Monday, April 19, 2021

ضلعي لاڙڪاڻي جا چُونڊ پھاڪا، چوڻيُون ۽ اصطلاح - شيخ جاويد علي سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جا چُونڊ پھاڪا، چوڻيُون ۽ اصطلاح

 

تحقيق ۽ تحرير:

شيخ جاويد علي سنڌي

 


چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي) جو سڀ کان آڳاٽو تاريخي حوالو علامہ ابوُالفضل جي فارسي تصنيف آئين اڪبري ۱۵۹۰ع ۾ ملي ٿو. نواب مير محمد معصوم بکري تاريخ معصوُمي ۱۶۰۰ع، ادراڪي بيگلاري بيگلار نامہ ۱۶۰۸ع، سيد طاھر محمد نسياني تاريخ طاھري ۱۶۲۱ع، يوسف ميرڪ تاريخ مظھر شاھجھاني ۱۶۳۴ع ۽ سيد مير محمد بن جلال ترخان نامہ ۱۶۵۴ع، باغ علي خائف ۱۷۴۲ع، ميان نوُر محمد ڪلھوڙو ۱۷۵۵ع ۾ ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي تحفت الڪرام ۾ به چانڊڪا پرڳڻي جو ذڪر ڪيو آھي. چانڊڪا پرڳڻي جي قبيلن ۽ اتان جي شادابيءَ بابت يوسف ميرڪ بن ابوالقاسم نمڪين پنھنجي مشھور تصنيف تاريخ مظھر شاھجھاني جيڪا ۱۰۴۴ھ مطابق ۱۶۳۴ع ۾ تحرير ڪئي وئي ھئي، جي صفحي نمبر ۱۰۲ تي چوي ٿو ته؛ ٻيو پرڳڻو چانڊڪا جو آھي، جيڪو گھڻي ڀاڱي وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. ھتي سميجا، بُڪيجا، سانگي ۽ ابڙا رھن ٿا، جيڪي سڀ طاقتمند قبيلا آھن. ھنن مان ابڙا ۽ سانگي پڻ پاڻ کي سميجا سڏرائين ٿا. چوٿين قوم مھديجي شيخن جي آھي (۱۲۰ ص). يوسف ميرڪ چانڊڪا پرڳڻي جي واھن، شھرن ۽ فصلن لاءِ  وڌيڪ لکي ٿو ته؛ محمد علي بيگ بندري (متوفي ۱۰۶۶ھ) جيڪو نواب آصف جاھ پاران (۱۰۳۸ھ) ۾ بکر جو فوجدار ھو. تنھن جي زماني ۾ مير نالي چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياھ مان وڏو واھ ڪڍرائي غيرآباد زمين ۾ آندو ھو جنھنڪري انھن پٽن ۾ جتي چرندن، پرندن  توڙي آدم ذات جو ڪو اير ڀير ئي نه ھو، اتي نيون وستيون آباد ٿي ويون. انھن مان جوکي، ھرڻي ۽ منھ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل ھئا. ساڳيءَ ريت نندي ابڙي پوپٽي نالي ڳوٺ ٻڌرايو ھو. ابڙن جي مرشد شاھ علي جيڪو مھديجو سڏائي ٿو، تنھن ڪوٽلي نالي ڳوٺ آباد ڪيو. اھڙيءَ ريت چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙن، سانگين ۽ سميجن واھ کوٽائي انھن جي ڪلنڀر سان نوان ڳوٺ ٻڌرايا. نتيجو اھو ٿيو جو جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻھو انھي پاسي رجوع ٿيندا ويا. سارين ۽ جوارين جي خريف واري پوک ۾ واڌارو اچي ويو، جنھن جي آبادي  لکن جريبن تائين وڃي پھتي، سواءِ ربيع واري پوک جي، جنھن  ۾ ڪڻڪ، جو، چڻا ۽ سرنھن وغيرھ شامل آھن. (تاريخ مظھر شاھجھاني، يوسف ميرڪ بن ابو القاسم نمڪين، ۱۰۴۴ھ مطابق ۱۶۳۴ع، مترجم نياز ھمايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ ۱۹۷۹ع، ص ۱۲۲) مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته محمد علي بيگ بندري ۱۰۳۸ھ (۱۶۲۸ع) ۾ بکر جي فوجداري تي مقرر ٿيو ھو.

 

ميان نوُر محمد ڪلھوڙي جي زماني ۾، ميان شاھ بهاري جھنجھڻ، چانڊڪا پرڳڻي جي شادابيءَ لاءِ ڪيترائي نياڻ، واھ ۽ کوھ کڻايا. ان جو کوٽايل واھُ، ڪُور شاھ(Shah Canal)  يا شاھ جي ڪُور سڏجي ٿو ۽ اهو اڄ به قمبر، ميروخان ۽ شهدادڪوٽ  تعلقن جي ايراضين ۾ موجود آهي. ضلعي قمبر شھدادڪوٽ اندر، شھدادڪوٽ ۽ چاڪياڻي پاسي شاھ پُور ۽ شاھ جو لئو نالي ماڳ، سندس عظمت جو اھڃاڻ آھن. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور جي ليکڪ مولانا غلام رسُول مهر جي تحقيق مطابق، ميان شاھ بهاري ۲۴ ربيع الثاني ۱۱۵۰ ھ / ۱۲ مئي ۱۷۳۶ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات  ڪئي ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ هن سُورهيه جرنيل جي مقبري جي اڏاوت ڪرائي. ٽوپڻ مل حيدرآبادي پنھنجي ڪتاب تاريخ سنڌ (۱۸۷۶ع) جي صفحي ۹۳ تي ميان شاھ بھارو کي جت قبيلي ۾ شمار ڪيو آھي. ميان شاھ بھارو جھنجھڻ کانپوءِ چانڊڪا پرڳڻي جو مختيارڪار مِٺو خان ڪلهوڙو ٿيو. مٺو خان ڪلھوڙو ضلعي لاڙڪاڻي جي آباد ايراضين کي درياءَ ۽ جابلو پاڻيءَ جي ٻوڙان ٻوڙ کان بچائڻ لاءِ مٽيءَ جا وڏا وڏا بند ٻڌرايا. مٺي خان ڪلهوڙي جي ئي حڪم تي هاڻوڪي قمبر شهر کان ۱۱ ميل اولھ طرف، پنهوارو، بنگل ديرو سميت رتوديرو ۽ نوشهرو ابڙو تائين هڪ ڊگهو بند تعمير ڪيو ويو. مٺي خان ڪلهوڙي پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ مِٺو واهه (Mittah Wah) نالي هڪ نياڻ به کوٽايو هو. جيمس مطابق ۱۸۴۷ع ۾ مِٺا/ نصرت واھ جي ڪُل ڊيگھ ۲۵۰۰۰ گز هئي. سنڌُو درياءَ جي ۱۷۳۷ع ليٽ کان پوءِ ميان نُورمحمد ڪلهوڙي طرفان مقرر ڪيل چانڊڪا پرڳڻي جي مختيارڪار ۽ نواب مٺي خان ڪلهوڙي مذڪوره پرڳڻي جي ڳوٺن، شهرن، واهڻن ۽ زرعي ايراضين کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪ بند ٺهرايو هو، جيڪو بعد ۾ سندس نالي پٺيان مِٺو/ خاڪي بند (Mittah Kakie Bund) سڏجڻ ۾ آيو. ان بند کي هزارين ڪاريگرن، پورهيتن ۽ مزدورن وڏي محنت ۽ ڪشالن کان پوءِ جوڙي راس ڪيو هو. اڄ سوڌو شهدادڪوٽ ۽ قمبر روڊ تي ڳوٺ بهرام جي آسپاس ان جا پراڻا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو بچاءُ بند، دوست علي شهر جي اوڀر کان ٿيندو، نُورواھ جي پڇڙيءَ وٽان لنگهندو وڃي ڏاتي جي ڪُور ۽ ڪُور شاھ جي پاند کان ۱۰ ميل هيٺ ويندو هو ۽ اتان اوڀر ڏکڻ رخ ۾ بنگُل ديرو ۽ خيرُوديرو تائين پهچندو هو. انهيءَ بند کان علاوه ان زماني ۾ هڪ ٻيو بند به جوڙايو ويو هو، جنهن کي بنگُل ديرو، خيرُوديرو، رتوديرو ۽ نوشهرو ابڙو واري پاسي ڪلهوڙن جي چوڻ تي ڪجھ هندُن ٺهرايو هو. ان بند کي جنرل جان جيڪب ۱۸۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڪتاب سنڌ اريگيولر هارس ۾ ”کنڊاڻي بندُ(Kundranie Bund) ڪري سڏيو آهي. ان بند جي اڏاوت ۾ ڪلهوڙا حڪومت جا هندُو عملدار کاٽي کڻندڙ پورهيتن ۽ کامڙين کي شام جو اجرت ۾ اٽي ۽ مکڻ جون ڪوڏرُون ڀري ڏيندا هئا. اهڙا بند پنهنجي طرز تعمير جي لحاظ کان اندروني ۽ بيروني بند ڪري سڏبا هئا. اهي بند گهاڙ واهه، ڪُور ڏاتو ۽ نُور واهه وارين زرعي ايراضين کي بچائڻ لاءِ ٺهرايا ويا هئا. ڇو ته اهي علائقا اڪثر ڪري دريائي توڙي جابلُو ٻوڏُن جي ور چڙهيل هوندا هئا. قديم زماني ۾ اناج، مال متاع ۽ انساني جانين جو وڌ کان وڌ نقصان ٿيندو هو ڇو ته ٻوڏ اوچتو اچي ماڻهن جي مٿان ڪڙڪندي هئي. ان حوالي سان جنرل جان جيڪب پنھنجي ڪتاب سنڌ اريگيولر ھارس جلد ۲، لنڊن ۱۸۵۶ع جي صفحي ۲۵۸ تي لکي ٿو ته؛

 

In the time of the Kolorahs, and when one Mittah Kolorah was Mooktyarkar of Larkannah or Chandookah districts, it became necessary to throw up a Bund to preserve the western lands of Chandookah from submersion. Mittah therefore issued an edict that one should be made from Poonharah, a town some 11 miles to the west of Kumber, to near Bungulderah, 7 miles south-east of Ruttaderrah and Nyadera, and ended in the Nowshera districts. The Mittah Kakie Bund, as it is now known, was made at immense trouble, thousands of laborers being employed. Its course is marked in the sketch map: starting from Poonharah, it ran east of Dost Ali, crossing the tail of Noorwah Canal, and passing some 10 miles south of the tails of the Datah and Shaie Ki Koors, was taken 2 miles west of Sorah Khan Lagharee’s village, and then in south easterly direction to Bungalderah and Khyraderah. The Kundranie Bund was made by some speculative Hindoo, and taken from Bungalderah, or Khyradeah, south east of Ruttahderah, into the Nowshera districts. It is told of this Hindoo that he never thought of measuring out the grain, & c., to the laborers employed on the work, but he did as follow: Two distant munds of flour and ghee were daily prepared and placed near the work. In the evening, all the workmen repaired the spot, and passing in single file past the heaps, each man in turn filled the Kodur with flour, which he deposited in his bag, repeating the performance until there was no room left for supply. At the same time, he carried off as much ghee as he could lodge on the corner of his Kodur (Page 258)

 


سر هينري پاٽنجر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“، ۱۸۱۶ع جي صفحي نمبر ۴۱۱ تي سنڌُو درياهه، چانڊڪا پرڳڻي ۽ ان جي اولاهينءَ شاخ قمبر نديءَ جو ذڪر ڪيو آھي. لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽينينٽ ھيُو جيمس (Lieutenant Hugh James) مطابق چانڊڪا پرڳڻو ايراضي ۾ اٽڪل ۶۰ ميل ڊگھو ۽ ۳۵ ميل موڪرو ھو. ان ۾ انتظامي لحاظ کان ۱۹ ننڍا توڙي وڏا تپا ھئا. ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻو ضلعو قائم ٿيو. راقم الحروف ۱۹۹۲ع کان ۲۰۲۰ع تائين آڳاٽي ٻڌيا پرڳڻي يا موجودھ لاڙڪاڻي، قمبر شھدادڪوٽ، جيڪب آباد، گنداواھ جھل مگسي ۽ دادُو ضلعن جي ٻھراڙين ۾ ڪيترا ئي ھيٺ ڏنل سنڌي، بلوچي ۽ سرائيڪي پھاڪا ٻڌا ۽ نوٽ ڪيا. انھن مان ڪجھ اباڻي آڪھ مان مليا. ڪجھ پھاڪا وري ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي صاحب، وينا شرنگي، عبدالحميد لاشاري، پير بخش خان ڀٽي ۽ حمل خان خشڪ وٽان به مليا جنھن لاءِ مان سندن ٿورائتو ۽ شُڪرگذار آھيان. فاحش پھاڪن کي ھت پيش ڪرڻ مناسب ڪو نه سمجھيم. چانڊڪا پرڳڻي يا لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪجھ چونڊ پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ھيٺ ڏجن ٿا؛

 

1.            آپ نه پلي، ڏوجھيان متيان ڏيوي. (سرائيڪي، پھاڪو)

2.            آلوُ مل! پالُو مل ڪُون سلام ڏيوين. (قمبر)

3.            آيا مير، ڀڳا پير.

4.            اُٺ اٿي نه چئي؛ ڀاڙو ڀري ڏي!

5.            اٺ آنا اُٺ، ٻارھن آنا گھلاڻي.

6.            اُٺ ٿڪجي ته گيچڻ به بارُ.

7.            اٽا نه ٻاٽ، آکي ميڏي به گھڙ گھتين. (سرائيڪي، پھاڪو)

8.            ادي بيگي ھلي ته اڪيلو ھليو وڃان.

9.            اڌُ پڪوڙو تيل ۾، سڀ پتُوجا جيل ۾.

10.        اسان ڄڻ لال واھ جا ڇيڙا آھيون؟!

11.        اُکڙ ته اتھين پئي ٿي، چپران مار مار اٿئين به مئين آندي ھئه. (سرائيڪي، پھاڪو)

12.        انُ کڻي ويا دلال، باقي بچيو پلال.

13.        انُ نه پاڻي، جيئي جمالي.

14.        انُ نه مھانگو، پرين نه ڪوڙا.

15.        انڌي ڀُونڊي ۾ خوش.

16.        انڌي جي جوءِ، اللھ جي امان ۾ آھي.

17.        انڌي ڪرن خيرات ته ول ول ڏيون اپڻي ڪوُن. (سرائيڪي پھاڪو)

18.        انگھُ، لاڙو ڪري لنگھ. (شھدادڪوٽ)

19.        اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ.

20.        اھي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گھٽا ڏيندا ھئا.

21.        ايمڻان مُٽيو، تيلُ ٿي ويو.

22.        ايندي سڱن لاءِ، ويندي ڪن ڪپائي.

23.        باڊھ جي بُسرين کان، ٿرڙيءَ جون ٿُڪون ڀليون. (باڊھ)

24.        بار کڻندا باري، ناھي ڪم ڪچن جو.

25.        بُٺي به وئي ته بھرام به ويو.

26.        بُٺي، آ قرب جي ڪُٺي. (ميروخان)

27.        بٺيءَ جا ھَڪڙا، ڪراچيءَ جا مڪڙا. (ميروخان)

28.        بُجيراڻي جي اڙي، ڀوُتاڻيءَ جي چڙھي.

29.        براھوي ٻولي معني دٻي ۾ ٺڪري.

30.        بروھي آيا ريل ڏسڻ، سنڌ ۾ رھي پيا.

31.        بک نه پڇي بصر، ننڊ نه پڇي ھنڌ.

32.        بگي دڙي واري بس کان پنڌ ڀلو آ.

33.        ٻارنھن باريجا يارنھن حُقا، رات رنجائي گذري.

34.        ٻٻر بي خبر، جن جا آکيرا ئي اونڌا.

35.        ٻروچ جي مئين ٿُوڻي! (شھدادڪوٽ)

36.        ٻروچ، ٻڪر، ٻارُ، مڱڻھار، چار ئي پاڙي جو آزار.

37.        ٻروچن جي ٻلي به ٻه مڻين.

38.        ٻوڙي کي لڳو ھو ڪلو چئي؛ ڌڌڪو ڪاٿي آ؟!

39.        ٻه ٻروچ، ٻارنھن ڪُتا، ته به ٻروچ تکا.

40.        ڀان ڀان دي ڪُتي، ھرڻان دا شڪار. (سرائيڪي، پھاڪو)

41.        ڀت جي اڳياڙي، جھيڙي جي پڇاڙي.

42.        ڀٽي، اٽي تي چٽي.

43.        ڀر ۾ مري ڀاءُ، ته ٻاجھ نه پئي ٻُرڙي کي.

44.        ڀڳل ٻانھن، مالڪ جي ھٿ ۾.

45.        ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پٺيان ڀلا.

46.        ڀينگا ھليا سُڃن وٽ، ھلو عيد ڪيون. (وارھ)

47.        پٽيندي ئي پيٽ، وئي ڄمار ڄٽ جي.

48.        پٽيُون ڪُٽيون اسان شاھي، ڀت کائي وڃن ڪارڙائي!

49.        پن جي ٻيڙي، وات جي چوڪيدار.

50.        پنج ڪڻي، مھر گھڻي.

51.        پنسان قنديل چاسان، گڏھ نه ڏيسان، گڏھ دي رقم ڏيسان. (سرائيڪي، پھاڪو)

52.        پوک پچي پاڻيءَ تي، ماڻھو تڳي نيت تي.

53.        پئه پارا! سھُ جندڙي.

54.        ٺڳ ٺڳن جا يار، ھڪڙا حاجي، ٻيا زوار.

55.        ٿُڪ لعنت لاءِ شل وڳڻين موڪلجئي!

56.        ٿئين مال ته مئين، مئين مال ته يان يان!

57.        ثمر نه ھجئي ساڻ، ته گھڙي پئه گھٽھڙ ۾. (نصيرآباد)

58.        جاڙي به جڳ سان. (شھدادڪوٽ)

59.        جاڙي؛ رات جو ڪاري، ڏينھن جو ڳاڙھي.

60.        جانوُ ننگراڻي وارا حوال نه ڪر.

61.        جت آکيا ول نه ڏيلھي کاسُون.

62.        جت، بي مت، اڳوُن لائي وت، نه ته مار گھت. (سرائيڪي، پھاڪو)

63.        جت چڙھي سچائي تي ته کڙھ تي کير پيئاري. (شھدادڪوٽ)

64.        جڏھن ڪڏھن سنڌڙي، تو کي قنڌارُون جوکو.

65.        جڳ سان جيئن تيئن، وريل سان ٿي ويرُ.

66.        جنھن ٿانءَ ۾ کائي، تنھن ۾ گند ڪري.

67.        جو سُک پنھنجي دُواري، سو نه بلخ نه بُخاري.

68.        جوُئرجو اٽو؛ نه مڙي، نه مزو ڪري.

69.        جھڙا جوُڻاڻي، تھڙا جاداڻي. (وارھ)

70.        جھل ته دٻ! چئه ڀٽائي جا فقير آھيون!

71.        جھنگ آھي ننگ؛ نه ڪُتو ڏسي، نه ڀونڪي.

72.        جيڪو اڳي، سو تڳي.

73.        جيڪو چلھ تي، سو دل تي.

74.        ڄٽ، ڦٽ ۽ ٽٽ، ٽيئي ٻڌا ڀلا.

75.        چار گھڙيون چانڊوڪي، پوءِ انڌري رات.

76.        چانڊيا چور، شنباڻي شاھد. (قمبر)

77.        چانڊيو نه چڱائي، سوُمرو نه سچائي.

78.        چانھ ناھي چرچو، ڪجھ پئسو پنھنجو به خرچو.

79.        چٽي پئي چاڪر تي، ڀر وتايا توُن!

80.        چريو ڳالھائي، سياڻو سمجھي.

81.        چڻا؛ ٽٽ گھڻا، مٽر؛ ماٺ نه ڪن.

82.        چور ڀائي، پت نه ڪائي.

83.        چور جو ھڪ دڳ، ڀاڳئي جا سو دڳ.

84.        چور کي چانڊوڪي، سُجھندي آھي.

85.        ڇتا ڇو ڇتو ٿيو آھين؟ آيو آھين عشق جي اري ۾، ھاڻي پيو آن کوُھ جي تري ۾!

86.        ڇڄ ڏيک، ڇڄ دي ٻڌ ڏيک، گنداخي دا پنڌ ڏيک. (گنداخہ)

87.        ڇڏ يار! صفا ڪو ڀيلُ آن.

88.        ڇورو، آپ زورو.

89.        ڇوڪراڻي پوتي، ڌوتي نه ڌوتي.

90.        خرچ کيرٿر تي آ.

91.        خضداري، بي مياري! (خضدار)

92.        خوشيءَ جھڙي خوراڪ ناھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ناھي.

93.        خيرُوءَ جو زھر به نقلي!

94.        دل کوٽي، عذر گھڻا.

95.        دُنيا پمال، شانڊيہ پغال. (وارھ)

96.        دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، ھن جي ڪسر ھن ۾ آئي!

97.        دھل در تي آ، ڇوري ڇيڻان ٿي ميڙي.

98.        ڏاڏا ٻالا، رب تعالي، مُوسڙي دا ڪيا وڃين؟! (سرائيڪي، پھاڪو)

99.        ڏاند کري وراڻي نه وري، مڙس کري ڀڙوت ڪري.

100.   ڏُٻري گھوڙي، سيٽيل سوار؛ چوڍيو يا جروار.

101.   ڏسُ! رتي جون ماڙيون! واھ واھ رتوديرو.

102.   ڏسڻ جي ڏوڪري، اندر جي باڊھ.

103.   ڏک سڏ لنگھ ويسين، چُت سڙي دا داغ نه ويسين. (سرائيڪي پھاڪو)

104.   ڏنڊو به سُڪ ته فقير به سُڪ.

105.   ڏنو پٽ ڇٽي جو، ذات جو آسودو.

106.   ڏياري جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڌو چڀڙُ مٺو.

107.   ڏيندو ربُ، دلوُراءِ ڇا ڏيندو؟!

108.   ڌي ڪنُون اڳي کاءُ گھنيجي، نُنھن ڪنون اڳي چوڙ گھنيجي. (سرائيڪي پھاڪو)

109.   راتيان رڙي ڪانءُ، ڏينھان رڙي گداڙ، يا مري راجا، يا پوي ملڪ ڏڪار. (سرائيڪي، پھاڪو)

110.   رموُنءَ جا پير، سدائين ڌوڙ ۾.

111.   رن به وئي ته رلھي به وئي.

112.   رن ران سان، پئسو جان سان!

113.   رند اُٺ وانگر آھي، جنھن وڻ سان ٻڌبو ان کي کائيندو.

114.   ريل گاڏي ڪُوڪُو ڪندي، ڇُو ڇُو ڪندي آئي، ٻيڙيءَ ٻڏي ٻروچ کي رڻ ۾ رولي وئي!

115.   زبان آلو لڪڻ آھي؛ اکر گھٽ، اکر وڌ.

116.   زر است عشق ٺھ پھ، زر نيست عشق پُون پُون. (فارسي، چوڻي)

117.   زر، زن، زمين، ٽيئي نھوڙي نئين.

118.   سارنگاڻين کان، سڙي ڀلي آ. (باڊھ)

119.   ساڳيا سڱ سُڃاڻ، ڏاتُو پنھنجي ڏاند جا!

120.   سانوڻ مھينو آ، ڪتا پلال ٿا کائين.

121.   سانئڻ سڌي آ ته ڀوتار ڇا ڪندو؟!

122.   سپُ ٽار، کيئاڻي مار!

123.   ستُ نه سُپري، ته نانگر پير ئي ناھي. (دوست علي)

124.   ستن سيلرن کي ھڪ نانگ کاڌو ھو پر پوءِ به پاڻ ۾ سچي ڪو نه ڪئي ھيائون.

125.   سڄڻ! منھنجولاڙڪاڻو لکُ لھي!

126.   سنڌي، نان نه گندي. (شھدادڪوٽ)

127.   سول معني ڪول.

128.   سُونھن ويٺي ڏٺو، سائٿ ويٺي کاڌو.

129.   سؤ سوُئر، ھڪ سوڍر.

130.   شاھو، ڏئي سڀن کي ڦاھو.

131.   شل نه راھُوجن ۾ رات، قادر وجھي ڪنھن جي؟!

132.   شھدادڪوٽ، روئي موٽ. (۱۹۴۲ع واري ٻوڏ کانپوءِ)

133.   شھدادڪوٽ، وري نه موٽ، جي موٽين ته اوڦراٽا کائي موٽ. (انگريزن جي دور ۾ واھن جي سکر سڻائي ۾)

134.   شھدادڪوٽ، ول نه موٽ! (شاداب شھدادڪوٽ ڪلھوڙا دور حڪومت ۾)

135.   شيخ شرڙي، کائين ڪرڙي، ڪرڙيءَ ۾ ڪنڊا، سڀ شيخ منڊا.

136.   صبح دا سُتا، ماڻھو نه ڪُتا. (سرائيڪي، پھاڪو)

137.   صحيح صادق به آھي، غلط غلام محمد به ناھي.

138.   علي شير، پٽ پير.

139.   علي علي ڪر ته ڀانڊو ٺرئي.

140.   علي مراد گڊري جي ڪُتي، جنھن جي لڏ ان سان تيار.

141.   علي مولا! آھي ڀت جي ڳولا.

142.   علي مولا! ڪڍ ملڪ مان باندر ڀولا.

143.   غُلامان دي دوستي، ڪکان دي باھ. (سرائيڪي، پھاڪو)

144.   فرنگي، فيل مست آ.

145.   فونا ڳاءِ، فونا روءِ!

146.   ڦڦڙ نه گوست، سپاھي نه دوست.

147.   ڦُوس مان فتح خان!

148.   قبُو، آ بھشت جو بُبو!

149.   قرآن ڪرٽ آ؛ نه ڏيندي چڱو، نه وٺندي چڱو.

150.   قلندر نر! ڏي ڦنڊين کي ڦر!

151.   قمبر، آ پھريون نمبر.

152.   قمبر، عنبر آ. (قمبر)

153.   قنڌار جي کٽي، گھر جي سيل.

154.   قھر پئي ڪلھوڙي کي، خُدو ڀت ٿو کائي. (ميروخان)

155.   کاوان مٺا خان دا، ڳاوان شاھو جمالي دا؟

156.   کائڻ مھل کرو، ڪم مھل ٻرو.

157.   کنئي کپي نه، ڳولي لڀي نه!

158.   کوسي دي خير ڪنُون، جمالي دا وير ڀلا. (سرائيڪي، پھاڪو)

159.   کھاوڙ کي، ڪنڌ ۾ ڪلي.

160.   کھاوڙ معني بي وڙ.

161.   کيدو مشانگ آھين ڇا؟!

162.   کير جو سڙيو، لسيءَ کي ڦُوڪون ڏئي.

163.   ڪاڻو پٽ به کاٽائوُ ڀلو.

164.   ڪتو ۽ ٻار، لڏ ۾ خوش.

165.   ڪُتي ڪوريجن جي، رھي راھُوجين، بھي باھُوجين.

166.   ڪُتيءَ کي پڇي ۾ سُور، سرائيءَ جو بڇ تي زور.

167.   ڪڏھن ريل ۾، ڪڏھن جيل ۾.

168.   ڪڏھن سيٺ سيروُمل، ڪڏھن جُتي ھٿ ۾. (شھدادڪوٽ)

169.   ڪرڪرو، ساوا دلا به سُڪا ٺوٺ ڪري.

170.   ڪک پئي نه سھان، ڀت پئي سھان. (سرائيڪي پھاڪو)

171.   ڪلر ڪو نه ٻاريئه، ڪيئه جُٺ جُوئر سان.

172.   ڪم پرين آ، چم پرين ناھي.

173.   ڪم خرچ، بالا نشين.

174.   ڪم نڪتو، ڊکڻ وسريو.

175.   ڪوٽو موٽو واري دوستي زندھ آباد.

176.   گاھي ولي، گاھي ڀوُت. (جيمس ۱۸۴۶ع)

177.   گل محمد ڇلگري جي باغ مان ماڻھوءَ جو ماسُ نه ملي باقي ھر شيءِ ملي! (شھدادڪوٽ)

178.   گندان مئين گنداواھا ته دلار قرار کائي!

179.   گنداواھي بي نڪاحي! (گنداواھ)

180.   گولو کھاوڙ ويو مري، خلقت وئي کري. (ميروخان)

181.   گھاٽو شھر گهٽھڙ جو، پير تي بيٺو پنُ.

182.   گھتان ايڪ، ٿيون ڏون.

183.   گھٽو به کوسن جو، کاڌو به کوسن.

184.   گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.

185.   ڳڙھي خيرو، جت بُک مري ڳيرو.

186.   ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گھُم خان لاڙڪاڻو.

187.   لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو، معشوقن جو مڪان آھي.

188.   لاش آري معني لاش آڻيندڙ.

189.   لاکو کٽي باريجو کائي. (قبُو سعيد خان)

190.   لال جُواڻي، وڃي ڪلر ماڻي.

191.   لاھي لنگھا ويھ آريجن مان آسرو، پني پرائو ڏيھ اچي کاءُ آريجن ۾.

192.   لڏ ۾ به لال لڪل آ.

193.   لڳي ته لائي، نه ته جوءِ پرائي

194.   لوڪ لھوارو، عاشق اوڀارو.

195.   لولا ھليا ھئا حج ڪرڻ، ڪانون چيو اسان مري ويا آھيون؟!

196.   ليکا لاڙڪاڻي جا نه ٻُڌاءِ!

197.   ماءُ ڪنان ڌي سياڻي، جيڪا رڌي پڪي ۾ گھتي پاڻي. (سرائيڪي، پھاڪو)

198.   ماءُ مري رُکاڻي تي ڌيءَ جو نالو ڏھي!

199.   مار! ھت ته علاؤالدين جو لشڪر لڳو پيو آ!

200.   مال صفا ته نفعا ئي نفعا، مال ۾ ڄارو گراھڪ جو منھن ڪارو.

201.   مال مفت، دل بي رحم.

202.   مال ملھالا کائي ويا، اسان رڳو ھشُ ۾ خوش.

203.   ماڻھو ماني نه لھن، سونو مکڻ ٿو کائي. (ميروخان)

204.   مٿي اللھُ، ھيٺ محمد صلاح. (ڳڙھي خيرو)

205.   مُٽي ميرڻ شاھ، چڻگ نه بچائي چُلھ ۾. (رتوديرو)

206.   مدد ته پٺيان ڪو نه پيو اچئي؟!

207.   مرد ھيڻو ته به ٻيڻو.

208.   مڙس ته ڪو پتاشو آن!

209.   مڙس لاءِ جيل ايئن آھي، جيئن ڪنوار لاءِ ونواھ.

210.   مڙس مُئي پاڙا پالھا ٿيو وڃن.

211.   مُسلمان ڪاھي کائي، واڻيو ڪمائي کائي، ٻروچ ڦري کائي!

212.   مُڪر ماءُ وارو آسرو ڇڏ.

213.   ملڪ کائي ويا ڳيرا، نانءُ ڪانون جو بدنام آ.

214.   ملڪ مولا جو پڪو پيو آ، جاتي پڪي اُتي کاڌي.

215.   مم ڄاڻي، گانئيچو ڄاڻي. (وارھ)

216.   مم گوڏا چٽي وئي اٿئي ڇا؟

217.   منگسي، پر ڏيسين ڪونه!

218.   موچڙي کي ڪل آ.

219.   مور گھڻو سھڻو، پر پير اٿس ڪارا.

220.   مُوسي دوست خدا تنھنجا مُٽ ورھائيندس!

221.   ميان ڏاتو، جڳ سُڃاتو. (شھدادڪوٽ)

222.   ميان شاھل محمد کبڙن وارا! بيٺل ڳنڍ ٽپاءِ! (قمبر)

223.   ميان شدا ته ڏيندا پيا ھئه پر محبت کوسا به ڏيوي نه!

224.   مير نصير خان رنگ ۾، مير سھراب خان جنگ ۾، مير رستم خان ڀنگ ۾ ۽ مير علي مراد خان جھنگ ۾.

225.   مينھن مڙي نه مڙي، نادر شاھ کير پئي!

226.   نادر به نادر آ، پر قادر به قادر آ.

227.   ناڙِي وسي ته ڳاڙھي، نه ته ٻُچي ڏاڙھي.

228.   نبي شاھ نُوري! ڪشو کي دست، تُلي کي سُوري. (شھدادڪوٽ)

229.   نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙھيا واھ تي.

230.   نڌڻڪا گھوڙا، غيباڻا سوار. (شھدادڪوٽ)

231.   نسريو نصير چانڊڪا ۾ چنڊ ٿي، ڪاڇو ڪوڙيءَ ۾ ڪري ملھي ويٺو مير.

232.   نڪامي جي زال، ٻيا ھلائين.

233.   نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀئه.

234.   نه فقير جو اللھ مري، نه فقير جو ڪشتو ٽُٽي.

235.   نھ کي نو ڪوٽ.

236.   نه ڪنھن جي سُٽ کي ھٿ لائجي، نه پنھنجو پٽُ ڦاڙائجي.

237.   نه ڪو مري، نه ڪو منجو ڇڏي.

238.   نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو.

239.   واھ واھ ٿي وئي وارھ ۾، گُڊ ٿي ويو گاجي ۾، لڪ ٿي وئي لالوُءَ ۾.

240.   واھڙ مُورئون نه وھي، دلُو پُڇي ٿو نار؟!

241.   وڏو ڪو سنڌباد سيلاني آن!

242.   وڏو ماڻھو گونھ کائي ته وٽ، غريب ڳڙ کائي ته لوُسي؟!

243.   وزن ڪي پرواھ نھين، ڊالر کي تلاش ھي. (اردو چوڻي)

244.   ھاج جا سڙيل، ڪڏھن ساوا نه ٿيا. (قمبر)

245.   ھتي ڄڻ ڌراوت پئي آ؟!

246.   ھجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو. (۱۹۸۰ع واري دور ۾)

247.   ھُجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو.

248.   ھڪ اڳيئي ٻوڙو، ٻيو ٻڌي ٻُٽ.

249.   ھڪ انڌو، ٻيو اکٻوٽ.

250.   ھڪ خاراني، سؤ قُرآني. (شھدادڪوٽ)

251.   ھڪ ري سڏيو، ٻيو وري رک.

252.   ھڪ وڻي نه وڻي، ٻيو وچان گرھ کڻي.

253.   ھلي ته اٽڪي، بيھي ته سھڪي، اھا پرولي پانڌن ۾.

254.   ھنيانءَ جي سڄائي، اللھ جي ڀلائي.

255.   ھو قوم لاڙڪن جو ٿاڻو، پيو نانءُ پوءِ ان تي لاڙڪ تان لاڙڪاڻو.

256.   يارُ به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي؟

257.   يار مليو ڌڱ ڌاران، ڇُٽي پياسين شَھپُور جي پنڌ کان!

 

(روازاني ايڪتا ڪراچيءَ ۾ ڇپيل، جتان الفابيٽ ترتيب کان پوءِ کنيل.)

No comments:

Post a Comment