Wednesday, April 14, 2021

ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون

ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون

سليم خان گمي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪشميري زبان جي ھڪ عالم، مير غلام احمد ڪشفي راقم/ مصنف جي نالي ھڪ خط ۾ لکي ٿو؛

”ڪشميري زبان ۾، پھاڪن ۽ ورجيسن جو وڏو ذخيرو آھي. شيخ نورالدين، لله عارفہ، بابا نصيرالدين، ارني مال ۽ حبہ خاتون جي سموري شاعري، پھاڪن ۽ ورجيسن تي مشتمل آھي، جيڪي خاص و عام جي واتن تي چڙھيل آھن. ان کان علاوه پوءِ-وارن به فارسيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ جي پھاڪن جا ترجما ڪري، پنھنجي ٻوليءَ کي وسيع ڪيو آھي. ڪٿي ڪٿي عربي ۽ فارسيءَ جا پھاڪا، ائين جو ائين، ورتايا ويا آھن. ان لحاظ کان ڪشميري زبان جي پھاڪن جو احاطو ڪرڻ، تمام وڏو ڪم آھي.“


يقيني طور تي، اھو ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي. ڏينھن ۽ ھفتن جو ناھي، بلڪ مھينن ۽ سالن جو ڪم آھي. ڇو جو ٺيٺ ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون، ڪشمير جي ٻھراڙين ۾ آڍڙا ٻڍڙا، ھاري ناري ۽ جھونڙيون عورتون استعمال ڪن ٿا. آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي شھرن ۾، ڳالهائي ويندڙ ڪشميري زبان، ٺيٺ ڪشميري زبان ناھي. منجھس اردو-فارسيءَ جا جهجها لفظ گاڏڙجي ويا آھن. مثال طور لفظ ’شاعر‘ جي لاءِ، ٺيٺ ڪشميري لفظ ’گونمات‘ آھي، جيڪو صرف ٻھراڙين ۾ وسندڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا. شھر-واسي، اھو لفظ، استعمال ئي نه ڪندا آھن. ڪشميري لفظ ’بشلوٽ‘ به صرف ڪشميري ڳوٺاڻا ڳالهائين ٿا. لفظ بشلوٽ، شور ۽ غوغاءَ جي وچ ۾ ٿيل، ٿوري سانت يا چپڙا-چپ واري ڪيفيت جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي. عرض ھيءُ آھي ته ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون، آھستي آھستي گم ٿيندا پيا وڃن. ٻيو ته ڪشميري زبان جي بقاءَ ۽ تحفظ جو ڪم، لسانايات جي ماھرن کي فڪر ۽ عمل جي دعوت پڻ ڏئي ٿو.

ڪشميري پھاڪن ۽ ورجيسن جو تحفظ، ان لاءِ به ضروري آھي جو ڪشميرين جي رنگارنگ ڪلچر جو عڪس، منجهن ملي ٿو. ڪشميرين جي سوچ جو انداز ڇا آھي، رھڻيءَ ڪھڻيءَ جو ڍنگ ڪھڙو آھي. اھي ڪھڙا عمراني قدر آھن، جن سان کين اُنسيت آھي ۽ اھي ڪھڙيون ذھني ۽ سماجي برايون آھن، جن کان اھي نفرت ڪن ٿا. اخلاق ۽ اصلاح جا ڪھڙا ماڻَ آھن جن جي ذريعي، اھي پنھنجي پرائي کي تنقيد جي تارازيءَ ۾ تورين ٿا. اھي ۽ اھڙن ٻين سوالن جا جواب گهربل ھجن ته پھاڪن ۽ ورجيسن ڏانھن رجوع ڪرڻ، ضروري ٿيو وڃي. مثال جي طور تي، چند ڪشميري پھاڪن ۽ ورجيسن ۽ انھن جي استعمال جو محل، نظر منجهان ڪڍو!

(۱) آبک آبس تہ دودک دودس۔

سنڌي: پاڻي ويو پاڻيءَ ۾، کير ويو کير ۾. ۲. کير جو کير آ، پاڻيءَ جو پاڻي آ. ۳. حرام جي ڪمائي، حرام ۾ وڃي.

فارسی: مال حرام بود، بجائے حرام رفت.

تشريح: جڏھن ڪنھن بدقماش جي ڪمائي، اڪارت ٿئي ۽ نفعي جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ته ان وقت ائين چيو ويندو آھي.

(۲) ان وائیہ نس تہ کا‏ن دگہ نس۔

سنڌي: انڌو سنڀال لاءِ، ڪاڻو ڪٽڻ لاءِ.

فارسی: کار نجار، بدست گلکار. (ڊکاڻڪيءَ جو ڪم، رنگساز کي سونپڻ.)

تشريح: انتظامي خلقن اندر، ڪڏھن ڪڏھن عجيب و غريب واقعا پيش ايندا آھن. اگر ڪنھن ملڪ اندر، اقربا پروريءَ يا پنھنجا-نوازيءَ جي صدقي ڪو ڪورو ڄٽ سياسي ڪارڪن، تصنيف ۽ تاليف جي شعبي جو انچارج ٿي وڃي ۽ اھڙي وقت چٿر طور، ھيءَ ورجيس استعمال ۾ آندي ويندي آھي. يعني غلط ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ ڪم سونپڻ.

(۳) ممہ کھوجن ٹھول۔

سنڌي: گهاٽي وارو واپار. ۲. گهاٽي جو سودو.

تشريح: ھيءَ ورجيس، ڪاروباري حلقن اندر ڳالهائي ويندي آھي. ھدايت جو ڪم ڪندي آھي. اگر ڪو ڪچي ذھن وارو، اھڙو ڪم ڪري، جنھن سان زيان ٿيڻ جو انديشو ھجي ته تجربيڪار ۽ پختي ذھن وارا کين روڪڻ لاءِ، ائين نصيحت ڪندا آھن.

(۴) ٹھنڈے کو ٹھنڈا کرنا اور گرم کو گرم۔

سنڌي: ٿڌي کي ٿڌو ڪجي ۽ تتل کي تتل.

تشريح: ٻھراڙين اندر، ٿوري ٿڪي تان اڻيھي اڻبڻت ۽ جهيڙا پيا ڪَرُ کڻندا آھن. اگر چند مخلص وڏڙا، انھن جهيڙن جهٽن کي، مھندان ختم نه ڪن ته ھوند فسادن جي وڌڻ جو وڏو انديشو رھي. وڏڙا، عام طور تي سچي نيت ۽ ارادي سان، بري کي برو ۽ سچي کي سچو چوندا آھن. اگر ڪو ڏوھي، وڌائي ٺاھي ڳالهائي ته کيس ٿڌو ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح تاءُ ختم ٿي ويندو آھي. يعني؛ سچيءَ دل سان ٺاھ لاءِ ڪوشش وٺڻ.

(۵) بس پہریں، خواب محلن ھند۔

سنڌي: رھي جهوپڙيءَ ۾، خواب ڏسي محلاتن جا. ۲. ھوائي قلعا اڏڻ.

تشريح: ھر وسنديءَ ۾ ڪي شيخ چليءَ جا ڀائر پڻ ھوندا آھن. جن جا پير ڊسڙ ۾ ته کوپڙي آڪاس ھوندي آھي. سي ھر وقت خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ ڦيراٽيون پيا پائيندا آھن. وري ڪارڪردگيءَ سان ڪو واسطو وڙو به نه ھوندو اٿن. ھيءَ ورجيس اھڙن بي-ھمتن بلڪ وڏا-خيال-رکندڙن تي ٽوڪ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.

(۶) ان منا، کر فنا، رچھن چھوٹی بوڈ گناہ۔

سنڌي: آڻڻ، اڏائڻ، مزا ماڻڻ.

فارسی: بابر بہ عیش کوش کہ ایں عالم دوبارہ نیست. (بابر! عيش ڪري وٺ! جو ھيءُ جھان ٻيھر نه ملندو.)

تشريح: ھٿ-ڦاڙ ھمراھ کي پئسو ھٿ اچي ته بنا سوچ سمجهه جي اڏائي ڇڏيندو آھي. وري ضرورت پوڻ وقت، پيو ذليل ۽ خوار ٿيندو آھي. جڏھن اھڙي ھمراھ لاءِ نفرت جو اظھار ڪرڻ مقصود ھوندو آھي ته ھيءَ ورجيس ڪتب آندي ويندي آھي.

(۷) شال شال بیون بیون، ٹونگہ ورہ کئی۔

سنڌي: ھونئن رھن ڌارئون ڌار، اوناڙين ٽولا ڪري.

فارسی: کند ہم جنس با ہم جنس پرواز. (جنس، جنس سان گڏ اڏامندي آ. ۲. جيسي، جيسيءَ کي سؤ ڪوھ تي ڳولي وڃي ملي. ۳. رت، دانگيءَ تي به وري پوي.)

تشريح: ڀائپي جي ڳانڍاپي وارو جذبو، وڏي طاقت ۽ قوة آھي. اگر ٻه ڀائر پاڻ ۾ ڀل جدا فدا ھجن ته به خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي ھڪ ضرور ٿيندا آھن. گدڙ، ساڙولو مرون آھي. ليڪن جڏھن مشڪل مٿان ايندي اٿن ته سڙ پچ ڇڏي، ھڪٻئي جي واھر لاءِ پھچيو وڃن. پنجابيءَ ۾ پڻ اکاڻ آھي؛ چیمے تے چٹھے، کھاون کلے تے لڑن کٹھے۔ (چيما ۽ چٺا؛ کائڻ ويل ڪڻو ڪڻو، وڙھڻ ويل ڪٺا.)

(۸) لار کن لوہور گڑھن۔۔

سنڌي: لار کان ٽُڪ لاھور. ۲. الٽو رستو اختيار ڪرڻ.

تشريح: ڪشمير جي وادي، مختلف پرڳڻن (علائقن) ۾ ورھايل آھي. ھر پرڳڻي جو نالو جدا آھي. مثال طور؛ قمراز جو پرڳڻو، مراز جو پرڳڻو، يمراز جو پرڳڻو، بانگل جو پرڳڻو، ڪرھن جو پرڳڻو، حمل جو پرڳڻو، زنگير جو پرڳڻو، وغيره. منجهن ھڪڙو لار جو پرڳڻو پڻ آھي. لار جي پرڳڻي کان لاھور لاءِ ڪا به سڌي ٽُڪ سڙڪ/ واٽ نه ٿي نڪري. ھاڻ اگر ڪير چوي؛ ”مان لار کان ٽڪ لاھور ويندس.“ ته ماڻھو مٿس ٺٺوليون ڪندا آھن. ھيءَ ورجيس، ٽوڪ طور چئي ويندي آھي.

(۹) لارک دار تہ دارک لار۔

سنڌي: ڪو آھوچين ته ڪو باھوچين. ۲. ڪو ڪِڏي ويو ته ڪو ڪِڏي ويو. ۳. ھر ڪو ھر ڪو ٿي ويو.

تشريح: اگر تمام گهڻا ماڻھو ھڪ جاءِ تي ڪٺا ٿين يا آباد ھجن ۽ مٿن ڪا مصيبت اچي پوي ته منجهن ڀاڄڙ پوندي ۽ ھيڏي ھوڏي ٽڙي پکڙي ويندا. مثال طور؛ ڪنھن جلسي ۾ لاٺي چارج ٿئي ته ماڻھو ويچارا سر لڪائڻ لاءِ ھيڏي ھوڏي وٺي ڀڄندا. ھيءَ ورجيس، اھڙي ڀاڄڙ جي موقعي تي چئي ويندي آھي.

(۱۰) گھرہ گھٹہ تہ مشیدہ ژونگ۔

سنڌي: گهر ۾ اوندھ، ھليو آ مسيت ۾ ڏيئو ٻارڻ. ۲. گهر ۾ داڻو نه لڀي، چي؛ ”امان وئي آ پنبڻ پيھڻ.“ ۳. گهر ۾ ڪڻو نه لڀي، چي؛ ”امان وئي آ ڦلا ڀُڃائڻ!“ ۴. ٻاھر ميان خان ھزاري، گهر ۾ زال اگهاڙي.

تشريح: ھيءَ ورجيس، ڊاڙي ٻٽاڪي ماڻھن جي طرز عمل تي ٺٺول ڪرڻ خاطر استعمال ٿيندي آھي. ڪشميريءَ منجھ، ساڳئي مفھوم جي ٻي ورجيس پڻ مروج آھي. ”گھرہ نہ دے کاون سال۔“ يعني؛ ”گهر ۾ داڻو ناھي، ڪانون کي دعوتون.“ سنڌيءَ ۾ ساڳئي مفھوم واري ورجيس پڻ آھي. جنھن ۾ داڻن بجاءَ گونھ جو لفظ ڪتب آندو ويندو آھي.

(۱۱) ھلن بانن و کر ٹھانڈ۔

سنڌي: ٽيڏا ٿانءَ، ڍڪجن به ٽيڏائيءَ سان. ۲. جھڙا روح، تھڙا فرشتا.

(۱۲) ھلے نو ڈلے نو، پنہ نہ پنہ ژنے نو۔

سنڌي: پئنچن جو چيو اکين تي، پر نيسارو ساڳئي ھنڌ تي وھندو. ۲. ھونئن مرشد آن، سر جو سائين آن، پر گهوڙو واڙ کان ٻاھر ٻڌ! ۳. ھونئن سر جو سائين آ پر ڪرٽي وڍيئي، ڪرٽيءَ سان پيو ھوندين!

تشريح: ھيءَ ورجيس، ھٺ ڌرم ۽ حرص وارن لاءِ چئي ويندي آھي. منجھس چٿر جو پھلو پڻ شامل آھي.

(۱۳) بل بانن، زنگہ تراوان۔

سنڌي: گنديءَ ۾ ڄنگهون وجھي ويھڻ. ۲. وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ.

تشريح: ڪشميري ھاري، وڏو دور انديش آھي. ايندڙ سال جي فصل جي پوکائيءَ جو اڳواٽ اونو ھوندو اٿس. ان لاءِ ٻج ڀتر، گندين ۾ ڪٺو ڪري رکندو آھي. ڪڻڪ يا مڪئيءَ جو ان، ٻ طور، گندين ۾ وجهي، مٿان ٻُھلڻ ڏئي، لنبي ڇڏيندو آھي ته جيئن پورو سال جيت جڻيي، جهڙيءَ ڦڙيءَ کان محفوظ رھي. جڏھن پوکائيءَ جو وقت ايندو آھي ته گندين جا ٻُھلڻ ھٽائي، يا ليڙو کولي، پھرين ان جو معائنو ڪندا آحن. تجربيڪار ۽ ڄاڻوئن کان چڪاسرائيندا آھن ته ڪٿي ان کي ڪُمھري ته نه آئي آھي. پوکائيءَ لائق به آھي يا نه. ڇو جو ٻج جي سٺي ھجڻ يا خراب ٿيڻ جو ڏَسُ، ڏاسوئن کان وڌيڪ ڪير ڏئي نه سگهندو آھي. ان لاءِ دانائيءَ سان گڏ. سمجه سرت ۽ تجربي مشاھدي جي ضرورت آھي. اگر ٻج جي چڪاس دوران، ڪو وات-ڳاڙهو ڇورو يا ڌنار ٻڪرار ڳالهائيندو آھي ته کيس ان ٽنگ اڙائڻ تي ٽوڪ خاطر چوندا آھن؛ ”تون ته گنديءَ ۾ ٽنگون وجهي نه ويھ!“

وڏڙن جي ڳالهين ۾، ڪچي ذھن جو نوجوان، جڏھ ٽنگ اڙائيندو آھي يا رخنو وجهندو آھي تڏھن ھيءَ ورجيس، ان جي بي جا مداخلت تي تنبيہ طور استعمال ٿيندي آھي.

(۱۴) ونہ جن یارن، خدا یہ سند وسگ۔

سنڌي: خودرو ٻوٽن کي، رب ٿو ريجائي. ۲. پاڻمرادو ڦٽندڙ نباتات، رب جو چراگاھ آھي.

مطلب: جنھن جو ڪو سھارو ناھي، تنھن جو سھارو رب آھي. ۲. ھر شيءِ، رب جي تاريءَ تڳي ٿي.

(۱۵) ونہ ونہ چھ دن وستان۔

سنڌي: بَھُ بَھُ ڪرڻ سان، وڻ به ڪريو پون. ۲. ڦڙو ڦرو ڪرڻ سان، پٿر ۾ به ٽنگ ٿي پوي.

مطلب: ورائي ورائي چوڻ سا، ذھن متاثر ٿيندو آھي.

تشريح: معاشرتي توازن برقرار رکڻ لاءِ، ضروري آھي ته وڏڙا، سپورنج ۽ منھن مھانڊا گڏجي، ڀليلن کي دڳ لائڻ واري عمل تي ڏينھن رات مٿو ماري ڪن. اھو ضروري ناھي ته ڀليل ، يڪدم سندن ڳالهين کي سمجهي مٿن عمل ڪندا. ائين به ناھي ته قوم ۽ ملڪ جو ڀلو چاھيندڙ، ان ڪوشش ۽ سعيءَ کان پاسو ڪري ويھي رھن. سندن فرض اھو آھي ته ڪوشش ۾ لڳا رھن. نيٺ سندن ڳالهه ھڻي وڃي ھنڌ ڪندي ۽ ڪچي کان ڪچي ذھن تي پڻ اثر ڪندي.

(۱۶) ونن گژہ بور کس اوئیس بوزہ، ونن گژھا دوز حسن بس زالہ۔

سنڌي: مت ڏي ان کي، جيڪو مت پرائي، مت نه ڏي باندر کي جيڪو ٻٻر جو آکيرو ڊاھي. ۲. ڏاھ ڏي تنھن کي جو عقل پِرائي، ڏاھ نه ڏي باندر کي جو آکيرا جهرڪين جا ڊاھي.

(۱۷) ھاپت یارز۔

سنڌي: رڇ سان ياري رکڻ. ۲. بيوقوف سان سنگت رکڻ.

مطلب: بيوقوف بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ ھاج لھرائي ھمراھن جي.

(۱۸) توہ ٹھگ تہ منگن ٹھگ۔

سنڌي: چور جو ڀاءُ؛ ڳنڍيڇوڙ. ۲. چور چوران دي ڀائي، چوران خبر نه ڪائي.

مطلب: چنڊي جي سنگت، چنڊال چوڪڙيءَ سان.

(۱۹) شال ژلیتھ، بٹھن لور۔

ترجمو: گدڙ ويو نڪري، پويان پيچرو پيو ڪٽجي.

سنڌي: نانگ ويو نڪري، ليڪو پيو ڪٽجي.

(۲۰) ناءل نہ زٹ مال چھم ناؤ۔

سنڌي: لڱن تي لٽا ليڙون ليڙون، نالو گلڻ-ھار.

مطلب: اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون. ۲. لکي پڙھي نه ڄاڻي، نالو فاضل خان.

تشريح: ھيءَ ورجيس ٻٽاڪ ھڻندڙ، عورت توڙي مرد، جي کل جھڙين ڳالهين کان تنگ ٿي، استعمال ڪبي آھي.

(۲۱) بس فل سہ ٹورے۔

سنڌي: مکڙيءَ جون پتيون ٻڌائينديون آھن ته ڪڏھن ٽڙي گل ٿيندي.

مطلب: سڀاڳو ٻار، پينگهي ۾ پڌرو. ۲. نڀاڳو ٻار پينگهي ۾ پڌرو؛ سمھار سنئون، اٿي اونڌو.

(۲۲) ددس کنڈ ژراں۔

ترجمو: کير مان ڪنڊا ڳولڻ. ۲. وقت وڃائڻ.

تشريح: کير ۾ ڪنڊا ھوندا ئي ناھن. تنھن ھوندي به بيوقوف، کير منجهان ائين ڪنڊا ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، جيئن مڇيءَ مان ڪنڊا سوئي ڪڍبا آھن. ان جو مطلب اھو ٿيو ته ھو اجايو ڪم ڪري، پنھنجو ۽ ٻئي جو وقت پيا وڃائيندا آھن.

(۲۳) لنگہ ھند رنگ کرن۔

ترجمو: اصليت کي لڪائڻ خاطر، بناوٽ کان ڪم وٺڻ. ۲. حقيقت لڪائڻ. ۳. سانڊي وارا روپ مٽڻ.

تشريح: برو ڀل ھزار روپ مٽي، عام ماڻھن سان دوکو نه ٿو ڪري سگهي.

(۲۴) باز گرس باز گرس۔

ترجمو: چنڊو، چنڊي کي سؤ ڪوھ تي ڳولي لھي. ۲. جيسيءَ کي جيسي ملي وڃي. ۳. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.

(۲۵) آب مندن۔

ترجمو: پاڻي ولوڙڻ. ۲. فضول/ اجايو ڪم ڪرڻ.

تشريح: ڌونئرو ولوڙبو ته مکڻ سان گڏ لسي/ ڏڌ پڻ ملندا. جڏھن ته پاڻي ولوڙيي ڪي به حاصل ڪين ٿئي. سڄي ڏينھن جي محنت کان پوءِ به ساڳيو پاڻيءَ جو پاڻي ئي ھوندو.

(۲۶) پنزہ ھند پوت۔

ترجمو: ڀوليءَ جا ٻچا. ۲. بي وفا اولاد.

تشريح: چون ٿا؛ ڀوليءَ جا ٻچا، ماءُ کي فائدو ڪين ڏيندا آھن. الٽو تڪليف جو سبب بڻجندا آھن. جڏھن ڪو شخص، پنھنجي مٽن عزيزن وٽان ڏک پرائيندو آھي ته ان وقت ھيءَ ورجيس چئي ويندي آھي.

(۲۷) نیکو نیک کر، بد بئہ پانئے۔

ترجمو: چڱايون ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن.

تشريح: ڀلايون، ڀلا ۽ صاحب دل ڪندا آھن. برن ۽ بڇڙن جو ڪم آھي ئي برائي ڪرڻ، تن کان نيڪيءَ جو ڪم ٿيندو ئي ڪو نه. ۲. نيڪي ڪر، درياھ ۾ اڇل.

(۲۸) بہل خالی وتیں۔

ترجمو: پير کوڙي ٻٽاڪ ھڻڻ. ۲. وڌائي ڳالهه ڪرڻ.

تشريح: تريءَ تي بھشت ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ. ۲. سٿر مان پٽ ڄڻائڻ. ۳. سُڪيءَ ۾ ڪوڙ ھڻڻ.

(۲۹) وءنہ وتھ ھا پت۔

سنڌي: جھنگئون آيل رڇ. ۲. مرونءَ نما ماڻھو. ۳. مرونءَ-مُھانڊو.

تشريح: جڏھن عام ماڻھو يا حڪمران، ظلم ۽ ستم، جبر ۽ ڏاڍ کان ڪم وٺي ته ان وقت ھيءَ ورجيس ڪتب آندي ويندي آھي.

(۳۰) یوپس شوپ ڈکھ۔

ترجمو: ٻوڏ جي ريلي کي ڇڄ سان روڪڻ. ۲. سج جي اس کي گاگڙن سان تڙڻ.

تشريح: جڏھن ڪو شخص، خوشفھميءَ ۾ ويڙهجي وڃي ۽ پنھنجي ٿورڙي وتَ کي وڏو ۽ تمام گهڻو سمجهڻ لڳي، تڏھن ان جي بي سمجهائپ تي ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آھي.

(۳۱) مم تس شربت۔

ترجمو: مئي پڄاڻان، شربت کڻي اچڻ.

سنڌي: مئي کان پوءِ، زماني اسان کي ڏاڍو ياد ڪيو. ۲. جيئري ڪين سٺائون. مئي دِٻ دِٻِ پٽيائون.

تشريح: مريض جيئرو ھيو ته نه ڪنھن دوا درمل ڪرايس، نه ئي ڪو وات ڀلائيءَ لاءِ آيس. سندس مئي پڄاڻان، ھر ڪو دوائون، گوريون ۽ شربت کڻي اچڻ لڳو. مصيبت جي وقت، بي وفائي ڪرڻ واري جي افسوسناڪ رويي ۽ ڍنگ تي چٿر طور ھيءَ ورجيس چئي ويندي آھي.

(۳۲) ما جہ لچکہ ستارس غلاف۔

ترجمو: ماءُ کي مٿي تي پوتي ناھي، پٽ سارنگيءَ تي پيو پوش چاڙھائي.  

سنڌي: ماءُ مھاڻي، پٽ فتح خان. ۲. ماءُ مري رکي سڪي، ڌيءُ جو نالو ڏھي.

تشريح: ڪڏھن ڪڏھن بي سمجهه اولاد جي ڪرتوتن سبب، مٽ مائٽ، غربت ۽ ناداريءَ جي ڪُنَ ۾ ڦاسي پوندا آھن. ڪم-عقل اولاد کي سڌاري واسطي، ياد ڏياربو آھي ته جنھن ماءُ پيءُ اوھان کي پالي پوسي پالڪيءَ چاڙهيو آھي، تن جو ٿورو خيال ڪيو. چٿر ۽ ٺٺول سان ڀريل ھيءَ ورجيس، اھڙي گستاخ اولاد جي سڌاري واسطي استعمال ٿيندي آھي.

(۳۳) پو شکھ تہ نے ژولکھ تنا۔

ترجمو: منھن نه ڏئي سگهئين ته ڀڄي به نه سگهئين؟

سنڌي: پڄي نه سگهجي ته ڀڄڻ ڪم به وريام جو آھي. ۲. جت پڄڻ نه پھت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو. ۳. ٺا ڪجي، ٺڙ ڪجي، ٺڙ ٺڙ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. ۴. تر ڪجي، تلوار کڻي تر تر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. ۵. دشمن کي ڊيڄارجي، ھو نه ڊَڙي ته پاڻ ڊڙي ڀڄجي.

تشريح: جان ۽ مال متاع پيارا آھن. انھن جي حفاظت ڪرڻ انتھائي ضروري آھي. دشمن کي ھر صورت ۾ طاقتور سمجهجي. کيس ڪنھن به صورت ۾ ڪمزور نه سمجهجي. اگر ڊيڄارڻ سان اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄي جان بچائجي.

ڪشمير جا ماڻھو سادا ۽ اوطاقي مڙس آھن. سندن سادگي ۽ اوطاقي سوچ جي انداز جي ھڪڙي جهلڪ، مٿي ڄاڻايل پھاڪن ۽ ورجيسن مان پسي سگهجي ٿي. ھو ڏاڍ-مڙسيءَ کي ڪنھن به حالت ۾ پسند نه ڪندا آھن. ڀلي اھا ڏاڍ-مڙسي، اولاد طرفان ھجي يا حڪمران طبقي طرفان. ھو گلن سان پيار ڪندا آھن. گلن جي واس ۽ رنگن سان، زندگيءَ جي تاني-پيٽي کي سنواريندا سينگاريندا آھن. سھڻي کان سھڻي جياپي جي تانگهه ۽ تڙپ، سندن ڪھاڻين، ڳجهارتن ۽ ورجيسن مان پاڻُ پئي پَسائيندي آھي.

 

 

(سليم خان گمي؛ سرو و چنار، (ضرب الامثال اور محاورات)، کشمير: ادب و ثقافت، ادارھ مطبوعات پاکستان، پوسٽ بکس نمبر ۱۸۳- کراچي، جون ۱۹۶۳ع، ص ۵۶ کان ص ۶۵ تائين تان، ترجمو ڪري کنيل)

No comments:

Post a Comment