شاهه جي سُر ڪاموڏ ۾ آيل
اصطلاح
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪري ۽ فني اوچائين جا معترف
ڏيھي ۽ پرڏيھي عالم ۽ محقق رهيا آهن. انهن فڪري ۽ فني اوچائين جي مطالعن منجهان
معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جون خوبيون ۽ خصلتون پنھنجي
پوري ڀرپوريت سان سمايل ۽ سانڍيل آهن. هُن اهي خوبيون پنھنجن سيرن ۽ سفرن دوران هٿ ڪيون. ”شاهه صاحب، جن جن خِطن
جا سير سفر ڪيا، انهن مان هر خطي ۾ رائج مقامي لھجي، اُن لھجي جي خاص خاص لفظن،
فقرن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پھاڪن کي، پنھنجي رسالي جي، مختلف سُرن ۾ محفوظ ڪيو. اُن
کان سواءِ انهن خِطن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪِرتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي
وڏي خزاني کي به، پنھنجي رسالي جي لغوي خزاني جو حصو بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن،
سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لھجن، جھڙوڪ؛ اُترادي، وچولي، لاڙي، ٿرِي، ڍاٽڪي، پارڪري،
ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستان جي ڪاڇي واري لھجي کان سواءِ لاسي، جدگالي
۽ فراقي لھجن کان سواءِ، ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪَڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي
به پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب انهيءَ ساري لغوي خزاني کي سنواريو،
سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار
بنايو.“[الانا، ۲۰۱۴: ۲۱۲] شاهه لطيف جي ان رَچيل ۽ هر علائقي جي ٻولي ڪتب آڻڻ جو هڪ وڏو نتيجو هيءُ
نڪتو ته لساني حوالي سان شاهه لطيف سڀني علائقن ۾ رهندڙن ماڻهن جو شاعر ٿي پيو.
”هيءُ پھريون ڪامياب شاعر هو، جنھن اها ٻولي ڪتب آندي، جيڪا سڀني کي قبول هئي؛ رڳو
ان ڪري نه ته اهو ادب هو يا ان ۾ لفظن جي هٿرادو جوڙجڪ هئي؛ بلڪ ان ڪري جو ان ۾
سڀني جا احساس هئا.“[سورلي، ۲۰۰۵: ۳۰۱]
شاهه لطيف جي احساساتي ٻولي سندس رسالي جي سڀني سُرن جي بيتن ۽ وائيُن ۾ ،
مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيان، بيحد سونھن ۽ سندرتا سان جُڙت ڪيل آهي. شاهه جي رسالي ۾، پھاڪن
۽ چوڻين سان گڏ، خوبصورت تشبيھن ۽ موهيندڙ استعارن سميت لاتعداد اصطلاحن، ورجيسن ۽
مصدرن جو استعمال پڻ ٺھڪندڙ نموني ڪيل آهي، جن جو مطالعو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نئين، وڻندڙ
۽ اتساهيندڙ دنيا ڏانھن وٺي ٿو وڃي. ٻوليءَ جي معاملي ۾ ايئن به ناهي ته ان ۾ ڪتب ايندڙ اصطلاح وغيره
سدائين نوان نڪور ۽ مستعمل رهن ٿا. اهي وقت گذرندي گهٽ مروج ٿيندا، واهپي مان نڪري
يا بنهه گهٽجي وڃن ٿا. ”وقت گذرڻ ۽ حالتن بدلجڻ سان ’لفظ‘ پراڻا ٿي
وڃن ٿا، اُنهن تي دز چڙهي وڃي ٿي، ۽ اُهي پنھنجي معنى ۽ اثر وڃائي ٿا ويھن ــــ
انهيءَ ڪري، اصل ڳالهه کي، اصل
نياپي کي، نون نون لفظن ۽ نئين نئين ڍنگ ۾ بيان ڪرڻ ۽ ٻڌائڻ ضروري ٿئي ٿو: هر دور
جي حالتن ۽ تقاضائن مطابق ان دور جي ٻولي ۽ اصطلاح پنھنجا ٿين ٿا ــــ تنھن کان
سواءِ هر قوم ۽ ملڪ جي خود ٻولي به پنھنجي ٿئي ٿي، جنھن ۾ هو پنھنجي ماحول کي
سمجهن ٿا ۽ سمجهائين ٿا ۽ اُن جي ڀلي ۽ بُري بابت سوچين ويچارين ٿا ــــ ’هنديان
را اصطلاح هند مدح، سنديان را اصطلاح سند مدح!“[جويو،
۱۹۹۰: ۱۰۱] ان ڪري، زنده ٻولين ۾، انهن کي، عام لفظن جيان، وري وري استعمال ڪرڻ جي
گهرج رهندي آهي.
شاهه جي رسالي ۾، جيڪي قصا ۽ داستان آندل آهن، انهن منجهان هر هڪ داستان ۽
قصو هڪ انفراديت ۽ مختلف پس منظر رکي ٿو. ان افراديت کي نه صرف داستان ۾ آندل
ڪردار ۽ انهن سان پيش آيل/ايندڙ واقعا ۽ انهن منجهان نڪرندڙ نتيجا لاڀائتو بڻائن
ٿا، پر ان لاڀ کي پُر اثر ۽ پُر ڪشش بڻائڻ ۾ جنھن وکر جو استعمال شاهه لطيف بخوبي
ڪيو آهي، اُها سنڌي ٻولي آهي. لاشڪ، هُو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بھترين پارکو نظر اچي ٿو.
انهن داستانن مان، ”شاهه صاحب ڇھن سُرن (۱) سر بلاول،
(۲) سر پرڀاتي، (۳) سر ڏهر، (۴) سورٺ، (۵) سر ڪاموڏ، (۶) سر ڪارايل ۾ سمن سردارن
جي سخا، سورهيائي ۽ عوامي ڪردار جو خوب ذڪر ڪيو آهي.“[سنڌي، ۲۰۱۷: ۲۵۰] هر سُر ۾، انهن ڪردارن جي موضوعن ۽ عوامي پاسن جا اندازَ، اهڙيءَ ريت آندل
آهن، جو اهي زندگيءَ ۽ سماج جي تنوع کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪن ٿا.
هيٺ، شاهه لطيف جي چيل مٿيَن داستانن منجهان، سُر ڪاموڏ ۾، پنھنجي مڪمل
نياز، نوڙت ۽ نينھن جو اظھار ڪندڙ نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ جي رومانوي داستان ۾ ڪتب
آيل اصطلاحن جو هڪ مطالعو پيش ڪجي ٿو.
سُر ڪاموڏ ۾ آندل داستانُ سَمن جي دَور (۱۳۵۰-۱۵۲۰ع) سان
تعلق رکي ٿو. ”سما دَور ۾ جيڪي رومانوي داستان وجود ۾ آيا، انهن ۾ نوري
ڄام تماچي خاص اهميت جو حامل آهي، جنھن کي ڪلهوڙن جي دَور ۾ سنڌ جي لازوال شاعر
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ڪلام ۾ ڳائي امرتا بخشي.“[دانش، ۲۰۱۶: ۱۷۹] سمن جو دَور سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب جي اوسر ۽ واڌ
ويجهه واسطي هڪ بھترين دَور جي حيثيت رکي ٿو، جنھن ۾ سنڌُ سُڪونَ جو ساهه کڻي رهي
هئي. ان پس منظر ۾، ”نوري ۽ ڄام تماچيءَ جو داستان به سنڌو ڌرتيءَ جي جوڀن واري دَور جو داستان آهي، جنھن دَور ۾
ماٺار هئي، ماڻهن جي جذبن ۾ اعتدال هو، سنڌ خوشحال هئي، آزاد هئي، ماڻهو ڪکين قرار
هئا. سنڌوءَ جي سرزمين تي عشق ۽ محبت جا داستان ان دَور ۾ ئي اسريا.“[انڍڙ، ۲۰۰۱: ۱۳]
سُر ڪاموڏ جا ٻئي مکيه ڪردار ــــ ڄام تماچي ۽ نُوري ــــ پنھنجين اُتم
انساني وصفن جي ڪري سڄي سُر جي بيتن ۽ وائين ۾ ڇانئيل آهن، جيتوڻيڪ سُر ۾ نوريءَ
جو سونھن ۽ سمجهه، نياز ۽ نماڻائي وڌيڪ اثر رکندڙ آهي، پر ڄام تماچيءَ جي ڪردار ۽ طبقاتي
فرق کي مِٽائڻ واري فيصلي جي سگهه به سُر ۾ سمايل مقصد کي مٿاهين پد تي پھچائي ٿي.
ان حوالي سان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو، ”اعلى انساني ڪردارن جي عزم
جي لحاظ سان، نوري ۽ ڄام تماچي جا ڪردار مثالي آهن. گيرب گاءَ بدران نياز ۽ نئڙت،
هَٺ ۽ هلڪڙائيءَ بدران فھم ۽ فضيلت نوريءَ جي ڪردار جا اهم اوصاف آهن. ٻئي طرف ڄام
تماچيءَ جو مڇيءَ تي گذران ڪندڙ غريب مھاڻن جي معاشري جو قدر ڪرڻ، سخا سان انهن کي
نوازي سُکيو ڪرڻ ۽ غريب مھاڻيءَ ڇوڪريءَ جي ساڻس شادي ڪرڻ ۽ پنھنجي پَٽ راڻي بنائڻ
اعلى انساني ڪردار جا اهم اوصاف آهن. شاهه صاحب اڃا به اڳتي وک وڌائي، غريب معاشري
جي نياڻي نوريءَ جي اعلى ڪردار کي وڏ گهراڻين سمين راڻين جي وڏ وڏائي تي فوقيت
ڏني. نه فقط ايترو بلڪ نوريءَ کي ئي ڄام تماچيءَ جي ڪردار سازي جو محرڪ قرار ڏنو:
’نوريءَ جي نوازئون، ٿئو تماچي تي.‘“[بلوچ، ۲۰۱۲: ۲۴۴-۲۴۵] شاهه لطيف ڄام تماچيءَ جي
وصفن جي بيان ۾، استعاري کان اڳتي وڌي، جيڪي تمثيلون ڄام تماچيءَ سان سلهاڙيون
آهن، اهي کيس ”لم يَلِد وَ لَم يولَد“
تائين وڃي رسائين ٿيون:
نه ڪنھن ڄايو ڄام کي، نڪو ڄامَ وِياءُ،
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀن آهِه سِياءُ،
”لم يلد و لم يولد“، ايءُ نجابت
نياءُ،
ڪِبر
ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
”شاهه
ڀٽائي، تماچيءَ جي خصلتن کان خوش ٿيندي ان جي ڪردار کي خود ڌڻي پاڪ سان تمثيل
ڏيندي وڃي بيھاريو آهي؛ ۽ ايئن به چئي پيو ڏئي، ته ڄام نه ڪنھن جو ڄائو آهي ۽ نه
هن پاڻ ئي ڪنھن کي ڄڻيو آهي. هُو سڀني جو عزيز ۽ متر آهي. تماچيءَ جو تخت وڏي شانَ ۽ طومان وارو آهي ۽ هُو شرافت ۽ انصاف جو اهڃاڻ آهي.“[مٽلاڻي، ۱۹۹۲: ۲۰۰] تمثيل جو معاملو صرف ڄام تماچيءَ تائين محدود نه آهي، پر ان کي ڪن محققن
نوريءَ، مھاڻن ۽ ڪينجهر تائين پڻ وڌايو آهي، جيئن مرزا اجمل بيگ لکي ٿو، ”سر
ڪاموڏ ۾ شاهه صاحبَ، ڄام
تماچيءَ جي اللھ پاڪ سان، نماڻي نوريءَ جي آنحضرتﷺ جن سان، سمين سومرين ۽ ڄام جي ٻين
پَٽ راڻين جي جليل الشان ۽ اولوالعزم انبياء ڪرام سان، ڪينجهر جي مھاڻن جي عرب جي
ماڻهن، آنحضرتﷺ
جن جي قوم ۽ سندن امتين سان ۽ ڪينجهر جي عرب ملڪ سان نسبت ۽ تمثيل ڏني آهي.“[بيگ، ۱۹۹۷: ۲۰۳]
اهڙين تشريحن جي پيشڪش ۾، شاهه لطيف جي فڪرِي انداز سان گڏ، سندس پاران ڪتب
آندل لفظن ۽ اصطلاحن جو حصو پڻ آهي. اهو لطيف جي ٻوليءَ جو ڪمال ئي آهي، جو سندس
ڏنل فڪرُ، هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهوءَ کي پنھنجي ذاتي فڪرَ سان هم آهنگ محسوس ٿئي
ٿو. اڃا به هر هڪُ اهو محسوس ڪري ٿو ته شاهه لطيف سندس جذبن، احساسن ۽ امنگن کي
بھترين طريقي سان قلمبند ڪيو آهي. ٻئي پاسي، حقيقت هيءَ به آهي ته ”لطيف
پنھنجي ڪلام ۾ جن به سُرن ۾ انهن ڪردارن کي رچيو ۽ پسييو، سھيڙيو ۽ سَموهيو آهي،
اتي انهن جي ماحول ۽ ان جي پس منظر کي الڳ نه ڪيو آهي ۽ نه وري ان جي تشخص کي
مجروح ڪيو آهي، بجاءِ ان جي، لطيف انهن جي شخصيت کي هڪ اهڙي زاويي ۽ طريقي سان پيش
ڪيو آهي، جو هر ڪردار تاريخي توڙي سماجي طور اهم مقام تي نظر اچي ٿو. لطيف جي
ڪردارن جي دائميت جو بنيادي سبب پڻ اهو ئي آهي.“[ڪاشف،
۲۰۰۵: ۲۱۰-۲۱۱]
ڪاموڏ جي ٻئي مکيه ڪردار ”نوريءَ“ کي پڻ وڌيڪ سمجهڻ جي گهرج آهي. ڇا هوءَ
فقط هڪ تمثيل ئي آهي يا ڪو استعارو ۽ علامت به آهي، جيڪو اڳواڻي ڪندڙ آهي؟ ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍر جي نظر ۾، نوري سنڌي عورتاڻي فطرت جي مڪمل علامت آهي. هو لکي ٿو، ”شاهه
صاحب جي ڪلام ۾ ’نوري‘ هڪ اهڙو سنڌي سماج جو تاريخي ڪردار آهي، جنھن ۾ هَٺ، وڏائي، تڪبر ۽ غرور نظر نه ٿو اچي. سچ ته هوءَ سنڌي
عورتاڻي فطرت جي مڪمل علامت آهي. هوءَ پنھنجي ڪانڌ سان دوکو نه ٿي ڪري، کيس فريب
نه ٿي ڏئي، بلڪ صاف صاف ٻڌائي ٿي ته سندس پيڪا مسڪين مھاڻا آهن.“[سوڍر، ۲۰۰۰: ۵۰] هو وڌيڪ لکي ٿو، ”سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي ڪردار اهو
ثابت ڪيو آهي ته ’سلطاني سھاڳ‘ رڳو راجائي نُک جو ورثو نه آهي، پر غريباڻي جيوت
وارا ماڻهو به انهيءَ درجي جا حامل ٿي سگهن ٿا!“
[سوڍر، ۲۰۰۰: ۵۱]
شاهه لطيف جي سُر ڪاموڏ ۾، ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جا ڪردارَ سنڌي سماج جِي
برابريءَ جي بنياد تي اوسر واسطي، لازمي ڪردارن طور، اڀري اڳيان اچن ٿا. ڄام تماچي
ملڪَ جو حاڪم ۽ سماج جو پُر اثر فرد هو، جڏهن ته نوري رعيت جي هڪ ننڍڙي جُز طور
عام حياتي گذاري رهي هئي. سندن وچ ۾ طبقاتي اوچ نيچ جي هڪ وڏي وٿي هئي. ان طبقاتي
فرق کي چٽو ڪندي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکي ٿو، ”سوال ٿو
پيدا ٿئي ته اها ڄام تماچيءَ جي شرافت ۽ دانائي هئي يا نوريءَ جي سيرت، جنھن سنڌي
سماج ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ جو تاريخي تصور پيدا ڪيو؟ يقيناً اهو ڪردار
نوريءَ جو ئي هو، جنھن ڄام تماچيءَ کي گهٽ ذات وارن سان سڱ
ڳنڍڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان سان گڏ اسان لاءِ پڻ طبقاتي فرق کي سمجهڻ ۾ راهه متعين
ڪئي، جنھن ۾ اسان ڏسون ٿا ته: ’مئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار، سڄو ڏينھن شڪار،
ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.‘“[سوڍر، ۲۰۰۰: ۵۱] نوريءَ بابت، ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي، ”سر ڪاموڏ
هڪڙو ننڍڙو سر آهي... ننڍڙي ذات جي معصوم دل واري نماڻي نينگر نوريءَ جو سر آهي،
پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته هن ننڍڙي سر ۾ وڏو فلسفو سمايل آهي، ننڍي ذات وارن جي وڏائي
بيان ٿيل آهي، ننڍڙي نماڻي نينگر جو وڏو ڪردار ڏيکاريل آهي.“[فھميده، ۱۹۹۳: ۳۳۹] ان ڪري ئي هوءَ نوريءَ جي ڪردار کي آدرشي ڪردار سڏي ٿي، جنھن جو وڏي ۾
وڏي ساراهه جوڳو ڳُڻ سندس خودداري ۽ پنھنجي اصل تي فخر آهي.[فھميده، ۱۹۹۳: ۳۵۸] نوريءَ جي ڪردار وسيلي ڏنل سنيھي بابت، ڊاڪٽر احسان دانش لکي ٿو، ”شاهه
سائينءَ نوريءَ جي ڪردار وسيلي سماج جي
ڏتڙيل، پيڙهيل ۽ پورهيت طبقي کي اخلاق ۽ اعلى ظرف جي بنياد تي مانائتو مقام ماڻڻ جو سنيھو ڏنو آهي.“[دانش، ۲۰۱۶: ۳۷۱] جنھن کان پوءِ هو ڄام
تماچيءَ بابت لکي ٿو، ”لطيف سائينءَ تماچيءَ جي ڪردار وسيلي پنھنجي
دَور جي حڪمران نور محمد ڪلهوڙي کي به پنھنجي قوم ۽ عوام تي ديا ڪرڻ جو درس ڏنو
آهي. ان دَور ۾ سنڌي ماڻهو، خاص طور غريب طبقو سخت انتشار ۽ بي چيني جو شڪار هيو،
تنھنڪري ڀٽائيءَ تماچيءَ جيان ڪلهوڙي حاڪم کي انهيءَ غريب نوازي ۽ سماج جي هيٺين
طبقي سان همدرديءَ لاءِ اتساهيو.“[دانش، ۲۰۱۶: ۳۷۲] پڌرو ٿئي ٿو ته، نوري اهم ته آهي، پر ڄام تماچيءَ کي به نظر
انداز ڪري نه ٿو سگهجي. ڄام ته حاڪم هو. حاڪم جو اهو عمل، جنھن سان هُو رعيت جو
حصو بڻجِي، سندن ڪِرت کي اختيار ڪري، هنن جھڙو بڻجي وڃي ۽ هر فرق کي مٽائي ڇڏي،
بيحد اهم آهي. جڏهن هيٺاهينءَ کي مٿي ٿيڻ سان گڏ، مٿاهينءَ کي به هيٺ ٿيڻو پوي ٿو،
تڏهن ئي اوچ نيچ جا فرق مٽجن ٿا. تاڙي ٻنهي هٿن سان ئي وڄندي آهي، ان ڪري ڄام
تماچيءَ ۽ نوريءَ گڏجي، طبقاتي فرق کي مٽائڻ جا اپاءَ ورتا. ڊاڪٽر فھميده حسين کي ان
ڪري ئي لکڻو پئجي ويو، ته ”هڪ طرف ڄام تماچيءَ جو عشق هو ته
ٻئي طرف نوريءَ جو حليم حسن. انهيءَ وصالَ وچ جا سڀ ويڇا، ذات پات، اوچ نيچ جا ڀيد
مٽائي ڇڏيا.“[فھميده، ۱۹۹۳: ۳۵۳] جڏهن فرق مٽجي ويا ته حاڪماڻو تفخر به مٽجي ويو ۽ حاڪمُ ۽ رعيت جي وٿي ختم
ٿي وئي. ان تناظر ۾، اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته ”سر ڪاموڏ
۾ بظاهر ته ’نوري ۽ ڄام تماچي‘ جو داستان بيان ڪيل آهي پر اصل ۾ انسان کي پنھنجي
حيثيت جو احساس ڏياريو ويو آهي ۽ ’هست‘ کي ’نيست‘ ۾ تبديل ڪري هن دنيا ۾ عجز ۽
انڪساريءَ، نوڙت ۽ نياز سان هلڻ جو سبق سيکاريو ويو آهي.“[شاد، ۲۰۰۸: ۱۹۳]
حوالي
طور ڪتب آندل شاهه جا رسالا:
سر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاحن تي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ واسطي، بنيادي ماخذ طور محترم
غلام محمد شاهواڻيءَ جو مرتب ڪيل ”شاهه جي رسالو“ (ڇاپو ۱۹۹۳ع،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي) ڪتب آندو ويو آهي، جنھن ۾، سر
ڪاموڏ ۾، داستانن، بيتن ۽ وائين جو تعداد هن ريت آهي:
داستان پھريون: ۲۶ بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٻيو: ۱۳ بيت ۽ هڪ وائي.
جملي:
۳۹ بيت ۽ ۲ وائيون.
ان کان پوءِ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل ”شاهه جي رسالي“
(ڇاپو ۲۰۱۴ع، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي) کي پڻ ڀيٽيو ويو، جنھن ۾ پڻ، داستانن، بيتن ۽ وائين جو تعداد ساڳيو ئي
آهي جيڪو شاهواڻي صاحب جي جوڙيل ”رسالي“ ۾ آهي، جيڪو شاهواڻي صاحب، گربخشاڻي صاحب
جي ”رسالي“ تان ورتو هو.
سر ڪاموڏ جي اصطلاحن جي جامع اڀياس واسطي ضروري سمجهيو ويو، ته ٻين ”شاهه
جي رسالن“ کي به ووڙجي. ان نيت واسطي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تشريح
ڪيل ”شاهه جو رسالو“ (ڇاپو پھريون ۱۹۹۹ع، علامھ قاضي رسالو تحقيقي
رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد) مطالع ڪيو ويو، جنھن ۾
داستانن، بيتن ۽ وائين جو تعداد هن ريت آهي:
داستان پھريون: ۱۰
بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٻيو: ۱۷ بيت.
داستان ٽيون: ۱۲ بيت ۽ هڪ وائي.
داستان چوٿون: ۱۴ بيت ۽ هڪ وائي.
جملي:
۵۳ بيت ۽ ۳ وائيون.
”شاهه جي رسالي“ جي چوٿين چونڊ ۾، ”گنج“ (جلد ٻيو:
ڪاتب: فقير عبدالعظيم رمضان جت) کي نظر مان ڪڍيو ويو.
ان جي موجوده صورتخطيءَ کي، هِن مقالي ۾، درج
ڪيو ويو آهي جيڪا ممتاز مرزا لکي.
”گنج“ (ڇاپو ٻيو آڪٽوبر ۲۰۱۸ع، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت
سنڌ، ڪراچي) ۾، داستانن جي ورڇ ڪيل ناهي، پر سھولت خاطر، جتي وائي آئي آهي، اتي پھرين داستان کي
دنگ ڪيو ويو آهي. ان موجب، داستانن، بيتن ۽ وائين جو تعداد هن ريت آهي:
داستان پھريون: ۱۶ بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٻيو: ۲۵ بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٽيون: ۲۱ بيت ۽ هڪ وائي.
جملي:
۶۲ بيت ۽ ۳ وائيون.
پنجين ”رسالي“ طور، ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ (جلد
ٽيون، ڇاپو ٻيو ڊسمبر ۲۰۱۲ع، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي) به مطالعو
ڪيو ويو، جنھن ۾، سر ڪاموڏ ۾، داستانن، بيتن ۽ وائين جو تعداد هن ريت آهي:
داستان پھريون: ۳۰
بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٻيو: ۲۳ بيت ۽ هڪ وائي.
داستان ٽيون: ۲۰
بيت ۽ ۲ وائيون.
جملي:
۷۳ بيت ۽ ۴ وائيون.
مصرع
جي چونڊ ۽ نشاندهي:
اصطلاحن واسطي، مصرع جِي پھرين چونڊ، بنيادي ماخذ طور ورتل، شاهواڻي صاحب جي ”شاهه جي رسالي“ مان ڪيل آهي. ان کان پوءِ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ
جي جوڙيل ”رسالن“ ۽ ”گنج“ ۾ آيل انهن مصرعن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪو
اصطلاح سمايل آهي، پر اها مصرع شاهواڻي صاحب جي رسالي ۾ آيل ڪانهي. انهن مصرعن کي
درج ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو ويو آهي جن ۾ صورتخطيءَ جي ڪا معمولي مَٽ سَٽ آهي. هر مصرع
جي پٺيان، ننڍي ڏنگيءَ ۾ مخفف سان مرتب، داستان نمبر ۽ بيت نمبر جي چِٽائي ڪئي وئي
آهي، جھڙوڪ (ش، ۱۲:۲) يعني شاهواڻي(غلام محمد)، داستان ۲، بيت نمبر ۱۲. ساڳيءَ
طرح (بل، ۶:۳) يعني بلوچ (ڊاڪٽر نبي بخش خان)، داستان ۳، بيت نمبر ۶.
مقالي
۾ ڪتب آندل مخفف ۽ نالا:
هِن
مقالي ۾ محققن جي نالن جا مخفف، هيٺينءَ ريت شاهه جي مصرعن ۽ ورتل معنائن ۾ ڪتب
آندا ويا آهن:
اصغر = غلام اصغر (ونڊير)
بل = ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ٿلهو = منصور ٿلهو
سائل = سترامداس سوڀا سنگهه جڙيا سنگهاڻي ’سائل‘
سنديلو = ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ش = غلام محمد شاھواڻي
شيخ = ٻانهون خان شيخ
قريشي = پروفيسر مظھر علي قريشي
قل = مرزا قليچ بيگ
گر = ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
گهنشامداس = گهنشامداس رامنداس
مسافر = محمد صديق ”مسافر“
نقوي =
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
ڇنڊڇاڻ
جو سٽاءُ:
سڀ کان اڳ سلسلي نمبر سميت اصطلاح لکيو ويو آهي، جنھن هيٺان، لاڳاپيل مصرع
ڏني وئي آهي، ته جيئن اصطلاح ۽ مصرع جي ڪيفيت کي ڄاڻي سگهجي. مصرع جي هيٺان ضروري
۽ اهنجن لفظن جون معنائون، ماهرن جي نالن جي مخففن جي نشاندهيءَ سُوڌو ڏنيون ويون
آهن. شاهه جي رسالن مان، گربخشاڻي صاحب، شاهواڻي صاحب، بلوچ صاحب ۽ شيخ صاحب جي
رسالن مان معنائون ورتيون ويون آهن. معنائن جي جامعيت واسطي، ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي جوڙيل ”نئين جامع سنڌي لغات“
(ٽئي جلد)، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لغتن ”تحقيق لغات سنڌي“، ”اصطلاحن جي اصليت“
۽ ”سچل لغات“، مرزا قليچ بيگ جي لغتن ”لغات لطيفي“ ۽ ”سنڌي لغات قديمي“، سيد نجف
علي شاهه ڪمتر نقويءَ جي لغت ”ٻاروچي ٻولي“، سترامداس سائل جي لغت ”سائل ڪوش“ ۽
غلام اصغر ونڊير جي لغت ”سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر“ مان پڻ معنائن کي ڀيٽيو
ويو آهي ۽ ضرورت آهر معنائن کي درج ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شاهواڻي صاحب جي ڏنل انهن
معنائن کي نه لکيو ويو آهي جيڪي گربخشاڻي صاحب اڳ ئي لکي چڪو آهي. ڊاڪٽر فھميده
حسين جي جوڙيل ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ ۾ گهڻي ڀاڱي مختلف لغتن ۽ شاهه جي
رسالن مان معنائون آندل آهن، ان ڪري ان منجهان معنائون ڏيڻ جي گهرج محسوس نه ٿي. جڏهن
ته محترمه ج. ع. منگهاڻي جي ضخيم ڪتاب ”شاهه لطيف جي ٻولي“ [۲۰۰۶] ۾ پڻ سر ڪاموڏ جي لفظن ۽ ٻوليءَ تي بحث ڪيل ناهي. شاهه جي اصطلاحن تي
مضمونن جو هڪ سلسلو پروفيسر مظھر علي قريشيءَ جو چئن قسطن ۾ ماهوار ”پيغام“ ڪراچي
۾ ڇپيل هو، جنھن مان هڪ قسط ۾، ”سر مومل راڻي، سر ڪاموڏ ۽ سر گهاتوءَ جا اصطلاح“
ڪَٺي ڏنل آهن، ان مضمون منجهان، سر ڪاموڏ جي ڪِن معنائن کي پڻ لاڳاپيل هنڌن تي
شامل ڪيو ويو آهي. اصطلاحن جي آڳاٽي ڇپيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي سونھن“ مان پڻ ڪن
معنائن کي درج ڪيو ويو آهي. معنائن جي داخلائن کان پوءِ، ”مطلب“ جي سِري هيٺ، ليکڪ
پاران اصطلاحن جي مفھوم ۽ معنى کي واضح ۽ مترشح ڪيو ويو آهي. اصطلاح جي وضاحت ۽
تشريح سان، مثبت ۽ تعميري رويو رکندي، پورو پورو اختلاف رکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ليکڪ
جو اولين مقصد ”شاهه جي اصطلاحي لغت“ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ آهي.
اصطلاح
جو مفھوم ۽ سمجهاڻي:
تقرير ۽ تحرير توڙي خاص اهميت واري ڳالهه ٻول ۾، خيالن ۽ سوچن، احساسن ۽
اُڌمن جي، جامع، پُر اثر ۽ بھتر کان بھتر اظھار واسطي چونڊ لفظن جو استعمال ڪيو
ويندو آهي، جنھن ۾ اها ڪوشش پڻ ڪئي ويندي آهي، ته اهڙا لفظ ڪتب آڻجن جن جي لغوي
معنى سان گڏ اصطلاحي معنى پڻ هجي، جيڪا اُنهن لفظن کي اضافي سگهه پڻ بخشي. اها
اصطلاحي معنى وقت ۽ حالتن جي گذر منجهان لاڳاپيل لفظن ۾ سمائجي ويندي آهي ۽ سماج ۾
مستعمل رهندي آهي، جنھنڪري ان کي رواجي يعني رواج ۾ آيل معنى پڻ چيو ويندو آهي. ان
ڪري ”ٻوليءَ
جي ڳالهايل يا لکيل بيان/ جملي جو اهڙو جز جيڪو فعلي صورت ۾ ڪنهن جملي ۾ لغوي معنى
کان هٽي ٻوليءَ ۾ رواج پٽاندر يعني لغوي اعتبار کان ٻي معنى ڏئي، ان کي ’اصطلاح‘
چئجي.“[جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۱۰] ان اصطلاحي يا ٻيءَ معنى جي پوري ڄاڻَ ڳالهايل يا لکيل جملي منجهان وڌيڪ
سٺيءَ طرح ڄاڻي سگهبي آهي. ان ڪري، هيٺ شاهه جي سر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاحن جي معنى
واسطي، لاڳاپيل شعري سِٽ/مصرع پڻ لکڻ ضروري سمجهي وئي آهي.
سُر
ڪاموڏ جا اصطلاح:
(1)
آتَڻَ
اُجارِڻ:
- گوندرَ لاهيو، گندِرِيُون! آتڻَ اُجاريو. (ش، ۱۲:۲)
آتڻ
اجارئو جي معنى پنھنجا گهر
تڙ سوري ٻھاري، صاف ڪريو (گر).
آتڻُ: گهر، ايٽ ڪتڻ جي جاءِ (سنديلو). آتڻَ:
اُهي ڀيڻيون جتي ڳوٺ جون زالون مڙي سڙي ويھي سُٽ ڪتينديون آهن (نقوي). ڪَتڻ
واري جاءِ (بل). زالن جي ڪتڻ جي جاءِ. ويھڻ جو هنڌ (سائل).
اجارئو:
سھڻي [طرح] صاف ڪريو (بل).
اجارئو/اجاريو: هي
سونارن جو اصطلاح آهي، جيڪڏهن سونو [سونَ] يا چانديءَ جو ڪو زيور گهڻو وقت رکڻ جي
ڪري ميرو ٿي ويندو آهي، ته ان کي سونارا مانجهي، مھٽي، ڌوئي پوئي اهڙو صاف ڪري
ڇڏيندا آهن جو بلڪل نئون پيو معلوم ٿيندو آهي. انهي عمل کي چوندا آهن ’اجارڻ‘ =
اجارڻ مصدر مان امر: اوهين اجرا ڪريو: صاف ڪريو. (ا-م = اصطلاحي معنى) ٻھاري ڏئي
گند ڪچرو ڪڍي (آتڻ) صاف ڪريو (نقوي).
اجارڻ: صفا ڪرڻ، سنوارڻ، چلڪائڻ، روشن
ڪرڻ، اُجالڻ (سنديلو). چمڪائڻ، چلڪائڻ، صاف ڪرڻ، اوجل ڪرڻ. ماڃڻ (سائل).
”گنجَ“
۾ ”اُجاريو“ بدران ”اجارهو“ آيل
آهي.
مطلب: مٿينءَ سِٽ ۾، شاهه لطيف ”آتڻ“ کي رواجي ”سُٽ ڪتڻ جي جاءِ“ جي معنى ۾ ڪتب
ناهي آندو، ڇاڪاڻ ته گوندرَ يعني ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا، ماڻهوءَ جي اندرَ، مَن، ۾ هوندا
آهن جيڪي سندس جيءَ کي مستقل جوکي ۾ وجهندا آهن. انهن مان جندُ تڏهن ئي آجي ڪري
سگهبِي، جڏهن پنھنجي اندرَ يعني منَ کي صاف ڪبو. اُجارڻ معنى چمڪائڻ، روشن ڪرڻ،
صاف سٿرو ڪرڻ. روشني تازگيءَ جي نشاني آهي، ۽ اُجارَ سان مَن ۾ تازگي اچي ٿي،
تنھنڪري ”آتڻ اجارڻ“ جي اصطلاحي معنى بيھي ٿي: مَن کي اُجرو، صاف سٿرو ڪرڻ، اندر
کي چمڪائڻ. سِٽ جي معنى ٿيندي: گوندرن، غمن، ڳڻتين، ڳاراڻن، پريشانين کان من کي
اُجرو، صاف سٿرو ڪرڻ.
(2)
اُڀيون اچڻ:
- اچيو اُڀيَنِ پوءِ، حُجتَ ڀَڳِي راڻِيين. (ش، ۲۱:۱)
اُڀيون: بيٺيون (جتڪي) (نقوي).
سمين
راڻين جا دعوائون ۽ دم سڀ ڇٽي ويا ۽ مرتبي ۾ نوري کان پوئتي رهجي ويون
(گر).
نوريءَ کي
پٺيان اچي بيھن (ش).
مطلب: اُڀو معنى بيٺل، عُمودِي، بي سُڪونِيءَ جي حالت، جنھن ۾ قرار نه هجي. ڄام
تماچيءَ جون ٻيون راڻيون، نوريءَ کان پٺتي ٿي پيون، جنھنڪري اُهي سندس پٺيان بيٺل
ئي رهجي ويون ۽ اهو مانُ ماڻي نه سگهيون جيڪو نوريءَ پنھنجي نوڙت ۽ نماڻائيءَ سان
ماڻيو.
(3)
اَتر واءَ
لڳڻ:
- لڳي اتر واءَ، ڪينجُهرُ هِندورو ٿِئي. (ش، ۴:۲)
اُتر: اُتر جو: اتر واري طرف جو:
شمالي (نقوي).
جڏهن اتر
جو هلڪو واءُ ٿو لڳي تڏهن ڪينجهر جي پاڻيءَ جون هلڪيون ڇوليون ۽ لھرون (ڄام ۽ نوري
واري) ٻيڙيءَ کي هندورو ڪري ٿيون ڇڏين.
(بل)
مطلب: اُتر واءَ معنى اُتر جي هوا، جيڪا اتر طرف کان ڏکڻ ڏي گُهلي، پر جڏهن
خصوصي طور ”اتر واءَ گهلڻ“ يا ”اُتر لڳڻ“ جي ڳالهه ڪبي آهي ته ان جي معنى موسم جي
بدلجڻ يعني سانوڻ جي وڃڻ ۽ سياري جي اچڻ، سيءَ جي شروعات جي هوندي آهي. رشيد ڀَٽي
لکي ٿو، ”اتر واءُ اسان وٽ مند جي مٽجڻ جي علامت آهي. سرءُ ختم ٿي
سيارو اچڻ شروع ڪندو آهي ته اتر لڳندو آهي. ٿڌيون هوائون، ڍنڍن تلائن ۾ ڪانھه ۽
ڪنور، وڻن ٻوٽن ۾ پتن جا نوان گونچ، ماحول ۽ منظر دل ۾ عجيب ڪيفيت ۽ سرور پيدا
ڪندا آهن. ان ظالم موسم ۾ من مست ٿي ويندو آهي، دل ڪيف ۽ سرور سان سرشار ٿي ويندي
آهي، بي تحاشا مئي ۽ محبوب جي وصال جي خواهش ٿيندي آهي.“[ڀَٽي، ۱۹۸۸: ۲۱-۲۲]
(4)
اکڙين ۾
ڪامَڻُ هجڻ:
- ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اکڙينِ ۾. (ش، ۱۳:۲)
ڪامَڻ: (سن. ڪارمَڻَ) جادو، منڊُ (گر). جادو، اِندرجال (سنديلو). جادو
(بل).
ڪامِڻُ: منڊُ، منتر، ڦِيڻو (سائل).
جادو، ڪامڻي، سھڻي زال. ڪامڻي: زال، سگهڙ زال (قل).
ڪامَ: (ڪَر = خواهش ڪرڻ)، شھوَت،
دنيوي خيال. ڪامَڻُ: (ڪر = ڪم+مَن = خيال ڪرڻ)، جادو. اِندرجال. ڪامِڻِي: (ڪَم = خواهش ڪرڻ)، سھڻي
عورت. ڪامول
(سنديلو).
ڪاموڏ: (سن. ڪامودَ، ڪم = خواهش ڪرڻ)، هڪ راڳڻيءَ جو نالو (سنديلو).
مطلب: شاهه لطيف اکين/اکڙين بابت گهڻيون ئي سِٽون، مختلف خوبين، خاصيتن ۽ خصلتن
سان سرجيون آهن، جن مان ڪي هن ريت آهن: ”او قابِيلُ!· اَکين ۾، توکي بارِي بانَ“ (يمن ڪلياڻ: ۶/۳)، ”او قابِيلُ اَکين
۾، توکي تِکا تِيرَ“ (يمن ڪلياڻ: ۶/۴)، ”آهي آرَ اَکِينِ
۾، ناکُئا ڪِج نِگاههَ“ (سريراڳ: ۵/۵)، ”اَکِينِ کي
آهِينِ، وَڏا وَجههَ وِڙَهَڻ جا“ (آسا: ۲/۱۷)، ”اکڙين آرو، مونھان پُڇي نه ڪيو“ (آسا: ۲/۲۰)، ”اَکِيَنِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لالَنَ جِي“ (آسا: ۴/۲۰)¨ ۽ ”اَکِيَنِ مُون کي اوچِتو، اُتي اَڙايو“ (آسا: ۲/۲۷ [قاضي]). ان ئي تناظر ۾، ڪاموڏ جي
مٿينءَ مصرع کي ڏسڻ گهرجي، جنھن ۾ پڻ اکين جي هڪ خصلت ”ڪامڻ“ جو ذڪر ڪيل آهي. هڪ
معنى موجب، ”مي“ يعني نوريءَ جي اکين ۾، جادُو ۽ منڊُ آهي، پر ٻيءَ معنى ۾، جيئن
سنديلي صاحب، مٿي ڄاڻايل اشتقاقن ۾ لکيو آهي، ته ”خواهش“ به آهي جيڪا سُر جي نالي
”ڪاموڏ“ جي اشتقاق ۾ پڻ آندي آهي. ان ”خواهش“ کي هڪ حوالي سان ”جنسي خواهش“ به چئي
سگهجي ٿو، جيئن احمد خان آصف مصراڻي لکي ٿو، ”ڪاموڏ،
ڪامديو، ڪامڻي سنسڪرت لفظ آهن، جن جو مادو ’ڪام‘ آهي... ڪاموڏ جي ٿلهن لفظن ۾ معنى
ٿي جنسي خواهش. اِها خواهش ئي پيار ۽ پاٻوھه جو پائو آهي ۽ نسل جي واڌاري جو باعث
پڻ.“[مصراڻي، ۱۹۸۸: ۱۴۲] ڊاڪٽر فھميده حسين پڻ ”اکين جي ڪامڻ“ سان گڏ ”نيڻن جو ناز“ لکيو آهي ۽
”ڪام“ کي ”جنس“ جي معنى ۾ ڪتب آندو آهي. هُوءَ لکي ٿي، ”ڄام
تماچيءَ کي نوريءَ جي نيڻن جي ناز ۽ اکين جي ڪامڻ ماريو هو ان ڪري ئي هن سُر جو
نالو ’ڪاموڏ‘ رکيو ويو آهي. ’ڪاموڏ‘ جي معنى آهي ’ڪام وهيڻي‘ ۽ ڪام ڇا کي چئبو آهي
اها اسان سڀني کي خبر آهي. عام طرح ’ڪام‘ لاءِ ’عشق‘ اکر ڪم آڻيندا آهن پر اصل ۾
’ڪام‘ معنى ئي جنس (sex) آهي ۽ شاهُه
تماچيءَ جي اهڙي ڪيفيت جو بيان هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ڪري ٿو: ڪو جو ڪامڻ مي آهي
اکڙين ۾،/ تن تماچيءَ ڄام جو، ناڀو پايو ني،/ عشق ايءَ ڪري، جئن ڄارو ڄام ڪلهي
ڪيو.“[فھميده، ۱۹۹۳: ۳۴۹] ٻئي طرف، جيڪڏهن ”خواهش“ کي
نوريءَ جي ڪردار جي تناظر ۾ ڏسجي، ته نوريءَ جي اکين ۾، هڪ خواهش، پنھنجن مھاڻن جي سَرهائيءَ
۽ خوشحاليءَ جي به آهي. جڏهن وقت جو حاڪمُ ڄام تماچي، ڄارُ ڪلهي تي کڻندو، ته
ڪينجهر واسين ۾ اوس سَرهائي ۽ خوشحالي ايندي. مرزا قليچ بيگ پاران ”ڪامڻي“ جي ڏنل
معنى ”سگهڙ زال“ ۾ آيل ”سگهڙ“ پڻ ڌيان ڇڪائي ٿي، جنھن مان اکين ۾ سگهڙائپ جي معنى
به جُڙي سگهي ٿي.
(5)
اکين جو
ٺارُ هئڻ:
- آهِيين ٺارُ اکين جو، وٽان مون مَ وَڃيجِ. (ش، ۱:۲)
اکين
جو ٺار يا سوجهرو يا نُور هئڻ: سڪيلڌو
پُٽ هئڻ (اصغر).
مطلب: ٺارُ ٿڌڪارَ کي چئجي. جنھن کي ڏسڻ سان اکين کي سُڪون ملي، اکين جو تاءُ
ٽَري، اهي ٿڌيون محسوس ٿين، انتظارَ، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي سان گڏ مَن جي بيچيني ختم ٿئي،
ته ان کي ئي اکين جو ٺار چئبو آهي يعني اهو گهڻو پيارو ۽ بيحد وڻندڙ انسان ٿي
پوندو آهي، جنھن کان سواءِ هڪ پَل به گهارڻ اوکو هوندو آهي. غلام اصغر جي ڏنل معنى
محدوديت رکي ٿي، جڏهن ته شاهه لطيف ان کي وسعت ڏني آهي.
(6)
اَڳُ
اُونچو ٿيڻ:
- اُونچو ٿِيومِ اڳُ، مون ڪَرُ، مَلاحن ۾. (ش، ۲:۲)
اَڳُ:
مُنھن (گر). ڳاٽُ
(ش).
ڪَرُ:
(سن. ڪَرَ = هٿ) سينو ڳاٽ، ڪنڌ (گر). ڳاٽ،
ڳچي (شيخ).
مطلب: مانُ مٿاهون ٿيڻ. نوريءَ اخلاقي ۽ سيرت ڀريءَ هلت سان پنھنجن ماڻهن، عزيزن
۽ قريبن ۾ عزت ماڻي. سندس مانُ مٿاهون ٿيو ۽ سِرُ نه جُهڪيو.
(7)
اَمُلَ
ڏيڻ:
- اُتي عبداللطيفُ چي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائين. (ش، وائي: د-۱)
امل:
املهه، لاثاني (سنديلو). املهه
ماڻڪ (بل). (اَ =
نه + مُلَ = ملهه: قيمت): (هيرا) جن جي ڪا به قيمت نه هجي: بي بھا: (موتي): اهڙا
موتي يا هيرا جن جو ملهه ڪٿي نه سگهجي: اَملهَه (جمع) (نقوي). بي بھا، امولڪ،
قيمتي (سائل).
مطلب: اَمُل معنى بنا ملهه وارا. اصطلاحي طور قيمتي ۽ ملهائتا، وڏي قدر وارا.
امل اُڇلي ڏيڻ معنى قيمتي ۽ ملهائتا (ماڻڪَ، موتي) ججهي انداز ۾ ڏيڻ، جنھن جي ڏيڻ
۾ ڪا هٻڪ نه ٿئي.
(8)
انڌا منڊا
اچڻ:
- انڌا منڊا آئيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين. (ش، وائي: د-۱)
انڌا منڊا:
محتاج، سوالي (بل).
مطلب: جسماني طور معذور ماڻهن کي، عيب پٽاندر ڪنھن کي انڌو ۽ منڊو سڏيو ويندو
آهي. اصطلاحي طور ”انڍا منڊا اچڻ“ جو مفھوم آهي: عام گُهرجائُو، سَوالي، محتاج،
مسڪينَ، ڪنگال ۽ غريب غربا اچڻ.
(9)
انعام/انعامي
ٿيڻ:
- اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙوئي ٿيو. (ش، ۱۴:۱)
- جي ڪينجهرِ، جي رُومَ، سي سڀ انعامِي ٿيا. (ش، ۱۶:۱)
- ڪينجهرُ سڀُ ڪُلِي، اُنِي کي انعامي ٿئو. (بل، ۱۴:۴)
- ڪينجهرُ سڀُ ڪُلِي، تَنِ اگهاڙن انعام ٿِيو. (گنج، ۷:۳)
- جن تي ڏَنَ هئا ڏوڙا، سي سڀ انعامي ٿئا (گنج: ۱۳:۱. بل، ۱۵:۲)
انعام:
(عربي نعم) بخشش: چڱي ڪم ڪرڻ جو سٺو عيوضو (نقوي).
انعامي:
انعام رسيدو (گر). انعام وٺڻ وارو (ش). انعام جي لائق (قل). انعام جي لائق: بخشش جو حقدار: انعام يافته جنھن کي
انعام ڏنو ويو هجي (نقوي).
انعامي
ٿيڻ: انعام ملڻ (ش).
مڃرُ:
ڪينجهر جي ڍنڍ، جا ڄام تماچيءَ مھاڻن کي انعام ڏني (گر). وڻن جي ساون پنن وارو ڪَچُ ۽ ٻُورُ (بل).
ڪُلي:
سڄي، ساري (شيخ).
انعامي ٿيو:
انعام ۾ مليو، بخشش ۾ مليو، تحفي ۾ مليو (شيخ).
ڏوڙا:
ڌوڻا، ٻيڻا، دُهرا، ڳرا (شيخ).
روم: ڀر پاسي وارا علائقا (شيخ).
مطلب: انعام جا ٻيا متبادل سوکڙي، تحفو، بخشش ۽ عطيو آهن. انعامُ سٺيءَ ڳالهه،
نتيجي، نبيري يا خوشيءَ جي موقعي تي ڏنو ويندو آهي. ڄام تماچيءَ سان نوريءَ جو
وهانءُ ٿيڻ خوشيءَ ۽ مسرت ڀريو موقعو هو، جنھن سان سڄي تر ۾ شادمانا ٿي ويا ۽ چَوڏسا
سرهائي پکڙجي وئي. ان ڪري، وقت جي بادشاهه ڄام تماچيءَ غريب مھاڻن، جن جي تن تي پورو
لٽو ڪپڙو به نه هو، مٿان انعامن جو مينھن وسائي ڇڏيو. بادشاهه پاران اهو انعام صرف
رواجي موتين ۽ ماڻڪن جو انعام نه هو، پر ڏنُ معاف ٿيڻ، سُک ۽ سھولتون ڏيڻ ۽ قرض
معاف ڪرڻ جو انعام به هو. اها ڄڻ ته انهن جي عزت افزائي به ٿي. وڏي ڳالهه ته ان
انعام ۾ ڪينجهر ڍنڍ به مھاڻن جي حوالي ٿي، جنھن سان منجهن خوشحاليءَ جي نئين دَور
جي شروعات ٿي. انعام/انعامي ٿيڻ مان مراد بخشش، عطيو، سوکڙي يا تحفو ملڻ آهي.
(10)انعامِي ڪرڻ:
- عالَمُ انعامِي ڪِيو، نوريءَ ناز ڪري. (ش، وائي: د-۲)
- نوريءَ ناز ڪري، عالم انعامي ڪِئو. (گنج، ۱۶:۳)
عالم:
ع. ساري دنيا. هتي سڀ مھاڻا (گر).
مطلب: هڪ پاسي، ڄام تماچيءَ پنھنجي ونيءَ نوريءَ جي ڪري، ڪينجهر جي سڀني مھاڻن
تان محصول معاف ڪيو ۽ کين ڏنَ کان آجو قرار ڏئي، انعام اڪرام ڏنا. ٻئي پاسي، تنھن
جي موٽ ۾، نوريءَ به ڄام تماچيءَ کي پنھنجي محبت، نياز، نوڙت، نھٺائيءَ ۽ ناز سان،
ڄڻ ته سنسار جي سونھن ڏئِي، سمورو عالَم، انعام طور ارپيو ۽ کيس به انعامي ڪيو. ڪينجهر
واسي انعامي ٿيا، پر ڄام تماچي انعامي ڪيو ويو. ان لحاظ کان نوريءَ پاران انعامي
ڪرڻ وڌيڪ مقدم محسوس ٿئي ٿو. ڏسجي: انعام/انعامي ٿيڻ.
(11)اڻ سِڌو ڪو نه رهڻ
(انڪاري/ناڪاري):
- ڪوڙيين ڪاڄَ سِڌامِ، اڻ سِڌو ڪو نه رهيو. (ش، ۳:۲)
ڪوڙين:
ڪئين (بل).
ڪاڄ:
(پرا. ڪاجَ / سن. ڪاريَه) ڪم، ڪاريون، مرادون (گر).
خوشيءَ جا جشن (بل). مطلب
(شيخ).
سڌام:
منھنجا سڌا يا پُنا. مصدر سڌڻ. (سن. سِڌَ = پُنو) راس ٿيڻ، پڄڻ (گر). منھنجا پورا ٿيا. اڻ-سڌو = پورو نه ٿيل غير مڪمل (بل). پورا ٿئا (شيخ).
مطلب: اَڻ معنى نه (هڪ اڳياڙي) ۽ سِڌو معنى جنھن ۾ ڦير، وڪڙ يا ونگ نه هجي.
اصطلاحي طور اڻ سڌو ڪو نه رهڻ معنى سنئون، صاف سٿرو ٿي وڃڻ، وهنوارڪ ٿيڻ،
جهيڙاڪي ڇڏڻ، جيڪي به معاملا ۽ مامرا هجن، تن مان ڦند ۽ ڦير، دوکو ۽ دَلبو نڪري وڃڻ.
(12)اوتَ اوتڻ:
- گندگيءَ گوشو ڪيو، عطر اوتَ اوتيائين. (ش، وائي: د-۱)
اوت:
پلٽ، ريلو (ش). (گ. م. اوتَ) پليٽ، ريلو. مصدر اوتڻ. (گر). پلٽ: پالوٽ: ڪنھن پاڻياٺي يا
سيال شيءِ جو گهڻي انداز ۾ مٿان ڪرڻ واري حالت (نقوي). پالوٽ
(شيخ).
اوت اوت: جام، گهڻو (قل).
اوتَڻُ: پلٽڻ، پائڻ، وجهڻ، هارڻ، ليٽائڻ
(ٿانءُ) (سنديلو).
گوشو
ڪئو: برطرف ٿي وئي، پاسي ٿي وئي، گم ٿي وئي (ف. گوشه = ڪنڊ،
پاسو) (گر).
گوشو:
پاسو، علحدگي (شيخ).
اوتئائين:
پلٽيائين (شيخ).
اوت اوتڻ: گهڻو
ڇٽڻ/پالوٽ ڪرڻ (قريشي).
مطلب: گندگيءَ سان بدبوءِ ۽ صفائيءَ سان خوشبوءِ ٿيندي آهي. گندو ماحول ڌڪار
جوڳو ۽ اُجرو ماحول ڇڪيندڙ ٿيندو آهي. ٻئي هڪٻئي جو ضد آهن. هڪ جو وڌڻُ، ٻئي جي
گهٽجڻ سان ڳنڍيل آهي. لاڳيتو اوتڻ کي ’اوت اوتان‘ چئجي، جنھن مان ججهائيءَ جي ڪَٿ
ڪري سگهجي ٿي. عطر اوت اوتڻ مان مراد پڻ خوشبوءِ جي مسلسل ۽ ججهي مقدار ۾ پالوٽ
ڪرڻ آهي، ته جيئن گندگيءَ کي وڌڻ جو موقعو نه ملي. گندگي برائيءَ جِي ۽ عطرُ
چڱائيءَ جي علامت آهي. ان ڪري ان جو ڦھلاءُ ضروري آهي. اوتَ مان مراد اُمنگ يا
جذبو پڻ آهي، ان لحاظ کان، ’عطر اوت‘ هڪ چڱائيءَ ڀريو جذبو پڻ آهي جيڪو ماڻهپي جي
احساس جي ترجماني ڪري ٿو.
(13)اُونچي ڳاٽ اچڻ:
- کُوءِ
سَميون! ٻَن سومريُون! جي اچنِ اُونچي ڳاٽِ. (ش، ۲۶:۱)
اونچي:
(سن. اُچَئِي) سڌي، کڙي (گر).
ڳاٽ:
(سن. ڪَٺَ) ڪنڌ، ڳچي (گر).
اونچي
ڳاٽ: ڳاٽ کنيو، يعني ٽيڳر يا بيپرواهيءَ سان (گر). مغروريءَ سان (مسافر).
کوءِ:
کوهه پيون، کَڏ پيون (بل).
ٻَنِ:
ٻن پيون، ڀل ٻُڏيون (بل).
کوءِ پيون ٻن پيون: گهوريون، صدقي ٿيون (بل).
اچن
اوچي ڳاٽ: ڳاٽو مٿي ڪري هَٺ
۽ وڏائيءَ سان هلڻ، سامهون اچن (بل).
اونچي
ڳاٽ اچڻ: لاپرواهيءَ سان هلڻ (قريشي).
مطلب: اونچي ڳاٽ اچڻ معنى آهي آڪڙ ۽ گهمنڊ سان اچڻ، هَٺ ۽ وڏائيءَ سان هلڻ، ٻين
کي گَهٽِ ۽ پاڻ کي اُتم سمجهڻ. آڪڙيلي ماڻهوءَ جو ڳاٽ ڇڪجي ويندو آهي ۽ نظر اُڀ ڏي
رهندي اٿس، لاپرواهي سندس من ۾ ويھجي ويندي آهي، جنھنڪري وقت تي ڌڪُ کائيندو آهي. ان
کان سواءِ آڪڙيلو ماڻهو سماجي طور پنھنجن ماڻهن کان ڪَٽجي، هيڪلو پڻ ٿي ويندو آهي.
شاهه سائينءَ آڪڙ کي ننديو آهي.
(14)باهه ٻرڻ:
- هيڏيءَ وِيرَ ڪِئاءُ، ڪينجهر ۾ باهه ٻَري. (بل، ۱:۳)
باهه ٻرڻ: دل
جلڻ، اندر سڙڻ (سنديلو). اڻ سھه دُک ٿيڻ. فساد ٿيڻ (سائل).
هيڏيءَ وير: هيڏي
اونداهيءَ واري وقت ۾ (بل).
ڪِئاءُ:
ڪٿان! ڪيئن! (بل).
مطلب: مٿينءَ مصرع جي بيت جون ٻه ٻيون سٽون، بلوچ صاحب، هن ريت ڏنيون آهن: ”نَڪو
وَرن وِڄ جو، نَڪو چنڊ اُهاءُ،/ لَٿو پاندُ مُھاءُ، ميءِ چڙهندي مَڪُرِي.“ ان لحاظ
کان هيءُ شاهه سائينءَ جو عڪسِي بيت آهي، جنھن مان پڌرو آهي، ته گهڻي اونداهي ٿي
وئي آهي، کنوِڻ به تجلا ڪا نه پئي ڏئي، ته چنڊُ به اڀريل ناهي، ان سَمي نوريءَ جي
مُک جي روشني، ڪينجهر ۾ باهه جيان پئي لڳي. ان مفھوم منجهان، نوريءَ جي مُنھن مان ڦٽندڙ
روشنيءَ جي ججهائي، شدت ۽ تاءُ پڌرو ٿئي پيو؛ يعني باهه ٻرڻ مان روشنيءَ جي شدت،
تاءَ ۽ ججهائيءَ جي معنى نڪري ٿي. ان لحاظ کان، اِتي، سنديلي صاحب ۽ سائل صاحب جي
ڏنل اصطلاحي معنى ٺھڪندڙ نه آهي، جيتوڻيڪ اها ڪنھن ٻئي تناظر ۾، صحيح به آهي. مثال
طور، ڪنھن ماڻهوءَ جي من ۾ باهه پئي ٻري، يعني سندس اندر پيو سڙي ۽ رجهي.
(15)ٻانڌِيين سِرِ رهڻ/وِهڻ:
- رهن، وِهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سڀيئي بدبوءِ هاڻُ. (ش، ۱۲:۱)
- رهن وِهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سڀڪا بدبوءِ هاڻُ. (گنج: ۱۶:۱)
- رهن ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِيين، دور دران ديرونِ. (گنج: ۱۹:۳)
رهن
ٻھن: وهن (شيخ).
سِر:
تي، مٿان (گر).
ٻانڌي:
ٻانڌڻو، مٿي ٻڌڻ جو ڪپڙو، مڇي مارڻ لاءِ جيڪو ڪاٺ وغيره
درياهه ۾ وجهي بند ٻڌندا آهن. ڪاٺ، بُنڊ، درياهه (قل). ڪاٺ، ڪَکَ پَن، ڪِچرو.
درياءَ جي پاڻيءَ ۾ لُڙهي آيل ڪَک پَن، ڪاٺيون، ڪِچرو، ڍنگهر وغيره گڏ ٿي اڙجي
ويندا آهن. ان کي ٻانڌي چئبو آهي. اهو ڪاٺ جو ٽڪرو جيڪو تري اچي سمنڊ جي ڪناري سان
لڳي، ان کي ٻانڌي چئبو آهي (ٿَلهو).
ٻانڌين:
تانگهي پاڻيءَ تي اڏيل پيھي (مسافر).
ٻانڌيين:
مڇي ڦاسائڻ جي مانڊاڻ (ش). ٻانڌين تي. پاڻيءَ لڳ وڏن ٻنڌن تي، پاڻيءَ ۾ وڏن ٻنن تي
(بل).
بدبوءِ
هاڻ: بدبوءِ هاڻيون (گر).
مطلب: رواجي معنى موجب، مھاڻا بُوءِ هاڻن هنڌن تي، ڪِن ڪچري ۽ گندَ سان رهن ٿا،
جتي اهي گذر سفر لاءِ مڇي ڦاسائيندا آهن، ان هنڌ کان سواءِ سندن سَرندي ناهي يا
اهي ان ماحول سان ئي هريل آهن. ڪَکن پنن، ڪِچري وغيره سان رهڻ ۽ وهڻ. مٿين معنائن
مان منصور ٿلهي جي معنى ٺھڪندڙ لڳي ٿي.
(16)ٻِيڙو ٻَڌڻ:
- سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌسِ ٻانھن ۾. (ش، ۲۳:۱)
ٻِيڙو:
ڳاني، هڪڙو زيور ٻانھن جو (قل). سڳڙو، مشڪ. نافِ آهو
(سنديلو). سڳڙو (ش). شادي ڪرڻ (ش). نڪاح
جو ڳاڙهو سڳو (مسافر). (شاديءَ جي هڪ رسم موجب) سڳڙو، ڳانو (شيخ).
ٻِيڙو
ٻَڌڻ: (سنڌي اصطلاح). مڱڻي يا پرڻي وقت گهوٽ جي طرفان ڪنوار کي
ڪرائيءَ ۾ ڳاڙهيءَ اُن يا سُٽ جو سڳڙو ٻڌندا آهن، جنھن مان ”ٻيڙي ٻڌڻ“ جي معنى
آهي: مڱجڻ يا پرڻجڻ (گر). رنگين ڏورو يا ڳانو، جنھن ۾ سرهاڻ جي مُوڙي ٻڌل هوندي،
جيڪو شاديءَ جي رسم طور ڪنوار ۽ گهوٽ کي ٻڌن (بل).
شاديءَ جو ڳانو ٻڌڻ (سائل).
مطلب: ٻيڙو ٻڌڻ معنى ڳانڍاپي ۾ اچڻ، تعلق ۾ سلهاڙجڻ، سڄي حياتيءَ جي نڀاءَ جو اظھار
ڪرڻ، جنھن جي ظاهري نشانيءَ طور ڳانو يا سڳو ٻانھن ۾ ٻڌجي ٿو. ڄام تماچي سَمي،
نوري نماڻيءَ کي سڃاڻي، سدا لاءِ پنھنجو ڪيو، جنھن واسطي سندس ٻانھن ۾ ٻيڙو ٻڌو.
(17)ٻِيڙو پوئڻ:
- ٻِيڙو پوئي ٻانھَ ۾، ٻِي نه ٻَڌي ڪا.
(بل، ۶:۳)
- ٻِيڙو پُوئي ٻانھَن ۾، ٻِي نه ٻَڌي ڪاءِ. (گنج، ۹:۲)
مطلب: گنج ۾ آيل ”پُوئي“ کي بلوچ صاحب ”پوئي“ ڪري لکيو آهي، جيڪو وڌيڪ صحيح ٿو
لڳي. ان جو مصدر ”پوئڻ“ ٿيندو يعني سھڻي طرح ٻڌڻ/بيھارڻ.ٻيڙو پوئڻ معنى ڌڳو/سڳو
ٻڌڻ. ڏسجي: ٻِيڙو ٻَڌڻ.
(18)ڀاڪر پائڻ:
- ڀاڪرَ پائي ڀَنَ کي، پاڻيءَ ۾ پييون. (گنج، ۸:۱)
ڀَنُ وجهڻ/هڻڻ: ڄار وجهڻ (مڇين ڦاسائڻ لاءِ)
(بل).
ڀاڪر
پائڻ: ڳرهاٽڙي پائڻ، ڳَري لڳائڻ (بل)
مطلب: ڀَن کي چڱيءَ طرح پَڪڙڻ ۽ هٿيڪو جهلڻ. مھاڻيون پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ، ڄار
کي چڱيءَ طرح پڪڙي، هٿيڪو جهلي، پاڻيءَ ۾ گِهڙي پيون.
(19)ڀَنَ ڀَرڻ:
- پُر ڪئائون پِنڊيون، منجهان ڀَنَ ڀري. (گنج، ۱۶:۳)
ڀَنُ: وڏو ڄار (مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ)، رَڇُ
(بل). رڇ، ڄار (قل). ٽنب جي پنئتل واري پاسي ڪيرَن ۾ گول رڇ پٿاريندا آهن. ان جي
مٿان کنڌي پٿري جيان لڳائيندا آهن، جنھن کي پٿرو ۽ کنڌي-کيڙ به چوندا آهن. مڇي رڇ
کي لڳي بَنَ طرف سرندي ڀَنَ ۾ پھچندي آهي ۽ ان کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ نه ملندي
آهي. سنڌيءَ ۾ ڀَن، ٻِن محاورن سان ڪم آڻبو آهي: (۱) وڃي ڀنَ ۾ پئو: اسان جو ڇا؟ (۲) ”ڦلاڻي جا گهڻا ئي ڀَن ڀريا اٿئون“ يعني چَٽيون ڀريون اٿئون.[رڪڻائي، ۲۰۰۷: ۸۱]
ڀَنَ ڀَرڻ: نقصان سھڻ، عيوض ڏيڻ، گاس سھڻ
(گهنشامداس). نقصان سَھڻ، ڏنڊ ڀري ڏيڻ، چَٽيون پوريون ڪرڻ (اصغر).
ڀَنُ ڀَرڻ: تاوڻ يا چَٽي ڀرڻ. نقصان جو پورائو ڪرڻ (بل).
مطلب: هن اصطلاح جي معنى تاوڻ يا چَٽي ڀرڻ، ڏنُ ڀرڻ، نقصان سھڻ ٺھڪندڙ آهي، جيئن
بلوچ صاحب لکي آهي. مصرع ۾، ”ڀَنَ ڀري“ جمع جي صيغي ۾ ڪتب آيل آهي. مھاڻن ڏَن طور،
مڇين سان پِنڊيون ٽٻٽار (ٽمٽار) ڪري ڏنيون.
(20)تَڙ لَھڻ:
- ته تون تماچياءِ، تماچي تڙِ لَھين. (ش، ۲۵:۱)
تماچياءِ:
هن لفظ ۾ ”ايھام“ استعمال ڪيل آهي، جنھن جي ڪري ان جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون: ۱.
اي تماچي جا مداح يا واکاڻ ڪندڙ. ۲. تماچيءَ کان يا وٽان (گر). سٽ جو مفھوم: ته تون (ڄام) تماچي وٽان (تماچياءَ) ’طمع
اُچي‘ حاصل ڪرين، وڏي اُچي طمع واري شيءِ وٺي سگهين (بل).
تماچياءُ:
اي تماچياءَ، اي تماچيءَ جي ساراهه ڪندڙ يا تماچيءَ جا مداح (شيخ).
تڙ
لھڻ: ديدار ڪرڻ (ش).
لَھين:
ڏسين (شيخ).
تڙ لھڻ: ديدار حاصل ٿيڻ، ديدار ڪرڻ (قريشي).
مطلب: تَڙِ معنى تَڙَ، گهاٽَ يا پتڻ تي، جتي ٻيڙيون بيھن ۽ مڇي ماري ڪَٺي ڪئي
وڃي. تَڙِ لھڻ معنى تَڙ تي لھڻ. هتي لھڻ مان مراد آهي ديدار ٿيڻ، ڏِسڻ، مِلڻ. ان
لحاظ کان سِٽ جو مفھوم بيھي ٿو: ته اي ڄام تماچيءَ جا چاهيندڙ، تون ڄام سَمي جو تڙ
تي ديدار ڪري سگهين، کيس تڙ تي ڏِسي سگهين.
(21)تماچي ڳائڻ:
- تماچي جي تَڪيي، تون تماچي ڳاءِ. (ش، ۲۵:۱)
- تماچيءَ جي تَڪيين، تون تماچي ڳاءُ. (گنج، ۵:۱).
- تماچيءَ جي تَڪيي، تون تماچي کاءُ (بل).
ڳاءِ:
تعريف ڪر (ش). ساراهه (شيخ).
’تماچيءَ
جي تَڪيي، تون تماچي کاءُ‘ سٽ جو مفھوم: تماچي = طمع جي يا طمع ۾
اچي، ڄام تماچي جي جاءِ (تڪيي) تي، ڄام تماچي اڳيان اچي، تون پنھنجي طمع کاءُ (طمع
کي ڦٽو ڪر) (بل).
’تماچي جي
تَڪيي، تون تماچي ڳاءِ‘: سٽ جو مفھوم: تماچي = نالي
منگتو: اي منگتا تماچي! تون ڄام تماچي جي رهائش گاه تي سندس آڏو ويھي ڳاءِ ته تون
ڄام تماچي وٽان تَڙُ انعام طور حاصل ڪرين (بل).
مطلب: ڪنھن جو ٿورو لاهي نه سگهجي ته ڳائجي، يعني ان ٿوري يا مھربانيءَ جو
اعتراف ڪجي، ان جي مڃتا ڪجي ۽ ان کي واکاڻجي. تماچي ڳائڻ مان به اها ئي مراد آهي
ته ڄام تماچيءَ کي واکاڻجي، سندس تعريف ڪجي ۽ ٿورن کي ڳائجي، ساراهجي، ڇاڪاڻ ته
هُن ڪينجهر واسين تان ڏن معاف ڪيو ۽ کين انعام اڪرام ڏنا.
(22)
پاندُ لھڻ:
- لَٿو پاندُ مُھاءُ، مي چڙهندي مَڪُرِي. (بل، ۱:۳)
پاند:
ڪپڙي جو پلاند يا پلئه (شيخ).
لَٿو
پاندُ مُھاءُ: منھُن تان پوتيءَ جو پاند لھي ويو (بل).
مطلب: مُنھن جي رونق جو ظاهر ٿيڻ، ديدار ٿيڻ، اندر جي روشنيءَ جو ٻاهر اچڻ. نوري نماڻي ٻيڙيءَ تي چڙهي رهي هئي، ته سندس مُنھن تان
لٽو هٽي ويو ۽ سندس روشن مُک ظاهر ٿي پيو.
(23)پاڻ لڄائڻ:
- تان پيٺو تنھن دَراءُ، جي پَسِي پاڻُ لڄائيون. (گنج، ۱۲:۳)
مطلب: لڄائيون معنى شرمنده ۽ گهٽ ٿيون. ڄام تماچيءَ کي ٻئي در ويندي ڏسي، شرمسار
ٿيون، ته سندن مراد پوري نه ٿي ۽ اهي نوريءَ کان گهٽ ٿي پيون.
(24)پاڻِيَٺَ آڻڻ:
- پاڻيٺَ آڻي پاڻ سين، لَعلُون سڀِ لُٽيائين. (ش، وائي: د-۱)
- پاڻيٺَ آڻي پاڻ سين، لَعل لُٽيائين. (گنج: د-۱، وائي ۱)
پاڻيٺُ: (سن. پانِييَه = پاڻي + اِيشٽَ = مبالغي جي پڇاڙي) تمام پاڻيءَ وارا، يعني آبدار موتي (گر). موتين جي ماده، نھايت اوچا موتي، ماڻڪ (بل). موتيءَ جو آب يا پاڻي، رونق،
رنگ روپ، موتي، آبدار شيءِ (قل). پاڻيٺُ ج پاڻيٺَ: پاڻيءَ وارو -
آبدار (موتي) - جوهر وارو. چڱي حسب نسب وارو. (ذ) موتي (بل).
پاڻيٺِ: پاڻيءَ جھڙي شيءِ. سيال ماده
- پٽڙي شيءِ. آلاڻ - پوسل - گهم - ترِي (بل). پَٽڙي شيءِ، پرواهي پدارٿ. آلاڻ،
تِري، گهم. گوهر، موتي (سائل).
لالون:
ڳاڙهي رنگ جا قيمتي موتي (شيخ).
لٽئائين:
گهڻي انداز ۾ ڏنائين (شيخ).
مطلب: لغوي طور پاڻيٺ مان مراد پاڻيءَ جھڙي مائدار يا پَٽڙي شيءِ آهي، جيڪا
ڪينجهر ۾ عام جام ميسر آهي. نوري
پاڻ سان پاڻيٺ آڻي ٿي، جنھن جي موٽ ۾ لعلَ ماڻي ٿي، جيڪا قيمتي شيءِ آهي، يعني بي
ملهه شيءِ جي بدلي، ملهائتي شيءِ ماڻي ٿي. ان ڪري پاڻيٺ آڻڻ مان مراد ٿيندي پاڻ وٽ
موجود بي ملهه شيءِ آڻڻ. جيڪڏهن پاڻيٺ جي معنى ماڻڪ، موتي، جوهر وٺبي، جنھن جي آڻڻ
جي موٽ ۾، نورِي لَعلُون لُٽي ٿي، ته پوءِ فرق ڳولي نه سگهبو. ساڳيءَ ريت،
”لٽيائين“ مان مراد ”گهڻي انداز ۾ ڏنائين“، جيئن ٻانهي خان شيخ لکي آهي، ٿيڻ جي
بدران،”ماڻيائين“ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ”لٽايائين“ هجي ها، ته پوءِ ٻانهون خان شيخ
صحيح هو. ”لٽيائين“ ۽ لٽايائين“ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي.
(25)پاڻي وجهڻ:
- لُڌڙن جيئن، لطيف چي، پاڻي وجهن پاڻُ. (ش، ۱۲:۱)
لڌڙا:
ڪتن جي مشابھه پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانور (شيخ).
مطلب: پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ، پاڻيءَ ۾ ڦيريون پائڻ، پاڻيءَ ۾ مستيون ڪرڻ. ٻئي طرف، لڌڙن جي تشبيھه بابت ڊاڪٽر امِ ڪلثوم شاهه لکي
ٿي: ”پاڻي ۾ بي ڊپو ۽ بي اونهو لھڻ ۽ تڙڳڻ جي ڪري شاهه سائينءَ
مھاڻن کي لڌڙن سان تشبيھه ڏني آهي.“[اُمِ
ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۲۹۱] ان لحاظ کان، پاڻي وجهڻ مان
مراد بي ڊپائيءَ سان اونهي پاڻيءَ ۾ لھڻ به ٿئي ٿي.
(26)پاڻيءَ ۾ پوَڻ:
- ڀاڪرَ پائي ڀَنَ کي، پاڻيءَ ۾ پييون. (گنج، ۸:۱)
مطلب: پوَڻ معنى ڪنھن شيءِ ۾ داخل ٿيڻ يا شامل ٿيڻ. هتي اصطلاح جو مطلب ٿيندو پاڻيءَ
۾ گِهڙڻ.
(27)پڃرو پاڪُ رکڻ:
- ڄامَ تماچيءَ لاءِ، پاڪُ رکيائين پڃرو. (بل، ۳:۳)
پڃرو:
پنھنجي بُت جو پڃرو، پنھنجو بدن (بل). جسم،
بدن، سرير (شيخ).
پاڪ:
صاف، پوتر، اوجل، اڇت يعني غير ماڻهوءَ جي هٿ لائڻ کان پري (شيخ).
مطلب: غير يا نامحرم جي ڇھاءَ کان بچيل رکڻ. نورِي نوڙت ۽ نھٺائيءَ واري ته هئي،
پر لڄ ۽ حياءَ واري به هئي، ته بري نظر کان بچيل به هئي. ڄام تماچي جيتوڻيڪ وقت جو
حاڪم هو، پر ان به ڪو غلط رستو وٺڻ ۽ نوريءَ تي بَد نظر وجهڻ بدران، سَڱ گهرِي،
نوريءَ سان لانئون لڌيون.
(28)ڄارو ڪلهي ڪرڻ:
- عشقُ ايئن ڪَري، جيئن ڄارو ڄامَ ڪلهي ڪِيو. (ش، ۱۳:۲)
- ڄارو ڄامَ ڪلهي ڪِئو، عشقُ ايئن ڪري. (گنج، وائي: د-۳)
ڪلهي:
ڪلهي تي (ش).
مطلب: ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ راضي يا تيار هجڻ، خاص ڪري عشق محبت ۾، ماڻهو ڪم جي
نوعيت ناهي ڏسندو، صرف کنيل ڪم جو نڀاءُ چاهيندو آهي.
(29)ڄاماڻِي اَهلَ هجڻ:
- اَصلِ هُئي اُن کي، اَهلَ ڄاماڻِي. (ش، ۲۳:۱)
اَهل:
نشاني، شڪل، نمونو، عادت، ڊول (قل). لاڙو،
ڊَول، روش، طرز، ڍنگ يعني اصل کان ئي سندس ڊَول ۽ نمونو شاهاڻو هو (گر). هلڻ چلڻ وارو لاڙو، اُٿ ويھه ۽ هلت چلت وارو رُجحان (بل).
ڄاماڻي:
ڄامن جي، شاهاڻي، بادشاهي (قل). ڄامن
واري، وڏن چڱن واري (بل).
ڄاماڻي
اهل هجڻ: حاڪماڻي هلت، روش هجڻ
(بادشاهي ٻار هجڻ) (قريشي).
مطلب: ڄاماڻِي جي لغوي طور معنى ڄامن واري ۽ اصطلاحي طور اوچي، مٿاهين، مٿئين پد
واري، اتم ٿئي ٿي. ان لحاظ کان، ڄاماڻي اهل هجڻ مان مراد، اُتم طبيعت، مٿڀرو رويو،
اعلى روش ٿئي ٿي.
(30)ڄَٻيرِنِ
۾ ڄُلڻ:
- ڄامَ هٿ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄَٻيرِنِ وچ ۾. (ش، ۶:۲)
- ڄامَ هٿ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرِنِ وچ ۾. (گنج، ۲۲:۲)
ڄُلي:
سرا. هلي، وڃي (گر).
ڄُلڻ: چُرڻ. وڃڻ. هلڻ، اڳتي وڌڻ
(سائل).
ڄَٻيرن: جهٻيرن، مھاڻن جي هڪ ذات (ش).
جُهلي:
جهومي ۽ جهولي (بل). اچي
وڃي، هلي ڦري (شيخ).
جهٻيرن:
گهٽ حيثيت وارن مھاڻن (بل).
مھاڻن (جهٻير مھاڻن جي هڪ گهٽ حيثيت واري ذات جو نالو آهي) (شيخ).
مطلب: لغوي طور تي، نوريءَ جي ڪري، ڄام تماچي مھاڻن جي وچ ۾ هليو پيو وڃي.
اصطلاحي طور چئبو، ته اوچ نيچ جو فرق ختم ڪرڻ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ واري وٿي
مِٽائڻ، عوام جھڙو ٿيڻ.
(31)چنڊُ جُهلڻ:
- تنھن کي گندري چوَڻ گناهه، جنھن جي جهوليءَ چنڊ جُهلي پِئو.
(گنج، ۴:۱)
- سا مَرڪي
ميربحرِ، جنھن جي جهوليءَ چنڊ جُهلي پِئو. (گنج، ۵:۲).
جُهلڻ: لُڏڻ (قل).
جُهلي:
لڏي، (جهلي پئو = ويٺو) (شيخ).
مَرڪڻُ:
مصدر. پڏڻ-ٻٽاڪ هڻڻ-ڊاڙ هڻڻ-دم هڻڻ-لاف هڻڻ. ڦونڊ ۾ ڀرجي
ڳالهه ڪرڻ. وڏائي ڪرڻ-فخر ڪرڻ. کِلڻ-خوش ٿيڻ. کڳيون هڻڻ-بغل ٺوڪڻ (بل).
مطلب: سُر ڪاموڏ جي پس منظر ۾، چنڊ جو استعارو ڄام تماچيءَ لاءِ ڪتب آيو آهي. ان
لحاظ کان، چنڊُ جُهلڻ مان مراد، نوريءَ جي هنجَ ۾ ”ڄام تماچيءَ جو جهومڻ“ آهي، ان
ڪري هاڻ کيس عام مھاڻي سڏي نه سگهبو (مصرع پھرين). ٻيءَ مصرع ۾ مَرڪڻ جون مختلف
معنائون، بلوچ صاحب جي جوڙيل ”نئين جامع سنڌي لغات“ مان ڄاڻايل آهن. نوريءَ جي
مزاج ۾ ٻٽاڪ هڻڻ يا وڏائي ڪرڻ شامل نه هو، نه ئي هوءَ تماچيءَ سان وهانءَ کان پوءِ
ڦونڊ ۾ ڀرجي وئي هئي، ان ڪري اهي معنائون مصرع سان ٺهڪندڙ نه آهن. جڏهن ته تماچيءَ
جي ملڻ سان نوريءَ ۽ سندس مهاڻن کي سُک، سهولتون ۽ خوشيون مليون، جنهنڪري اها معنى
وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي.
(32)ڇڏائي ڏيڻ:
- تو سين ڄام! قريبِ، ڪِي ڏنُ ڇڏائي ڏيج مون. (ش، ۷:۱)
- تو سين ڄام قريبُ، ڏنُ ڇڏائي ڏيج مون. (گنج، ۱۷:۲)
ڏَنُ:
محصول. سٽ جو مفھوم: اي ڄام! تون منھنجو ويجهو عزيز (ڀتار) آهين، سو مھاڻن
تان محصول معاف ڪرائي ڏي (ش).
قريب:
ع. ويجهي، عزيز، مٽياڻي (گر).
ڏن ڇڏائي
ڏيڻ: محصول معاف ڪرائڻ (قريشي).
مطلب: آجو ڪرائڻ، معاف ڪرائڻ، ختم ڪرائڻ.
(33)حُجتَ ڀَڄَڻ/ڀڃڻ:
- اچيو اُڀيَنِ پوءِ، حُجتَ ڀَڳِي راڻِيين. (ش، ۲۱:۱)
حجت
ڀڳي راڻيين: سڀني سمين جون دعوائون ڀڄي پيون ۽ اهي نوريءَ کان مرتبه ۾
پوئتي ڇئجي ويون (ش). دعوا، حقداري (شيخ).
حجت: ثابتي-دليل-بُرهان... گستاخي-حُج-اميد-آسرو-سَڌَ-تمنا (بل). دعوى (مسافر).
حجت ڀڃڻ: ٻئي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ (قل). دعوائون
ختم ٿيڻ- هام پوري نه ٿيڻ (قريشي). ٻئي کي ڪُوڙو ثابت ڪرڻ
(سائل).
مطلب: حجت ڀڄڻ معنى (ڄام جي اڳين راڻين جي) اوليت واري دعوى، حقداريءَ، اميد،
آسري، ۽ خواهش جو ختم ٿيڻ، جنھن کان پوءِ انهن نوريءَ کي پَٽَ راڻيءَ طور قبول
ڪيو. سائل ڪوش ۾ آيل معنى هتي ٺھڪندڙ نه آهي.
(34)حِرفَت سان هيرائڻ/هيرڻ:
- سَمون سَڀَنِ مُلاءُ، هيرِيائين حِرفَت سين. (ش، ۲۰:۱)
سڀن
ملاءُ: سڀني راڻين وچان (گر).
ٻين سڀني راڻين وچان (بل).
ملاءُ/مُلان: وچان (شيخ).
حرفت:
ڏاهپ، هوشياري، حڪمت، حرڪت، عقلمندي، مڪر (قل). سياڻپ.
چترائي، عقل (گر). اٽڪل، حِيلي (بل). سياڻپ، ڏاهپ (شيخ). ڪاريگري-ڌنڌو-پيشو-ڪسب-ڪم-هنر-دستڪاري. گڻ-فن. علم.
چالاڪي-تجويز-اٽڪل-کيڏ-ڏاهپ-هوشياري-حرڪت-حڪمت-عقلمندي-چَترائي-عَياري-مڪاري-ٺڳي-مَڪر
(بل).
حرفت
سان هيرڻ: اٽڪل سان پنهنجو ڪرڻ
(قريشي).
هيريائين:
پاڻ ڏانھن مائل ڪيائين (بل).
مطلب: حرفت جون معنائون مثبت به آهن، ته منفي به. نوريءَ نياز ۽ نوڙت واري هئي،
پنھنجائپ جو رويو هن جي مزاج ۾ شامل هو. ان ڪري حرفت جون منفي معنائون هن جي شخصيت
سان ميل نه ٿيون کائن. البت، هوءَ ڏاهِي، سياڻي، گڻائتي، عقلمند ۽ حڪمتمند هئي،
جنھنڪري انهن خوبين سبب ڄام تماچيءَ کي پاڻ ڏانھن مائل ڪري ورتائين.
(35)حرف لھڻ:
- جي سامَ سَمي وييُون، تن تان لٿو حَرفُ حسابَ جو. (گنج، ۸:۱. بل،
۱۱:۲)
حرف:
حساب، پڇا ڳاڇا، ڏوراپو، ڏوهه، عتاب، قصور (قل). اندازو،
ڪَٿ، اکر (شيخ). ڏوهه-ڀل-خطا-قصور-عتاب-الزام-حساب ڪتاب-پڇا
ڳاڇا-پڇاڻو (بل).
حساب:
معاملو، حالت، هيئت. حساب ڪتاب، ليکو چوکو، ميار (قيامت ۾) (شيخ).
مطلب: پڇا ڳاڇا معاف ٿيڻ، عتاب جو ختم ٿيڻ. سام ويَلن کان ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو.
(36)حرف هڻڻ:
- ماڙيءَ چَڙهيو مي، ٿي هڻي حَرفُ حسابُ جو. (گنج، ۱۹:۲)
حرف:
اندازو، ڪَٿ، اکر (شيخ).
ڏوهه-ڀل-خطا-قصور-عتاب-الزام-حساب ڪتاب-پڇا ڳاڇا-پڇاڻو (بل).
هڻي:
لڳائي (شيخ).
مطلب: ڪَٿ ڪرڻ، اندازو لڳائڻ. نوري محل ۾ آئي ته مٿس ذميواري وڌي وئي، گڏوگڏ
پنھنجن مھاڻن ۽ مھاڻين جي غربت جو ليکو چوکو به ڪرڻ لڳي، ته جيئن سندس جندُ ڏکين
حالتن مان آجي ٿئي.
(37)دَرِ اچڻ:
- تو دَرِ آيَسِ، سامَ، سَما ڄام! سامَ تُنھنجي. (بل، وائي: د-۴)
مطلب: پيش پوَڻ، حاضري ڀرڻ، محل ۾ اچڻ.
(38)ڌُومَ ٿيڻ/پوڻ:
- ننڍيءَ وڏيءَ گندرِيءَ، مَٿي ماِڙِيءَ ڌُومَ. (ش، ۱۶:۱)
ڌُوم:
تِکَ، زور، هل، ڪاهه، ڊوڙ (قل). ڌماڌم،
ڌوڪ ڌوڪان، اچ وڃ (ش). ڪاهه، ڌوڪي اچڻ (مسافر). ڌُوم
ج ڌُومُون: هُل، شور، گوڙ، آواز، لُڙ، بکيڙو، گهمسان، ٻائيتال، غوغاءُ،
ڪڙڪو، ماڇانگ، هَنبَس، غلغلو، هنگامو، هلڙ، ڌمچر، ڌمچڪر، مَمڻ، خرخسو. چؤٻول،
افواهه، شھرت، ناماچار، ناموس، هاڪ، سراسر ۽ سربستو زور، ڌوڪ، ڪاهه، حملو، تِک،
زور (بل). لُڙ، گوڙ، شور، غلغلو. ڌمال، ڌانڌل، گڙٻڙ. ناموس، هاڪَ (سائل).
مطلب: ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو: ”ڄام تماچي ڪڏهن ڪڏهن نوريءَ کي
ساڻ ڪري، ڪينجهر جي ڀر واري هيلايا ٽڪريءَ تي خاص اڏايل ماڙيءَ ۾ وڃي رهندو هو.
پوءِ نوريءَ کي ملڻ لاءِ مھاڻين جي ماڙي تي ڌوم پيئي پوندي هئي.“
ان ماڙيءَ جو ذڪر، مٿينءَ مصرع ۾ آهي. اصطلاحي طور مراد
ٿئي ٿي، رونق وڌڻ، هلچل ٿيڻ، هاڪَ ٿيڻ، ناماچاري ٿيڻ. نوريءَ جي ماڙيءَ تي پھچڻ
سان ئي، مھاڻين جي اچ وڃ ۽ هلچل وڌي ويندي هئي، جاڏي ڪاڏي رونق ٿي پوندي هئي، هر
ڪا پنھنجي مراد ماڻڻ چاهيندي هئي.
(39)ڏهاڳُ مَ ڏيڻ (انڪاري/ناڪاري):
- مون ڏهاڳ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيَسِ تنھنجي. (ش، ۶:۱)
ڏهاڳ:
مڙس جو وڇوڙو، بدقسمتي. ضد ’سھاڳ‘ (سنديلو). بد بختي،
نڀاڳائي، ڪم نصيبي، اڀاڳ، زحمت، وڇوڙو، جدائي، فراق، ڦوڙائو، ڏک، مصيبت، تڪليف.
مڙس جو وڇوڙو. ڪنھن زال کي طلاق ملڻ واري حالت، رنوڙ پڻي، رناپو، رنپڻ، طلاق. مڙس
جو زال تي رنج يا ناراضپو يا اڻوڻت. (ضد. سھاڳ جمع سھاڳ) (بل). مڙس
جي جدا ٿي وڃڻ يا مري وڃڻ کان پوءِ زال جي اڪيلي رهڻ واري حالت، جدائي، فراق
(شيخ).
سُيَسِ:
سُڄان ٿي، ٻڌجڻ ۾ اچان ٿي (نالي سيَس= زال سڏجان يا ليکي وڃان ٿي) (شيخ).
نالي سيس
تنھنجي: تنھنجي زال سڏجڻ لڳي آهيان (گر). تنھنجي زال آهيان. (ش).
مطلب: م = نه. ”ڏهاڳ م ڏيڻ“ مان مراد آهي ڪنھن به طرح جو وڇوڙو نه ڏيڻ، ڪا اڻوڻت
يا ناراضگي نه ڪرڻ. سر ڪاموڏ جي پس منظر ۾، ڄام تماچيءَ پاران مليل تعلق وارو رشتو
نه ڇنڻ؛ ڀاڳ، بخت نه کسڻ ۽ پٽ راڻي هئڻ جي حيثيت قائم رکڻ.
(40)رُپي راندِ ڪرڻ:
- ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِيائين. (ش، وائي: د-۱)
سوال:
عرض، سائل جي صدا (ش).
رُپي
راند ڪيائين: رپي کي راند، يعني تڇ سمجهي، پئي لٽيائينس (گر). رپي جي ته راند لائي ڏنائين، لُٽ لائي ڏنائين (بل).
رُپو ج رُپا: ذ.
[سن. رئو پيم = چاندي] هڪ قسم جو قيمتي ڌاتو-چاندي-روپ-سِيم. چانديءَ مان ٺهيل هڪ
سِڪو-رُپيو (بل).
راند
ڪرڻ: کيڏڻ. وندرڻ. رونشو ڪرڻ (بل).
مطلب: مٿينءَ مصرع جي پھرين پد ۾ چيل آهي ته سوالَ تي سونُ ڏيئي ڇڏيائين يعني
ڪنھن سائل جي صدا جي موٽ ۾ ان کي قيمتي شيون ڏئي ڇڏيائين، ۽ ٻئي پد ۾ ڄاڻايل آهي ته
سونُ سوال ۾ ڏيڻ کان پوءِ، رپين سان راند ڪرڻ لڳو. رُپو چئجي چانديءَ کي يا
چانديءَ مان ٺهيل سِڪن کي، جن جِي سونَ جِي ڀيٽ ۾ حيثيت تِڇ آهي. راند ڪرڻ مان
مراد گربخشاڻي صاحب ۽ بلوچ صاحب لُٽائڻ/لُٽ لائي ڏيڻ ڏني آهي. ڏٺو وڃي ته ”لٽائڻ“
۾ منفي مطلب شامل آهي، جيڪو هتي ٺهڪي نه ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ ”راندن“ جو مطلب
”هلائڻ“ (Drive) آهي، جيڪو
پڻ هن مصرع ۾ اڻ ٺهڪندڙ آهي. مٿينءَ مصرع ۾، ”رُپي راند ڪرڻ“ مان مراد ٿئي ٿي گهٽ
ملهائتيون شيون، چاندي يا سِڪا وغيره، بنا ليکي ۽ ڳڻ ڳوت جي ورهائڻ.
(41)ساءَ اچڻ وڃڻ:
- اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ. (ش، ۴:۲)
ساءَ:
سن. سواد. لذت، مزو، شوق، ذوق (گر). محبت، سبب (قل). سِڪ ۽ پيار واري آسيس (بل).
مطلب: لغوي طور گربخشاڻي صاحب ساءَ جون معنائون صحيح لکيون آهن، پر هتي، بلوچ
صاحب جي ڏنل تشريحي معنى وڌيڪ ٺھڪندڙ لڳي ٿي. ان لغاظ کان اصطلاح جي معنى بيھي ٿي:
سِڪ ۽ پيار واري راحت ۽ خوشيءَ جو پکڙجڻ.
(42)سَٿَ وِهارِڻ:
- جا سَمين وِهارِي سَٿَ، تِنھن سين رِيسَ نه ڪنديون راڻيون.
(گنج، ۲۰:۳)
سٿ:
مجلس، محفل، ڪچھري (شيخ).
مطلب: محفل مچائڻ، عزير قريب ڪَٺي ڪرڻ، قرب جي ڪچھري ڪرڻ. جيڪي ڄام سمي جي ساٿ
جا ماڻهو هئا، تن سان راڻين جي ڪا ريس نه هئي. هتي اشارو نوريءَ ۽ سندس عزيز مھاڻن
ڏانھن آهي، جيڪي ڄام کي گهڻا پيارا هئا.
(43)سڏُ وجهڻ:
- انڌا منڊا آئيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين. (ش، وائي: د-۱)
سڏ:
هوڪو (ش).
سخا سڏ
وڌائين: خيرات جو هوڪو ڏياريائين (گر).
سخا جو هوڪو هلايائين (بل).
مطلب: چوطرف ڳالهه پکيڙڻ، چؤٻول ٿيڻ.
(44)سَرِ ٿيڻ:
- گندري پنھنجي غريبي سين، ٿي سڀنئون سَرِ. (گنج، ۵:۲)
سَر ٿيڻ:
فتح ٿيڻ. مڪمل ٿيڻ-پورو ٿيڻ (بل).
مطلب: فاتح ٿيڻ، ڪامياب ٿيڻ، قبول پوڻ، رتبو ماڻڻ، مٿاهون ٿيڻ. ڪاموڏ جي پس منظر
۾، پَٽ راڻي ٿيڻ.
(45)سِر ڪرڻ:
- تَن ملاحن جو ماڻُ، سمي سِرِ ڪيو پانھنجي. (ش، ۱۲:۱)
سر
ڪئو: مٿان ڪيو، ذمي ڪيو (بل).
ماڻُ:
(سن. مانَ) ماڻو، انگل آرو (گر). درجو،
مانُ (بل).
ماڻ سر ڪرڻ: انگل سھڻ
(قريشي).
مطلب: واجب ڪرڻ، هموار ڪرڻ، مقرر ڪرڻ. ڄام تماچيءَ ملاحن جو ناز نخرو، لاڏ ڪوڏ ۽ انگل آرو سھڻ واجب ڪيو.
(46)سِرُ هجڻ:
- سمون سِرُ سڀنِ
۾، مي مُورَڇِيو سوءِ. (ش، ۲۱:۱)
سِر سڀن ۾: سڀني جو سردار (گر).
مورڇيو:
مصدر مورڇڻ. (سن. مُورڇَنَ) موهڻ، مست ڪرڻ، مفتون ڪرڻ (گر). موهيو (ش).
مطلب: مٿاهون هجڻ، مٿڀرو هجڻ، معزز هجڻ، نمايان هجڻ، اهم هجڻ، سردار هجڻ، حاڪم
هجڻ.
(47)سلامي ٿيڻ:
- جَن ويھَڻُ نه ڏِنِي وَٽِ ۾، ٿِيا سلامي سي. (ش، وائي: د-۲)
- جن وِهَڻ نه ڏِنُسِ وَٽَ ۾، ٿِئا سلامي سي. (بل، ۱۲:۳)
- جن نه وِهارِي وَٽ ۾، ٿئڙا سلامي سي. (گنج، وائي: د-۳)
سلام ڀَرڻ: ڪاڻ ڪڍڻ، مان ڏيڻ (گهنشامداس).
ڪاڻ ڪڍڻ، حاضري ڏيڻ (اصغر).
سلامي:
پرنام، نمسڪار. آجيان، استقبال، بندوقن ڇوڙڻ سان ڏنل
مانُ يا عزت. سوغات، تحفو (سائل).
مطلب: حاضري ڀرڻ، پيش پوَڻ، اطاعت ۾ اچڻ، ڪاڻ ڪڍڻ.
(48)سونُ سوالَ ۾ ڏيڻ:
- ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِيائين. (ش، وائي: د-۱)
مطلب: عرض ڪرڻ تي ملهائتي يا قيمتي شيءِ ڏئي ڇڏڻ.
(49)عيب اَپار
هجڻ:
- تون سمون، آئون گندرِي. مون ۾ عيبَ اَپار. (ش، ۲:۱)
عيب: اُوڻائي، سقم، اوگڻ، خامي
(سائل).
اپار:
بي شمار، بي حد، تمام گهڻا (شيخ).
مطلب: لغوي طور اَپار معنى بي ڪنار، جنھن کي ٻيو ڪنارو نه هجي. اصطلاحي طور حد
کان گهڻا عيب هجڻ، شمار کان ٻاهر اوگڻ هجڻ، بي انت خاميون هجڻ.
(50)عيبنِ جُوءِ هجڻ:
- تون سمون، آئون گندرِي، مون ۾ عيبنِ جُوءِ. (ش، ۱:۱)
جُوءِ:
ف. جاءِ (گر). جاءِ، هنڌ، ماڳ (سنديلو). مڪان، جاءِ. (ش). آستان (مسافر). ٽڪاڻو (بل).
عيبن جوءِ
هجڻ: گهڻيون
اوڻايون هجڻ (قريشي).
مطلب: گهڻيون اوڻائيون، ڪمزوريون، گهٽتايون هجڻ. سُر جي پس منظر ۾، طبقاتي فرق
سبب، حيثيت جو فرق هجڻ.
(51)عيبَنِ ڪوڙِ هجڻ:
- تون سمون، آئون گندرِي، مون ۾ عيبنِ ڪوڙِ. (ش، ۳:۱)
ڪوڙِ:
(سن. ڪوٽِي) ڪروڙ، اڪيچار(گر). ڪوڙي،
ڪوڙيون (Scores) (ش). هڪ ڪروڙ
(بل). ڪروڙ، گهڻائي (شيخ).
مطلب: عيبن، اوڻائين، ڪمزورين، گهٽتائين جي گهڻائي هجڻ.
(52)عيبنِ لَکَ هجڻ:
- تون سمون، آئون گندرِي، مون ۾ عيبنِ لَکَ. (ش، ۵:۱)
عيبن لک:
عيبن جا لک، لک عيب (بل).
مطلب: عيبن، اوڻائين، ڪمزورين، گهٽتائين جي گهڻائي هجڻ.
(53)عيبنِ ويھه هجڻ:
- تون سمون، آئون گندرِي، مون ۾ عيبنِ ويھه. (ش، ۴:۱)
عيبن
ويھه: هڪ ويھه عيب، گهڻا عيب (بل).
ويھه:
گهڻو انداز (شيخ).
مطلب: ڪيئي عيب، اوڻائيون، ڪمزوريون، گهٽتائيون هجڻ.
(54)ڪاموڏ ڪِجڻ:
- ڪِجي جي ڪاموڏُ، اَچي ساءُ سُرودَ مان.
(شيخ، ۱۶:۳)
ڪاموڏ: نڪري (شيخ).
ڪِجي: ڳائجي
(شيخ).
ساءُ: سواد، لطف، مزو (شيخ).
مطلب: ڪاموڏ ڳائڻ. ڊاڪٽر
غلام نبي سڌايو لکي ٿو: ”سر ڪاموڏ جون بنيادي علامتون هي آهن: سمون، گندري،
ککي، راڻيون (سميون ۽ سومريون)، تماچي (سمو)، ڪينجهر، مھاڻي، مڏ، مياڻيون، مڪڙا،
آتڻ آجارڻ [اجارڻ] وغيره.“[سَڌايو، ۱۹۹۲: ۳۳۸] ان لحاظ کان، ڪاموڏ ۾ ڪينجهر جي
سونھن، ڄام تماچيءَ جي سخا ۽ سِڪ، نوريءَ جي نياز ۽ نوِڙت، مھاڻن جي غربت ۽ مليل
خوشيءَ سميت، لاڳاپيل سڀني مکيه جُزن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ انهن جي پڌري ۽ ڳجهي معنى ۽
مطلب کي نروار ڪيو ويو آهي.
(55)ڪَرُ نائڻ:
- ڪَرُ نايو ڪيتريون، مِڙئو ڪَن منٿ. (بل، ۲:۳)
- ڪُرَ نائيو
ڪيتريون، مِڙيون ڪَن منٿ. (گنج،
۱۲:۳)
ڪَرُ:
ڦڻ. ڳاٽ-ڪنڌ-ڳچي-سِسِي. سِسي مٿي کڻڻ واري حالت. ڦڻ. قد (ڪ). شان-شوڪت. مرڻي پرڻي جو خرچ (ت) (بل).
ڪُرَ: نسل-خاندان-گهراڻو-بڻ-بنياد-ڪڙم-پُري-حسب
نسب (بل).
ڪَرُ
نايو: ڪنڌ نمايو (بل).
نائڻ: نمائڻ، هيٺ ڪرڻ، جهڪائڻ، (سر)
تسليم ڪرڻ (بل).
مطلب: گنج ۾ آيل ”ڪُرَ نائيو“ موجب مفھوم ٿيندو: نسل کي گهٽ ڪرڻ، ڪڙم کي نمائڻ.
جڏهن ته بلوچ صاحب جي سِٽايل ”ڪَرُ نايو“ موجب مفھوم ٿيندو: ڳچي نمائڻ، نوِڙت سان
بيھڻ. مصرع جي پوئين پد ”مِڙئو/مِڙيون ڪَن مِنٿ“ کي خيال هيٺ رکڻ سان، بلوچ صاحب
جي لکيل مصرع وڌيڪ ٺھڪندڙ ٿِي سامهون اچي ٿي. ممڪن آهي ته ”گنج“ جي ڪاتب کان
”ڪُرَ“ لکڻ ۾ سھو ٿي هجي يا شاهه سائينءَ جي دَور ۾، ”ڪُرَ“ به، ساڳيءَ معنى ۾
مروج هجي. اصطلاحي طور ”ڪَرُ نائڻ“ معنى هار مڃڻ، شڪست قبولڻ، آزي نيازيءَ سان پيش
پوَڻ، مجبور ٿيڻ. (ضد: ڪَرُ کڻڻ.)
(56)کٿورِي ٿيڻ:
- وَرِئي واهُوندَنِ، ڪينجهر
کَٿورِي ٿئي. (ش. ۵:۲)
کٿورِي: کستوري، خوشبوءِ، مُشڪ، نافِ
آهو (سنديلو). هڪ خوشبودار وکر. سرهاڻ-هرڻ جي دُن مان نڪتل خوشبودار شيءِ. کستوري.
مشڪ-خوشبودار ٻوٽي جو هڪ قسم (بل).
واهوندن:
بھار آڻيندڙ اولھه-ڏکڻ جي هوائن (سياري پوري ٿيڻ تي فيبروري جي پوئين اڌ ۾
اولھه-ڏکڻ ڪُنڊ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي جنھن کي ’واهوندو‘ يا ’واهوندا‘ چئبو) (بل).
وَرِئي
واهُوندَنِ: بھار جي موسم اچڻ تي (ش).
مطلب: خوشبودار ٿيڻ، سرهاڻ ڀريو ٿيڻ. اصطلاحي طور وڻندڙ ۽ پُر ڪشش ٿيڻ، دل کي
ڇڪيندڙ ۽ مَن موهيندڙ ٿيڻ.
(57)ککيءَ کوڙ پَسڻ:
- پَسِي کِکيءَ کوڙِ،
متان ماڱر مَٽيين! (ش، ۳:۱)
کوڙِ:
(گ. م. هه. کوڙَ) عيب، اوگڻ، داغ، ٽُڪو (گر).
عيب، داغ (ش). عيب، داغ، ٽِڪو (بل). کوڙُ: ڍڳ، ڍير
(سنديلو).
کِکِيءَ کوڙ: مڇيءَ جي باس، ڪني باس، گندي بوءِ (قل).
کِکِي: خراب-بدبوءِ واري-ڇَٽاري- (اسم)
مڇي (بل).
ککي
کوڙ هجڻ: گندي بوءِ هجڻ = مڇي جا ڍير هجڻ (قريشي).
پَسَڻُ: مصدر. ڏسڻ-نهارڻ-جاچڻ. معلوم
ڪرڻ. محسوس ڪرڻ. لَکَڻُ (بل).
مطلب: ککيءَ کوڙِ معنى مڇيءَ جي بوءِ، جيڪا مھاڻن کي ڇڏي، ٻين ڪاڻ بدبوءِ هوندي
آهي ۽ مھاڻن منجهه عيب طور ڄاتي ويندي آهي، جنھنڪري خاص توڙي عام سندن
ويجهو ترسي نه سگهندا آهن ۽ جلد از جلد کانئن پرڀرو ٿيڻ چاهيندا آهن. جيڪڏهن کوڙَ
(زبر سان ڙ) پڙهبو ته ان جي معنى ڍِڳ، ججهائي يا گهڻائي ٿيندي. ان لحاظ کان ”ککيءَ
کوڙَ“ جو مطلب ٿيندو ککيءَ جا کوڙ يعني ڍِڳ، ان صورت ۾ به اتي بيھڻ يا ترسڻ ڏکيو
ٿي پوندو. ان ڪري ”کوڙ پسڻ“ يا ”ککيءَ کوڙ پسڻ“ مان مراد ٿئي ٿي، مڇيءَ جي
اڻوڻندڙ، اوگُڻِي يا عيبدار بوءِ محسوس ڪرڻ، جيڪا ڪنھن داغ يا ٽُڪي مثل آهي.
(58)کُوهه ۾ وجهڻ:
- کارو وِڌائين کُوهه ۾، نِرتُؤن نِھاري. (ش، ۱۷:۱)
نرتُون:
نرت سان، ڏسي وائسي، ڄاڻي واڻي (گر). اصل
(ش).
”مھاڻڪا
ڄارا ۽ کارا هاڻ ڄاڻي واڻي کڻي کوهه ۾ هنيائين، يعني: انهن سان ڪو به واهپو نه
رکيائين.“(گر).
نرتئون
نھاري: پوريءَ طرح سوچي سمجهي (بل).
کارو کوھ ۾ وجھڻ: واهپو نه رکڻ، کڏ ۾ هڻڻ/ڦٽي ڪرڻ (قريشي).
مطلب: واسطو ختم ڪرڻ، ڪو به تعلق نه رکڻ، قطع تعلق ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ، نظرانداز ڪرڻ،
کڏ ۾ هڻڻ.
(59)گاڏي چاڙهڻ:
- نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندِرِي. (ش، ۱۹:۱)
نيھي:
وڏي ڪردار وارو. ’نوازي نيھي‘: نوري کي نوازي کيس پاڻ سان وٺي ويو ۽ گاڏيءَ ۾
چاڙهي وٺي ويو (بل).
گاڏو:
عام ماڻهن جون گاڏيون ۽ حاڪم جو شاهي گاڏو. اصل آڳاٽي ٻوليءَ جو لفظ گاڏو آهي ۽ نه
گاڏِي (بل).
گاڏي:
گاڏي تي، رٿ تي، بادشاهن جي سواريءَ لاءِ ٻه ڦيٿي گاڏيءَ تي (شيخ).
مطلب: عزت ڏيڻ، مانُ وڌائڻ، حيثيت مٿڀري ڪرڻ.
(60)گوشو ڪرڻ:
- گندگيءَ گوشو ڪيو، عطر اوتَ اوتيائين. (ش، وائي: د-۱)
گوشو:
ڪُنڊ-ڪُڙڇ. پاسو-ڪنار (بل). پاسو،
علحدگي (شيخ).
گوشو
ڪئو: برطرف ٿي وئي، پاسي ٿي وئي، گم ٿي وئي (ف. گوشه = ڪنڊ،
پاسو) (گر).
گوشو
ڪرڻ: گم ڪرڻ، پاسو ڪرڻ (قريشي).
گندگي
گوشو ڪرڻ: مڇي کي ڦٽي ڪرڻ، مڇي مارڻ
کان پري ٿيڻ (قريشي).
اوت:
(گ. م. اوتَ) پَلٽ، ريلو. مصدر اوتڻ (گ).
پلٽ، ريلو (ش).
مطلب: پاسو ڪرڻ، پرتي ٿيڻ، ختم ٿيڻ، ڇڏي ڏيڻ، علحدگي اختيار ڪرڻ. گندگيءَ مان
مراد بدبوءِ ۽ عطر مان مراد خوشبوءِ آهي. ٻئي هڪٻئي جو ضد آهن. جيئن سٺائي ۽
برائي، چڱائي ۽ لَڱائي، نيڪي ۽ بدي. گندگيءَ گوشو ڪيو معنى لڱائيءَ ۽ بديءَ پاسو
ڪيو. عطر جي اوت ٿي معنى چڱائي ۽ نيڪي وڌي.
(61)ڳُجهيُون (ڳالهيون) چوَڻ:
- تماچيءَ جي تَنَ، ڳالهيون چَيُسِ ڳُجهيُون. (ش، ۲۲:۱)
مطلب: راز جون ڳالهيون ڪرڻ، لِڪل احوال اورڻ، ڳجهه جي خبر ڏيڻ، اندر جو احوال
اورڻ، مَن جون ڳالهيون سَلڻ.
(62)
لال ٿيڻ:
- پارس سِين پاسون، لڳا تي لالَ ٿيا. (بل، ۱۴:۲)
لال ج لالُون: (۱) ث. (ف. لال = ياقوت).
(ع. لعل) سھڻي ۽ قيمتي پٿر جو هڪ قسم-موتي-ماڻڪ-ياقوت-ڳاڙهو موتي (بل).
لالُ ج لالَ: (۲) ذ. (ف. لال = ياقوت. ع. لعل = ڳاڙهو). (صفت) ڳاڙهو-رتڙو-سرخ-رتل
يا رتو. ڳاڙهي جواهرات جو هڪ قسم-ڳاڙهي رنگ جو هڪ قيمتي پٿر-ياقوت-رُمانِي-ماڻڪ-موتي.
(ڪوهاٽ طرف پاڪستان جي پھاڙن ۾ لڀي. رُبي ”Ruby“) ”سَوين وهن سِير ۾، ماڻڪَ موتي لال“ (شاهه). تاش جي پتن جو هڪ
قسم-لالُ پانُ-پانُ. ڇوڪرو-ٻالڪ-ٻار-طِفل-پُٽ-ٻيٽو-فرزند. (صفت)
پيارو-ملوڪ-وڻندڙ-اکين جو تارو-عزيز جان. رَتل (عشق ۾)-مشتاق. دلبر. گرم،
ڪاوڙيل-غضبناڪ-غصي ۾ آيل-ڏمريل. گونگو (بل).
لَعلَ ج لَعلُون: (۱) ث. قيمتي جواهرات جو هڪ
قسم-ياقوت-چُونِي-ماڻڪ. رُبي (بل).
لَعلُ ج لعلَ: (۲) ذ. لال-سرخ-ڳاڙهو. سھڻو. دوست-پيارو-لاڏلو. گهوٽ-وَنو. تاس جي پتن جو هڪ
رنگ. لال پان. درياءَ ۽ اوليائن وغيره جو خطاب (جيئن ته لعل شھباز وغيره) (بل).
لَعلُ ج لعلَ: (۳) ذ. ڳاڙهو-لالُ-رتو-سرخ-گلرنگ-رڱيل
(سُر مومل راڻو - گر) پرميشر (سامي). پٿر جو هڪ قسم-جواهرات جو هڪ قسم. (صفت)
سينگاريل-آرائش ٿيل-پراجِيَلُ-
عمدو-حَسينُ-سندر-نيڪو-ٺاهُوڪو-موچارو-سھڻو-سوڀياوان-صورت وند-سُدرشَن-خوبصورت.
(اسم). مِٺَن-لُڏڻ-پَپَنُ-پيارو-عزيز. (پتن راند ۾) لال پان. ڪن بزرگن جو لقب
(جيئن ته) لعل شھباز-اڏيرو لعل-ڪن جاين جي مشھوري لاءِ ڪم ايندڙ لفظ جيئن ته لعل
قلعو-لعل مسجد (بل).
لعلَ ٿيڻ: رڱجڻ. ڳاڙهو ٿيڻ-سرخ ٿيڻ.
گهوٽ ٿيڻ. ڪنھن وليءَ جي دعا سان شاداب يا سرسبز ۽ آباد ٿيڻ (بل).
پاسون:
سندن (مھاڻن جو) پاسو (بل). پاسا
(شيخ).
پارس:
هڪ قسم جو پٿر (جو لوهه سان گسي ان کي سونَ
۾ تبديل ڪندو آهي)، استاد ڪامل (ڄام تماچي) (شيخ).
مطلب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”لال“ جون ٻه داخلائون ۽ ”لعل“ جون ٽي عدد داخلائون، ”نئين جامع سنڌي لغات“ (جلد
ٽيون، ڇاپو ٻيو ۲۰۱۷ع) ۾ ڏنيون آهن، جن جي معنائن ۾
گهڻي ئي هڪجھڙائي آهي. ايتريون داخلائون مونجهاري ۽ ورجاءَ جو ڪم ڪن ٿيون، جيڪو
لغت جاچيندڙ کي منجهائي ۽ پريشان ڪري ٿو. انهن کي ايڊٽ ڪرڻ جي گهرج آهي. ان کان
سواءِ، ڊاڪٽر بلوچ، ”لعل ٿيڻ“ جي معنى ته ڏني آهي، پر ”لال ٿيڻ“ جي معنى درج ناهي
ڪئي. جڏهن ته ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“ (نئون ڇاپو ۲۰۱۴ع) ۾، ”لعل“ جون داخلائون (سواءِ: سامونڊي ۱/۱۲ = لعلون) آندل ڪا نه آهن ۽
”لال“ هيٺ لکيل آهي: ”(جمع لالَ) رنگ ۾ رتل، نينھن ۽ سڪ ۾ رتل، ڳاڙها گهوٽ، وڏي
مرتبي ۽ مان وارا“. اصطلاحي طور ”لال ٿيڻ“ مان مرادون، ڪاموڏ جي مٿينءَ سِٽ جي پس
منظر ۾، بيھن ٿيون: ملهائتو ٿيڻ، املهه ٿيڻ، قيمتي ٿيڻ، مانَ ۽ مرتبي وارو ٿيڻ،
ڪامل ٿيڻ، سوڀيائون ٿيڻ، خوشحال ٿيڻ، صحتمند ۽ سگهارو ٿيڻ، ڳاڙهو ڳٽول ٿيڻ.
(63)لَڏَ پَرتڻ:
- ڄام! پَرتيَئيءِ لَڏَ، سانگين جي، سيد چي. (ش، ۸:۱)
لڏ:
(ف. لَدَه) لڏو، بوجو، ڀري؛ سامان سڙو (گر).
پرتيءِ:
پرنڻ. (سن. پرڻيتَ = ارپيل) سوپڻ حوالي ڪرڻ، پارت ڪرڻ (گر).
پرتيئيءِ
لڏ: سڀ ڪجهه تنھنجي حوالي آهي (ش).
پرتو ج پرتا: مصدر ’پرچڻ‘ مان ماضي
جو صيغو. راضي ٿيو-خوش ٿيو- ريڌو- سرچيو. پرڀيو. حوالي ٿيو- ارپيو (بل).
پرچڻ: راضي ٿيڻ، مطمئن ٿيڻ، اتفاق ڪرڻ، ٺاهه ڪرڻ
(آنلائن سنڌي لغتون)
پرتو ڪرڻ: حوالي ڪرڻ- سونپڻ- سپرد ڪرڻ
(بل).
سام پرتڻ: ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻئي جي حفاظت
۾ ڏيڻ يا سپرد ڪرڻ (آنلائن سنڌي لغتون)
لڏ
پرتڻ: حوالي ٿيڻ، سڀ ڪجهه حوالي ٿيڻ (قريشي).
سانگين:
سانگين مان مراد آهي: مسافر ماڻهو جن کي ڪو گهر گهاٽ نه آهي. هتي، مھاڻا جن کي به
ڪو اڏيل اجهو ڪونهي ۽ جي مڇيءَ جي سانگي تڙن جون تلاشيون ڪندا وتن (گر).
مطلب: ’پرتڻ‘ ۽ ’پرچڻ‘ ۾، مٿي ڏنل معنائن ۾ مونجهارا محسوس ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته
بلوچ صاحبَ ’پرتو‘ کي ’پرچڻ‘ مصدر مان ماضيءَ جو صيغو ڄاڻايو آهي جنهن جون ڏنل
پهريون چارئي معنائون ان مصدر جي ماضيءَ جي صيغي سان ٺهڪندڙ آهن، جيڪي ’پرچڻ‘ جي
معنى ۾ شامل ٿيڻ گهرجن. البت ’پرچڻ‘ جي معنى سندس جوڙيل ”نئين جامع سنڌي لغات“ ۾
داخل ٿيڻ کان رهجي ويل آهي! ڪاموڏ جي مصرع موجب لَڏ پرتڻ جي معنى ٿيندي: مالڪُ
ٿيڻ، والي ٿيڻ، سڀ ڪجهه حوالي ٿيڻ، وارث ٿيڻ، نگران ٿيڻ، سنڀالُو ٿيڻ.
(64)لعل/لعلُون لُٽِڻ:
- پاڻيٺَ آڻي پاڻ سين، لَعلُون سڀِ لُٽيائين. (ش، وائي: د-۱)
- پاڻيٺَ آڻي پاڻ سين، لَعل لُٽيائين. (گنج، د-۱، وائي ۱)
مطلب: قيمتي انعام ماڻڻ، ملهائتي شيءِ ماڻڻ. ڏسجي: پاڻيٺ آڻڻ.
(65)لِڪَ لھڻ:
- لَٿِي لِڪَ لطيفُ
چئي، ڪيو شمس شعاعُ (بل، ۳:۴)
لِڪَ ج لِڪُون: ث.
لِڪڻ يا لڪائڻ واري حالت-ڇِپَ-دَٻُ-ڳجهه-ڍَڪ-پوشيدگي-لڪاءُ-بي خبري (بل).
لِڪَ رکڻ: ڳالهه لڪائڻ-راز مخفي رکڻ
(بل).
لٿي لِڪ:
ڳالهه پڌري ٿي (بل).
مطلب: پڌرو ٿيڻ، چِٽو/چِٽائي ٿيڻ، بي خبري ختم ٿيڻ، نروار ٿيڻ، ظاهر ٿيڻ، اڀري
اچڻ، پڌري پَٽ ٿيڻ.
(66)لياڪا پائڻ:
- لڪئو لياڪا پائيا، ساري رات سَميُنِ. (گنج، ۴:۲)
لِئاڪو ج لئاڪا:
ليئو-جهاتي (بل).
لِياڪا:
جهاتيون (شيخ).
مطلب: جهاتيون پائڻ، کوج لھڻ، ڳجهي ڳالهه معلوم ڪرڻ.
(67)لِيءَ لَغار پَسِڻ:
- پَسِي ليءَ لغارَ، متان ماڱر مَٽيين! (ش، ۲:۱)
لي:
(پرا. لئه/سن. لِپَ = چنبڙڻ) مڇيءَ جي مٿان جيڪا لڳلڳدار گگ ٿيندي آهي، تنھن کي
مھاڻا ’لي‘ ڪري سڏيندا آهن (گر).
لِي، لِيه (ث):
مڇيءَ جي مٿان لڳ لڳ دار-مَک. لِيءَ:
ککيءَ (بل).
لغار:
(گ. لَگارَ / هيم. لَگَ+آر) نشان، داغ، چُٽو؛ ذرو، رتي (گر). نشان، ذرو (ش). ذرو (بل).
ليءَ
لغار: ککيءَ جو ذري جيترو پاڻيٺ (بل).
ليءَ لغار پسڻ: گندگي (مڇيءَ جي) ڏسڻ (قريشي).
مطلب: بدصورتي ڏِسڻ، اڻوڻندڙ شيءِ ڏسڻ، گندگي ڏسڻ، داغ ڏسڻ.
(68)ماڙهو ڪرڻ:
- گاڏي چاڙهي گندِرِي، ماڙهو ڪِيو مي. (ش، ۸:۲)
ماڻهو
ڪيو: عزت وڌائي، ماڻهپي ۾ آندو. (ش).
ماڻهو ڪرڻ: سٺو ڪرڻ (انسان ٺاهڻ) (قريشي).
مطلب: شانُ شوڪت وڌائڻ، عزت ڏيڻ، ماڻهپي ۾ آڻڻ، رُتبو ڏيڻ، صحيح جڳهه تي پھچائڻ،
حقيقي اهميت ڏيڻ.
(69)ماڙيءَ چڙهڻ:
- ماڙيءَ چَڙهيو مي، ٿي هڻي حَرفُ حسابُ جو. (گنج، ۱۹:۲)
مطلب: وڏي حيثيت کي رَسڻ، اعلى ٿيڻ. مالڪياڻي ٿيڻ، پَٽ راڻي بڻجڻ.
(70)ماڱرِ مَٽڻ:
- پَسِي راڻينِ روءِ، متان ماڱرِ مَٽِيين! (ش، ۱:۱)
- پَسِي ليءَ لغارَ، متان ماڱر مَٽِيين! (ش، ۲:۱)
- پَسِي کِکِيءَ کوڙ، متان ماڱر مَٽِيين! (ش، ۳:۱)
- پَسِي مَئَڪِي ڌيءَ، متان ماڱر مَٽِيين! (ش، ۴:۱)
- ڪارڻ رب اَلکَ، متان ماڱر مَٽِيين! (ش، ۵:۱)
روءِ:
مُنھن (ش).
ماڱر: مھاڻن جي هڪ ذات (نوري) (ش). مھاڻن جي هڪ
ذات جو نالو (بل). ڄار رکندڙ ماڻهو (ٿَلهو).
ماڱر
مَٽڻ: نوري کي ڇڏڻ (قريشي).
مَٽڻ: مصدر. بدلڻ- بدلجڻ- ڦِرڻ. ڦري ٻيو رنگ وٺڻ. مٽجڻ. لنگهڻ- گذرڻ- مٽي وڃڻ-
واهو ٿي وڃڻ. دُور رهڻ جي خواهش ڪرڻ. ڪاوڙجڻ- چِڙ ڪرڻ- غصي ٿيڻ- ناراض ٿيڻ- چِڙڻ
(بل).
مطلب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو: ”’گندرا‘
مھاڻن جي ذات آهي. ’مانگر‘ به مھاڻن جي ذات آهي. هتي مھاڻن لاءِ ’ماڱر‘ لفظ آندو
ويو آهي.“[ميمڻ، ۱۹۸۸: ۷۰] جڏهن ته احمد خان آصف مصراڻيءَ موجب: ”ماڱر يا
ماڃر وڏن رڇن کي چوندا آهن. هي مھاڻا اصل ۾ ملبار جا هئا مگر ڪينجهر ۾ پاڻي ۽ مڇي
جي فراواني ڏسي اتي رهي پيا، جتي هنن جون مياڻيون هيون. انهيءَ خطي کي ماڃر به
چوندا آهن.“[مصراڻي، ۱۹۸۸: ۱۴۵] مٿينءَ مصرع ۾، نوريءَ ڄام
تماچيءَ جي حوالي سان کُٽڪي جو اظھار ڪيو آهي، ته متان ڄام تماچي مهاڻن ۽ نوريءَ
کان منهن مَٽي وڃي، جن جو ڀاڳ ۽ خوشحالي ڄام تماچيءَ جي ڪري وَريو آهي. مٿي ڏنل
پهرين ۽ چوٿين مصرعن ۾، ماڱر جو اشارو نوريءَ ڏانھن آهي جنهن جو حسب نسب سمين يا
سومرين مان نه هو، پر جا ماڱر مھاڻِي هئي. ٻِي، ٽِين ۽ پنجين مصرعن ۾ اهو اشارو مھاڻن
پورهيتن ڏانهن آهي. اصطلاح جي مراد آهي نوريءَ سميت مهاڻن کي ڇڏڻ.
(71)ماڻڪُ پِرائڻ:
- راڻِنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو. (ش، ۲۶:۱)
ماڻڪ: رتن، لعل (سنديلو). (اصطلاح) ماڻڪ جھڙو، ڄام تماچي (بل). هڪ قيمتي پٿر، لعل، چُوني،
ياقوت. ڏاهو انسان. گڻوان پرش (سائل).
پرائيو:
کٽيو، پنھنجو ڪيو (بل).
ماڻڪ
پرائڻ: املهه
هٿ ڪرڻ (ڄام تماچي کي هٿ ڪرڻ) (قريشي).
مُلا:
وٽان، کان (ش).
راڻين
مُلا: راڻين جي سٿ وچان (بل).
مطلب: تماچي ماڻڻ، ڄام کي حاصل ڪرڻ. املهه (موتي) ملڻ، ڏاهو ملڻ. ڊاڪٽر امِ ڪلثوم شاهه لکي ٿي: ”هن بيت ۾
ماڻڪ پنھنجي لغوي معنى ۾ نه پر مجازي معنى ۾ ڄام تماچيءَ لاءِ استعاري طور استعمال
ٿيو آهي.“[اُمِ ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۲۸۸] اها صحيح ڳالهه آهي.
(72)مڇيءَ ساڻ
محبت هجڻ:
- ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ، ڇپرِيُون، جَن جِي محبتَ مڇيءَ
ساڻُ. (ش، ۱۲:۱)
ڇڄ:
(ف. چَج) دستور آهي ته مھاڻيون مڇيون چيري، انهن جا آنڊا گجيون ڇڄن ۾ گڏ ڪنديون
وينديون آهن (گر).
ڇپرِيُون:
واحد ڇپري. (ڌن. ڇپرم = ڪک) ڪکن يا ڪانن جو اوڄو. ڇپريون اڪثر لئيءَ جي ٽارين يا ڪانھن
جي ڪانن مان ٺاهيندا آهن (گر). ننڍيون
تَڏيون، تڏڙيون (بل).
مطلب: مڇي روزگار جي علامت آهي. ڀلي ته منجهس بوءِ آهي پر رزق جو ذريعو آهي. ان منجهان ئي گذر سفر ٿيندو ۽ حياتيءَ جو سلسلو قائم دائم
رهندو آهي. مراد آهي، ته حاصل رزق مان راضي ۽ ان مان خوش رهڻ.
(73)مَحرُوم ٿيڻ:
- ٿِيا تماچيءَ ڄام سين، مُھاڻا مَحرُوم. (ش، ۱۶:۱)
- مھاڻا محروم، ٿئا تماچيءَ ڄام سين. (گنج، ۳:۲)
محروم:
ع. محرم. گهائل مائل، گستاخ (گر). نا اميد، نا مراد. محرم، واقف، ويجها عزيز (قل). حال ڀائي
(ش). واقف، محرم (شيخ). وانجيلَ، پري ڪيل، غافل، ڌڪيل،
نامراد، نامقبول (بل).
محروم:
صفت. (ع. حَرَم = هو نااميد ٿيو). منع ڪيل-روڪيل-جهليل.
حرام ڪيل. نراس-نااميد-مايوس-خستو-شڪستو-ناڪام-نامراد-بي
نصيب-بدبخت-اڀاڳي-ڪمبخت-ندورو-ڪَرم هِيڻ-اَدورو-ڪمنصيب (بل). نااُميد، نراس،
مايوس، باز رکيل، روڪيل، وانجيل. بدنصيب، نامراد (سائل).
محروم ٿيڻ: واقف/گهائل مائل ٿيڻ (قريشي).
مطلب: محروم جون لغوي معنائون گربخشاڻي صاحب، شاھواڻي صاحب، شيخ صاحب ۽ قريشي صاحب جي معنائن سان اڻ
ٺھڪندڙ ۽ ڄڻ ته ضد ۾ آهن. ظاهري مفھوم موجب، ته مھاڻا ڄام تماچيءَ کان روڪيل ۽
جهليل ٿي پيا يا اهي مايوس ٿي پيا، پر سُر جي قصي موجب ته انهن جا ڀاڳ کُلي پيا،
انهن انعام ماڻيا ۽ ڄام تماچيءَ جي سِڪ ۽ محبت ماڻيل ٿيا. ان ڪارڻ ئي، امڪاني طور،
انهن سڀني صاحبن ”محروم“ جون مٿي ڄاڻايل معنائون لکيون آهن. ان لحاظ کان محروم ٿيڻ
مان مراد ويجها ٿيڻ، گهائل مائل ٿيڻ، پنھنجائپ وارا ٿيڻ بيھي ٿي.
(74)مَرڪِي هَلڻ:
- مورُ مَرڪي هَليو، سندو راڻين راءُ. (بل، ۳:۴)
مَرڪائڻ: پڌائڻ، مُنھن مٿي ڪرڻ. عزت رکڻ
(ٻئي جي) (سائل).
مَرڪي
هليو: سرخرو ٿي هليو (بل).
مطلب: فاتح ٿي هلڻ، ڪامياب ٿي هلڻ، ڪنڌ کڻي هلڻ، سرخرو ٿي هلڻ، خوشيءَ مان هلڻ.
(75)مِڙَئِي معافُ ٿِيڻ:
- مَڏَ، مِياڻيُون، مَڪُڙا، مِڙئِي معافُ ٿِياسِ. (ش، ۲۴:۱)
- مَڏَ، مِياڻيُون، مَڪريون، مِڙئِي معافُ ٿِياسِ.(گنج، ۲۰:۲)
- منڇرُ ملاحن، مڙوئي معاف ٿِئو. (گنج، ۴:۲)
- سَمون تنھن جي ساءِ، ٿو مِياڻيون معاف ڪري. (گنج، ۸:۳)
مڪڙيون:
واحد، مڪڙي. ننڍڙي ٻيڙي (سن. مَنگنِي = ٻيڙي). مذڪر، مڪڙو (گر).
مَڪُرا:
وڏيون شاهي ٻيڙيون (مَڪُري = ٻيڙي) (بل).
مياڻيون:
واحد مياڻي. اها جاءِ جتي مھاڻا مڇيون ماري، آڻي ڍير ڪندا آهن (گر). مڇيءَ
وارا ماڳ (جتي مڇي مارجي گڏ ٿئي ۽ جتي وڪامي) (بل).
مطلب: هر قسم جو ڏن ڇڏڻ، سڀ ڪجهه ملڻ، ڪجهه به نه وٺڻ، سڀ قرض معاف ڪرڻ، هر قسم
جي اُپت بخشڻ.
(76)ملامَ لاهڻ:
- اللھ عبداللطيف چي، مون تان لاهِه مَلامَ. (گنج، د-۲، وائي)
ملام:
ملامت، ڏوهه، قصور (قل). ملامت،
عتاب، ڦٺ لعنت (شيخ).
مطلب: ڏوهه، گناهه معاف ڪرڻ، عتاب ختم ڪرڻ، ملامت لاهڻ، نندا ختم ڪرڻ. چڱي ڪم جي
توفيق عطا ڪرڻ.
(77)مُنھُن پائڻ:
- پايو مُنھُ مھراڻَ ۾، ڪَڍن ڪالوڙا. (بل، ۱۵:۲).
- پايو مُنھُن مھراڻَ ۾، ڪَڍن ڪالوڙا. (گنج، ۱۳:۱).
منھن پائڻ: ٻوٿ وجهڻ-وات وجهڻ. غور سان ڏسڻ-جاچڻ-جهاتي
پائڻ. پرچاڻي ڪرڻ_اعزاز پُرسي ڪرڻ-غم خواري ڪرڻ. ڪنھن کي لحاظ پائي عرض ڪرڻ (بل).
منھن پوڻ: ديدار
ڪرڻ، روبرو ملڻ (قريشي).
مُنھن مھراڻ
پوڻ: درياھ ۾ گهڙڻ (قريشي).
مطلب: ڪم سان ڪم رکڻ. ڪاموڏ جي پس منظر تحت، (ڪينجهر منجهه) ڪم ۾ رُڌل هئڻ.
(78)مياڻيون موکڻ:
- وَڏي ڄامَ ڄمارَ، جنھن مِياڻِيُون موکِيُون. (ش، ۱۱:۲)
مياڻيون:
واحد مياڻي. اها جاءِ جتي مھاڻا مڇيون ماري، آڻي ڍير ڪندا آهن (گر).
موکيُون:
ڍلون معاف ڪيون، امداد ڪيون، ملهايون يا مرڪايون (ش). ملهايون. مياڻين وارن کي آباد ۽ خوش ڪيو (بل).
مطلب: غريبي ختم ڪرڻ، خوشحالي آڻڻ، سَرهائيون پکيڙڻ، خوشيون
ڏيڻ.
(79)مِئڪي ڌيءَ پسڻ:
- پَسِي مئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مَٽيين! (ش، ۴:۱)
- پَسِي مِيءَ ڪي
ڌيءَ، مڇڻ ماڱر مَٽِيين! (شيخ، ۴:۱)
مِئڪي:
ميءَ جي (مي هڪ مھاڻن جي ذات آهي) (ش). ميئن جي، مُھاڻن جي (بل).
مِيءَ:
مھاڻي (شيخ).
ڪا: جا [ان لحاظ کان: ڪِي=جِي] (شيخ).
مئڪي ڌيءَ
پسڻ: مھاڻي ڏسڻ (قريشي).
مطلب: نُوري ڏسڻ.
(80)ناڀُون پائڻ:
- تَنُ تماچي ڄام جو، ناڀُون پايو ني. (ش، ۱۳:۲)
ناڀُون:
(سن. نَکَ. ف. ناخن) نھن؛ چھنبون؛ نيزا يعني نيڻن جا نيزا (گر). زوردار جَڪڙڻ واريون نھنڊون، جن سان ڪنھن شيءِ کي پختو
ڪري جهلجي (بل). (پکيءَ جي پيرن جا) چَنبا (شيخ). نيزا، نوڪون (مسافر).
ناڀون
پايو: مُنڊيون پايو، جَڪڙيون وجهئو (بل).
ني:
نئي، کنيو وڃي، ڇڪيو وڃي (گر). کڻي ٿي
وڃي (بل).
مطلب: نيڻن سان منڊڻ، اکڙين ۾ قابو ڪرڻ.
(81)نازُ ڪَرڻ:
- نيڻنِ سين ناز ڪَري، رِيجهايائين راءُ. (ش، ۲۰:۱)
- عالَمُ اِنعامِي ڪِيو، نوري نازُ ڪري. (ش، وائي، د-۲)
نازُ ج نازَ: ذ. (ف)
معشوقي ادا-انداز-عِشوه-غمزو-نخرو-ڪرشمو-تال-ناز نخرو-مٺيون ڳالهيون-چَخن-لاڏ-ڪوڏ-ماڻو-چاڳ-چالو-چاڳلائي
(بل).
ناز:
لاڏ، انگل، آرو (شيخ).
نازُ ڪرڻ: نخرو ڪرڻ-ادائون ڪرڻ-غرور
ڪرڻ-فخر ڪرڻ (بل).
رِيجهايائين:
راضي يا خوش ڪيائين (شيخ).
مطلب: نوڙت ۽ نيازي ڏيکارڻ، ادائون اظھارڻ، جادو ڪرڻ، متاثر ڪرڻ.
(82)نوازش هجڻ:
- نوازش نوريءَ جِي، آهي تماچيَ تائين. (ش، وائي، د-۱)
نوازش:
سفارش، مڃتا (بل). عنايت، مھرباني، ڀلائي، ڪرم (سائل).
مطلب: پھچ هجڻ، سفارش هجڻ، پارت هجڻ. ڄام تماچي نوريءَ کي ڀانئي ٿو، ان ڪري نوريءَ جي ڳالهه مڃي ٿو.
(83)نوازي نيئڻ:
- نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندِرِي. (ش، ۱۹:۱)
نوازڻ: سرفراز ڪرڻ، انعام ڏيڻ، خوش ڪرڻ
(قل). مصدر. (ف. نوازيدن) انعام ڏيڻ. فائدو ڏيڻ-بخشڻ-نذرانو ڏيڻ-تحفو ڏيڻ-ڏات
ڏيڻ-بخشش ڪرڻ. مدد ڪرڻ-حمايت ڪرڻ-هٿ رکڻ-پالڻ-پرورش ڪرڻ-نوازش ڪرڻ. ورسائڻ-نھال
ڪرڻ. سرفراز ڪرڻ-اوج تي رسائڻ-سِر بُلند ڪرڻ-چوٽ چاڙهڻ-عزت بخشڻ-مالا مال
ڪرڻ-مھرباني ڪرڻ-ٿورو ڪرڻ-احسان ڪرڻ-لائق ڪرڻ (بل).
نيھي:
وڏي ڪردار وارو. ’نوازي نيھي‘: نوري کي نوازي کيس پاڻ سان وٺي ويو ۽ گاڏيءَ ۾
چاڙهي وٺي ويو (بل).
مطلب: اتم درجو ڏيڻ، سرفراز ڪرڻ، نوازش ڪرڻ، عزت ڏيڻ، لائق ڪرڻ، وڏي حيثيت بخشڻ.
(84)نوازيو ٿيڻ:
- نوريءَ جي نوازِيو، ٿِيو تماچي تي. (۸:۲)
تي:
تنھنڪري (ش).
مطلب: سرفراز ڪرڻ، وڏي حيثيت بخشڻ. ڏسجي: نوازي نيئڻ.
(85)نئون نيئِڻ:
- پاٻوڙو پيش ڪِيو، نئون نوريءَ نيئِي. (ش، ۱۹:۱)
پيش ڪيو:
حاضر ڪيو، ڍوڻو ڏنو (ش).
مطلب: نُوريءَ ڄام تماچيءَ کي پاٻوڙو پيش ڪيو ته ان مان مراد کيس مَقامي سونھن ۽
صحت جي نشاني، جيڪا وٽن موجود هئي، نوڙت منجهان پيش ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته پاٻوڙو
تازگيءَ ۽ توانائيءَ جو اهڃاڻ پڻ هو، جيئن ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکي ٿو: ”پاٻوڙو،
جيڪو ڄام تماچيءَ کي نوري مھاڻيءَ ڍوئڻي طور پيش ڪيو هو، اهو ڪنول يا ڪوڻيءَ جي ول
جو پن هوندو آهي. سائي رنگ جو ويڪرو پن ڍنڍ جي شفاف پاڻيءَ مٿان ترندو نظر ايندو
آهي... شاهه صاحب سر ڪاموڏ ۾ جنھن پاٻوڙي جو ذڪر ڪيو آهي اها ول خودرو ٿيندي آهي ۽
پٻڻ جھڙي ٿيندي آهي. هن ول کي به گل ٿيندو آهي، جنھن کي ڪنول جو گل يا
ڪُوڻي/نيلوفر سڏيندا آهن. دوائون هن گل مان تيار ٿينديون آهن ۽ نه پٻڻ جي گل مان.
ڪنول جو گل ڏاڍو خوبصورت ٿيندو آهي. کير جھڙي رنگ جو گل جنھن کي گلابي رنگ جي
آميزش نھايت پيارو گل بنائي وجهندي آهي... سنڌي ثقافت ۽ تھذيب جي لحاظ کان پاٻوڙي
جو تحفو هن وقت عقيدت، احترام ۽ خلوص جي علامت بنجي چڪو آهي!“[سوڍر، ۲۰۰۰: ۲۴۷-۲۴۹] ان لحاظ کان اصطلاح منجهان
مراد آهي: احترام ڏيڻ، خلوص ۽ پنھنجائپ جو اظھار ڪرڻ.
(86)نياءُ ٿيڻ:
- هُيون ڪوڙيين ڪينجهر ڀر، نوريءَ سين نَياءُ ٿِئو. (گنج، ۵:۲)
نياءُ:
انصاف (قل). فيصلو، انصاف، طريقو، روش
(شيخ).
مطلب: حقدار کي حق ملڻ. (گهڻين مھاڻين منجهان نوريءَ سان) انصاف ٿيڻ (جنھن ۾ کيس تماچيءَ پنھنجي لاءِ چونڊيو).
(87)واٽَ تي
ويھڻ:
- وَٺِي ويٺيون واٽ تي، کِکيءَ جون کارِيُون. (ش، ۱۱:۱)
مطلب: انتظار ۾ رهڻ، اڳيان ويھڻ، لنگهڻ جي جاءِ تي ترسڻ، ملڻ لاءِ منتظر رهڻ.
(88)واهُوندا ورڻ:
- وَرِئي واهُوندَنِ، ڪيجهر کَٿورِي ٿئي. (ش، ۵:۲)
- واهُوندا ورَنِ، ڪينجهرُ هندورو ٿيين (گنج، ۳:۱)
وَرِئي
واهُوندَنِ: بھار جي موسم اچڻ تي (ش).
واهوندن:
بھار آڻيندڙ اولھه-ڏکڻ جي هوائن (سياري پوري ٿيڻ تي فيبروري جي پوئين اڌ ۾
اولھه-ڏکڻ ڪُنڊ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي جنھن کي ’واهوندو‘ يا ’واهوندا‘ چئبو) (بل).
واهوندا:
اُلھندي جو واءُ (قل). بھار جي
موسم جون (ڏکڻ-اولھه واريون) هوائون (شيخ).
واهوندا
ورڻ: بھار جي موسم اچڻ (قريشي).
ورن:
لڳن (شيخ).
مطلب: بھار اچڻ، مند ٽڙڻ، گل ڦل نسرڻ، ملڻ جي موسم اچڻ، خوشگواريت پکڙجڻ.
(89)وَٽِ ۾ ويھڻ (وٽ ۾
ويھڻ نه ڏيڻ [انڪاري/ناڪاري روپ]):
- جَن ويھَڻُ نه ڏِنِي وَٽِ ۾، ٿِيا سلامي سي. (ش، وائي: د-۲)
- جن وِهَڻ نه ڏِنُسِ وَٽَ ۾، ٿِئا سلامي سي. (بل، ۱۲:۳)
- جن نه وِهارِي وَٽ ۾، ٿئڙا سلامي سي. (گنج، وائي: د-۳)
وٽ ۾:
پاسي ۾، ڀرسان (ش).
مطلب: برابري ڏيڻ، هڪجھڙائي مڃڻ، رتبو برابر ڏيڻ، هڪجھڙي حيثيت قبولڻ.
(90)وَٽَ وَٽِڻ:
- قيمتَ ڪَميڻنِ سين، جھڙِي وَٽَ وَٽِيائين. (ش، وائي: د-۱)
وَٽَ:
مند جو نئون ميوو، سوکڙي (ش). وٿ،
وستو، ورڇ، تحفو، تبرڪ، برڪت واري شيءِ (شيخ).
وٽيائين:
ونڊيائين، وراهيائين (ش). وٽئائين: ورهايئين، تقسيم ڪيائين (شيخ).
وٽ
وٽيائين: ونڊ ونڊيائين، نقد ناڻو ونڊي ورهايائين (بل).
وٽ
وٽڻ: سوکڙيون ورهائڻ = (وٽن وانگر ورهائڻ) = خير ڪرڻ - ونڊ ونڊڻ (قريشي).
ڪميڻين:
سڃيين، بيواهين (بل).
قيمت:
هيءُ لفظ ’جھڙي‘ لفظ سان لاڳو آهي ان ڪري معنى ٿيندي قيمتي، املهه، بي بھا (شيخ).
مطلب: هِن سِٽ جي مفھوم ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون سمايل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب،
سِٽ جو مطلب آهي: ”ڪميڻن کي قيمت جھڙي وٽ وراهي ڏنائين؛ يعني،
سڀني غريب ۽ نيچ بندن کي قيمتي شيون وراهي ڏنائين“. شاھواڻي
صاحب موجب، مند جو نئون ميوو ورهايائين. ڊاڪٽر بلوچ موجب، ”سڃين ۾ نقد
ناڻو ونڊي ورهايائين“. شيخ صاحب موجب، برڪت ڀريون
شيون ورهايائين ۽ قريشي صاحب موجب، سوکڙين جو خير ونڊيائين. منھنجي ويچار موجب، اصطلاح
مان مطلب ٿيندو: پُورو حساب ڏيڻ، صحيح اگهه ڏيڻ، انصاف ڪرڻ، جيترو لھڻڻ ايترو ڏيڻ،
حق ڪرڻ.
(91)وَراڻَ ٿيڻ:
- ڄامُ تماچي آئيو، وَرِي ٿي وراڻَ. (بل، ۴:۴)
- تڙِ تماچي آيو، وَرِي ٿي وراڻَ. (شيخ، ۲۱:۱)
وراڻ:
سُک، سُڪار، وسندي (قل). (ماڻهن
جي) آمد. (اصطلاح طور) وري بخت وريو (بل).
خوشي، آسودگي (شيخ). واڌ، واڌارو، چاڙهو، سرسي،
سُڪار، وسندِي (بل).
مطلب: ڀاڳ ٿيڻ، بخت ورڻ، خوشحالي ٿيڻ، آسودگي ملڻ، برڪت ٿيڻ.
(92)وَرَنَ ڪرڻ:
- مي مڇيءَ ۾ هٿڙا، ويٺِي ڪَري وَرَنَ. (ش، ۲۲:۱)
- ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مڇيءَ ۾ هٿڙا. (گنج،۶:۲)
ورنُ
ج ورنَ: ذ. (سن. ورڻ = رنگ) رنگ. قسم-نمونو. روپ-صورت-شڪل-شبيھه.
حالت. ذات. چمڪاٽ. عيش-مزو (بل). جنس، ذات. روش. روپ، صورت. رنگ (سائل). رنگ، روپ،
چمڪاٽ، حالت، صورت، مزا، عيش (قل).
ويس ورن ڪرڻ: هار سينگار ڪرڻ = (مختلف نمونن جون پوشاڪون پھرڻ) (قريشي).
مطلب: رنگ روپ ڏيکارڻ،
(ڪَم سان) صورت نکرڻ، مزو ماڻڻ.
(93)هَڪِيُون حاضُرُ هجڻ:
- حاضر هيون هَڪيون، سَميُون سَڀيئي. (ش، ۱۹:۱)
هَڪي، هَڪيو: موجود،
حاضر، خبردار، سنڀال وارو (قل).
هَڪيو:
تيار، موجود. ’هڪيو موجود هجڻ‘ (عبدالجبار جوڻيجو).
هَڪِيو ج هَڪِيا:
ذ. صفت. ظرف. حاضر- موجود- ميسر- اڳيان- مُھيا- هٿ ۾- مھل
۽ موقعي تي لازمي طور موجود- تيار- ٺھيو ٺُڪيو- اڳ ۾ تيار- حاضر ناظر- هٿ وس.
اُٻھرو- تڪڙو- تھَطلبو. (ث. هَڪِي تَڪِي) (بل).
هَڪِيُون:
موجود، حاضر (گر). حاضر (مسافر). هڪ جاءِ ۽ هڪ مھل (بل). بر وقت يا اڳيئي تيار يا ٺھيل ٺڪيل (شيخ).
هڪيون
هجڻ: حاضر / موجود هجڻ (قريشي).
مطلب: مصرع ۾ ”حاضر هيون“
آيل آهي، ته پوءِ ”هَڪِيون“ جي معنى ”موجود، حاضر“ نه ٿيڻ گهرجي، جيئن ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ ۽ پروفيسر قريشيءَ ڄاڻايو آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل معنى جي
ڀيٽ ۾، ٻانهي خان شيخ جي معنى وڌيڪ ٺھڪندڙ ۽ بامعنى لڳي ٿي، پر جيڪڏهن ٻنهي معنائن
کي ملائجي، ته پوءِ معنى بيھندي: هڪ جاءِ تي، ساڳئي وقت، سينگاريل سنواريل سڀ
سَميون راڻيون موجود هيون. اها معنى پڻ قابلِ قبول محسوس ٿئي ٿي.
لغوي
طور ڏسجي، ته ”هَڪيون“، مونث لفظ ”هَڪيءَ“ جو جمع آهي (جيتوڻيڪ بلوچ صاحب ’هَڪي
تَڪي لکيو آهي!)، جنھن جو مذڪر واحدُ هَڪيو، جمع هَڪيا ٿيندو، جيڪو صفت به آهي ته
ظرف به. هَڪيو/هَڪِي جي هڪ معنى ”تھطلب“ به لکيل آهي يعني جلدي- يڪدم- فوراً- تھت-
تھتا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سميون اُٻھرائيءَ سان، تھطلبو حاضر پئي ٿيون، جڏهن
ته نوريءَ کي ان جي ڪا ڳڻتي نه هئي. هوءَ صابر ۽ سانتيڪي هئي. منجهس تَڪڙ بدران
ڳنڀيرتا هئي، ان ڪري ڪامياب ٿي ۽ تماچيءَ کيس نوازي، ساڻ کنيو. هتي، هَڪيون حاضر
هئڻ مان مراد ٿيندي، صبر ڇڏڻ، تڪڙ ڪرڻ، وهلور وڃڻ.
(94)هندورو ٿيڻ:
- لڳي اتر واءَ، ڪينجُهرُ هِندورو ٿِئي. (ش، ۴:۲)
هندورو:
فرحت جي جاءِ، لذت وارو (قل). پينگهو، ڏولِي (سنديلو). پينگهو،
جُهولو (شيخ).
مطلب: ڇُلڻ، لھرن جو پيدا ٿيڻ، مستيءَ ۾ اچڻ، جُهومڻ، جنھن منجهان فطرتي جماليات
جو اظھار ٿئي ٿو.
(95)هِيري هٿُ وجهڻ:
- هِيري هٿُ وِڌائِين، ويھِي ساٽِيَنِ وِچ ۾. (ش، د-۱، وائي)
هيري:
هيري ۾، يعني نوريءَ جھڙي بي بھا موتيءَ ۾ (گر).
ساٽين:
مڇيءَ وارن، مھاڻن (بل).
هيري هٿ
وجهڻ: حاصل ڪرڻ (قريشي).
مطلب: نوريءَ کي پنھنجو ڪَرڻ، ماڻڻ، حاصل ڪرڻ، منتخب ڪرڻ.
(96)هِيڻَ/هِيڻا هَڏ هجڻ:
- سَمي سيئِي
سيڻَ ڪيا، هيڻَ جَنين جا هَڏَ. (ش، ۸:۱)
- سَمين سيئِي
سيڻَ ڪئا، هيڻا جَن جا هَڏَ. (گنج: ۱۵:۱)
هيڻ:
هيڻا، ضعيف (ش). هيڻا، ضعيف (مسافر).
هيڻ جنين
جا هڏ: جي هڏن جا هيڻا آهن، يعني جن کي نه آهي پدن جو زور، نه مال ملڪيت جو (گر).
مطلب: غريب هجڻ، ناتوان هجڻ، عام خلق هجڻ، بي پھچ هجڻ.
نتيجو:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سرجيل هيءُ سر ”ڪاموڏ“ فڪري طور ٻن مکيه ڪردارن
ڄام تماچيءَ ۽ نوري مھاڻيءَ جي محبت ۽ هڪٻئي سان مڪمل وابستگيءَ جو ڀرپور اظھار
آهي. هن سُر ۾ شاهه لطيف طبقاتي اوچ نيچ کي ختم ڪيو آهي ۽ اڻبرابريءَ جي حيثيت کي
سماجي لڳ لاڳاپن ۾ ڪا اهميت ناهي ڏني. هن سُر مان پڌرو ٿو ٿئي ته جيڪڏهن وقت جو
بادشاهه چاهي ته پنھنجي عوام کي سُک ۽ سھولتون ڏئي ۽ محصول معاف ڪري، ان جي معاشي
۽ سماجي حالتون سڌاري سگهي ٿو. لسانياتي طور، سر ڪاموڏ ۾، ٻوليءَ جون انيڪ خوبيون
سمايل آهن. خاص ڪري ان جي لغت ۽ لفظن جون ظاهري/لغوي توڙي رواجيل/اصطلاحي
معنائون وڏي ڪثرت رکن ٿيون. سر ڪاموڏ جي
اڀياس مان، کوجيل ۹۶ اصطلاحَ، سنڌي ٻوليءَ جي
اصطلاحي معنائن کي وڏي سگهه بخشيندڙ آهن، جنھن مان ڄاڻي سگهجي ٿو، ته ۳۰۰ ورهه کن اڳ لکيل اهي اصطلاح، سنڌ جي سما دَور جي ڪھڙي نه لاڀائتي عڪاسي ڪن
ٿا ۽ سنڌي سماج جي پُر امن تصوير چِٽن ٿا! خاص ڪري انهن اصطلاحن مان، ٺٽي ضلعي ۾
واقع ڪينجهر ڍنڍ ۽ ان سان ڳنڍيل ماحول ۽ سماجيات جي مثبت نمائندگي ٿئي ٿي.
مددي
ڪتاب ۽ رسالا:
1.
اصغر،
غلام [۱۹۵۵-۵۶]: سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر؛ حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد ائنڊ
برادرس.
2.
الانا،
غلام علي، ڊاڪٽر [۲۰۱۴]: شاهه
عبداللطيف ڀٽائي؛ ڪراچي يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
3.
امِ ڪلثوم
شاهه، ڊاڪٽر [۲۰۰۴]: شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو؛ ڪراچي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
4.
انڍڙ،
ارشد، حافظ [۲۰۰۱]: عشق جي چاڙهي جو اولين ڏاڪو: نماڻائي (مضمون)؛
ماهوار ”پيغام“ ڪراچي، ايڊيٽر: آفتاب ابڙو؛ ڪراچي؛ آڪٽوبر-نومبر ۲۰۰۱ع؛ ص ۱۳-۱۷.
5.
بلوچ،
نبي بخش خان، ڊاڪٽر [۱۹۹۹]: شاهه
جو رسالو؛ حيدرآباد، علامھ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽
اشاعت.
6.
بلوچ،
نبي بخش خان، ڊاڪٽر [۲۰۰۵] ۲۰۱۷: نئين جامع سنڌي لغات (ٽن جلدن ۾)؛ حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو.
7.
بلوچ، نبي
بخش خان، ڊاڪٽر [۲۰۱۲]: شاهه عبداللطيف ڀٽائي: مقالا ۽ مضمون؛ مرتب: ڊاڪٽر
محمد علي مانجهي؛ ڪراچي، ثقافت
کاتو، حڪومت سنڌ.
8.
بيگ،
اجمل، مرزا [۱۹۹۷]: سر ڪاموڏ جي تمثيل (مضمون)، ڪتاب: شاهه
عبداللطيف ڀٽائي: چونڊ مضمون؛ مرتب: ڄاڻايل ناهي؛ ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪاميٽي. ص: ۲۰۱-۲۱۶.
9.
بيگ،
قليچ، مرزا، شمس العلماء [۱۹۱۴] ۱۹۹۴: لغات لطيفي؛ حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
10.
بيگ،
قليچ، مرزا، شمس العلماء [۱۹۲۴]: سنڌي
لغات قديمي؛ حيدرآباد، سنڌي ساهت پبلشنگ ڪمپني.
11.
ڀٽي، رشيد [۱۹۸۸]: شاهه
جي سر ڪاموڏ جو اڀياس (مضمون)؛ ڪتاب ”سر
ڪاموڏ“، مرتب: حميد سنڌي؛ ڀٽ شاهه، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز؛ ص ۱۵-۲۸.
12.
ٿلهو،
منصور [۲۰۱۴]: اَکر پَٽي؛ شڪارپور/حيدرآباد،
سنڌيا پبليڪيشن.
13.
جوکيو،
الطاف حسين، ڊاڪٽر [۲۰۰۹]: سنڌي
ٻوليءَ جي اهم اصطلاحي جزن جي تنقيدي اکيڙ (مضمون)؛ سنڌي ٻولي (تحقيقي جرنل)؛
ايڊيٽر: تاج جويو؛ حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي؛ جلد ۲، شمارو ۳، سيپٽمبر ۲۰۰۹ع؛ ص ۱۰۶-۱۴۳.
14.
جوڻيجو،
عبدالجبار، ڊاڪٽر [۱۹۷۵]: لاڙ
جي لغات؛ حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز.
15.
جويو،
ابراهيم، محمد [۱۹۹۰]: شاهه - سچل -
سامي؛ ڪنڊيارو، روشني
پبليڪيشن.
16.
دانش،
احسان، ڊاڪٽر [۲۰۱۶]: شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج؛ ڪراچي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ.
17.
رامنداس،
گهنشامداس [۱۹۱۰]: سنڌي ٻوليءَ جي سونھن.
18.
رڪڻائي،
الھنواز [۲۰۰۷]: سنڌي ٻوليءَ جو درياهي
لھجو؛ حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
19.
سائل،
سترامداس سوڀا سنگهه جڙيا سنگهاڻي، پروفيسر [۲۰۰۴] ۲۰۰۹: سائل ڪوش؛ حيدرآباد،
ڪويتا پبليڪيشن.
20.
سڌايو،
غلام نبي، ڊاڪٽر [۱۹۹۲]: شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري؛ ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
21.
سنديلو،
عبدالڪريم، ڊاڪٽر [۱۹۵۵] ۱۹۸۰: تحقيق لغات سنڌي؛ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ.
22.
سنديلو،
عبدالڪريم، ڊاڪٽر [۱۹۸۴]: سچل
لغات؛ خيرپور، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي.
23.
سنديلو،
عبدالڪريم، ڊاڪٽر [۱۹۸۷] ۱۹۹۳: اصطلاحن جي اصليت؛ ڪراچي/لاڙڪاڻو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي.
24.
سنڌي،
محمد ابراهيم، ڊاڪٽر [۲۰۱۷]: اندر تون اجار؛ ڪراچي،
ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.
25.
سورلي،
ايڇ. ٽِي. [۱۹۹۲] ۲۰۰۵:
ڀِٽ جو شاهه؛ سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو؛ ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي.
26.
سوڍر،
شاهنواز، ڊاڪٽر [۲۰۰۰]: اوجاڳي اُجاريا؛ لاڙڪاڻو،
لطيف ساڃاهه پبليڪيشن، لاڙڪاڻو.
27.
شاد، بشير
احمد، ڊاڪٽر [۲۰۰۸]: شاهه لطيف هر دَور جو شاعر؛ ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي.
28.
شاهواڻي،
غلام محمد [۱۹۹۳]: شاهه جو رسالو؛
ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي.
29.
شيخ،
ٻانهون خان [۲۰۱۲]: شاهه جو رسالو (جلد
ٽيون)؛ ڪراچي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
30.
فھميده
حسين، ڊاڪٽر [۱۹۹۳]: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ؛ ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
31.
قريشي،
مظھر علي، پروفيسر [۱۹۹۳]: شاهه لطيف رح جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا (مضمون)؛ ماهوار ”پيغام“ ڪراچي؛ جلد ۱۶، شمارو ۸ -۹، فيبروري-مارچ ۱۹۹۳ع، ص ۷-۱۷.
32.
ڪاشف،
محمد حسين [۲۰۰۵]:
لطيفي فڪر ۽ سرن جي ساڃاهه؛ ڀٽ
شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
33.
گربخشاڻي
هوتچند مولچند [۲۰۱۴]: شاهه جو رسالو؛
ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي.
34.
”گنج“
(جلد ٻيو) [۲۰۱۸] ۱۹۹۴: ايڊيٽر: مدد علي سنڌي؛ ڪراچي، ثقافت،
سياحت ۽ نوادرات کاتو، حڪومت سنڌ.
35.
مٽلاڻي،
منوهر، ڊاڪٽر [۱۹۹۲]: شاهه جا سرمور؛ ڪنڊيارو،
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
36.
مسافر،
محمد صديق [۱۹۵۹]: سر ڪاموڏ؛ حيدرآباد، آر.
ايڇ. احمد ائنڊ برادرس.
37.
مصراڻي،
احمد خان آصف: سر ڪاموڏ (مضمون)؛ ڪتاب ”سر ڪاموڏ“، مرتب: حميد سنڌي؛ ڀٽ
شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز؛ ص ۱۴۱-۱۴۷.
38.
ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر [۱۹۸۸]: سر ڪاموڏ جو ادبي جائزو (مضمون)؛ ڪتاب ”سر ڪاموڏ“، مرتب: حميد سنڌي؛ ڀٽ شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز؛ ص ۶۳-۷۰.
39.
نقوي،
نجف علي شاهه ڪمتر، سيد [۱۹۸۴]: ٻاروچي
ٻولي؛ ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
· ”او قابيل“ جي ٻِي پڙهڻي ”عُقابيلَ“ به آهي، جيڪا وڌيڪ با معنى ۽ ٺھڪندڙ
آهي. جامع سنڌي لغات (جلد-2) موجب:- عقابيل: عقاب پکيءَ جو پَر.
تير-گز-ٻاڻ-آڳاٽي وقت جو تير جنھن جي پوئين چوٽيءَ ۾ عقاب جا کنڀ پوري وزن ۽ بيھڪ
خاطر لڳل هوندا هئا.[بلوچ، 2017: 1290]
¨ پھريون ڇھئي مصرعون شاهواڻي
صاحب جي رسالي مان ورتل آهن.
No comments:
Post a Comment