونڊ تي ڌيان رکندڙ هو. هُن سڀئي نالا اهڙا چونڊيا، جيڪي پھاڪن ۽ چوڻين جي ڏاهپ جيان رنگن، خوشبوئن ۽ مٺاڻ سان ڀريل آهن.

ديوان ڪيولرام جي ڪتابن جو تجزيو ڏيندي، لعل سنگهه اجواڻي لکي ٿو: ”ان دَور [۱۸۵۷-۱۹۰۷ع] جي هڪ ليکڪ، جو، پاڻ ڪو وڏو نثر نويس ته ڪو نه هو ۽ نه وري جنھن کي اخبار نويسن، تعليمدانن جي صف ۾ يا ٻيءَ ڪنھن ليبل هيٺ شماري سگهجي، مگر جنھن سنڌي نثر تي پنھنجي اَمِٽ ڇاپ هنئي آهي، اهو هو ’گل‘، ’گل شڪر‘ ۽ ’سوکڙي‘ ڪتابن جو ليکڪ ڪيولرام سلامتراءِ. اهي ڪتاب ۱۸۶۴ کان ۱۸۷۱ جي وچ ۾ لکيا ويا ۽ گهڻو پوءِ ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن ڪو ’شئليڪار‘ (Stylist) هو، ته اهو ڪيولرام هو. هن جو سنڌي نثر اڄ پراڻو لڳي سگهي ٿو، ڇو ته هُو ’سعدي‘ جي ’گلستان‘ جھڙي فارسي تصنيفن کان متاثر هو. هُو واعظ هو، پر سندس وعظ کٽڪن نٿا. هو پنھنجون اخلاقي سکيائون، سدائين ڪو نه ڪو اخلاقي قصو يا دِرشٽانُت [مثال] ڏيئي سمجهائيندو هو. هن جي ڪتاب ’گل شڪر‘ ۾ سوين پھاڪا ۽ معنى خيز چوڻيون گڏ ڪيل آهن، جن کي اثردار مثالن ۽ درشٽانتن سان تھائين وڌيڪ اڀاريو ۽ اجاگر ڪيو ويو آهي. هو فارسي خواه هندستاني ٻولين مان اهم حوالا ڏيئي سگهندو هو. سنڌي مسلمانن ڪيولرام جي تصنيفن جي آجيان ڪئي. هُو سندس لکڻين مان ڪي به نقص ڳولهي ڪين سگهيا.“[اجواڻي، ۲۰۰۷:۲۴۴

انجنيئر عبدالوهاب سھتي وڌيڪ سٺو ۽ مستقل لاڀ وارو هڪُ ڪم هيءُ به ڪيو آهي، ته ديوان ڪيولرام جا ٻه ڪتاب ”گل شڪر“ (اصل ۽ سنواريل) ۽ ”سوکڙي ڳالهين جي“ آنلائن ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي ويب سائيٽ https://books.sindhsalamat.com تي به رکرائي ڇڏيا آهن، جتان پڻ مطالع ڪري سگهجن ٿا. ان طرح، اهي ٻئي ڪتاب سدائين لاءِ هٿيڪا ٿي پيا آهن.

”ڪيولرام“ جي نالي سان، سن ۱۸۹۰ع ۾ ڇپيل هِڪ ڪتاب ”عجيب الغنچه (حصه اول) يعني عبرتن جو ڪتاب“ جو ذڪر، ڊاڪٽر الهرکئي ٻُٽ، پنھنجي لکيل مقالي ”۱۸۱۹ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتابن جو جائزو“ (قسط-۴) ۾ ڪيو آهي[ٻُٽ، ۱۹۹۵:۹۸]، پر ان بابت خاطريءَ سان چئي نه ٿو سگهجي ته اهو ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو لکيل آهي يا نه، ڇاڪاڻ ته ان جي ليکڪ طور نالو صرف ”ڪيولرام“ لکيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح، ٻُٽ صاحب، ”ڪيولرام“ جي نالي سان ڇپيل ٻيا ڪتاب ”جھان بخش و ماهتاب“ (۱۹۱۰ع)، ”قصو گل منير“ (ڇاپو ٽيون ۱۹۱۰ع)، ”نئون قصو شھزادي گل منير جو“ (گرمکي) (۱۹۱۴ع) پڻ ڄاڻايا آهن. انهن ڪتابن لاءِ پڻ پڪي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي، جيستائين انهن کي اکين سان ڏسجي ۽ انهن جو مطالعو نه ڪجي.

پڇاڙڪا حرف، ته ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي اڻويھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ اُسرندڙ سنڌي نثري ادب جو هڪ روشن ستارو هو، جنھن جي تصنيفن جي چِمڪ، سنڌي ادب جي آڪاس تي، ايڪويھين صديءَ جي پھرئين چوٿاڙ ۾ به پُوري شانَ شوڪت سان پکڙيل ۽ نھايت سُرور ڏيندڙ آهي.

مددي ڪتاب ۽ رسالا:

1.   آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ديوان [۱۸۶۵]: سوکڙي ڳالهين جي. حيدرآباد: پنڊٽ جيشٽا برهم ڪمپني.

2.   آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ديوان [۲۰۲۱]: سوکڙي ڳالهين جي. قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (موجوده ڪتاب)

3.   آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ديوان [۱۹۷۱] ۱۹۵۶: گل، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. (نوٽ: هن ڪتاب جو اڳ، ۱۹۰۹ع تي ڇپيل ٻيو ڇاپو، قاسميه لائبريري ڪنڊياري ۾، ۲۸-فيبروري ۲۰۲۱ع تي مطالعي هيٺ، آيو.)

4.   آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ديوان [۱۹۵۳] ۱۹۰۵: گل شڪر، ڪراچي: سنڌي ادبي بورڊ. (نوٽ: هن ڪتاب جا، ۱۹۷۸ع، ۲۰۰۶ع ۽ ۲۰۱۹ع وارا ڇاپا پڻ مطالعي هيٺ آندا ويا.)

5.   آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ، ديوان [۲۰۱۱]: گل شڪر، نئين سر ترتيب ۽ تدوين: انجنيئر عبدالوهاب سھتو، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

6.   اجواڻي، لعل سنگهه [۲۰۰۷] ۱۹۹۱: سنڌي ادب جي تاريخ، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

7.   انصاري، عثمان علي [۲۰۲۰] ۱۹۴۶: سنڌي نثر؛ مھراڻ اوائلي دور (حصو پھريون-۱۹۴۶ع)، مرتب: آزاد قاضي، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ص ۱۲۹-۱۳۳ ۽ ۱۲۸.

8.   ٻُٽ، الهرکيو، ڊاڪٽر [۱۹۹۵]: (i) ۱۸۱۹ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو: قسط-۱ (مقالو)، ٽماهي ’مھراڻ‘، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، جنوري-مارچ ۱۹۹۵ع، ص ۱۱۲-۱۳۴. (ii) قسط-۴، ’مھراڻ‘، آڪٽوبر-ڊسمبر ۱۹۹۵ع، ص ۹۷-۱۱۳. (iii) قسط-۵، ’مھراڻ‘، جنوري-جونِ ۱۹۹۹ع. آنلائن:

http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book51/Book_page12.html

(iv) قسط-۷، ’مھراڻ‘، سيارو ۲۰۰۴ع. آنلائن:

http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book2/Book_page10.html?fbclid=IwAR01EKtpFXZrme0ptB04NYNuCloLA38RMa2HHuvkW9GP8gemHG7aMG2qxOg

9.   Jotwani, Motilal [2007] 1996: A Dictionary of Sindhi Literature, New Delhi: Aditya Books Pvt. Ltd.

10.            جويو، ابراهيم، محمد [۱۹۷۱] ۱۹۵۶: بورڊ جي پھرئين ڇاپي جو پيش لفظ، ڪتاب: گل، ليکڪ: ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

11.            جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر [۲۰۰۴] ۱۹۹۵: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)، ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

12.            سبزوئي، حميد [۲۰۱۲]، آنلائن:

http://sindhiproverbs.blogspot.com/2012/11/blog-post_12.html

13.            سھتو، عبدالوهاب، انجنيئر [۲۰۱۱]: سادا اکر، ڪتاب: گل شڪر، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي؛ حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

14.            شيراز، ناسف علي [۲۰۱۸]: سنڌي گرامر، پھاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جي ببليوگرافي (مضمون)؛ ڪتاب: پھاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون، سھيڙيندڙ: انجنيئر عبدالوهاب سھتو؛ حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو. (نوٽ: اهو مقالو ٽماهي ’مھراڻ‘ ۰۱/۲۰۱۵ع ۾، ص ۵۸-۸۰ تي پڻ ڇپيل آهي.) آنلائن:

https://sindhiproverbs.blogspot.com/2018/08/blog-post_72.html#more

15.            عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر [۲۰۰۹]: سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، حيدرآباد: اوسر اشاعتاڻو.

16.            کلناڻي، ڪَوڙومل چندنمل، ديوان [۱۸۸۹]: آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪن جو ڪتاب، ڪراچي: تعليم کاتو. آنلائن ڏسجي:

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=210

17.  گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر [۲۰۰۵]: سنڌي ادب جو مختصر جائزو (مضمون)، مترجم: ڊي ڪي منشاراماڻي؛ ماهوار ڪينجهر (ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي نمبر)، ايڊيٽر: ناز سنائي، سيپٽمبر-آڪٽوبر ۲۰۰۵ع، ص ۲۰، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

18.            ملاح، مختيار احمد [۲۰۱۵]: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

19.            ميمڻ، محمد صديق، خانبھادر [۲۰۱۴]: سنڌ جي ادبي تاريخ، شڪارپور: مھراڻ اڪيڊمي.

20.            هردواڻي، لڇمڻ پرسرام، پروفيسر [۲۰۰۲]: سنڌي ڪوش ساهتيه جو آلوچناتمڪ اڀياس، مھاراشٽر (انڊيا)، احمد نگر.

 

سدائين گڏ.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

۱۱- فيبروري ۲۰۲۱ع، لاڙڪاڻو

 



·  حوالن ۾، وڏيءَ ڏنگيءَ [ ] ۾ آندل لفظ وغيره، مون (رياضت ٻرڙي) پاران لکيل آهن.

¨ ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي ان ڪتاب ۾ شامل پھاڪن جو تعداد اٽڪل ۱۲۰۰ [جيٽلي، ۲۰۰۴:۵] ۽ پروفيسر لڇمڻ پرسرام هردواڻيءَ اٽڪل ۱۴۰۰ [هردواڻي، ۲۰۰۲:۶۶] ڄاڻايو آهي، جي صحيح نه آهن، ڇاڪاڻ ته ديوان ڪَوڙيمل پاڻ به، اِن ڪتاب جي مُنڍ ۾، پھاڪن جو تعداد ۸۰۰ ڄاڻايو آهي. ڏسو: ديوان ڪَوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جو ڪتاب ”آوازِ اخلاق عرف سنڌي پھاڪن جو ڪتاب“ (۱۸۸۹ع)، ڪراچي: تعليم کاتو، ص ۲.

ª ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ، اِن ڪتاب جي ڇپجڻ جو سن ۱۸۸۵ع ۽ نالو ”سنڌي پھاڪن جو ڪتاب“ ڄاڻايو آهي.[ٻُٽ، ۱۹۹۵:۱۲۷]

§  هن مقدمي جي 11-فيبروري 2021ع تي تڪميل کان پوءِ، 28-فيبروري تي، ڪنڊياري شھر ۾ قائم قاسميه لائبريريءَ ۾، ”گل“ ڪتاب جو ۱۹۰۹ع ۾ ڇپيل، ٻيو ڇاپو نظر مان گذريو. اهو ڇاپو بمبئي علائقي جي سرڪاري تعليم کاتي، گورنمينٽ سينٽرل بڪ ڊيپو ڪراچيءَ پاران، الحق پرنٽنگ پريس سکر مان، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 93 صفحن تي مشتمل ڇپرايل هو، جنھن ۾ ٻيو ڀاڱو ”قند“ پڻ شامل هو. ان ۾ ”گل“ 80 صفحن تي آيل هو، جنھن کان پوءِ، 81 صفحي نمبر کان وٺي 93 صفحي تائين ”قند“ ڇپيل هو.

No comments:

Post a Comment