چند ڪشميري چوڻيون
مير عبدالعزيز
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪشمير،
پھاڪن ۽ چوڻين جو ملڪ آھي. ھن زبان ۾، بيشمار پھاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿا. اڻ پڙھيل کان
وٺي پڙھيل ماڻھوءَ تائين به، پنھنجي ڏھاڙيءَ جي ڳالھ ٻولھ ۾، پھاڪو يا ورجيس ضرور
استعمال ڪندو، سا به وقتائتي. فارسي زبان جون ڪھاوتون ۽ شعر نما ڪھاوتون پڻ، اڪثر
استعمال ٿيندا آھن. چند معائني خاطر ڏسو.
الف) ان سنتر کوے
خدا لسین حوالہ۔
سنڌي: انڌي جي جوءِ جو الله واھي. ۲. غريب جي
جوءِ جڳ جي ڀاڄائي.
(ب) ریہ کوو شبنمی طوفان۔
فارسی: شبنم در خانہ مور طوفان است.
سنڌي: ڪول جي ٻر ۾ ماڪ ڦڙو، ڪر طوفان. ۲. غريب
لاءِ ٿورو نقصان به، وڏي مصيبت برابر.
(ج) یمے
رچھم تمن کش رچھتم خدایو۔
سنڌي: دوستن مان دوستيءَ جي اميد رکڻ؛ آھي غلط
اميد رکڻ.
فارسی: ما ز یاراں چشم یاری داشتیم، خود غلط بود آنچہ ما پنداشتیم.
سنڌي: اسان کي دوستن جي دوستيءَ جي اميد ھئي، اسان
جو خيال، ڪيتري قدر نه غلط ھيو!
(د) بیکار
ہر دربار۔
سنڌي: واندا، جتي ڪٿي لڀيو وڃن. ۲. ھر ڪچھريءَ ۾
ڪو نه ڪو نکمڻو ضرور ھوندو آھي، جيڪو ويٺو چُوچڙيون ٻاريندو وتندو آھي.
(ہ) احمق
دائے دین گہہ وژہ ککر کسن نون دیون۔
سنڌي: بيوقوف کي نيڪ صلاح ڏيڻ؛ نوريئڙي کي لوڻ
کارائڻ. ۲. بيوقوف سان نيڪي ڪرڻ، پاڻي ولوڙڻ برابر.
(و) آیے
یہ داندرس تہ گیلا گاندرس۔
سنڌي: ڪنجڙي جي بلا، نانوائيءَ جي سر تي. ۲،
طنبيلي جي بلا، باندر جي سر تي. ۳. اٽو کاڌو ڪئي، مار پئي گابي تي.
(ز) ایم
سوئے، دوم سوئے، سجم سوئے پانسی۔
سنڌي: ٻٻر گھر ۾ پوکيم، مون کي ئي ڪنڊا لڳا. ۲.
ڪنڊي آڻي اڱڻ تي پوکيم، مون کي ئي ڦٽيائين. ۳. ھٿ جو ڪتو، ھٿ کي کائي. ۴. ھٿ جي
وڍيءَ جو علاج ناھي.
(ح) انس مشو
ہاوین، نہ گناہ نہ ثواب۔
سنڌي: انڌي کي مڪو مدينو ڏيکارڻ؛ نه گناھ، نه
ثواب. ۲. مينھن آڏو مرليون وڄائڻ؛ آھي مٿو کپائڻ.
(میر عبدالعزیز؛ کشمیری ادب (سیاسی اور معاشرتی پسمنظر- ریاست جموں و کشمیر)، تاریخ ادبیات مسلمانان پاکستان و ہند، جلد ۱۴، علائقائی ادبیات مغربی پاکستان (جلد ۲) مرتب؛ کیپٹین سید فدا حسین محمود، پنجاب یونیورسٹی لاہور، طبع اول ۱۹۷۱ع ص ۷-۱۵۶۔)
No comments:
Post a Comment