Monday, April 19, 2021

جاڙي به جڳ سنئين

جاڙي به جڳ سنئين. (پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



جاڙي يا جاڙو، (Twins) انھن ٻارن کي چئبو آھي، جيڪي ماءُ جي پيٽان ساڳئي ويم اندر ڄمن. اگر ٻئي ڇوڪرا آھن ته سڏبا جاڙا، اگر ٻئي ڇوڪريون آھن ته سڏبيون جاڙيون. اگر جوڙي، نر ماد جي آھي، يعني ھڪڙو ڇوڪرو ۽ ھڪڙي ڇوڪري آھي ته ان صورت ۾ ڇوڪرو سڏبو جاڙو ۽ ڇوڪري سڏبي جاڙي.


ڇوڪرو، نسب جي سڃاڻ ۽ ٻنڀو پٽجڻ جو اھڃاڻ آھي. ان ڪري ھر ڪنھن جو ان تي آر ھوندو آھي. ڌيءَ/ ڇوڪريءَ کي ھر ڪو پرائو باغ سمجهي، پٽ/ ڇوڪري جي ڀيٽ ۾ توجهه گهٽ ڏيندو آھي. جاڙا ٻار، پالڻ اھنجا آھن. ڇو جو ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ کير گهٽ ھوندو ته توجهه ھڪ تي سجيھ ۽ ٻئي تي گهٽ ٿيندو. جاڙو ۽ جاڙيءَ جي صورت ۾، گهڻو توجهه يا لاڏڪوڏ، پٽ/ ڇوڪري تي ھوندي آھي، ڌيءَ/ ڇوڪريءَ تي گهٽ ھوندي آھي. ان حال ۾ به، جيئن ٻليءَ جا ٻلونگڙا يا ڪتيءَ جا پونگڙا، ھڪ تُور ۾ گڏ ڄاول ھئڻ جي باوجود، زماني سنئين پلجي وڏا ٿيندا آھن. اھي به جاڙا ھوندا آھن. پيٽان ڄمندا آھن، ڪڪڙ جي ٻچن وانگر آنن مان نه ڦٽندا آھن. تنھن ھوندي به پلجي وڏا ٿيندا آھن.

اھڙيءَ طرح، جاڙي (نياڻي) به گهٽ توجهه ھوندي، زماني سنئين، پلجي تاتجي جوان ٿي پوندي آھي.

دنيا جا ٻيا به ڪيترا معاملا اھڙا آھن. جن ۾ مدد جي ضرورت ھوندي آھي. اگر نه ملندي آھي ته پوءِ توڪل ڪندي چئبو آھي؛ ”جاڙي به جڳ سنئين.“ يعني ھيءُ معاملو به ڪنھن نه ڪنھن طرح حل ٿي ۽ منطقي انجام تي رسي ويندو.

No comments:

Post a Comment