مولوي احمد ملاح جي
شاعريءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ جو جائزو
ڊاڪٽر الطاف
جوکيو
(A Study of
‘Homo-Sound Word’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)
Abstract
Molvi Ahmed Mallah is rightly known as the King of
Alliteration. Words beginning with same letter-sound in a poetic or prosaic
line is called Alliteration. There are numerous types of the Alliteration,
which are frequently used by the writers/ poets. There is one beautiful
alliteration used by Molvi Sahib that can be named here as ‘Homo-Sound Word’,
that has never ever been identified or discussed by any critic/ writer in any
way, at any place according to my study.
The difference between Alliteration and newly coined
term ‘Homo-Sound Word’ is that the Alliteration contains the different words
beginning with same letter/sound having the different meanings; while on the
other hand, the ‘Home-Sound Word’ are the words having totally same sounds with
different meanings as well as different letter/ letters according to the nature
of Sindhi Language. Example of ‘Homo-Sound Word’ is: .’ڪثرت/ ڪسرت‘ Both these words
are same sounding words, but with different meanings and letter/s in Sindhi
language and can be counted as ‘Homo-Sound Words’. Actually, these words are
borrowed from Arabic language, in which their actual sounds are articulated
differently form the phonetics point of view, but these borrowed words are
pronounced without any sound difference in Sindhi language while keeping in eye
its nature. Sounds like:
’ث، ح، خ، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف ق‘ are
peculiar to Arabic Language and can be articulated by native speakers only.
Those sounds have no any existence in group of recognized Sindhi sounds, even
though they are part of Sindhi Alphabet for their great importance in Sindhi
Orthography. It is harder for any Sindhi speaker to articulate those Arabic
sounds phonetically, but pronounce them Allophonically, such as: س for
ث or ص etc.
‘Homo-Sound Word’ like: قمر and ڪمر are studied in Molvi Ahmed Mallah’s poetry
in minute detail in this research paper that make him an exceptional poet in
the galaxy of Sindhi poets.
• اڀياس جو
پس منظر
مولوي احمد ملاح جي
شاعريءَ جي فني خوبين کي جاچڻ لاءِ ڪافي سوچ سمجهه کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. لفظي
تجنيسن جي دائري ۾ اهڙن لفظن جو استعمال به ڪري ٿو جن تي ڪو نالو رکڻ لاءِ به
احتياط کان ڪم وٺندي، تشريحي اصطلاح به مقرر ڪري وٺجي ٿو. تجنيس حرفي ته اهڙي
تجنيس آهي، جيڪا ڪافي تجنيسن جي ماءُ آهي. مولوي صاحب جي شاعري جڏهن جاچجي ٿي ته
’تجنيس حرفي‘ ته سندس مزاج ۾ شامل رهي آهي، پوءِ جڏهن ان لفظن جي رانديگريءَ تي
غور ڪجي ٿو ته ڪي ذيلي تجنيسون به ڪَرُ کڻن ٿيون. هتي ’تجنيس لفظ‘ تي ويچار ونڊجي ٿو.
مذڪوره تجنيس جو ذڪر
سنڌي يا اردو ۾ ڪو نه ٿو ملي، البت عربيءَ جي هڪ ڪتاب ’ڪشاف الاصطلاحات
الفنون العلوم‘ جي حاشيي ۾ فارسي وضاحت سان هن طرح آيل آهي ته ”تجنيس لفظ يعني در
تلفظ متشابہ و متجانس نمايند و در ڪتابت متباين چو سفر و صفر“ (ٿانوي، ۱۹۹۶: ۵۹۴) ڄاڻايل ڪتاب ۾ ائين واضح ٿيل آهي ته ’اهڙا لفظ جيڪي
اچار ۾ ساڳيا لڳن، ليڪن لکت ۾ فرق هجي، جيئن: سفر ۽ صفر.‘
اهڙا ڀيٽ جي صورت ۾
لفظ جيڪي ’آواز‘ ۾ ساڳيا، ليڪن انهن جي صورتخطي مختلف هجي. هي معاملو خاص طور اهڙن
لفظن ۾ سامهون اچي ٿو، جن ۾ ڌارين ٻولين جا ’آواز/ اکر‘ شامل رهن ٿا، جن جو اچارڻ
سنڌي ٻوليءَ جي رواج ۾ عام ناهي. مثال طور: ’ڪثرت‘ ۽ ’ڪسرت‘ لفظن جو سنڌي ٻوليءَ جي
نسبت اچار ساڳيو آهي، ليڪن صورتخطي تبديل رهي ٿي. جڏهن ته اهو به ممڪن ڪونهي ته
انهن لفظن مان، آواز جي بنياد تي، ڪنھن هڪ لفظ کي معياري سمجهي، ٻئي کي رد ڏجي.
اهي لفظ سنڌي صورتخطيءَ موجب ٻوليءَ جو حصو ٿي چڪا هوندا آهن. صنايع بدايع ۾ لفظن
جو هي معاملو ’سنڌي صورتخطيءَ‘ جو آهي.
• اڀياسي
سوال
• ’تجنيس
لفظ‘ مان ڇا مراد آهي؟
• ڇا مختلف
صورتن وارا لفظ به ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل ٿي سگهندا؟
• ڇا مختلف
صورتن وارن لفظن کي ساڳين آوازن جي بنياد تي شامل ڪري سگهجي ٿو؟
• ڇا ’تجنيس
لفظ‘ جو مدار آواز تي آهي يا اکرن/ حرفن تي به ٿي سگهي ٿو؟
• ڇا ساڳين
آوازن تي مبني لفظن جي زيرن- زبرن واري فرق کي به هن تجنيس ۾ شامل ڪري سگهبو؟
• اڀياس جو
عمل
هيءَ تجنيس اهڙي
آهي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ روشناس ٿي ڪو نه سگهي آهي، ان ڪارڻ ان جا حوالا ڳولهڻ
تمام ڏکيو عمل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جن به عالمن صنايع بدايع تي ڪم ڪيو آهي، يا لغتن
۾ جتي ٻين تجنيس يا صنعتن جي وضاحت ملي ٿي، اتي مذڪوره تجنيس جو ڪو به حوالو ڪو نه
ٿو ملي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان تجنيس جو لغوي ۽ سماجي اعتبار سان اڀياس ڪري
هڪ دائرو متعيّن ڪيو وڃي. ان لاءِ ترتيب سان لفظ جي لغوي ۽ سماجي معنى تي ڪجهه
ويچار ونڊجن ٿا:
• تجنيس جي
معنى ۽ مراد
تجنيس عربي لفظ
’جنس‘ مان ورتل آهي، جنھن جي مراد اهڙا مختلف حيثيت رکندڙ هم جنس لفظ ڪم آڻڻ آهي،
جيڪي ڪنھن دائري هيٺ، ڀيٽ جي صورت ۾ ڏيکاري سگهجن. يعني هن اصطلاح جو لاڳاپو لفظن
جي استعمال واري ڪاريگريءَ سان آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو اصطلاح، شاعريءَ ۾ معنوي ڪاريگريءَ
سان لاڳاپو رکندي آهي.
• جامع سنڌي
لغات: تَجنِيسَ جمع تَجنِيسُون ث. [ع. جَنَسَ < جَنَّسَ، تَجنِيس = جنسوار ڪرڻ،
جنسن ۾ ورهائڻ] هڪجھڙائي- مشابھت. علم
بديع جي هڪ صنعت. (بلوچ، ۱۹۸۱: ۵۹۰)
جامع سنڌي لغات
موجب لفظن کي جنسوار ڪرڻ، جنھن مان مراد آهي ته ان ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکي همجنس
يا جنسوار ڪري ڏيکاريا ويندا آهن. جڏهن ته صنعت ۾ لفظ کي جنسوار نه ڪبو آهي بلڪ،
ان کي معنى جي نسبت سان ڄاڻايو ويندو آهي.
• تجنيس لفظ
جي معنى ۽ مراد
تجنيس لفظ جي مراد
هم آواز لفظ آهن، ’ادبي اصطلاحن جي تشريحي
لغت‘ ۾ ان بابت ڄاڻايل آهي: ”هم آواز: اهي لفظ جي ساڳي آواز سان اچارجن، پر
معنى ۽ لکت ۾ مختلف هجن.“ (مختيار، ۲۰۱۵: ۳۶۲) لغت ته ٿي ۽ تشريح به ٿي، ليڪن ڪو به مثال موجود ڪونهي،
ان ڪارڻ اهڙي تشريح اڌوري ۽ مونجهاري جو سبب سمجهي ويندي آهي.
جامع سنڌي لغات ۾ مٿين
’هم آواز لفظن‘ واري ڳالهه ’تجنيس مضارع‘ سان سلهاڙي وئي آهي. ان موجب ڄاڻايل آهي:
”تجنيس مضارع: ث. شعر ۾ ساڳئي آواز ليڪن معنى ۽ صورتخطي مختلف هئڻ واري صنعت ’لال
لب لعل کان پڻ لال مٺا تو کان ٿيا.“ (بلوچ، ۱۹۸۱: ۵۹۱)
حقيقت ۾ جامع سنڌي
لغات ۾ ڄاڻايل ’تجنيس مضارع‘ واري تشريح ۽ مثال اڻ ٺھڪندڙ آهن، ان قسم جي تجنيس کي
’تجنيس لفظ‘ ئي سڏڻ گهرجي، جنھن بابت اسان جي سنڌي ڪتابن يا لغتن ۾ ذڪر ٿيل ناهي.
علامه محمد علي ٿانويءَ
جي ڪتاب ۾ ’تجنيس لفظ‘ بابت مختصر تشريح
واضح رهي ٿي ته: ’تلفظ ملندڙ هجي ليڪن لکت الڳ هجي، جيئن: سفر ۽ صفر‘. (ٿانوي،
۱۹۹۶: ۵۹۴)
فيروز اللغات عربي-
اردو جي مدد سان ڄاڻايل اصطلاح جو اشتقاق هيٺين ريت لھجي ٿو:
تجنيس لفظ: [
تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + لفظ
(ٻول) لفظن جي جنس] صنايع بدايع ۾ اهڙو شعر يا بيان جنھن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ
مختلف معنائن وارا لفظ جن جو اچار ساڳيو هجي، ليڪن صورتخطي تبديل هجي، جيئن: چاڪ
(زخم) ۽ چاق (تندرستي)، اثر (تاثير- خاصيت) ۽ عصر (زمانو)، قصر (محل)، ڪثر (گهڻائي)،
هار (ڳلي جو سينگار) ۽ حار (گرمي)، غار (جبل جي چُر) ۽ گار (بد لفظ) وغيره.
• ’تجنيس
لفظ‘ جو دائرو
سنڌي ٻوليءَ ۾
’تجنيس لفظ‘ جي حوالي سان اهڙا لفظ ممڪن ڪونهن جن جا اچار ساڳيا هجن ۽ صورتخطي مٽَ
هجي. ساڳي صورتخطيءَ سان لفظ جون معنائون مختلف ٿي سگهن ٿيون، ليڪن صورتخطي مَٽَ ته
آواز ساڳيا نه رهندا، ان حالت ۾ اهو لفظ ان تجنيس جو جز نه ٿيندو. فرض ڪريو ته:
• جن جي
صورتخطي مَٽ هجي ۽ آواز ساڳيو هجي، ائين ٿئي ڪو نه ٿو. فرض ڪريو ته لھجن نسبت لفظ
’ٻار‘ ۽ ’ٻال‘ ۾ صورتخطي ته مٽ آهي، ليڪن آواز ساڳيو نه ٿو نڪري ۽ ساڳئي وقت لفظ
جي معنى به مَٽَ نه ٿي لھجي، ان نسبت اهي لفظ ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهجن.
• آواز ساڳيو
هجي، معنى مٽَ هجي ۽ صورتخطيءَ ۾ به فرق هجي، ائين به ڪونه ٿو ٿئي. جيڪڏهن لفظ کڻجن
’آرسي (درسني) ۽ آرسي (سست)‘ ته معنائون بيشڪ مختلف آهن، آواز به ساڳيو آهي، ليڪن
صورتخطيءَ ۾ فرق ناهي. ان ڪارڻ ان کي ’تجنيس لفظ‘ ۾ شمار نه ڪبو، بلڪ اها ’تجنيس
تام‘ ۾ شامل ٿيندي.
واضح رهيو ته ڄاڻايل
تجنيس جي دائري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي، ڌارين ٻولين جي لفظن سان ئي ڀيٽ ڏيکاري
سگهجي ٿي، جيئن: چاڪ يا چاق؛ يا وري اهڙا ڌاريا لفظ جن جا سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ساڳيا
آواز وٺجن، جيئن: ڪثر يا ڪسر/ قصر.
ڄاڻايل تجنيس ۾
عربي/ فارسي يا هندي لفظن جي سنڌي لفظن سان ڀيٽ ڏيکاري سگهجي ٿي، جن جو آواز ساڳيو
لھجي، ليڪن صورتخطي تبديل هجي، هن ۾ ٽي انداز ٿي سگهن ٿا، جيئن:
۱. سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظن جو آواز/ اچار ساڳيو، ليڪن معنى ۽
صورتخطي تبديل، جيئن: ڪثرت (گهڻائي هجڻ) ۽ ڪسرت (جسم ٽوڙڻ/ ورزش ڪرڻ) وغيره.
۲. سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي لفظ ۽ سنڌي بڻايل لفظ جو آواز/ اچار ۽ معنى
ساڳي، ليڪن صورتخطي مَٽَ هجي، جيئن: جثو (جسم/ بدن) ۽ جسو (جسم/ بدن) وغيره.
۳. سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي ۽ هندي لفظن جو آواز/ اچار ساڳيو، ليڪن معنى
۽ صورتخطي مَٽ، جيئن: عنبر (هڪ خوشبوءِ واري وکر جو نالو) ۽ امبر (آسمان/ اُڀ).
ياد رهي ته ٻن چپوين آوازن اڳيان ’ميم‘ جو آواز ايندڙ اصل ۾ ’نون گهُڻي/ غني‘ يا ’ڇوٽي
نڪوين سُر آواز‘ (Short Nasal Vowel) جو مثال آهي، جنھن کي هندي يا انگريزي
صورتخطيءَ ۾ ’ميم ساڪن‘ سان لکندا آهن، جيڪو اصل ۾ ’نڪوون سُر آواز‘ آهي.
• تجنيس لفظ
جو ساڳئي شعر ۾ استعمال
ڪنھن به تجنيس ۾
لفظن جي ڀيٽ رکي ويندي آهي. جڏهن لفظن ۾ ڀيٽ واري ڳالهه اچي ٿي ته ظاهر آهي ته ڪنھن
به تجنيس جو هجڻ ساڳئي شعر ۾ ڏٺو ويندو آهي. ائين ڪو نه ٿيندو ته مخصوص تجنيس واري
ڀيٽ لاءِ ڪي الڳ شعر جاچي رکجن. تجنيس لفظ جي جاچ به تڏهن ڪارگر ليکبي، جڏهن لفظ ڀيٽ
جي صورت ۾ ساڳئي شعر ۾ هجن. الڳ شعرن مان ’تجنيس لفظ‘ جي ڀيٽ نه ٿي ڏيکاري سگهجي،
جيئن:
لڳو نِينھن هتڙي ننڍي
هوندڙي،
ويا ورهيه گذري، ڇڏي
کَر نه کنڊ.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۲۳۴)
رکي خار خَر
خيرخواهيءَ بجاءِ،
وجهي وات اڌ رات
ابتو اَتِيت.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۴۷)
مٿئين شعر ۾ ’کَر‘
۽ ’خَر‘ ساڳين آوازن وارا لفظ آهن ۽ صورتخطي به مٽ آهي، ليڪن انهن لفظن جو استعمال
الڳ الڳ غزلن جي شعرن ۾ ٿيو آهي، ان ڪارڻ انهن لفظن کي ’تجنيس لفظ‘ جي دائري ۾
شامل نه ڪبو.
• ’تجنيس
لفظ‘ جو آواز ۽ اکر سان لاڳاپو
ٻوليءَ جي اصولن پٽاندر
’لفظ‘ جو لاڳاپو آواز سان آهي، جڏهن ته اکرن/ صورتخطيءَ ۾ آڻڻ واري ڪار ان جي
ثانوي حيثيت آهي، پر جيئن ته هتي ’تجنيس‘ جي دائري ۾ ڏسجي ٿو، ان لحاظ کان ان کي ٻن
پاسن کان ڏسي سگهجي ٿو.
• آواز جي
نسبت، ان تجنيس ۾ جيڪي لفظ ايندا، انهن جا سُر (Vowels) ساڳيا
رهندا.
• سنڌي آئيويٽا
جي نسبت اهڙا مختلف وينجن (Consonant) جن جو آواز ساڳيو ادا ٿئي ته اهڙا آواز ان
تجنيس جو جز ٿيندا.
• اکرن جي
نسبت، هتي اهڙا لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ڪم آندا ويندا جن جا اکر مختلف ۽ آواز ساڳيا
هجن.
• ’تجنيس
لفظ‘ جي دائري بابت اهم نڪتا
مٿين وضاحت مان هيٺيان
اهم نڪتا نمايان لھجن ٿا:
• مخصوص
تجنيس جي استعمال جي ڀيٽ، الڳ شعرن مان جاچي نه ٿي سگهجي. جيڪڏهن چونڊي نمايان به ٿين،
ته به انهن کي تجنيس واري دائري ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي.
• عربي/
فارسي لفظ، مختلف اکرن/ آوازن سان الڳ صورتخطيءَ وارا ۽ الڳ معنادار لفظ، ڄاڻايل
تجنيس ۾ شامل ٿيندا، مثال: ’ڪثرت- ڪسرت‘.
• عربي/
فارسي ۽ سنڌي/ هندي لفظ جن جا آواز ساڳيا رهن، ليڪن صورتخطيءَ ۾ فرق هجي، سي به مذڪوره
تجنيس ۾ ڳڻيا ويندا، جيئن: ’عنبر ۽ امبر‘.
• عربي يا بڻايل
سنڌي لفظ، جيڪي ساڳي معنى ۾ ڪم اچن، سي ان تجنيس ۾ ڪو نه ڳڻبا، مثال: ’جثو- جسو‘.
• زيرن- زبرن
جي فرق سان مختلف صورتخطيءَ وارا لفظ، ان تجنيس ۾ شامل ڪو نه ٿيندا، جيئن: ’اَمر-
عُمر‘ يا ’اَمُل- عَمَل‘.
اَمر آندِي آهيان،
’احمد‘ عُمر جي ڪوٽ ۾،
تَن اباڻن، مَن اباڻن،
تِن اباڻن ساڻ اَت.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۲۱)
يا
اَمُل آندا اَمُل
ماڻڪ عَمل ۾،
نه جھڙس چنڊ توڙي
چونڊ چينا.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۷۵)
مٿين مثالن ۾ اهم نڪتو
’لفظن ۾ اچار جو مشترڪ هجڻ‘ آهي، جنھن ۾ ’زير زبر جو به فرق نه هجي‘ ته اهي ’تجنيس
لفظ‘ ۾ سمجهيا ويندا.
• مولوي احمد
ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس لفظ جو جائزو
مولوي احمد ملاح
جيئن ته ’تجنيس حرفيءَ‘ جو شھنشاه سڏبو رهيو آهي، ان سبب ته سندس شاعريءَ جي مزاج
۾ ئي اهڙن لفظن جي ترڪيب رکڻ آهي جيڪي ساڳئي حرف يا آواز سان شروع ٿين. هتي سندس
شاعريءَ مان اهڙن لفظن جي جاچ ڪرڻ آهي، جيڪي صورتخطيءَ ۾ ته مختلف هجن، ليڪن انهن
جا آواز ساڳيا هجن.
مَري ٿيا مُڃ،
منجهه سُڃ، رُڃ ۽ اُڃ،
ثمر جن سان نه سَمر
و زاد هو ڪو.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۴۸۷)
’ثمر (ڦَل-
پيداوار- حاصلات- نتيجو)‘، ’سَمر (مسافريءَ جو سامان) ساڳئي اچار وارا لفظ آهن.
چاڪ مان ناچاق بُت،
چاڪون بنا دل چاڪ چاڪ،
لال لڙڪن ساڻ لوئي،
بوند لھجي ڪنھن نه ڀَت.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۲۱)
’چاق (چڱو ڀلو)‘
۽ ’چاڪ (زخم- چير- ڦٽ)، ساڳئي اچار وارا لفظ آهن.
سَدا منھنجون
صَدائون ڪنھن سَڌر سُلطان جي دَر تي،
ڀَلين ڀَٽڪي ڀٽن ۾ ڀَٽ،
ڀلا لاهن ڀَٽن ڀَٽڪا.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۶۵)
’سَدا‘ ۽
’صدا‘ ساڳئي اچار وارا لفظ آهن، البت ’صدا‘ کي جمع صورت ۾ رکيو اٿس، ليڪن پوءِ به
تجنيس جو مثال ضرور آهي.
ٿا چوَن پڙهيا ته،
پريان ڏئي سَڪر، سو پئي سَقر،
هيج وارا ان هنر
سان، حوض ڪوثر تي بيٺا.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۳۷)
’سڪر ۽ سقر‘
لفظ ڪم آندا ويا آهن، جن جي صورتخطي ته مٽَ آهي، ليڪن سنڌي ٻوليءَ جي نسبت اچار ساڳيو
ٿيندو ۽ معنائون مختلف بيھنديون، ’سڪر = پيار- چُمي‘ ۽ ’سَقر (جھنم/ تڪليف).
ڏيھه ڏوريم، ڏُور ڏوريم،
ڏينھن ڏوريندي لڳم،
ايءَ صفا صُورت نه
سُورت، شھر شِملي ۾ ملي.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۵۷۳)
يا
سندس سونھن صُورت
جي ساراهه ۾،
سوين سُورتون، هيڪ
سُورت مَ پُڇ.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۹۸)
’صُورت (شڪل/
حالت)‘ ۽ ’سُورت (شھر جو نالو) ساڳئي اچار وارا لفظ آهن. ٻئين شعر ۾ ’صُورت (چھرو/
منھن) ۽ ’سُورت (قرآن شريف جي سورة) الڳ معنادار، الڳ صورتخطيءَ سان ساڳئي اچار
وارا لفظ آهن.
اڃا سڀ نه آسيون
پنيون عاصين،
ڪي ٿورا خلاصا مليا
خاصين.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو پھريون، ۲۰۱۷: ۶۹۰)
’عاصي ۽ آسي‘
لفظ ساڳئي اچار وارا لفظ ته ضرور آهن، ليڪن ’تجنيس لفظ‘ جي نسبت ڪمزور مثال آهي.
آهه ’احمد‘ عَھد
کان، تو هڪ اَحد جي آسري،
تون سَٻاجهو سڏ
وَنھيون، سڏ منھنجو سُڻ سُڻ ڳائيان.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۴۰۲)
يا
حمد ’احمدَ‘ ڪر
اَحد جو، عَھد جنھن سان عَھد کان،
هيءَ مِٽي تائين مِٽي،
بازو به ي بُل بُل وڃن.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۴۰۶)
’عَھد (عالم
ارواح وارو وچن) ۽ ’اَحد (اهڙو هڪ اسم، جنھن جا حصا ممڪن نه هجن)، ساڳئي اچار سان
مختلف صورتخطيءَ وارا الڳ لفظ آهن.
مون ڏٺا مُورهين نه
ٻئي وَٽ، محبَ، اهڙا معجزا،
جيئن قَمر تي زُلف ڪارو،
۽ ڪَمر تي ذوالفقار.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۲۴۶)
يا
سڄڻَ، صورت سَندئي
ثاني قمر سان،
لڳن ڪاڪُل ڪُنڊون ڪونئري
ڪَمر سان.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۳۷۵)
يا
چنڊ چوڏهينءَ جو چڱو،
پَر چيلهه چوٽي، نَڪ نه چَپ،
پوءِ قمر، نازڪ ڪَمر
جھڙو ڪڄاڙي ۾ هجي.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۵۳۵)
’قمر ۽ ڪمر‘
صورتخطيءَ ۽ معنى نسبت ٻه مختلف لفظ آهن، ليڪن سنڌي ٻوليءَ نسبت، اچار ۾ فرق ڪونهي،
ان خيال کان ڄاڻايل لفظن کي ’تجنيس لفظ‘ ۾ شامل ڪبو.
لَب لعل لال لالي،
اک خون کان نه خالي،
دلبرَ، نه سَٽ
دونالي، سِک ڌرم ڌرم البت.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۲۸)
’لعل
(جواهر)‘ ۽ ’لال (ڳاڙهو)‘ ساڳئي اچار وارا لفظ، ’تجنيس لفظ‘ جو مثال آهي.
• قافين ۾
’تجنيس لفظ‘ جو استعمال
انهن مثالن کان
سواءِ مولوي صاحب ’تجنيس لفظ‘ جي حوالي سان ڪافي قافيا به ڪم آندا آهن، جيڪي خيال
خاطر رکجن ٿا:
ضار، نافع، نام رب
جو، ناهه تنھن ۾ ٻيو نواب،
سائي سومر تي ڏٺم،
ويو هڪ سڃو سمجهي ثواب،
جلد وَر جبار ڏي،
پر ڪن نه ڪيو جاهل جواب،
پوءِ سَٽي سختيءَ
منجهان، ساري چيم سنئون بَرصواب،
تون وَليءَ تي وڃ،
اسين وٽ مُلڪ والي ٿا وڃون.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۷۱۰)
’ثواب‘ (چڱو ڪم)
۽ ’صواب‘ (سڌو سنئون رستو) ساڳئي اچار جا لفظ آهن، جنھن سبب ان کي ’تجنيس لفظ‘ جو
مثال ڪوٺبو.
هاشمي جن جي هِنيين
جو، هار آهه حضرت حسن،
پڻ ڀَلو حضرت حسين،
ٻَئي هنج حورن جي هَسن،
راتڙيون ڏينھن پَهر
ساعت، ماهه صديون سال سَن،
رحمتون رحمان جون،
شلَ روز راڻن تي رَسن،
ٻئي جگر زهرا سچيءَ
جا، جان جوهر ٿو چوان.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۵۸)
’حَسن
(نالو)‘ ۽ ’هَسن (خوش ٿين) ساڳئي اچارا وارا لفظ ۽ الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن.
کنوڻ کيل کاهُڙ،
خطا ۽ خَتن ۾،
وٺو خير کِئينءَ
سين، خبر ايءَ خَطن ۾.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو پھريون، ۲۰۱۷: ۳۰۸)
’خَتن‘
(علائقو، جتان جي مشڪِ ختن به مشهور آهي) ۽ ’خطن‘ (لکت وارا پيغامَ‘ ساڳئي اچار
وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ ۽ معنى وارا لفظ آهن.
جُمعي رات جاني،
ستاويھن صَفر،
سوا ٽي بجي ٿيو
سُتن سڏ سَفر،
نگُوسار ويا شاهه،
نوڪر، نَفر،
ڦِٽن نام نيشان هڪ
منٽ ۾.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۴۹۵)
’صَفر‘ (عربي
مھينو) ۽ ’سَفر‘ (مسافري) الڳ صورتخطيءَ سان ملندڙ اچار وارا لفظ آهن.
’قاف‘ قسمت ۽
قَضا، هر قوم لئي هڪڙو قَلم،
مُلڪ مُشرڪ پيا وٺن،
تو کي مِلي مشڪل مَلم،
ٻيا اڏامن اُڀ مٿي،
تنھنجو اَدلَ، اونڌو عَلم،
فرق، عامل لئي
اميري، بي عمل لئي غم اَلم،
هو قضا، تون پڻ
قضا، موجب قَضا ڪلتار ٿي،
قاتل ڪفار ٿي، الله
اڪبر چئي اُٿي.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷:۲۴۰)
’عَلم‘ (جهنڊو)
۽ ’اَلم‘ (رنج/ ڏک) ساڳئي اچار وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ، ان مسدس ۾ ڪم آندا
ويا آهن.
وريا وَلهه تي ڪُلهن
تان وار، عجب سبحانہٗ سينگار،
قَتل ڪارين اکين جي
ڪار، ڪاڪل قيد قَد حيرت.
جِيين جاني، وڌم
جهاتي، ته ڀَئي ڪونهي، هئس ڀاتي،
ڪرم بدران ڪڍين ڪاتي،
ٻَڌين ڪيڏو تون ڪَد حيرت.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۱۳۲)
’قد‘ (ڊيگهه)
۽ ’ڪَد‘ (هوڏ/ وڏائي)‘ قافين ۾ ساڳئي اچار وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن، جيڪي
’تجنيس لفظ‘ ۾ شمار ٿيندا.
منجهه ڪَلامن
تنھنجي قاتلَ، هڪ قتل ۽ ٻي ڪَتل،
پوءِ ڪَتل پٺيان ڪرين
ٿو، قرب وارن کي قَتل.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۳۳۷)
يا
ڪَتل جي ڪرڻ تان
قتل جي ڪرين،
ته ناڪار ناهي،
ويھي پاڻ وڍ.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۲۳۷)
’قَتل‘ (خون)
۽ ’ڪتل‘ (مٺاڻ/ مٺي/ چمي) ساڳئي اچار وارا، الڳ صورتخطيءَ وارا لفظ آهن. معياري ٻوليءَ
موجب ’قَتُلُ‘ ۽ ’ڪَتَلَ‘ اچارن ۾ زيرن زبرن جو فرق واضح آهي، پر جيئن ته مولوي
صاحب بنيادي طور لاڙي لھجي جو ماڻهو آهي، ان سبب انهن لفظن جي اعرابن کي نظرانداز ڪري
انهن کي ’تجنيس لفظ‘ ۾ سمجهيو ويندو.
ڪٿي وَه واهه جي
وائي، ڪٿي ڀَل ڀَل ڀَلا ڀائي،
ڪٿان صد آفرين آئي،
ڪٿي ڪَن ڪُل اَهاهاها.
نه جي جيئري مليَم
جاني، ٿيَس منجهه قرب قرباني،
ڪجل جي شل وجهي ڪاني،
ڪڏهن ڏي قُل اَهاهاها.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۸۱-۸۲)
’ڪُل‘ (سڀ) ۽
’قُل‘ (آيتون/ فاتحه) قافين جي معنائن ۾ ساڳئي اچار وارا ۽ الڳ صورتخطيءَ جا مثال
آهن.
’عين‘ عاقل
عطر ٺاهي، وڪڻندا تو وٽ وَتن،
سڀ وٺي سگهندا نه
سي، ته به ڏينھن ٻه ٽي تيزاب تَن،
پر کٿوريءَ مان
خَتم، ٿيڻي نه خوشبوءِ منجهه خَتن،
خوب خوشبوءِ سان کڙن
ٿا، وڻ وَليون پنھنجي وطن،
واس واٽن تي وٺن،
تن جو تونگر يا تَتن،
لنگهه جتان هڪ هير،
ٻيو هُٻڪار، سمجهي ڇا سگهان.
(ڪليات احمد-
ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۲۳۱)
’وَتن
(استمراري مددي فعل) ۽ ’وَطن‘ (ديس) الڳ معنائن، الڳ صورتخطيءَ سان ساڳئي اچار
وارا لفظ آهن.
• حاصل مطلب/
اختصار/ نتيجو
• سنڌي ٻوليءَ
۾ ’تجنيس لفظ‘ بابت ڪٿي به ڪو ذڪر نه ملي سگهيو آهي.
• تجنيس لفظ
مان مراد اهڙا همجنس، مختلف صورتخطيءَ وارا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن جا، ٻوليءَ نسبت ساڳيا
آواز جڙن، جيئن: قمر- ڪمر، عَلم- اَلم، عَھد- اَحد وغيره. يعني اهڙا لفظ جيڪي
اچارن ۾ مشترڪ هجن، ليڪن زيرن زبرن جو به فرق نه هجي.
• تجنيس لفظ
موجب ڌارين ٻولين جا مخصوص آواز، سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ٿا اچارجن، ان سبب انهن جا بدل
آواز/ عيوضي آواز (Allophones): ’ع‘
جو ’ا‘، ’خ‘ جو ’ک‘، ’ص/ ث‘ جو ’س‘، ’ذ/ ض/ ظ‘ جو ’ز‘ وغيره، ورتا ويندا
آهن. ان ڪارڻ ’اَلم‘ ۽ ’عَلم‘ جو آواز ساڳيو ورتو ويندو آهي.
• اهڙا مختلف
صورتخطيءَ وارا لفظ جن جي اعراب ۾ فرق هجي، سي ان تجنيس ۾ شامل نه ڪيا ويندا،
جيئن: اَمر- عُمر (اَمر ۽ عُمر جي پهرين اعراب
۾ ئي فرق آهي).
• مولوي احمد
ملاح جيئن ته تجنيس حرفيءَ جو شھنشاه ڪوٺيو ويندو آهي، ان سبب هن بزرگ اهڙا همجنس
لفظ به ڪم آندا آهن، جيڪي اچارن ۾ ته مشترڪ آهن، ليڪن انهن جي صورتخطي مختلف آهي،
جيئن: ’سَڪر- سَقر‘، ’قَمر- ڪَمر‘، ’عَھد- اَحد‘، ’خَتن- خطن‘، ’ڪُل- قُل‘، ’قَد- ڪَد‘،
’قَتل- ڪَتل‘، ’عَلم- اَلم‘، ’حَسن- هَسن‘، ’وَتن- وَطن‘، ’صَفر- سَفر‘ وغيره.
• حوالا/
ذريعا
• ٿانوي،
محمد علي، علامه (۱۹۹۶) ڪشاف الاصطلاحات الفنون العلوم. بيروت: مڪتبہ لبنان ناشرون.
• رستماڻي
ضرار، پروفيسر (۲۰۱۷) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.
• فيروزالدين
(۱۹۷۹) فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ.
• بلوچ، نبي
بخش، ڊاڪٽر (۱۹۸۱) جامع سنڌي لغات. جلد: ۲. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
• ملاح،
مختيار (۲۰۱۵) ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
(’ماهوار پيغام، جلد ۲۵، شمارو ۱، جنوري ۲۰۲۱‘، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ)
No comments:
Post a Comment